مدرسہ مظهر العلوم ڪراچي
يا سنڌ ۾ مرڪز انقلاب
جڏهن انگريز سامراج سنڌ تي غاصبانو قبضو ڪيو ته هتي ڏکڻ سنڌ ۾
مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم محمد عثمان مٽيارويءَ جو
حيدرآباد جي ويجهو 18 ميلن جي فاصلي تي هڪ وڏو
ديني درسگاهه هو، انهيءَ بزرگ هڪدم اهو فرمايو ته
هاڻي اسي انگريزن جي غلاميءَ هيٺ هن غلام ملڪ ۾
رهي نٿا سگهون، تڏهن پاڻ سندس اهليه سميت مڪہ
مڪرمہ ڏانهن هجرت ڪري ويا. مخدوم صاحب جا اهي جملا
هڪ زبردست فتويٰ هئي، جنهن سنڌ جي سڀني ديني
درسگاهن جي اهلڪارن، معلمن ۽ شاگردن ۾ هڪ نئين
تحريڪ جو روح ڦوڪيو. هن جو اثر اتر سنڌ جي درسگاهن
تائين پهچي ويو.
اتر سنڌ ۾ حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلويءَ جي ٻن همعصرن جا ٻه
وڏا درسگاهه هئا، هڪ همايون ۾ خليفه محمد يعقوب
جو، ٻيو شهداد ڪوٽ ۾ ميان نور محمد صاحب جو. ميان
نور محمد جا ٻه صاحبزادا ميان گل محمد ۽ مان غلام
صديق، اهي ته علم جا آفتاب پيدا ڪيا، جن جو سندن
نور ۾ نظير ملڻ مشڪل آهي. ميان گل محمد صاحب،
مولانا عبدالحي لکنوي ۽ مولانا محمد قاسم نانوتوي
جا همعصر هئا ۽ بقول بزرگ مولانا حمادالله صاحب
هاليجوي، استاد العلماءَ مولانا گل محمد مٿين ٻن
بزرگن سان علم ۾ مساوي درجو رکندا هئا.
شهدادڪوٽي استادن لاءِ مشهور آهي ته کين انگريز سامراج سان اهڙي
عداوت هئي، جو ڪو انگريز حاڪم شهدادڪوٽ ايندو هو
ته اهي بزرگ ان ڏينهن ٻاهر نه نڪرندا هئا ته متان
سندن نظر انگريز سامراج تي پوي. مولانا ميان گل
محمد صاحب لاءِ چيو ويو آهي ته سندن فيض مان سندن
ڀاءُ مولانا غلام صديق صاحب کان سواءِ ٻاونجاهه
اهڙا عالم نڪتا، جن ساري سنڌ کي پنهنجي فيض سان
ڀري ڇڏيو، انهن مان مولانا عطاءَ الله فيروز شاهي،
جنهن جو شاگرد مولانا حامد الله ٻيلو لاڙ وارو
آهي، جو سجاولي عالمن جو استاد آهي، مولانا محمد
حسن صاحب حيدرآبادي، مولانا مخدوم حسن الله
پاٽائي، مولانا محمد هاشم والد ماجد مولانا مفتي
محمد قائم ڳڙهي ياسين وارو ۽ ٻيا ڪيترا متبحر عالم
آهن. مولانا گل محمد صاحب 1305هه ۾ وفات ڪئي.
مولانا گل محمد صاحب جي وفات کان 3 سال اڳ 1302هه ۾ ڏکڻ سنڌ لاڙ
۾ مولانا عبدالله صاحب ڪراچيءَ ۾ هڪ ديني درسگاهه
جو بنياد رکيو، جو اڳتي هلي مدرسہ مظهر العلوم
کڏهه لراچيءَ جي نالي سان برصغير ۾ مشهور ٿيو. هن
مدرسي جي الين مدرسن مان مولانا احمد چڪوالي پنجاب
جو وڏو فقيہ اديب عالم هو. هن عربيءَ ۾ هڪ وڏو
قصيدو لکيو آهي ۽ مولانا عبدالله صاحب باني مدرسي
جي فرزند مولانا محمد صادق صاحب لاءِ جيڪي
پيشنگويون عربي قصيدي ۾ ڪيون آهن، اهي اڳتي هلي
حرف بحرف ثابت ٿيون آهن. اهو قصيدو رد المختار جي
هڪ جلد جي پاسي تي لکيل آهي، جو مولانا محمد صادق
صاحب هڪ ڀيري مون کي ڏيکاريو هو.
