سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :13

 

رحمتِ عالم صلي الله عليہ وسلم

 

قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پياري حبيب صلي الله عليہ وسلم کي خطاب ڪري فرمايو آهي

اي پيغمبر صلي الله عليہ وسلم! اسان توکي جهانن جي لاءِ رڳو رحمت ڪري موڪليو آهي. بيشڪ پاڻ نه رڳو انسان ذات لاءِ رحمت هئا. پر ساري ڪائنات لاءِ رحمت هئا، سندن رحمت جو پاڇو انسانن کان وڌي گگدام جانورن تي پيو، جنهن جا سوين واقعا سيرت جي ڪتابن ۾ موجود آهن.

پاڻ سونهارن جو ڏاڏو عبدالمطلب ستر سالن کان ڪجهه وڌيڪ ڄمار جو هو، جڏهن ابرهه بادشاهه ڪعبي کي ڪيرائڻ لاءِ مڪي تي حملي ڪرڻ جو خيال ڪيو. حضرت عبدالمطلب جو پٽ حضرت عبدالله ان وقت چوويهن سالن جي ڄمار جو خوبصورت جوان هو. پيءُ کي خيال ٿيو ته ڪنهن شريف گهراڻي مان عبدالله جي شادي ڪرائجي. ان خيال سان هو عرب جي مشهور قبيلي ”بنو زهره“ وٽ لنگهي ويو ۽ وهب بن عبد مناف کان حضرت عبدالله لاءِ سيده آمنہ جو سنڱ گهريو، جواب ۾ هائو مليو، شادي ٿي. ٽي ڏينهن ڪنواريتن ۾ رهي اهو جوڙو مڪي ۾ آيو. حضرت عبدالله ڪو گهڻو زمانو اتي نه گهاريو جو کيس شام ڏانهن واپار جي خيال سان وڃڻو پيو. واپسيءَ ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ مديني ۾ پنهنجي مامن وٽ رهي پيو، ته ايتري ۾ هو اُتي بيمار ٿي پيو. واپاري سنگتي کيس اتي ڇڏي مڪي پهتا ۽ سندس والد کي حضرت عبدالله جي بيماريءَ جي خبر پهچايائون. حضرت عبدالمطلب پنهنجي وڏي پٽ حارث کي حضرت عبدالله جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. حارث جيئن ئي مديني پهتو ته حضرت عبدالله ان کان اڳ ئي وفات ڪري چڪو هو. حارث اها ڏک جي خبر پوڙهي پيءُ ۽ حضرت عبدالله جي جوان زال کي ٻڌائي. سڄي خاندان ۾ ڏک ۽ غم ڇانئجي ويو، پر اتفاق اهڙو جو حضرت آمنہ کي حمل هو. سن570ع ۾ حضرت آمنه کي لال پيدا ٿيو، ڏاڏي کي واڌائي ڏني وئي، هو ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ يتيم ٻار کي ڪڇ ۾ ڪري بيت الله ۾ وٺي ويو ۽ اتي دعائون گهريائين ۽ سندس نالو محمد (دنيا ۾ ساراهيل) رکيائين. تحقيق پاڻ اهڙائي ثابت ٿيا جو رهندي دنيا تائين سندن ساراهه ۽ واکاڻ جي سُڳنڌ باقي رهندي.

ان کان پوءِ پاڻ ماءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي سنڀال هيٺ رهيا، والده ۽ ڏاڏو به سندن ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويا ۽ کين هر طرح يتيمي جي زندگي گهارڻي پئي. پاڻ جڏهن ته دنيا جي لاءِ رحمت ٿي پيدا ٿيا هئا، ان ڪري جيئن ئي يتيميءَ کان نڪري وڏا ٿيا ته پنهنجي ملڪ عرب جي حالت کين ڏاڍو پريشان ڪيو. سندن پندرهن سالن جي ڄمار ۾ اتي ”فجار“ نالي لڙاي ٿي هئي، جنهن وڏي تباهي آندي هئي. ملڪ ۾ لٽ مار ۽ بدامني وڌي وئي هئي. غربين تي ڏاڍن جا ظلم هئا، مزدورن کي حيوانن وانگر ڪم ۾ لڳايو ويندو هو، جو ڏاڍو سو گابو ڄاتو ويندو هو. تڏهن قريش کي اهو خيال ٿيو ته انهيءَ بي انصافيءَ جو ڪو تدارڪ ڪري، قريش ۾ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪيو وڃي. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي چاچي زبير بن عبدالمطلب هن لاءِ ماڻهن کي دعوت ڪئي ۽ انهن لاءِ کاڌو به تيار ڪرايو، جنهن ۾ سڀ معزز ۽ معتبر ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هن ميڙ ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم به حاضر ٿيا ۽ سندن جگري دوست ابوبڪر صديق به شريڪ هو. اهو اجتماع نبوت کان اڳ جو واقعو آهي. اتي سڀني گڏجي اهو معاهدو ڪيو ۽ الله پاڪ جو قسم کاڌو ته اسان ايستائين مظلوم ۽ ستايل جا مددگار هونداسين، جيستائين ان کي حق ملي ۽ انصاف پلئه پوي. پاڻ سڳورا هن معاهدي جا زبردست طرفدار هئا ۽ پوءِ هلي فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن هن معاهدي واري ميڙ ۽ اجتماع جي بدلي ۾ مون کي ڳاڙهيون اُٺيون ڏنيون وڃن ها ته به انهن کي ڇڏي آئون هن صلحنامي ۾ حاضر ٿيان ها، جنهن ۾ مظلومن ۽ بيواهن جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو هو. هن سلسلي ۾ سندن سيرت جي احوال ۾ اچي ٿو ته هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو وٽن اچي اها شڪايت ڪئي ته ان جو ابو جهل (عمرو بن هشام) تي حق رهيل آهي، جنهن کي هو ادا نٿو ڪري ۽ انڪار ڪيو ويٺو آهي. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم ابوجهل جي گهر پهچي ويا. دروازي تي سڏي کيس تنبيهه ڪيائون ته ”حلف فضول“ واري معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته مظلوم کي حق پلئه وڌو ويندو ۽ تون به ان معاهدي جو پابند آهين، جلدي ڪر هن ستايل کي حق ادا ڪر نه ته تنهنجي خلاف برادريءَ ۾ قدم کنيو ويندو. ابوجهل کي انڪار جي جراءَت نه ٿي ۽ مظلوم کي سندس حق موٽائي ڏنائين.

قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي رسول کي هدايت ۽ دينِ حق ڏيئي هن لاءِ موڪليو ته دين کي ٻين مذهبن تي غلبو ڏئي. هن سلسلي ۾ شاهه ولي الله صاحب لکن ٿا ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي دور ۾ ٻن مذهبن جون وڏيون حڪومتون هيون. هڪ عيسائين جي حڪومت، جنهن جي بادشاهه کي ”قيصر“ سڏيو ويندو هو ۽ روم ان جو تخت گاهه هو ۽ ٻي حڪومت مجوسين يا باهه جي پوڄارين جي هئي، جا ايران ۾ قائم هئي ۽ ان جي بادشاهه کي ”ڪسريٰ ايران“ سڏيو ويندو هو. دنيا ۾ اهي ٻيئي وڏي کان وڏيون شهنشاهتون هيون. اوڀر ۾ برصغير، خراسان، بخارا، سمرقند وغيره جون حڪومتون ڪسريٰ کي ڍل ڀري ڏينديون هيون. مطلب ته ساري اوڀر تي ان جو اقتدار قائم هو ۽ اولهه ۾ شام، مصر ۽ مغربي ملڪ سڀ قيصر روم جا تابعدار هئا. انهن ٻنهي شهنشاهن، عوام کي غلام بنائي رکيو هو، عوام کان جانورن وارو ڪم ورتو ويندو هو. وڏين وڏين عمارتن، بنگلن، عيش ۽ آرام وارين جاين جي تعمير ۾ انهن کي مفت وهايو ويندو هو. هارين نارين سان به نسورو ناحق هو، سندن بدن تي پورو ڪپڙو نه هوندو هو، زمينون سڀ شهنشاه ۽ ان جي اميرن جي نالي هوندين هيون. وڏا وڏا ٽيڪس لڳائي عوام کي نهوڙيو ويو هو. پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي تشريف آوريءَ جو شاهه ولي الله صاحب جي لفظن ۾ اهو مقصد هو ته الله تعاليٰ عوام تي رحم فرمايو، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کي انهن لاءِ رحمت ڪري موڪليو ۽ پاڻ نبي ٿيڻ سان بروقت اهو اعلان فرمايائون: ”هلک ڪسريٰ فلا ڪسريٰ هلک قيصر فلا قيصر.“ مطلب ته ”منهنجي اچڻ کان پوءِ ڪسريٰ ۽ قيصر شهنشاهه هلاڪ و برباد ٿي ويا ۽ ختم ٿي ويا. هاڻي ڪوبه ڪسريٰ ۽ قيصر نه رهندو.“

سندن نبوت جو وڏو مقصد هو عوام کي هدايت ڪرڻ، مٿي اُڀارڻ ۽ انسان بنائڻ. ان لاءِ پاڻ پهريائين عرب ۾ سڌارا آندائون. عورتن ۽ غلامن کي پراڻي سماجي قانون کان آزاد ڪرائي، مٿي آندائون ۽ هڪ مرڪزي جماعت سچن ساٿين ۽ اصحابين سڳورن جي تيار ڪري انسانيت کي ظلم کان بچائڻ لاءِ اڳتي وڌيا. 23 سالن ۾ عرب جي اندر ڪم پورو ڪري، پاڻ آخرت ڏانهن اُسريا ۽ سندن پوين جاءِ نشين پيارن، شهنشان جي تخت ۽ تاج کي ڊاهي پٽ تي ڪيرائي سندن مشن کي پورو ڪيو ۽ عوام سک جو ساهه کنيو.

پاڻ سونهارن جا معجزا

معجزه جي لفظي معنيٰ آهي عاجز ڪندڙ. شرعي اصطلاح ۾ معجزو ڪنهن به نبيءَ جي ان ڪارنامي کي سڏجي ٿو، جنهن سان ان نبيءَ جي سچائي تي دليل وٺجي ۽ ٻي مخلوق کان ان جو مقابلو نه ٿي سگهي. هر نبيءَ کي پنهنجي وقت ۾ ان دور جي موافق اهڙا معجزا ڏنا ويا هئا، جن جي زور تي انهن مخالفن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دور ۾ جادو جو وڏو زور هو، ان ڪري حضرت موسيٰ عليہ السلام کي اهڙا معجزا عطا ڪيا ويا، جن سان هن جادوگرن کي شڪست ڏني. جيئن لٺ جو ازدها نانگ ٿي پوڻ وغيره. حضرت دائود عليہ السلام کي لوهه کي نرم ڪرڻ جو معجزو عطا ٿيو. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي دور ۾ حڪمت ۽ طب جو وڏو زور هو، ان ڪري حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪرڻ، انڌن کي اکيون ۽ نور جي ملڻ ۽ مردن کي جيارڻ جهڙا معجزا مليا. اهي معجزا صرف ايستائين هئا، جيستائين اهي انبياءَ جيئرا رهيا.

