سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :20

 

احمد بن عبدالله ديبلي عابد:

ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي، هن جو شمار زاهدن، عابدن، درويشن ۽ شهر شهر ۾ علم جي ٽوهه طلب ۾ ڦرندڙ صوفين ۾ ٿئي ٿو. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزبہ جي دور ۾ هن سنڌي درويش  نيشاپور ۾ رهڻ اختيار ڪيو، هن جي رهائش حسن بن يعقوب حداديءَ جي خانگاهه ۾ ٿي، نيشاپور شهر جي اندروني ڀاڱي مان سندس شادي ٿي ۽ کيس ٻار ٻچا به ٿيا، پر سندس سڪونت خانگاهه ۾ ئي رهي، جامع مسجد ۾ نمازون پڙهي وري گهر ٻار ۾ ويندو هو. (صوفين وانگر) اُنَ جو لباس اوڙهيندو هو ۽ گهڻو ڪري اگهاڙي پيرين هلندو هو (جتي نه پائيندو هو) ان بصري ۾ ابو خليفہ قاضي کان، بغداد ۾ جعفر بن محمد فرماني کان، مڪي ۾ فضل بن محمد جنديءَ ۽ محمد بن ابراهيم ديبلي (سنڌي) کان، مصر ۾ علي بن عبدالرحمٰن ۽ محمد بن زبان کان، دمشق ۾ ابوالحسن بن عمر بن حوصا کان، بيروت ۾ ابو عبدالرحمٰن مڪحول کان، خراسان ۾ ابو عروبہ حسين بن ابي معشر کان، تستر ۾ احمد بن زبير تستري کان، مڪه مڪرمہ ۾ عبدان کان بن احمد حافظ کان ۽ نيشاپور ۾ ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيہ کان (حديث جي) سماع جو شرف حاصل ڪيو، ابو عبدالله حاڪم (مشهور محدث) سندس شاگرد آهي. حاڪم لکيو آهي ته شيخ احمد زاهد ديبلي جي وفات رجب 343هه ۾ ٿي ۽ نيشاپور جي الحيره قبرستان ۾ پوريل آهي. (علامه سمعاني ڪتاب الانساب ليڊن وارو ڇاپو ورق 236 ٻيو).

محمد بن محمد بن عبدالله الرزاق ديبلي زاهد:

ابوالعباس محمد بن محمد عبدالله ديبلي سنڌي زهد ۽ عبادت ڪري زاهد جي لقب سان مشهور آهي. هي بزرگ صالح ۽ عالم هو، ابو خليفہ فضل بن خباب جمعي، جعفر بن محمد بن حسن فرقاني، عبدان بن احمد بن موسيٰ عسڪري، محمد بن عثمان ابي سويد بصري ۽ انهن جي معاصرن کان روايت ڪئي اٿس، ڪتاب المستدرڪ جو مصنف حاڪم ابو عبدالله حافظ، هن سنڌي بزرگ درويش عالم جو شاگرد هو.

هن سنڌي ولي ۽ عالم ماه رمضان 345هه ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ ابو عمر بن نجيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. (علامه سمعاني ڪتاب الانساب ورق 236 ٻيون)

ابو عبدالله محمد بن عبدالله ديبلي زاهد:

دنيا جا ڪيترا زاهد ۽ درويش جي پاڻ يا سندن نسل مان سنڌ کان ٻاهر رهي فيض ڏنو، انهن مان ابو عبدالله محمد بن عبدالله ديبلي سنڌي وڏي اهميت ۽ شهرت جو مالڪ آهي. هي سنڌي صوفي بزرگ اصل ۾ سنڌ جي مرڪزي شهر ديبل جو هو ۽ شام ۾ رهي علم ۽ عرفان جي پالوٽ ڪندو رهيو. علامه ابن جوزي صفوة الصفوه ڪتاب ۾ هن زاهد سنڌيءَ لاءِ لکيو آهي: ومن المصطفين من اهل ديبل ابو عبدالله الديبلي، مطلب ته ديبل جي چند بزرگن مان ابو عبدالله ديبلي هڪ آهي، ان کان پوءِ ڇهن واسطن سان ابو عبدالله ديبلي درويش کان هي قصو نقل ڪيو آهي ته ابوعبدالله فرمايو ته مون کي پنهنجي ڪن ڀائرن صلاح ڏني ته آئون پنهنجي عيال ۽ اولاد لاءِ گهر خريد ڪريان. نيٺ انهن لاءِ هڪ جاءِ خريد ڪيم هن جائداد هٿ ڪرڻ جو اهو نتيجو نڪتو جو اڳ مون کي خدا پاڪ طرفان اها نعمت عطا ٿيل هئي، جو ڌرتي جي ڪنهن به حصي تي هڪ پل ۾ پهچي ٿي سگهيس، اها قدرت هٿن مان هلي وئي. منهنجا ڄڻ ته کنڀ وڍجي ويا، پوءِ ڪن بزرگن جي برڪت دعا سبب وري اها نعمت ملي وئي.