مولانا عبدالله صاحب جي هن مدرسي جي اولين شاگردن مان سندن
فرزند مولانا محمد صادق صاحب آهي، جنهن اڳتي هلي
هن مدرسي کي ايڏو زور وٺايو، جو اهو مدرسو نه رڳو
وڏو ديني درسگاهه ثابت ٿيو، پر آزادي وطن جي تحريڪ
لاءِ هڪ وڏو مرڪز بڻجي ويو.
اسان جو استاد حضرت مولانا عبيدالله صاحب سنڌي، مولانا عبدالله
صاحب جو دوست هو، وٽس ڪراچي واري مدرسي ۾ ايندو
ويندو هو، انهن جي مشوري سان 1311هه ۾ مولانا محمد
صادق صاحب کي دارالعلوم ديوبند موڪليو ويو. اهو
دارالعلوم ديوبند جو ابتدائي در هو، موالا شيخ
الهند محمود الحسن صاحب صدر مدرس ۽ شيخ الحديث
هئا. مولانا محمد صادق صاحب جن جي روايت آهي ته
مولانا حسين احمد صاحب مدني انهيءَ سال قطبي ڪتاب
پڙهندو هو. مولانا انور شاهه(1)
۽ مولانا عبيدالله سنڌي ٽي سال
اڳ فارغ ٿيا هئا.
حضرت شيخ الهند جي تعليم ۽ تربيت عام مدرسن وانگر رواجي ۽
روايتي نه هئي، پر اهي مدرسي دارالعلوم ديوبند جي
بنياد جي غرض غايت کان پوري طرح واقف ۽ ان تي عمل
ڪري رهيا هئا. سنڌ جي سرزمين جڏهن ته انقلابي فڪر
۽ تحريڪ لاءِ سازگار هئي، ان ڪري حضرت شيخ الهند
جيڪو پنهنجو پهريون انقلابي شاگرد پيدا ڪيو، سو
مولانا عبيدالله سنڌي هو ۽ ان کان پوءِ جيڪو ٻيو
انقلابي شاگرد پيدا ڪيو اهو به سنڌي هو، جيڪو
مولانا عبيدالله صاحب سان جيستائين اهي هتي، هئا،
انقلابي تحريڪن ۾ گڏ رهيو ۽ مولانا صاحب جي 27
سالن واري وطن کان ٻاهر رهڻ واري دور ۾ مولانا
سنڌي صاحب جي تحريڪ کي اڳتي وڌايو ۽ مولانا استاد
سنڌي جي واپسيءَ کان پوءِ به سندن ساٿ ڏنو. پاڻ وٽ
رهايو، هوڏانهن گهڻا ديوبندي عالم، جن مان ڪي حضرت
مولانا سنڌي جا شاگرد پڻ هئا، انهن نه رڳو هن
مجاهد انقلابي عالم جو ساٿ نه ڏنو، پر پاڻ انگريز
سامراج کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي پيري مريدي واري گادين
کي محفوظ رکڻ لاءِ وڏي مخالفت جو رول ادا ڪيو.