اسان جي پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جو دين جڏهن ته قيامت تائين رهڻ وارو هو، کانئن پوءِ ڪوبه نبي اچڻ وارو ڪونه هو. ان ڪري کين جيڪو وڏو معزو عطا ٿيو، سو آهي قرآن پاڪ، جيڪو پاڻ ۽ سندس مقدس تعليم قيامت تائين باقي آهي. جيئن ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي دور ۾ شعر ۽ فصيح و بليغ ڪلام جو وڏو زور هو، ان ڪري پاڻ سونهارن کي معجزو به ڪلام جي قسم کان ڏنو ويو، جنهن جو مخالفن کي کليل چئلينج ڪيو و يو ته هن قرآن مقدس جهڙي هڪ سورت ته ٺهيو، پر هڪ آيت ئي ٺاهي ڏيکاريو. نبي سائين صلي الله عليہ وسلم جي ايڏي مخالفت ۽ عربي ٻوليءَ جي سون شاعرن ۽ اديبن هوندي به ڪنهن کي اها جرءَت نه ٿي جو قرآن مقدس جو مقابلو ڪري سگهن. بيت الله جي ديوارن تي عربيءَ جا چونڊ قصيدا ٽنگيل هئا، ٻي پاسي قرآن مقدس جي هڪ ننڍڙي سورت ”الڪوثر“ لکي رکي وئي. فيصلو ڪندڙ به هڪ غير مسلم اديب هو، جنهن کي حقيقت جي ڪا سُڌ نه هئي، پر ان جي واتان به بي اختيار نڪري ويو. ”هٰذا ليس من ڪلام البشر“ مطلب ته هيءَ انساني ڪلام نه آهي. عربيءَ ۾ مقولو آهي: الفضل ما شهدت بہ الاعداءُ- مطلب ته فضيلت ته اها آهي، جنهن جي دشمن به شاهدي ڏين.

اهو ته هو قرآن مجيد جو لفظي معجزو جو ان جي فصاحت ۽ بلاغت جو ڪنهن به عربيءَ جي اديب کان مقابلو نه ٿي سگهيو. ٻئي پاسي قرآن پاڪ جو معنوي معجزو اهو آهي جو ان جي تعليم تي عمل ڪري هڪ ڪمزور جماعت جڏهن اڳتي وڌي ته ان 71 سالن جي معمولي مدت ۾ روم جي قيصر ۽ فارس جي ڪسريٰ بادشاهن جي هزارن سالن جي شهنشاهيتن کي ڊاهي پٽ تي ڪيرايو ۽ اتي جي عوام کي بادشاهي نظام جي ظلمن کان نجات ڏياري ۽ قرآن جي حڪومت قائم ڪئي، جنهن عدل ۽ انصاف سان ماڻهن جون دليون موهي ورتيون.

خاتم الانبياءَ، سردار ڪونين صلي الله عليہ وسلم جو وڏو معجزو قرآن پاڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيا به سندن اڪيچار معجزا آهن، جيڪي حديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ تفصيل سان آيل آهن. قرآن مجيد ۾ چنڊ جي چيرجڻ واري معجزي جو سورت ”القمر“ ۾ بيان آيو آهي. اهو معجزو مڪي ۾ ٿيو هو جو آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي آڱر جي اشاري سان چنڊ آسمان تي ٻه ٽڪر نظر آيو. قديم تاريخن ۾ آهي ته اهو واقعو ٻين مُلڪن ۾ به نظر آيو هو. اهو اهڙو معجزو آهي، جنهن انسان ذات لاءِ چنڊ کي سر ڪرڻ جي راهه هموار ڪري ڇڏي.

صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم جي روايت آهي، جنهن جي تائيد قرآن مقدس سان به ٿئي ٿي ته جڏهن پاڻ سونهارا صلي الله عليہ وسلم ۽ سندن پيارو ساٿي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ مڪي جي مشرڪن جي آزارن کان تنگ اچي، مديني ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا ۽ آرام لاءِ غار ثور ۾ پهتا ته مشرڪ به اتي پهتا. حضرت صديق رضي الله عنہ چوڻ لڳو ته يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم! جيڪڏهن دشمنن مان ڪو هڪ پنهنجي پيرن ڏانهن ڏسندو ته اسان کي ڏسي وٺندو. پر آنحضرت صلي الله عليہ وسلم دعا گهري ته اللهم اعم ابصارهم- اي الله! مشرڪن جي اکين کي انڌو ڪر جو هي اسان کي ڏسي نه سگهن ۽ ائين ئي ٿيو جو اهي نبي سائين ۽ سندس رفيق صديق رضي الله عنہ کي ڏسي نه سگهيا.

هن سفر ۾ ٻيو هي معجزو به پڌرو ٿيو جو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان گڏ ساري رات سفر ٿيندو رهيو، صبح جو به هلي رهيا هئاسون، ايستائين جو منجهند ٿي وئي ۽ گرمي ڪري واٽ بنهه خالي ٿي وئي، ڪوبه ان تي هلي نه رهيو هو. ايتري ۾ هڪ سايه دار جبل نظر آيو، اسين اتي لهي پياسون. مان نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي آرام لاءِ هڪ جاءِ کي برابر ڪيو ۽ پنهنجي پوستين وڇائي کين عرض ڪيو ته اوهين هتي آرام فرمايو، مان اوهان لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پهرو ڏئي رهيو آهيان. ايتري ۾ مون کي هڪ ڌنار نظر آيو. مون کانئس پڇيو ته ڇا تنهنجي ٻڪرين ۾ کير آهي؟ انهيءَ وراڻيو ته جي ها. مون چيو ته پوءِ اسان کي ڪجهه کير ڏهي ڏيندين. ان کير ڏهي ڏنو، جنهن کي ڪاٺيءَ جي پيالي ۾ وجهي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم وٽ کڻي آيس. پاڻ آرام ۾ هئا، ان ڪري کين نه اٿاريم، جڏهن پاڻ ننڊ مان اٿيا ته کير کي پاڻيءَ سان ٿڌو ڪري کين پياريم. اتان کير پي جڏهن اڳتي هلياسين ته سراقہ بن مالڪ اسان کي پڪڙڻ لاءِ آڏو آيو. مون آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن کي ٻڌايو. پاڻ فرمايائون ته الله اسان سان گڏ آهي، تون ڏک نه ڪر. ايتري ۾ ان لاءِ بددعا ڪيائون ۽ ان جو گهوڙو پيٽ تائين زمين ۾ هيٺ هليو ويو. ان دانهن ڪئي ته مون کي بچايو. مان پوئتي موٽان ٿو ۽ ٻين کي به پوئتي موٽائيندس. تڏهن اهو آزاد ٿيو ۽ واپس وريو، ٻين کي به واپس ڪندو رهيو. اهو به معجزو هو، جنهن کي صحيح بخاري، صحيح مسلم ۽ ٻين حديث جي ڪتابن ۾ آندو ويو آهي.