هي سنڌي بزرگ هڪ پاسي وڏو اهل الله هو ته ٻئي پاسي قرآن حڪيم جو وڏو قاري پڻ هو. علامہ ابن جوزي سندس مشهور عالم تاليف ”غاية النهاية“ ۾ هن کي قارين جي طبقي مان ڳڻيندي لکيو آهي ته محمد بن عبدالله ابو عبدالله ديبلي جعفر بن محمد بن سقيط کان قراءَت ورتي ۽ حروف جي عبدالرزاق بن حسن ۽ سڪن بن بڪرويہ کان روايت ڪئي.

علامہ سبڪي طبقات ۾ هن بزرگ قاريءَ جي پوٽي علي بن احمد بن محمد ديبلي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته مون ان جي ڪنهن ڪتاب تي لکيل ڏٺو ته هو شام جي قاري ابو عبدالله جو پوٽو آهي، علامہ سبڪي ان کي شام ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري شامي سڏي ٿو، محمد بن عبدالله ديبلي درويش ۽ زاهد ٽين صدي هجري جو بزرگ آهي.

احمد بن محمد حافظ زاهد ديبلي مصري:

هي درويش ۽ زاهد به ديبل سنڌ جو هو، جنهن جي سڪونت مصر ۾ ٿي. ان ڪري کيس مصري به سڏيو وڃي ٿو. علامه سبڪي سندس تاليف: طبقات الشافعية الڪبريٰ ۾ لکي ٿو ته احمد بن محمد، ابوالعباس ديبلي حافظ ۽ زاهد هو، مصر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. علامه ابن صلاح به پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، هو هڪ وڏو فقيهه هو، علم جي کيس عمدي ڄاڻ هئي، امام شافعي جي مذهب جو فقيہ ٿيو، سندس گذران هٿ جي ڪمائي درزڪي ڪم مان هوندو هو، جمعي تي (موڪل جي ڏينهن) هڪ قميص سبندو هو، جنهن جي مزدوري کيس هڪ درهم ۽ ٻه دانڪ ملندي هئي، پنهنجي گذران ۽ لٽو ڪپڙو ان مان ڪندو هو. هن بزرگ جي زهد جو هي عالم هو جو مصر ۾ ڪنهن کان پاڻي ڍڪ به نه گهريائين. احوال ۽ مڪاشفي وارن صالح انسانن مان هو.

سندس ڪرامتون پڌريون هونديون هيون، ابوالعباس نسوي ۽ ابو سعيد ماليني هن سنڌي درويش جي مرڻ مهل ان وٽ موجود هئا، انهن عجيب خبر روايت ڪئي آهي ته آخري دم تائين قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهيو. 373ع ۾ هن جي وفات ٿي. علامہ سمعاني کان هن ديبلي بزرگ جو احوال رهجي ويو آهي.

جعفر بن خطاب خضداري سنڌي بلخي:

قصدار يا خضدار جيڪو هن وقت بلوچستان جو ڀاڱو آهي، سو اڳ سنڌ ۾ هو. خضدار ۾ هاڻي به بروهي ٻولي سان گڏ سنڌي به ڳالهائي وڃي ٿي، جعفر بن خطاب اصل ۾ خضدار سنڌ جو رهاڪو هو، جنهن لاءِ علامه سمعاني ڪتاب انساب ۾ لکيو آهي ته هو هڪ فقيہ ۽ زاهد درويش هو بلخ ۾ وڃي رهيو هو، پر اصل ۾ خضدار سنڌ جو هو. هن ابوالفضل عبدالصمد بن محمد بن نصير عاصمي کان روايت ڪئي. ان کان وري ابو فتوح عبدالغافر بن حسين بن علي ڪاشغري حافظ روايت ڪئي آهي. هي سنڌي بزرگ چوٿين صدي هجريءَ جو آهي.