حضرت مولانا محمد صاحب جي اها رفاقت ۽ تحريڪ سان وفاداري نه رڳو
مولانا استاد سنڌيءَ جي زندگيءَ تائين هئي، پر
وفات کان پوءِ به ائين رهي. مولانا سنڌيءَ جي فڪر
۽ انقلابي تحريڪ کي علمي نموني عوام کي روشناس
ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ جيڪا چند مخلصن جي جماعت
ٺهي، ان جا صدر ۽ سربراهه پاڻ مولانا محمد صادق
صاحب هئا ۽ ان جي آفيس پڻ مدرسہ مظهر العلوم کڏهه
۾ هئي ۽ ان جا ٻيا ممبر هئا. مرحوم شيخ عبدالمجيد
صاحب سنڌي، مولانا دين محمد وفائي مرحوم، هيءُ
احقر راقم، مولوي عزيزالله جروار ۽ ٻيا علم ڪم
لاءِ مڪي مڪرمه مان حضرت استاد سنڌيءَ جي هڪ شاگرد
مولانا محمد نور مڪيءَ کي پڻ گهرايو ويو ۽ ان جي
رهائش پڻ مدرسہ مظهر العلوم کڏه ۾ هئي ۽ بيت
الحڪمة اداري جي آفيس پڻ مدرسہ مظهر العلوم ۾ قائم
ڪئي وئي. احقر راقم کي پڻ علمي ڪم ۾ مولانا محمد
نور مرشد مڪيءَ سان شريڪ ڪيو ويو. تفسير الهام
الرحمٰن عربيءَ جا ان طرح چوڏنهن پارا ترتيب ڏنا
ويا ۽ ٻيو علم ڪم ڪيو ويو. اهو سڀ شيخ الهند جي
فيض ۽ تربيت جو اثر هو.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري جڏهن اها ڳالهه نڪتي ته مولانا سنڌي
سوٽ، بوٽ پائڻ لاءِ فرمائيندو هو ته مولانا صادق
صاحب پنهنجي فرزند حافظ مولانا محمد اسماعيل ڏانهن
جو ان وقت ننڍڙو هو، اشارو ڪندي فرمايو ته اسان
پنهنجي لاءِ ته مولانا سنڌيءَ کان معافي ورتي آهي،
جو هن عمر ۾ اها ڊريس پائي نٿا سگهون. باقي
”اسماعيل“ کي عام اجازت آهي. مولانا سنڌيءَ جو ان
مان طلب هو فوجي لباس. مدرسن جو ڪو عالم ايڏي
فراخدلي ڏيکاري، ناممڪن آهي، اها سڀ انقلابي ذهن
جي تاثير هئي. 1944ع جو دور اکين آڏو آهي.
شهدادڪوٽ ۾ بيت الحڪمت جي افتتاح لاءِ حضرت استاد
مولانا سنڌيءَ جي صدارت هيٺ جلسو رکيل هو. حضرت
استاد مدرسي مظهر العلوم ۾ بيمار هئا، اسان ڏانهن
تارون اچي رهيون هيون ته مان اچان ٿو. بيماري به
مرض موت جي هئي، پر ڪم لاءِ اها امنگ هئي جو ان
حالت ۾ به اچڻ لاءِ تيار هئا، جڏهن صحت کين جواب
ڏنو، تڏهن لاچار ٿي پنهنجو صدارتي خطبو ڇپائي،
اسان ڏانهن موڪليائون، اها سندن آخري تحرير هئي ۽
م ون ڏانهن ۽ منهنجي شاگرد مولوي عزيزالله ڏانهن
تيار موڪليائون ته جلسي کان پوءِ جلدي ڪراچي حاضر
ٿيو.
