تنقيد ۽ تبصرو
1- ٻيلاين جا ٻول
”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ٻيلي جي دهقاني ادب ۽ شاعريءَ تي هڪ انسائيڪلو پيڊيا
جي حيثيت رکي ٿو. هن جي مواد کي سهيڙڻ ۾ فاضل مؤلف
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جيڪا جستجو ۽ جاکوڙ
ڪئي آهي، ان کي ڏسندي اسان کي عرب اديبن مان اصمعي
ياد اچي ٿو، جنهن عرب ملڪن جي پٽن، ڀٽن، جبلن،
ڏونگرن، شهرن ۽ گندانن ۾ پهچي دهقاني ۽ بدوي ادب ۽
ٻوليءَ کي گڏ ڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. تحقيق جيڪڏهن
ڊاڪٽر صاحب اها جاکوڙ نه ڪري ها ته هوند سنڌي ادب
جو اهو قيمتي وٿ اسان کان يا ته اوجهل رهي ها يا
مورڳو اهي بياض ۽ بنديون جن تان مواد کي سهيڙيو ۽
سموهيو ويو آهي، سو اڏيهيءَ جو کاڄ ٿي وڃي ها.
سينن ۾ انهيءَ سرمايي کي سانڍڻ وارا به ٿورا وڃي
رهيا هئا. ان طرح املهه ادب فنا ٿي وڃي ها.
اهو ڪتاب پهريون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کان ٿورا سال
پوءِ سن1951ع ۾ ڇپيو. ان جي مواد کي گڏ ڪرڻ لاءِ
مؤلف سن1946ع کان ئي محنت شروع ڪري ڏني هئي. جيئن
مؤلف پهرين ڇاپي جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته تاريخ 23 جون
1946ع رات جو 2 بجي لس ٻيلي جي شهر ”اٿل“ پهتاسين.
ٽي ڏينهن هن شهر ۾ ٻيلي جي ڪن سگهڙن سان ملڻ ۽
مارڪي ڪرڻ جو موقعو مليو.
ان کان پوءِ ٻيلي جي انهن زنده سگهڙن ۽ اديبن جي
اپٽار ڪئي وئي آهي، جن وٽان مؤلف کي اهو مواد هٿ
آيو. ڊاڪٽر صاحب کي انهيءَ ئي سال آمريڪا سفر ڪرڻو
پيو. انهيءَ سفر دوران ڪتاب جو مقدمو ۽ ٽي باب واٽ
تي ئي لکي ورتائين. ان مان مؤلف جي ادبي شوق ۽ ذوق
جو پتو پئي ٿو. چوٿون ۽ پنجون باب ان نيو يارڪ جي
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ لکيو، پر پوءِ تعليمي
مشغوليءَ ڪري وڌيڪ لکي نه سگهيو ۽ وري 1949ع ۾ وطن
واپس اچڻ کان پوءِ ان کي تڪميل تي پهچائي سڄو
مسودو جوڙي راس ڪيو.
هن ڪتاب ۾ رڳو سنڌي بيتن کي گڏ نه ڪيو ويو آهي، پر
مفيد بحث ۽ تقنيد کي به آڏو رکيو ويو آهي. شروع ۾
مختصر طور عام سنڌي شاعريءَ تي تبصرو ڪيو ويو آهي.
ان بعد لس ٻيلي جي تاريخ، ٻولي ۽ شاعريءَ جي اوسر
تي خصوصي باب بنايا ويا آهن. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير
شاهه جي شاعري ۽ مارڪن تي جدا باب بنايو ويو آهي،
ڇوته اهو بيان ٻيلي ۾ شاعرانه پهه پچار جو بنهه
منڍ آهي. ڪن جاين تي اصلاح به ڪئي وئي آهي، پر ان
کي پڙهندڙن لاءِ چورس، ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي، جيئن
ان کي مؤلف جو اضافو ڄاتو وڃي. جڏهن هيءُ ڪتاب
چپيو ته سنڌي ادب ۽ ساهتيه جو ان کي عظيم سرمايو
ڄاتو ويو جو ويجهڙائيءَ ۾ ان جهڙو ٻيو تحقيقي ڪتاب
نه لکيو ويو هو. ان وقت سنڌ جي هڪ ٻئي معمر ۽ برک
اديب ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب مرحوم هن ڪتاب کي ڏسي
اها علمي اڳڪٿي ڪئي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ادب جو وهائو تارو آهي.
مؤلف ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ۽ تحقيق ان جي هن
تخليق ۽ پوءِ ٻين ڪتابن جي لکڻ ۽ سهيڙڻ مان علامه
دائود پوٽي مرحوم جي اڳڪٿي سورهن آنا سچ ثابت ٿي.
”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب جو پهريون ڇاپو جلدي ختم ٿي
ويو. مؤلف اڳ لکي چڪو هو ته اڃا به لس ۾ سنڌي ادب
جو وڌيو سرمايو آهي، جو ان کي ڪو مرد مولا جو گڏ
ڪري ۽ هيءُ ڪتاب ادب ۾ هڪ بنيادي ديوار سمان آهي.
ڪو هجي جو ان کي چٽسالي ۽ رنگ روپ سان وڌيڪ
سنواري، پر ان سنوارڻ جي سگهه وري به ڊاڪٽر بلوچ
صاحب کي ملي، جو رهيل مواد لاءِ ٻيهر کيس ڪشالا
ڪڍڻا پيا ۽ ٽي ڀيرا اهو ڏکيو ۽ اڻانگو سفر اختيار
ڪري رهيل ادبي وٿ کي هٿ ڪري ڪتاب ۾ اضافو ڪيو ۽
ٻيو ايڊيشن اصل ڪتاب کان منو ڀاڱي کان وڌي ويو جو
515 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي حيدرآباد جي زيب
ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ، سهڻي ٽائيپ ۾ پنهنجي خرچ
سان ڇپايو.