مخدوم نوح بکري:

ساڻيهه سنڌ جا اهي اولياءَ جن پنهنجي ديس ۾ رهي هن پاڪ خطي کي فيض سان سيراب ڪيو، انهن ۾ سر فهرست مخدوم نوح بکري سنڌي آهي، جيڪو برصغير ۾ سهروردي طريقت جو پهريون بزرگ آهي، جنهن سلوڪ ۽ معرفت جي هن پر امن طريقت سهروردي جو هتي بنياد وڌو ۽ سلو پوکيو، جنهن کي اڳتي هلي حضرت غوث بهاءُ الحق ملتاني ۽ غوث عالم مخدوم نوح هالائي زور وٺايو.

سهروردي طريقت جو وڏو مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي بغداديءَ کي ڳڻيو آهي. مخدوم نوح بکري سڌو سنئون ان کان فيض پرايو، ان ڪري ان کي برصغير ۾ شيخ الشيوخ يعني مرشدن جو مرشد ڳڻيو وڃي ٿو، هن جي سڪونت بکر ۾ هئي تنهن ڪري پراڻي دور ۾ فرشته به سڏيو ويندو هو.

حديقة الاولياءَ ۽ ٻين تذڪرن جي روايت آهي ته جڏهن مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني شيخ شهاب الدين سهروردي جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پوءِ فيض پرايو ته کانئن ملتان ڏانهن موٽڻ جي موڪل گهريائين، تڏهن کيس مرشد موڪل ڏيندي فرمايو ته اسان جي رشيد شاگردن مان هڪ شاگرد فرشته (بکر) سنڌ ۾ آهي. جيڪو اسان وٽ پنهنجو ڏيئو، وٽ ۽ تيل ساڻ کڻي آيو هو ۽ اسان وٽان رڳو ان ڏيئي کي باهه ڏياري (۽ ان جو اندر اجرو ۽ روشن ٿي ويو) جڏهن تون سنڌ وڃين ته ضرور ان سان ملاقات ڪجان. غوث ملتاني مرشد جو حڪم مڃي وطن وريو، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو جڏهن هو فرشته (بکر) ۾ پهتو ته مخدوم نوح بکري اڳ ئي الله وٽ پهچي چڪو هو ۽ ان جو وصال ٿيو هو، ان جو غوث ملتاني کي ڏاڍو ڏک ٿيو.

مخدوم نوح بکري برصغير جو وڏي ۾ وڏو ولي الله ۽ بزرگ آهي، جيڪو نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ۾ نام ۽ نمود کان پري رهيو، پر مرڻ کان پوءِ به گم ناميءَ ۾ رهيو، تحقيق اهڙن ئي بزرگن لاءِ آخرت ۾ وڏو اجر ۽ ثواب آهي. سنڌ ۾ ٻيا سڀ اولياءَ هن کان پوءِ جا آهن، پر انهن تي عرس ۽ ميلا ٿيندا رهن ٿا، مگر هن بزرگ جي قبر جي ڪنهن کي ڪل نه آهي. هوڏانهن سوين هزارين ماڻهو روهڙي واري پل تان ريل ۾ يا پيادل بند جي ڀر ۾ ان جي قُبڙي کان لنگهن ٿا. مان هن ولي جي قبر جي دلجمعيءَ سان زيارت ڪئي آهي، پاڻ کي ته اهو سرور آيو جو ڪنهن ٻئي بزرگ ولي جي قبر جي زيارت مان گهٽ آيو هوندو. مخدوم نوح بکري ڇهين صدي جي آخر ۽ ستين صديءَ جي اوائل جو بزرگ آهي، قلندر شهباز به هن جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ پهتو آهي.