اسان اجلاس کان پوءِ ڪراچي پهچي وياسون، حضرت مولانا سنڌيءَ جي
مهمانن ۽ خادمن جي مهمانيءَ جا سمورا فرائض حضرت
مولانا محمد صادق صاحب بجا آڻي رهيا هئا. ان وقت
مدرسہ مظهر العلوم سياستدانن ۽ عالمن جي اچ وڃ جو
مرڪز بڻيو پيو هو. اسان جو دوست مرحوم محمد امين
خان کوسو ته والهانه انداز ۾ مولانا سنڌيءَ جي
علاج معالجي ۽ ٻي خدمت جي بجا آوريءَ لاءِ مولانا
محمد صادق صاحب جن جو ٻانهن ٻيلي هو، ان وقت سنڌ
جي ڪيترن وڏن ماڻهن حضرت استاد علامہ سنڌيءَ کان
اها گهر ڪئي ته پاڻ سندن ڪراچي وارن بنگلن ۾ رهائش
اختيار ڪن، اتي سندن علاج لاءِ قابل ڊاڪٽرن کي
آندو ويندو. مگر حضرت مولانا سنڌي اهو چئي انڪار
ڪيو ته اسان پنهنجي قديم ساٿي ۽ ان جي مدرسي مظهر
العلوم کي ڇڏي نٿا سگهون، اسان ڪراچيءَ ۾ رهياسون
ته مولانا محمد صادق صاحب جي مدرسي مظهر العلوم ۾
رهنداسون. ٿيو به ائين جو زندگيءَ جي آخري مرحلي ۾
اتان پير جهنڊي آيا ۽ انهيءَ سفر ۾ اسان ساڻ
هئاسون پير جهنڊي ۾ به مولانا وفائي ۽ احقر راقم
خدمت لاءِ هر وقت تيار هئا. منهنجو دوست ۽ شاگرد
مولوي عزيزالله صاحب ۽ مولوي عبدالمجيد هر وقت
خدمت ڪندا رهيا.
حضرت علامہ استاد سنڌيءَ جي مدرسہ مظهر العلوم ۾ خدمت دوران هڪ
وقت صرف ٽي ماڻهو گڏ هئاسون، هڪ مولانا استاد
سنڌي، ٻيو مولانا محمد صادق صاحب، ٽيون احقر راقم.
اتي ڪجهه ڳالهيون ٿيون ۽ مولانا سنڌي منهنجي ٻانهن
وٺي حضرت مولانا محمد صادق جن جي هٿ ۾ ڏني، مطلب
اهو هو ته آئون رمضان کان پوءِ ڪراچي پهچي مدرسہ
مظهر العلوم ۾ رهائش اختيار ڪري مولانا محمد صادق
صاحب جن سان تعليمي ۽ سياسي خدمتن ۾ شريڪ ٿي وڃان.
اتفاق اهڙو ٿيو جو مولانا سنڌي هتان اسري پير
جهنڊي پهتا، اتي به طبيعت ٺيڪ نه رهي، اُٿڻ ويهڻ
کان به عاجز ٿي ويا ۽ اتان پاڻ کڻائي سندن دختر
نيڪ اختر وٽ رهڻ لاءِ دينپور شريف هليا ويا ۽ اتي
22 آگسٽ 1944ع مطابق رمضان ۾ وفات فرمائي ويا.
هن عظيم سانحي کان پوءِ مون کي اهو غلط خيال اچي ويٺو ته ٿي
سگهي ٿو ته حضرت مولانا سنڌي رح ڪري اهو فيصلو ٿيو
هجي، ٻئي پاسي منهنجو ٻيو وڏو استاد جنهن جي تعليم
۽ تربيت هيٺ مون 11-12 سال گذاريا ۽ سمورو علم وٽن
پڙهيو، اهي به دار آخرت ڏانهن راهي ٿيا ۽ اها وصيت
ڪري ويا هئا ته آئون سندن فرزند کي تعليم ڏيان ۽
سندن مدرسي کي آباد رکان. جيستائين سندن فرزند
پڙهي فارغ ٿئي. اهو هو منهنجو مربي ۽ استاد علامہ
عبدالڪريم ڪورائي، جيڪي ميرپور ڀٽه ضلع لاڙڪاڻي ۾
پڙهائيندا هئا ۽ سندن فرزند مولانا عبدالغفار
صاحب، مون کي مجبور ٿي حضرت مولانا محمد صادق جن
کي جواب ڏيڻو پيو ۽ ٽي سال مسلسل ميرپور ڀٽي جي
مدرسي ۾ رهي تعليم ڏيندو رهيس. نواب نبي بخش کي
آفرين هجن، جنهن مولانا استاد مرحوم جو خيال رکي
مدرسي جي وڏي خدمت ڪئي. مولانا عبدالغفار صاحب
فارغ ثيا، پوءِ به نواب صاحب مون کي نٿي ڇڏيو، پر
وڌيڪ رهڻ کي مون پسند نه ڪيو ته جيئن منهنجي استاد
زاده جي وڌيڪ عزت افزائي ٿئي ۽ اتان قاسم العلوم
گهوٽڪيءَ ۾ صدر مدرس ٿي ويس.