بدر واري لڙائي اسلام ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. جنهن ۾ مسلمانن جي ٿوري جماعت پنهنجي وڏي تعداد واري دشمن تي فتح حاصل ڪئي ۽ حق کي غلبو حاصل ٿيو. اها به نبي سائين جن جي دعا جي برڪت هئي ۽ پاڻ لڙائي کان اڳ جي مشرڪ سردارن لاءِ ٻڌايو هئائون ته اهي هنن جاين تي قتل ٿيندا، برابر ائين ئي ٿيو ۽ ٻڌايل جاين تي اهي قتل ٿي ويا. اهو به سندن هڪ معجزو هو.

خندق واري لڙائي ۾ عرب جا مختلف قبيلا يهودين جي چُرچ تي مديني تي حملو ڪري آيا هئا. پاڻ سونهارن پنهنجي صحابين جي صلاح تي مديني ۾ رهي مقابلو ڪرڻ پسند ڪيو. حضرت سلمان فارسيءَ جي صلاح تي دشمنن کان شهر جي بچاءَ لاءِ خندق يا کاهي کوٽڻ جو فيصلو ٿيو. صحابہ ڪرام رضي الله عنهم هن ڪم کي لڳي ويا. ايتري ۾ هڪ اهڙو وڏو پٿر آيو جو ڪنهن کان به ڀڄي نه پئي سگهيو. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کاهي ۾ گهڙي ويا ۽ ان کي اهڙي زور جو ڌڪ هنيائون جو پٿر پرزا پرزا ٿي ويو. ان مان باهه جو چمڪاٽ ٿيو، جنهن تي پاڻ فرمايائون ته مان شام جي بصريٰ شهر جون جايون ڏسي رهيو آهيان. مطلب ته هي حمله آور ڇا آهن، اسان ته روم جي قيصر شهنشاهه کي شڪست ڏينداسون. بُصريٰ ان جي حڪومت ۾ هو.

پيغمبر عليہ الصلواة والسلام کي بُک وگهي پيٽ تي پٿر ٻڌل هئا، جنهن کي سندن هڪ پياري صحابي جابر رضي الله تعاليٰ عنہ ڏسي ورتو. هو سڌو گهر هليو ويو ۽ هڪ ننڍو ڇيلو ذبح ڪيائين. سندس گهر ۾ رڳو چار سير جون جا هئا، اهي تيار ڪرايائين ۽ آنحضور صلي الله عليہ وسلم کي ڪن ۾ آهستي دعوت ڪيائين ته کاڌو ٿورو آهي، مختصر ماڻهو هلن. پاڻ سڳورن خندق جي سڀني مجاهدن کي دعوت لاءِ اعلان فرمايو ۽ جابر کي چيائون ته ايستائين ٻوڙ نه لاهجو ۽ اٽو نه پچائجو جيستائين مان حاضر نه ٿيان. اتي پهچي پاڻ اٽي ۽ ٻوڙ لاءِ دعا ڪيائون ۽ نتيجي ۾ ساري لشڪر ڍؤ ڪري طعام کاڌو. حضرت جابر چوي ٿو ته ٻوڙ جو ٿانءُ ائين ئي ٻڙڪي رهيو هو ۽ اٽو به اوترو ئي پيو هو.

اهي ۽ ان کان سواءِ، مسجد نبويءَ جي ڪاٺ جي ٿنڀي جو روئڻ وغيره جا ٻيا به سوين معجزا آهن، جن جو بيان احاديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ آيو آهي. هن سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ”قوت العاشقين“ نالي ڪتاب آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو جوڙيل آهي، جنهن ۾ صحيح روايتن سان رڳو معجزن جو بيان آهي. ان جهڙو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪتاب نه ڏٺو ويو آهي.

 

علم سيرت جي اوسر ۽ ارتقا سنڌ ۾

 

سيرت، جنهن جي جمع سير آهي، عربي ٻوليءَ جو اکر آهي، هن جي لفظي معنيٰ ته عادت، حالت ۽ ڳڻ آهي، پر فني لحاظ کان علم السير هڪ علم آهي، جنهن کي ”المغازي“ به سڏيو ويندو آهي. مغازي بابت قاموس جو صاحب علامہ فيروز آبادي لکي ٿو: ”المغازي مناقب الغزاة“ غازين جي احوال ۽ منقبت جو نالو مغازي آهي.

اسلام جي شرعاتي دور ۾ قرآن حڪيم کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب مسلمانن وٽ نه هو. نبي سائين جون حديثون صحابين جي سينن ۾ محفوظ هيون. ڪن ٿورن صحابين سڳورن وٽ سندن يادگيريءَ لاءِ ڪجهه حديثون لکيل هونديون هيون، باقي هن فن جي تاليف نه ٿي هئي.