امد پٽ عبدالله ديبلي (وفات 343هه)

چوٿين صدي جي آڳاٽن سنڌي صوفين ۾ هن بزرگ جو نالو علامه سمعاني پنهنجي مشهور عالم تاليف ”الانساب“ ۾ چڱي چٽائي سان آندو آهي. هن جو نسب هن طرح آندو ويو آهي: احمد پٽ عبدالله پٽ سعيد ابوالعباس ديبلي، پنهنجي ملڪ کان علم جي تلاش ۾ نڪتو هو، ٻئي پاسي وڏو عابد ۽ درويش بزرگ هو، قدرت کيس ان دور جي وڏي علمي مرڪزن ۽ روحاني خانگاهن جي شهر نيشاپور ۾ پهچايو، جتي هن حسن بن يعقوب حداديءَ جي خانقاه ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهو ابوبڪر محمد پٽ اسحاق پٽ خزيمه جو دور هو، هن اندريہ شهر ۾ شادي به ڪئي ۽ کيس اولاد به ٿيو، جنهن جو تفصيل نه آيو آهي، سندس گهر خانقاهه ۾ هو، جامع مسجد ۾ فرض نمازن جي ادائگيءَ کان پوءِ شهر ڏانهن پنهنجي گهر وارن سان وڃي سکي ٿيندو هو

هي صوفي بزرگ جيڪو محدث پڻ هو. اُنَ جي پوشاڪ اوڙيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پيرين پيادو به گهمندو هو، جتي نه پائيندو هو، هن نه رڳو نيشاپور جو سفر ڪيو، پر ٻين ان دور جي مشهور علمي مرڪزن ۾ پهچي اتي جي محدثين کان علم پرايو ۽ ڪيترن وڏن محدثن وري کانئس حديث پڙهي. بصري ۾ ابو خليفه قاضي کان، بغداد ۾ جعفر پٽ محمد فريابي کان ۽ مڪي ۾ فضل پٽ محمد جندي ۽ محمد پٽ ابراهيم ديبلي سنڌي کان حديث ورتي. هن بزرگ رڳو انهن علمي مرڪزن تي اڪتفا نه ڪئي، پر مصر پهچي ابن عبدالرحمٰن ۽ محمد پٽ زيان کان ۽ دمشق شام ۾ ابوالحسن پٽ زهير کان ۽ نيشاپور ۾ محمد بن اسحاق بن خزيمہ کان ۽ ان جي ساٿين کان حديث پرائي، نيشاپور جو مشهور محدث حاڪم سندس شاگرد آهي.

سيد محمد مڪي

هي ٻاهرين بزرگن ۽ اوليائن مان آهي، جنهن بکر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، سندس پيءُ سيد محمد شجاع ايران ۾ مشهد مقدس جو رهاڪو هو، اتان حج لاءِ اسريو، کيس واٽ تي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي زيارت نصيب ٿي، ان کان فيض پرايائين ۽ شيخ کيس نجيب سيد ۽ اهل الله ڄاڻي داماد بنايو. اتان جڏهن مڪي پهتو ته کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد مڪي رکيو ويو. مڪي مڪرمہ کان واپس اچي وري پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ مشهد مقدس ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. امام علي موسيٰ رضا جي مقبري ۾ کيس دفنايو ويو. سيد محمد مڪي اباڻو وطن ڇڏي سنڌ جي شهر فرشته يا بکر ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، سندس قبر بکر جي شاهي قلعي ۾ آهي. بکر جي سادات جو اهوئي مؤسس اعليٰ آهي.

مخدوم عثمان قلندر شهباز:

قلندر شهباز سنڌ جو اهو سرتاج اولياءَ آهي، جنهن جي شهرت عالمي آهي، هر سال سندن زندگي ۽ پيغام تي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا وڃن ٿا، سندن احوال لکڻ جي هت ضرورت نه آهي، سنڌ جي اوليائن جي تذڪرن ۾ هڪ عجيب ڳالهه نظر آئي ته سنڌ ۾ ٽي وڏا اولياءَ ٿي گذريا آهن: (1) قلندر لعل شهباز (2) مخدوم بلاول ٽلٽي وارو (3) مخدوم نوح هالائي. قلندر کان جڏهن ته روحاني فيض ۽ خلافت هڪ شخص کي ملندي آهي، تڏهن لعل شهباز نه معلوم اها سعادت ڪنهن کي عطا ڪئي. ڇوته سنڌ ۾ پاڻ وڏي عمر ۾ آيا هئا ۽ قلندر کان فيض يافته به قلندر هوندو آهي. اهو قلندر ڪٿي پيدا ٿيو؟ ان جي ڪا ڄاڻ نه آهي، باقي ٻين ٻن سنڌي اوليائن جا سوين مريد ۽ خليفا ٿي گذريا آهن، اهوئي سبب آهي جو جڏهن ڪو شهباز سائين وٽ بيعت لاءِ ايندو هو ته ان کي ملتان موڪليندو هو.