ان وچ ۾ حضرت مولانا محمد صادق صاحب جن منهنجي ڪيترن محسنن ۽
بزرگ دوستن سان ڏک ڪڍيا. ڊاڪٽر ذاڪر حسين، شيخ
جامعه مليه دهلي سان به مون بابت اهو ڏک ڪڍيائون.
ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان، حضرت مولانا سنڌي جن جي ڪري
تعارف ۽ خط و ڪتابت هئي، انهن مون ڏانهن اهڙو خط
لکيو ۽ ٻين دوستن جهڙوڪ مولانا دين محمد وفائي
وغيره به ڏوراپا ڏنا، جنهن جو مون کي اڄ تائين
احساس آهي. مولانا سنڌيءَ جي سياسي ۽ علمي ڪم کي
وڌائڻ لاءِ ضلع لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ شهر ۾ اسان هڪ
نافرنس رکي، جنهن جي صدارت لاءِ ڊاڪٽر ذاڪر حسين
صاحب کي لکيو ويو، پر انهن مولانا محمد صادق صاحب
جن جو نالو تجويز فرمايو ۽ مولانا جي صدرت هيٺ اهو
شاندار اجتماع ٿيو، مگر انگريز حڪومت اتي کليل
اجلاس جي اجازت نه ڏني. ڊاڪٽر ذاڪر حسين آزادي وطن
کان پوءِ هندستان جو صدر رهيو.
حضرت مولانا محمد صادق صاحب جن سان احقر راقم جي نيازمندي
منهنجي شاگردي واري زماني کان هئي. آئون ان دور ۾
هڪ پاسي ضلع لاڙڪاڻي ڪانگريس جو وائيس پريزيڊنٽ
هيس ته ٻئي پاسي جمعيت علماءِ هند جو سرگرم رڪن.
ان ڪري مولانا محمد صادق صاحب جن سان ملاقات ۽
رابطو قائم هوندو هو. دارالعلوم ديوبند واري زماني
۾ اتفاق اهڙو ٿيو جو مولانا محمد صادق صاحب ديوبند
آيا ۽ آئون صوبه سنڌ جمعيت طلبه جو صدر هوس.
مولانا صاحب کي سنڌي شاگردن پاران دارالشفا حسيني
۾ دعوت ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻيا استاد به شريڪ هئا.
سنڌ ڏانهن واپسيءَ کان پوءِ مختلف مدرسن ۾ صدر
مدرس جي حيثيت سان تعليمي فرائض بجا آڻيندي، هميشه
اهو دستور هوندو ته اتر ۾ سخت گرمي ڪري رمضان شريف
مدرسہ مظهر العلوم ۾ گذاريندو هوس. ان لاءِ حضرت
مولانا محمد صادق صاحب جن کي اڳ اطلاع ڏنو ويندو
هو ۽ مولانا صاحب مدرسي ۾ مناسب رهائش جو انتظام
ڪري ڇڏيندا هئا. دارالهدي ٺيڙهي جو باني مولانا
حبيب الله صاحب پنهنجي فرزند ۽ ڀاءُ سميت به گرمي
گهارڻ لاءِ مدرسه مظهر العلوم ۾ رهندا هئا، ڏاڍيون
علمي ريهاڻيون ٿينديون هيون. مولانا وفائي به گهڻو
ڪري روزانو رات جو مدرسه مظهر العلوم ۾ پهچي ويندو
هو. اڳتي هلون صوبائي جمعيت علماءَ جو ميمبر به ٿي
ويس، پوءِ ته ڪراچي وڃڻ گهڻو ٿيندو هو. هڪ ڀيري
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ اهڙي اجلاس ۾ ماه شوال
اندر شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتس ته اتي مولانا محمد صادق
صاحب ۽ مولانا وفائي صاحب گڏجي مون کي مظهر العلوم
۾ رهڻ لاءِ حڪم فرماي، جنهن کي مقبول ڪيو، جيتوڻيڪ
اها تقرري ڪن هندستاني عالمن تي ڏاڍي سخت گذري.