بنو اُميہ حڪمرانن جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز جي ذاتي تحريڪ ۽ ڪوشش سان جيئن حديث جو علم مدون ٿيو، اهڙيءَ طرح سيرت ۽ مغازيءَ جو فن به وجود ۾ آيو. عمر بن عبدالعزيز سيرت ۽ مغازيءَ جي حفاظت لاءِ اهو انتظام ڪيو جو هڪ پاسي عاصم بن عمر انصاري (وفات 121هه) کي حڪم ڏنائين ته اهو دمشق جي جامع مسجد ۾ سيرت جو درس ڏئي ته ٻئي پاسي هن فن جي تدوين جو به انتظام ڪيو، جو ان دور جي هڪ ٻئي امام محمد بن شهاب زهري (50-124هه) کي مغازيءَ تي ڪتاب لکڻ لاءِ چيو. ابن شهاب جيئن حديث ۽ سنت جو امام هو، تيئن سيرَ ۽ مَغازيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. مديني منوره جي هڪ هڪ انصاريءَ جي گهر وڃي حديثون معلوم ڪندو هو. هن ڪيترن صحابين کي پڻ ڏٺو هو، ان لحاظ کان مرتبي جي ڪري هو تابعي هو.

ڪتاب روض الانف جو صاحب علامه سهيلي لکي ٿو ته: ”اول من صنف في المغازي الامام الزهري.“ مطلب ته جنهن مغازيءَ ۾ پهرين تصنيف ڪئي آهي، سو امام زهري آهي. امام زهري گهڻي ڀاڱي محدثن جو استاد آهي. سيرَ ۽ مغازيءَ ۾ هن جا ٻه وڏا شاگرد ڳڻيا ويندا آهن. هڪ موسيٰ پٽ عقبہ جو (هيءُ غلام هو) ۽ ٻيو محمد پٽ اسحاق (151هه) جو امام مالڪ جو وڏو معاصر هو. محمد بن اسحاق بابت امام مالڪ ۽ ان جي شاگردن جي راءِ چڱي نه آهي. اهي هن جي مخالفت ۾ ايترو وڌي ويا آهن جو کيس ”دجال ۽ ڪذاب“ (وڏو ڪوڙو) سڏي ويا آهن.(1)

پر ٻين محدثن ان کي حديث ۾ ”مدلس“ ۽ مغازيءَ ۾ محقق ۽ معتبر ڪري لکيو آهي. هن به ڪتاب المغازي لکيو. جڏهن ته محمد بن شهاب زهريءَ جو ڪتاب الڳ وجود ۾ نه رهيو، ان ڪري حاجي خليفه چلپي لکي ٿو، ”اول من صنف فيہ الامام المعروف بمحمد بن اسحاق رئيس اهل المغازي“ مطلب ته علم سيرَ ۾ پهريون جنهن تصنيف ڪئي، اهو مشهور امام محمد بن اسحاق آهي، جيڪو مغازي تي لکندڙن جو امام آهي. محمد بن اسحاق جي ڪتاب المغازيءَ جي اڳتي هلي ابو محمد عبدالملڪ پٽ هشام حميري (وفات 218هه) تهذيب ۽ تنقيح ڪئي ۽ ان کي سنواريو ۽ سينگاريو. ان کي سيرت ابن هشام سڏجي ٿو. اهو ڪتاب ايڏو ته مقبول ثابت ٿيو جو پوءِ وارن عالمن ان کي آڏو رکيو. عبدالرحمٰن سهيلي (وفات 589هه) ان جي شرح لکي. جنهن جو نالو الروض الانف آهي. حنفي عالمن مان علامه بدر الدين عيني (وفات 855هه) ”ڪشف اللثام“ نالي سيرت ابن هشام جي هڪ حصي جي شرح لکي. شيخ ابو نصر فتح بن موسيٰ خضراوي (وفات 663هه) سيرت ابن هشام کي نظم ۾ آندو. اهڙيءَ طرح سعد ديريني (وفات 697هه) ۽ ابو اسحاق تلمساني به ان ڪتاب کي منظوم ڪيو، جو علمي دنيا ۾ وڏو ڪارنامو هو.(1)

امام زهريءَ جو ٻيو شاگرد هشام پٽ عروه آهي. اهو به محدثين وٽ وڏي شهرت رکي ٿو. هن جي محمد بن اسحاق کان ڇهه سال اڳ وفات ٿي. محدثن ۾ وڏو ثقہ ۽ معتبر هو. حديث ۽ سيرت جون روايتون گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ عروه کان ڪندو آهي، پر ان سان گڏ محمد بن شهاب زهريءَ کان به روايتون ڪندو آهي. هن جو قابل اعتماد شاگرد ۽ راوي ٻي صديءَ جو برگزيده امام ۽ محدث امام ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي (وفات 170هه) آهي.

هن خطي سنڌ جو اهو پهريون محدث آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت حديث ۽ سيرت سان نسبت رهي. هن کي به محمد بن اسحاق وانگر امام السير والمغازي سڏيو ويندو آهي.

حافظ ابوبڪر خطيب بغدادي هن جي ترجمي ۾ لکيو آهي(2) ”وکان من اعلم الناس بالمغازي“ نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي سيرت ۽ مغازيءَ ۾ سڀني ماڻهن کان وڏو ڄاڻو هو. وڌيڪ لکي ٿو ته ”هن ابا امامه سهل بن حنيف کي ڏٺو. محمد بن ڪعب قرظي، حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنہ جي آزاد ڪيل غلام نافع، سعيد مقبري، محمد بن منڪدر ۽ هشام بن عروه جهڙن محدثين کان حديث ۽ سيرت جي روايت ڪئي. کانئس سندس پٽ محمد سنڌي، يزيد پٽ هارن، محمد پٽ عمر الواقدي ۽ ٻين ڪيترن روايت ڪئي آهي. نجيح اصل ۾ مدينه منوره ۾ رهندو هو، پر کيس مهدي عباسي خليفي مديني منوره مان بغداد وٺي آيو ۽ پوءِ وفات تائين اتي بغداد ۾ رهيو.