قلندر شهباز جي وفات ۾ به وڏو اختلاف آهي، هڪ قديمي بياض ۾ لکيل ڏٺم، ”تاريخ وفات شيخ عثمان مروندي لعل شهباز قلندر بروز پنج شنبه وقت عصر 21 شعبان 688هه ولادت 552 هه عمر 136 سال.“ ٻئي بياض ۾ اچي ٿو:

چو شهباز مقدس لعل حضرت

شده طائر برحمت راز جنت

نموده فکر تاريخي وصالش

سروش غيبهم گفتا برحمت

(650هه)

قاضي هدايت الله لکيو آهي: 19 شعبان 673هه.

مقالات الشعراءَ ۾ به 673هه لکيو ويو آهي. ٻئي هنڌ اچي ٿو:

وفات مخدوم عثمان بيست ويکم روز يکشنبہ بوقت در عمر سنہ خمسين وست مائة 560هه قبر ۾ شيخ علي لاٿو. دفن صبح صادق وقت ڪيو ويو.

شيخ علي سيوهاڻي:

اصل بغداد جو رهاڪو هو، سير سياحت جي ارادي سان شيخ عثمان لعل شهباز مروندي جو هم سفر ۽ صحبتي رهيو ۽ سموري زندگي ساڻس وفاداري ۾ گذاري، سيوهڻ ۾ اچي مقيم ٿيو، مريدن ۽ خادمن جي نگرانيءَ جو ڪم هن جي سپرد هو ۽ مخدوم لعل شهباز جي وفات کان پوءِ مجاوري ۽ خلافت جو ڪم سندس ئي سپرد هو ۽ انهيءَ سال وفات فرمايائين، جنهن سال مخدوم لعل شهباز وفات ڪئي. سيرت قلندري جو مصنف اهو سال 688هه لکي ٿو، معلوم ٿئي ٿو ته قلندر جو فيض يافتہ قلندر ٻيو، اهوئي شيخ علي هو.

سيد علي ٻيون:

هي سيد علي اصل شيراز جو رهاڪو هو. اميرانه زندگي گذاريندو هو. هن کي اوچتو اچي صحبت جو جذبو جاڳيو ۽ شيراز مان ڪَهي سيوهڻ سنڌ ۾ اچي مخدوم لعل شهباز جي پوئين وقت ۾ وٽس رهيو ۽ حضرت مخدوم شباز جي خليفي شيخ علي جي وفات کان پوءِ روضي جي خدمت ۾ مشغول رهيو ۽ مخدوم لعل شباز قلندر جي حياتيءَ ۾ ئي شيخ علي وٽان هن کي اهي سڀ امانتون سپرد ٿيون، جيڪي هن وٽ موجود هيون. سيد علي جي وفات کان پوءِ روضي قلندر جي اوڀر ۾ کيس دفنايو ويو. اهو 7 صدي جو واقعو آهي.

مخدوم علي سيوهاڻي:

سيد علي شيرازيءَ جي وفات کان پوءِ مخدوم لعل شهباز جي مسند ۽ خلافت جو ڪم مخدوم علي جي حوالي ٿيو. هي بزرگ صوفي، پيغمبر خدا جي صحابي دحية الڪلبي جي اولاد مان آهي ۽ اسلام جي اوائلي حملن جي زماني ۾ سندس وڏا اچي رهيا هئا، هن کي ٻه فرزند هئا: شيخ اسحاق ۽ شيخ آهندو، مخدوم علي ذڪر اذڪار سيکارڻ ۾ زندگي گذاريندو هو، جڏهن ٻڍاپڻ جو زمانو آيس، تڏهن پٽن کي وصيت ڪيائين ته مجاوري جي آمدني نه کائجو، پر جو ڪجهه درگاهه تي اچي سو مسافرن کي کارائي ڇڏجو، طمع نه ڪجو، سنت جماعت تي قائم رهجو، نماز نه ڇڏجو، وصيتون ڪندي 21 شعبان 787هه تي وفات ڪيائين. (منهنجي علمي ڊائري)