انهن سالن ۾ سنڌي شاگرد وڏي انداز ۾ وارد ٿيندا
رهيا.
ملڪ جي نئين آزاد ٿيڻ سان سياسي سرگرميون به وڌڻ لڳيون، هڪ ڀيري
ساري پاڪستان جا ڪامريڊ اچي ڪراچي نڪتا. سندن
پروگرام هو ”لينن ڊي“ ملهائڻ، انهن ۾ اسان جا ڪي
ذاتي دوست به هئا. آئون هڪ تماشه بين جي حيثيت ۾
سڀ کان آخري ڪرسي واري لائين ۾ وڃي ويٺس. اهو
اجلاس خالقڏني هال ۾ ٿي رهيو هو، ڪامريڊن جو دستور
هوندو آهي ته اهڙن موقعن تي مذهبي ماڻهن کي
ڦاسائيندا آهن، سو انهن ڪانفرنس جي صدارت لاءِ
منهنجو نالو پيش ڪيو. گهني معذرت ڪيم، پر انهن هڪ
به نه ٻڌي. مان به ڏٺو ته هيءَ رڳو ڏينهن ٿو
ملهايو وڃي، ڪي به نظرياتي مسئلا نه آهن، ان ڪري
صداقت قبول ڪري وڃي ڪرسي والاريم. جلسو ته خير
خوبيءَ سان ختم ٿيو، اتي به مون صدارتي تقرير ۾
پنهنجي استاد علامه سنڌيءَ جو گهڻو ذڪر ڪيو. سڀاڻي
تي جيئن صبح جو صحيح بخاري شريف مظهر العلوم ۾
پڙهائي رهيو هوس ته هڪ مولانا شڪل سي- آءِ- ڊي
پهچي ويو، پوءِ ته ڇهه مهينا اها وٺ پڪڙ هلندي
رهي. رات جو هڪ لڳي ڌاري گهر به پهچي ويندا هئا.
مدرسہ مظهر العلوم اڳ ئي سياست جو مرڪز هو، ان ڪري
اجايا وڌيڪ شڪ شبها پيدا ٿيڻ لڳا، هوڏانهن ڳالهه
ڪجهه به نه هئي، هن جو اثر مدرسي تي به پئجي رهيو
هو، جنهن جو علم هڪ مولانا وڏن کي هو ٻيو مون کي.
ان ڪري ڪو بهانو بنائي مظهر العلوم کان الڳ ٿيڻو
پيو.
اتر سنڌ جو هن مدرسي ۾ پهريون شاگرد مولانا محمد نواب الدين
چانڊيو فاضل ديبند آهي، جيڪو اڳتي هلي سيٺ حاجي
عبدالله هارون جي وظيفي تي دارالعلوم ديوبند وڌيڪ
پڙهڻ لاءِ هليو ويو، ان سان گڏ دارالعلوم ۾ ٻيا
سنڌي شاگرد مولانا حبيب الله مرحوم ٺيڙهي وارا،
مولانا مرحوم غلام صديق ويٺل حيدر چانڊيو تعلقه
ميرو خان، مولانا نواب الدين صاحب، مولانا محمد
يوسف صاحب بنوريءَ سان گڏ حديث جو دورو پڙهيو ۽
انهن جا لاڳاپا هلندا آيا. پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو
اڳ مولانا نواب الدين صاحب مدرسہ مظهر العلوم جو
مدرس به ٿي رهي ۽ سنڌ جي مشهور صحافي مولوي
عبدالغفور صاحب سيتائي شرح تهذيب ۽ ٻيا منطق ۽ نحو
جا ڪتاب انهن کان پڙهيا. مولانا نواب الدين صاحب
اتان ڇڏي لاڙڪاڻي جي مدرسہ هاءِ اسڪول ۾ اسلاميات
جو استاد مقرر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿي لاڙڪاڻي ۾
پيرانه سالي واري زندگي گهاري رهيو آهي، اسي سال
کن سندس ڄمار ٿيندي.
|