محمد بن ابو معشر سنڌي ڪتاب المغازيءَ کي پنهنجي پيءُ امام ابو معشر کان ٻڌو ۽ ان جي محدث ۽ مغازي جي عالمن ٻن پٽن امام دائود ۽ امام حسين سنڌي انهيءَ ڪتاب کي پيءُ کان پڙهيو. واقدي به سيرت جي تعليم امام ابو معشر کان حاصل ڪئي. جو اڳتي سيرت جو هڪ وڏو مؤلف ڳڻيو ويو آهي.

امام ابو معشر سنڌيءَ جو شاگرد علامه واقدي محدثن وٽ جيتوڻيڪ حديث ۾ ضعيف ڳڻيو ويو آهي، پر سيرت ۽ تاريخ ۾ ان جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. علامه ابن سعد، طبقات ابن سعد جو مؤلف ان جو شاگرد آهي.

هن تحقيق مان پتو پيو ته سيرت جو فن جيئن ئي ٻي صدي هجريءَ ۾ وجود ۾ آيو ته ابو معشر نجيح سنڌي ان ۾ ڪتاب المغازي لکيو ۽ سني عالم جو سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي. افسوس جو هن وقت اهو ناپيد آهي. ان جون روايتون مؤلف جي شاگردن جي حلقي ۽ انهن جي ڪتابن ۾ اچي ويون آهن.

2- مڪاتيب النبي صلي الله عليہ وسلم:

نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم تبليغ ۽ دعوت جي سلسلي ۾ جيڪي خط لکيا، انهن کي هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيو ويو آهي. اهو به سيرت جو هڪ حصو آهي. ٽين صديءَ جي سنڌي عالم امام ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي هن ڪتاب کي تاليف فرمايو. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهو ڪتاب زماني جي حادثن کان بچي ويو ۽ اڄ اسان وٽ موجود آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ اهو علمي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن ڪتاب جو اصل ان جو سنڌي ترجمو جلد ڇپايو ويندو. اها علمي خدمت هن احقر تي رکي وئي آهي ۽ ان جو ترجمو اڳ ئي مولانا عبدالرشيد نعماني جي حوالي ڪيو ويو آهي.

3- قوت العاشقين سنڌي

تاليف مخدوم م حمد هاشم ٺٽوي سن تاليف 1270هه سنڌي عالمن طرفان سيرت پاڪ تي اهو ٽيون قديم ڪتاب آهي، جنهن کي سنڌ جي عظيم محقق عالم مخدوم محمد هاشم سنڌي، هتي جي سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ نظم فرمايو. برصغير جي رائج ٻولين مان سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. هن ۾ حضور صلي الله عليہ وسلم جي سيرت پاڪ مان رڳو معجزن تي تحقيق ڪئي وئي آهي هن ۾ حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن جا 160 معجزا پوريءَ تحقيق ۽ سند سان بيان ڪيا ويا آهن، جيئن مؤلف مرحوم پاڻ فرمائي ٿو:

جيڪي معجزا هن سنڌي ۾ ميڙي مون رکيا

سي آهين هيڪڙو سئو سٺ معجزين مجمل طريقا،

هاشم جهڙي حقير سين ڪرين عفو عطا

نالائقن نصيب ڪرين شافع شفاعتا.

هن ڪتاب جي اها خوبي آهي جو مخدوم صاحب ڪيترين جاين تي پنهنجي عربي مدحيه قصيدن ۽ مناجاتن کي به ڪتاب ۾ آڻي، ان کي ڏاڍو سوادو بنايو آهي، ڪيترين ئي جاين تي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي وڏن ساٿين ۽ صحابہ سڳورن جي سيرت ۽ فضيلت تي صحيح حديثون آڻي، انهن جي سمجهاڻي ڏني آهي، هي ڪتاب 380 صفحن تي ڪرائون سائز ۾ مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ ۾ 1950ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.

4- بذل القوة في حوادث سِني النبوة: (عربي) تاليف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ

هي سيرت جو ڪتاب وڏي تحقيقي انداز ۾ لکيو ويو آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته عالم اسلام ۾ پنهنجي نهج جو هي منفرد ۽ اڪيلو ڪتاب آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. ڪتاب ٻن قسمن تي مشتمل آهي، پهريون قسم هجرت کان اڳ وارن نبوت جي سالن بابت آهي ۽ ٻيون قسم هجرت کان پوءِ وارن واقعن ۽ حالات تي مشتمل آهي. ٻئي قسم کي ٽن بابن تي ورهايو ويو آهي، انهن ۾ غزوات، سريا ۽ ٻيا احوال آندا ويا آهن. مؤلف هن ڪتاب جي تاليف 5 ذي الحج سن1166هه ۾ شروع ڪئي ۽ صفر جي چار تاريخ ۽ اربع جي رات سن1168هه ۾ ان کي پورو ڪيو.

سيرت جو هي بينظير ڪتاب مرحوم مخدوم امير احمد جي مقدمي ۽ تحقيق سان سنڌي ادبي بورڊ اڳ شايع ڪيو آهي، هن جو سنڌي ترجمو به تياري جي مرحلي ۾ آهي، جو انشاءَالله جلد شايع ٿيندو.