مخدوم بلاول رح:

سنڌ جي اوليائن ۽ محدثن ۾ سندن نالو روشن آهي. هي بزرگ نه رڳو تصوف ۽ باطني علمن جو روشن سج هو، پر ديني علوم حديث، تفسير ۽ فلسفي علمن ۾ پڻ يگانه نه روزگار هو. تازو احقر راقم فلسفه جي هڪ ڪتاب تي سندس ڪجهه عربيءَ ۾ حاشيا ڏٺا، جن مان سندن علمي تبحر جو پتو پئي ٿو. حديقہ ڪتاب وارو کين ”سالڪ مسالڪ طريقت، ڪاشد غوامض حقيقت، عارف رموز شريعت، عالم حقائق طريقت، غواض قلزم وحدت“ (طريقت جي رستي تي هلندڙ، حقيقت جي ڳجهن رازن کي کوليندڙ، شريعت جي رمزن جو ڄاڻو، طريقت جي حقيقتن جو عالم، وحدت جي مهاساگر ۾ ٽٻيون هڻندڙ وغيره) لقبن سان ذڪر ڪيو آهي. هن بزرگ نه رڳو سنڌ کي پنهنجي ظاهري ۽ باطني فيض سان سيراب ڪيو، جنهن لاءِ سندس خليفا ۽ انهن جو احوال ثبوت لاءِ اڄ به اوليائن جي تذڪرن ۾ موجود آهي، پر هن پاڪ خطي کي ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ پنهنجو رت ڏئي ۽ جان قربان ڪري قربانيءَ جو درس ڏنو. 30 صفر 931هه ۾ سندن شهادت ٿي ۽ باغبان (ٽلٽي) ۾ سندن مزار اڄ به خلق لاءِ زيارت گاهه آهي.

قاضي ڏنو سيوهاڻي:

هي اهل الله نه رڳو ڪامل صوفي هو، پر هڪ وڏو محدث ۽ مفسر پڻ هو. شرعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار قاضي شرف دين مشهور ”مخدوم راهو“ کان ورتائين. ان کان پوءِ کيس مخدوم بلاول رحه جي خدمت ۾ پهچڻ جي سعادت نصيب ٿي. علم حديث ۽ تفسير کي مخدوم بلاول رحه کان پڙهيائين ۽ باطني فيض پڻ مخدوم صاحب کان پرايائين. ٻيا علم مخدوم محمود فخرپوٽي ۽ شيخ عبدالعزيز هرويءَ کان پڙهيائين. لکن ٿا ته ان دور ۾ قرآن مجيد جا ارڙهن تفسير اول کان آخر تائين سندن مطالعي ۽ نظر مان گذريا. قرآني مطالب ياد بيان ڪندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون به سندس وڏي عزت ڪندو هو. هن بزرگ جي قبر به باغبان ۾ آهي.

درويش محمد ۽ احمد:

اهي ٻئي اولياءَ هالا ڪنڊيءَ جا ويٺل هئا ۽ مخدوم اسحاق جا فرزند هئا. سندن شمار سنڌ جي تمام وڏن اوليائن ۽ صوفين ۾ ٿئي ٿو، مخدوم محمد ظاهري علم جي به تحصيل ڪئي هئي ۽ ڪشف ۽ ڪرامت جو ولي پڻ هو، باقي مخدوم احمد گهڻو ڪري گوشه نشيني ۽ ذڪر و اذڪار ۾ رهندو هو، سماع به ڪندو هو ۽ مٿس وجد ۽ حال طاري ٿي ويندو هو. حديقة الاولياءَ ڪتاب ۾ هن بزرگ جون گهڻيون ڪرامتون لکيل آهن، سنڌ جو عالم ۽ اولياءُ حاڪم ڄام نندو هنن ٻن ڀائرن جي ڏاڍي تعظيم ڪندو هو. 934هه جي ڳالهه آهي ته مخدوم احمد جو نيرون ڪوٽ ۾ اچڻ ٿيو. اتي محفل سماع ۾ ذڪر ۽ وجد ۾ محو ٿي ويو. اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ذڪر ڪندڙ سوز ۽ گداز مان هڪ بيت پڙهيو، ان کي ٻڌندي مخدوم صاحب جو روح پرواز ڪري ويو، سندن جسم کي اتان کڻي هالا ڪنڊيءَ ۾ 934هه ۾ دفنايو ويو.

مخدوم ساهڙ لنجار:

هي بزرگ وڏو صوفي ۽ اهل الله هو، هميشه رياضت ۽ مجاهدي ۾ رهندو هو، ننڊ گهٽ ڪندو هو. سندس ڪرامتون گهڻيون ئي بيان ڪيون ويون آهن. بلالي هجڻ سان گڏ هن جو تعلق مخدوم نوح سان به ڄاڻايو ويو آهي.

شيخ هوتي لاکو:

هي بزرگ وڏن عارفن، حال ۽ قال جي صاحبن مان هو، گهڻو ڪري خدا جي خوف کان روئيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو رهندو هو، اهو ته سندس رات جو شغل هوندو هو، ڏينهن جو الله جي ذڪر ۾ محو رهندو هو، ملتان جي غوث ذڪريا جي سهروردي طريقت سان منسلڪ هو ۽ ملتان جو پانڌيئڙو پڻ هو، سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڪتابن ۾ آيل آهن، هن بزرگ جو مقبرو موريائي سنڌ ۾ آهي، هن صوفي بزرگ جا ٻه پٽ احمد ۽ محمد نالي ٿي گذريا آهن، جن جون قبرون به سندن والد جي ڀر ۾ آهن. اهي به وڏا صوفي ۽ اولياءَ ٿي گذريا آهن، مخدوم ڪلام الله جو حافظ هو وڏي رياضت، ذڪر، اذڪار جو مالڪ هو. ڏينهن رات وظائف ۽ عبادتن ۾ گذاريندو هو. مخدوم احمد جو حق جي وصال ۽ بزرگي ۾ وڏو مرتبو هو، سندس دعا مستجاب هوندي هئي، هنن ٻن بزرگن جو احوال حديقہ فارسي ۾ آيل آهي.

درويش حسن مقري:

هي صاحب حال ۽ قال جو بزرگ هو. ذات جو ڊکڻ هو ۽ پالوٽ جو ويٺل هو، هميشه مڪاشفي ۾ غرق هوندو هو. وضو خاني ۾ ويندو هو ته نڪرڻ جي نه ڪندو هو. مٿس محويت طاري ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري مخدوم مراد پٽ صدر الدين راهوني جيڪو هالا پرڳڻي جي جاني ڳوٺ جو هو، اهو درويش حسن سان ملڻ آيو، کيس معلوم ٿيو ته درويش ستن ڏينهن کان وضو واري حوض ۾ آهي، ايتري محويت ۽ جذب جو ستن ڏينهن جي نماز به کانئس وسري وئي. هن بزرگ جي قبر ڀاڻوٺ ۾ آهي.

مخدم عربي ڌياڻو:

هي مشهور بزرگن ۽ اوليائن مان هو. هالاڪنڊي سندس سڪونت هئي، هميشه عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ گهڻو ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهندو هو. روايت آهي ته هڪ ئي جاءِ تي قرآن مجيد جا ست سو چاليهه ختم پڙهيائين. سهڻي آواز سان قرآن کي پڙهندو هو. 980هه ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪيائين. سندس قبر هالا ڪنڊيءَ ۾ آهي.

مخدوم سرور نوح هالائي:

مخدوم بلاول کان پوءِ مخدوم نوح سرور جهڙو وري ٻيو ڪو ولي سنڌ ۾ نه ٿيو، وقت جا سڀ اولياءَ سندس معتقد ۽ بزرگيءَ جا قائل هئا. غوث زڪريا ملتاني وانگر سهروردي طريقت کي ساري سنڌ ۾ عام طرح ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ خاص طرح زور وٺرايو. سندن فيض مان ته سنڌ جو هر ننڍو وڏو فيض ياب ٿيو، پر جن کي مخدوم صاحب خلافت عطا ڪئي، انهن مان هي خليفا مشهور آهن: (1) سيد ابوبڪر لڪعلوي (2) درويش عمر (3) درويش عثمان (4) بهاءُ الدين دلق پوش (ميمڻ) (5) شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو (6) شاهه خير الدين سکر (7) مخدوم ساهڙ (8) حاجي نعمت الله پنجابي، جيڪو وقت جو ولي حضرت عيسيٰ جندالله سنڌي برهانپوريءَ جو مصاحب هو (9) ميرڻ ڪاتيار (10) فقير يونس تارڪي.