5- قمر المنير: سنڌي منظوم تاليف مخدوم عبدالله نريي ڪڇ وارو. مخدوم عبدالله نريي ڪڇ وارو سنڌي ادب جو وڏو محسن آهي. جنهن ڪنز العبرة، خزانہ اعظم وغيره جهڙا هزارن صفحن جا سنڌي ۾ اسلامي ڪتاب لکيا، پر افسوس ته ايڏي محسن جو احوال به نه ڏنو ويو آهي. ان جي سموري تاليف کي ميون ابوالحسن ٺٽوي جي هڪ عزيز مخدوم عبدالله واعظ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، هوڏانهن هن ڪڇي بزرگ پنهنجي ڪتابن ۾ نه رڳو پنهنجو نالو ۽ سن تاليف ڏنو آهي، پر پيءُ جو نالو به لکندو آهي. 1180هه کان پوءِ به هن تاليف ڪئي آهي ۽ مخدوم عبدالله واعظ گهڻو اڳ گذاري ويو آهي، هن بابت مون ڪنز العبرة جي مقدمي ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي، اتي ڏسڻ گهرجي.

هن جي شروع ۾ پيغمبر پياري کان پري رهڻ ۽ ڦوڙائي تي ڳوڙها ڳاڙيا ويا آهن. اڳتي هلي فرمائي ٿو:

هاڻي سڻو مؤمنا هيئن جي ڪنن،

اوصاف احمد ڄام جا پار سندا پرين،

ته ڪهڙا رکايا رب هئا اخلاق عجيب منجهن.

الخ

هن ڪتاب ۾ حضور صلي الله عليہ وسلم جي اخلاق سان گڏ سندن معجزن جو به بيان ڪيو ويو آهي. 278 صفحن جي ڊيمي سائز تي بمبئي ۾ ڇپيو.

6- بدر منير: اهو به سيرت تي مخدوم عبدالله نريي واري جو لکيل آهي. قمر منير جي نهج جو آهي.

7- شمائل نبوي سنڌي: منظوم تاليف مخدوم عبدالسلام. هن کان اڳ سيرت تي سنڌ ۾ لکيل اهي ڪتاب هئا، جيڪي اصل هئا. هي ڪتاب ٽين صدي جي مشهور محدث امام ترمذيءَ جي شمائل النبي عربيءَ جو منظوم سنڌي ترجمو آهي. اصل ڪتاب آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي عادات، اخلاق، صورت ۽ سيرت تي دنيا ۾ مستند ڪتاب آهي. جو عربي مدارس جي نصاب اندر داخل آهي. هن جا ڪئين عربي شرح لکيا ويا ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ۽ شرح لکيا ويا. هي سنڌي ترجمو لاڙي سنڌيءَ ۾ مخدوم عبدالسلام جو لکيل آهي. جيئن مترجم پاڻ فرمائي ٿو:

هاڻي هن عبدالسلام کي اچي هتي پيئي،

ته ڪتاب شمائل شريف جي ڪريان صحيون سنڌي،

عادات اخلاق نبي ڪريم جا ڪريان لکي پڌرا،

ته ٿئي قوت عاشق جي مشتاق مير محمد جا.

ڊيمي سائيز جي 300 صفحن تي بمبئي مان ليٿو تي ڇاپيو ويو.

هي ڪتاب 1197هه ۾ لکيو ويو. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

پوري ٿي سنڌي شمائل هن ڪميني ڪنا،

پهرين ماه جماد الثاني جي ٻن پهرين وقتا،

۽ يارهن سؤ ستانوي ورهين هئا گذريا،

هجرت ڪنا حضرت جي جيئن مڪي مان لڏيا.

8- سنڌي ترجمو شمائل نبوي: (مترجم مرحوم مولانا محمد ٻنوي)

هي ترجمو سنڌي نثر ۾ آهي، جو اڃا ڇاپي هيٺ نه آيو آهي. مولانا محمد ٻنوي فاضل ديوبند عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو اديب ۽ شاعر هو. سندس ڪيترا فارسي، عربي ۽ سنڌي ۾ قصيدا ڇپيل آهن. رسالي توحيد لاءِ خاص طرح اشعار لکندو هو. احقر راقم جو گهاٽو دوست هو. اهو ترجمو مون کي ڏيکاريو هئائين، جو سنڌي نثر ۾ نهايت عمدو ترجمو هو. مولانا صاحب هن فاني دنيا کان ٻه چار سال ٿيا ته گذاري ويو آهي، ڪتاب ڇپجي نه سگهيو.

9- سنڌي ترجمو شمائل: (مترجم) مولانا عبدالڪريم صاحب ٻير وارو)

هي رڳو ترجمو نه آهي، پر شمائل جي سنڌي نثر ۾ مفصل عالمانه شرح آهي. مولوي صاحب ٻير وارا نه رڳو ظاهري علم جا وڏا عالم آهن، پر سنڌ ۾ قادري، راشدي شاخ جا وڏا پير طريقت به آهن. هي ترجمو ٻه ڀيرا ڇپيو آهي ۽ هٿون هٿ کپي ويو آهي.

10- اسلام جو پيغمبر صه: (تاليف هوت چند ڏيئومل جگتياڻي)

پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي سوانح حيات تي رڳو مسلمان عالمن نه لکيو آهي، پر غير مسلمانن به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. سنڌ جا هندو جيڪي هتي جي ڪيترن اوليائن ۽ صوفين جا مريد هئا، اهي حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم تي صلواة به پڙهندا هئا ۽ کين نبي سائينءَ ۾ وڏي عقيدت هئي. جهوڪ، درازا ۽ نوشهرو جون درگاهون ان لاءِ ڪافي ثبوت آهن. هي ڪتاب به انهيءَ جذبي هيٺ سنڌ جي هڪ هندو عالم جو لکيل آهي، جنهن جا 64 صفحا آهن. اڳ جو ڇپيل آهي.

11- حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم: (تاليف مولانا دين محمد وفائي، ڇپائي جو سال 1930ع)

مولانا وفائي مرحوم سنڌيءَ ۾ وڏو اديب ۽ عالم هو، سندن تحرير ڏاڌي سولي ۽ عام فهم آهي. هن سيرت جا صفحا 92 آهن. مختصر نموني لکي وئي آهي.