 مخدوم سرور نوح رح جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ تي پهچي ٿو، شيخ المشائخ شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ هي هالن جو خاندان هڪ ئي آهي، جو پوءِ هلي هي خاندان ڪوٽ ڪرڙ کان هت آيو، اهو مخدوم فخر الدين ڪبير هو، جنهن بوبڪ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، هي بزرگ ظاهري توڙي باطني علم سان سينگاريل هو، هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته مخدوم فخر الدين جي قبر، قلندر لعل شهباز جي مزار جي متصل سيوهڻ ۾ هئي.

هن مخدوم جو پوٽو مخدوم فخر الدين صغير بوبڪ کي ڇڏي اچي هالن ۾ رهيو، اهڙي طلب هالن جي ماڻهن کانئس ڪئي هئي، پاڻ انهن جي گُهرَ تي اچي هالا ۾ رهيا، مخدوم سرور نوح جا پنج ڏاڏا بزرگوار هالا ۾ گذريا. سندن رهائش ٽوڙي ڳوٺ ۾ هئي، جيڪو هالن پراڻن سان مشهور آهي.

قديم محاوري ۾ ٽوڙي کي هالا ڪنڊي سڏيندا هئا. نون هالن کي مخدومن مير پير ڇهين سجاده نشين غوث الحق جي اولاد مان اٽڪل روءِ 1140هه ۾ قائم ڪيو، ڇوته پراڻن هالن تي درياءَ جو زور هو ۽ اهو مقبرن جي ويجهو هو، اتان صندوقن کي کڻي نئين پٽ ۾ دفن ڪيائون، جتي اڳ ئي حضرت مخدوم نوح جي وڏي فرزند مخدوم حامد جي قبر هئي، هن ڳوٺ جو شروعاتي نالو اسلام آباد رکيو ويو، پر جڏهن ته اصلوڪي ڳوٺ هالا سان مشهور هو، ان ڪري هي ڳوٺ به هالا سان مشهور ٿي ويو ۽ رڳو فرق لاءِ هالا نوان سڏجڻ لڳو.

مخدوم صاحب جي ولادت 27 رمضان 911هه ۾ ٿي، اها جمعي جي رات هئي، سندن والد هن نعمت کي الله جو لطف ڄاڻي مٿس نالو لطف الله رکيو ۽ عرف ۾ نوح جي نالي سان مشهور ٿي ويو. عام تذڪرن ۾ نوح الهامي نالو سڏيو ويو آهي.

مخدوم نوح عليہ الرحمة تصوف ۽ عرفان جو ته امام هو، پر قرآن پاڪ جي ڄاڻ ۽ تفسير ۾ به سندن ڪو نظير نه هو، جنهن لاءِ ڏهين صدي ۾ ڪيل قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو ڪافي شهادت طور موجود آهي، جيڪو حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ جي ترجمي کان گهڻو اڳ جو آهي، هن ترجمي جي وڏين خوبين مان هڪ اها آهي ته آسان فارسي ڪتب آندي وئي آهي، گهڻو ڪري بسم الله الرحمٰن الرحيم جو ترجمو هر جاءِ تي نحوي قاعدن جي پيروي ڪندي مختلف ڪيو ويو آهي ۽ قرآني مقطعات جو به اسرار جي حيثيت ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ پوري مقطعات جو ترجمو يا اشارا ڪنهن به مڪمل طور نه ڏنا آهن، هي ترجمو هجري چوڏهين صديءَ جي جشن جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران هن حقير جي مقدمي، حواشي ۽ تحقيق سان عڪسي شايع ٿي رهيو آهي، ڇپائي شروع ٿي وئي آهي.

مخدوم صاحب خميس ڏينهن 27 ذوالقعده 998هه ۾ صبح جي وقت رحلت فرمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com