12- حيات النبي صلي الله عليہ وسلم: (تاليف مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)

حڪيم صاحب جي لکڻ جو، مولانا ابوالڪلام وانگر خاص اسٽائيل هو، چڱي تفصيل سان هي سيرت جو ڪتاب لکيو ويو آهي ۽ هن کي سنڌ جي مشهور ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي.

13- اخلاق محمدي صه: (تاليف مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)

سيرت جو هي ڪتاب اصل ۾ حڪيم صاحب جي ڪتاب حيات النبي صلي الله عليہ وسلم جو ٻيو ڀاڱو هو، جو گهڻو اڳ سادي ٽائيپ ۽ سادي ڪاغذ تي ڇپيو هو، تازو هن سال سنڌي ادبي بورڊ پاران سيرت جي هن املهه ۽ اڻ لڀ وٿ کي مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد جي فرزند حڪيم محمد احسن کان هٿ ڪري عمدي ٽائيپ ۽ ڪاغذ تي ڇاپيو ويو آهي.

14- اسان جو پيارو آقا: تاليف مخدوم محمد صالح ڀٽي.

هي ڪتاب 69 صفحن تي ڪرائون سائز ۾ گهڻو اڳ ڇپيو آهي.

15- اسان جو پيارو نبي صه: تاليف قاضي عبدالرزاق

184 صفحن تي 1959ع ۾ ڇپيو.

16- انيس العاشقين عرف معجزات: جوڙيل سيد حسين علي شاهه.

176 صفحن تي مشتمل آهي.

17- حالات نبوي: جوڙيل مسٽر علي خان ابڙو.

94 صفحن تي ڪرائون سائز ۾ ڇپيو آهي.

18- رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم: تاليف مير گل حسن.

172 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائز ۾ ڇپيو آهي.

19- رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم: جوڙيل مسٽر حبيب الله ڀٽو.

64 صفحن جو ڪتاب آهي.

20- سيرت النبي صلي الله عليہ وسلم 1-2: تاليف مولانا فضل احمد غزنوي

454 صفحا، چڱي تفصيل سان لکيو ويو آهي.

21- سيرت رسول صلي الله عليہ وسلم: جوڙيل مولوي نثار احمد

55 صفحن جو ڪتاب آهي.

22- سيرت مصطفيٰ: تاليف مولانا محمد عظيم شيدا

مولانا شيدا سنڌ جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر آهي، جنهن وڏي عقيدت سان هن ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي، هن جي مسودي کي اڳ ۾ مولانا مخدوم امير احمد نظر مان ڪڍيو ۽ ڪتاب بابت سندن عالمانه راءِ ڪتاب جي شروع ۾ آندي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ تازو هن ڪتاب کي سهڻي نموني ڇپائي شايع ڪيو آهي.

23- محسن اعظم ۽ محسنين: مترجم مرحوم رشيد احمد لاشاري.

اصل ۾ هي ڪتاب اردو ۾ فقير وحيد الدين لکيو ۽ ان جو سنڌي ترجمو سنڌ جي وڏي اديب ۽ شاعر مرحوم رشيد احمد لاشاري ڪيو. آرٽ پيپر تي عمدي ڇپائي آهي. ڊيمي سائيز جي 214 صفحن تي ڦهليل آهي.

24- رسول ڪريم عليہ الصلواة والتسليم: تاليف علي محمد راهو.

سيرت تي سنڌيءَ ۾ هي ڪتاب رابطه عالم اسلام مڪي لاءِ لکيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شاهه خالد بن عبدالعزيز جي اسم گراميءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. تاليف جي تاريخ 21 نومبر 1976ع آهي. شروع ۾ عربي قصيده ۽ انهن جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ تمهيد، عظمت، اسوه حنسه، ابتداءِ آفرينش جا عنوان رکي آدم عليہ السلام کان ابتدا ڪئي وئي آهي. سيرت جو هي پهريون جلد آهي، ان ڪري حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي حالات تي مڪي زندگيءَ جو احوال آيل آهي، صفحا 323، حوالا به گڏوگڏ ڏنا ويا آهن، ٻولي به عمدي استعمال ڪئي وئي آهي، ڪاغذ ۽ ڇپائي جي خيال کان اڄ تائين سنڌي ديني ادب ۾ اهڙو ڪتاب نه ڇپيو آهي. سائيز 20x30=8 (ڊبل ڪراؤن) اٿس. مؤلف هن ڪتاب لکڻ تي وڏي جس لهڻي.

25- سيرت طيبہ: حرم کان حرم تائين، مؤلف پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي، ناشر سنڌ اسلامڪ پبليڪيشن حيدرآباد.

سيرت جو سنڌي ۾ هي ڪتاب آفسٽ سول اينڊ ملٽري گزيٽ ڪراچيءَ ۾ تازو ڇپائي حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب 270 ڊيمي سائيز صفحن تي مشتمل آهي، آفسيٽ جي ڪتابت ڪرائي ڇپايو ويو آهي، هن ۾ رڳو مڪي زندگي جو مفصل احوال ڏنل آهي ۽ حضور عليہ الصلواة والسلام جو احوال قبا ۾ پهچڻ تائين ڏنو ويو آهي. ان لحاظ سان هي پهريون جلد آهي.

 نظاماڻي صاحب تقرير جي مهارت سان گڏ تحرير جو به ماهر نظر اچي ٿو، ڪتاب عقيدت سان لکيو ويو آهي.


(1) تقرير جامع ترمذي مولانا حسين احمد مدني

(1) ڪشف الظنون ملا چلپي ک 1012

(2) تاريخ بغداد ج3 ص326-317 علامه خطيب بغدادي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com