ڪتاب جي فهرست جا ڪجهه عنوان پڙهي ڏسبا ته ان جي
اهميت جو اندازو ٿيندو. ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم جي
ملاقات ۽ مقابلو شيخن جو خاندان: شيخ حمر ۽ شيخ
بکر، سيد احمد شاه ۽ سندس شاعري شاعر نم ۽ سندس
قبيلي جا شاعر، سنياسائي شاعر، رونجها شاعر، شاعر
نامور دوست محمد، براديا شاعر، باکڙا شاعر، موندوا
شاعر وغيره.
ڪبير شاهه شروع جي مارڪي ۾ فرمايو:
نانگڻ ڪر م ناز، گسٽ ۾ گاروڙين سين
آه جنين جي اکين ۾ صورت مرليءَ ساز
مڻ به ان جي مٿي ۾، هڻنداءِ منڊ مجاز
جوڳين هٿ زهر جو ڪو اپر آهه علاز
ڪن ٿا ڪبير شاهه چئي نانگ به ان جو نياز
تون رک تنين جو راز، متان ڀورين ئي پنڊي ۾
شيخ جواب ڏنو:
نانگڻ ناز ڪياءِ ٿي گهمي گس گاروڙي جي
گاروڙي سي گس تان ويساهي وٺنداءِ
ڪين ڏٺو تو ڪڏهن، ڪا سندي جوڳين جاءِ
هو لڙڪائيندا لفظ سين، جڏهن اچي موالي ملنداءِ
سي سامي سڀيئي ڪري ڇلو ڇلو ڇلنداءِ
تون پوندين موالين جي مامري جي گاروڙي گڏباءِ
ان جي اسم جي ابراهيم چئي توکي ڪل نه ڪاءِ
هاڻي ڪرنڊي ڪنڌم پاءِ، نه ته پوندي ماڙو سڀ مشاهدي
عاقل، ملير جي جوکين ڄامن جو شاعر هو. ايڏي وڏي
عمر ٿيس جو هڪ مُڇ وري ڪاري ٿيڻ لڳس. کيس ڄام مير
خان جي ڪچهريءَ ۾ لس موڪليو ويو. ان جو اتي جي
شاعر نم سان مارڪو ٿيو ۽ هي مهما پيش ڪيائين:
ناري نرت نگه ڪري، جان ديکهي ڪيم ديدار
تان سونگو سنگين سڦرو جوڙيون پاڻ جبار
سو بنائي برحال ڪيو قدرت سان ڪلتار
ارڙ، بلبل ۾ گويا ڪن گفتار
گرگ ٻڪرو گڏ اتي، دوئي سان ڌاڻور
سي پنج ئي آهن پاڻ ۾ هڪ جڳهه هيڪار
پر مصلحت ان جي من ۾ آهي ڌرئون ڌار
اي سالڪ سمجهدار ڏي مائيت ان مذڪور جي
شاعر نم هن طرح جواب ڏنو:
اهو بيت بندي جو بنيو سونگي جي صفتا
ارڙ نفس ان ۾ بلبل زبانا
گرگ شيطان شومتي، ٻڪرو ايمانا
عقل ڌراڙ ان جو آهي درس ڌراءِ
چوءِ چڱيون ڳاليون ڪري منع مٺانياءِ. الخ
هن ڪتاب جي علمي ادبي اوصافن کي ڏسي پڇاڙيءَ ۾
اسين اها راءِ اديبن جي آڏو رکون ٿا ته جيڪڏهن هن
ڪتاب جو فاضل مؤلف سنڌي ساهتيه کي رڳو اهو هڪ ڪتاب
ڏئي ها ۽ ٻيو ڪجهه به نه لکي ها ته به اهو ”هڪ ئي
رانجهو لکان دي مٽ“ هو.
2- محسن اعظم صلعم ۽ محسنين رضه
تاليف فقير سيد وحيد الدين - مترجم رشيد احمد
لاشاري ملڻ جو هنڌ (1) لائن آرٽ پريس لميٽيڊ فريئر
روڊ ڪراچي - دي مال لاهور (2) فقير اسپيننگ ملز
لميٽيڊ (خيرپورميرس) هديہ: پنج روپيا.
هي مبارڪ ڪتاب جيئن ان جي نالي مان پڌرو آهي، ته
سيرت تي لکيو ويو آهي، اصل ڪتاب اردو جي مشهور اهل
قلم فقير وحيد الدين نهايت خلوص ۽ عقيدتمنديءَ مان
سليس ۽ شگفته اردو عبارت ۾ لکيو آهي، جنهن جو سنڌي
ترجمو سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مقبول نثر نويس اديب
رشيد احمد لاشاريءَ ڪيو آهي. هن ترجمي جي اها وڏي
خوبي آهي جو پڙهندڙ ان کي ترجمو نه، پر اصل ڪتاب
سمجهندو. زبان پڻ سليس ڪتب آندي ويئي آهي.
سنڌي ساهتيه ۾ اهڙن ڪتابن جي وڏي ضرورت محسوس ڪئي
وڃي ٿي، ڇوته اسان جي نئين ٽهي گهڻو ڪري علمي ۽
اخلاقي ادب کان بي بهره رهي، ادب جي رڳو هڪ صنف،
افسانو ادب کي چهٽي پئي آهي.
انگريزن واري دؤر ۾ سيرت تي سنڌيءَ ۾ جيڪي مختصر
ڪتاب لکيا ويا، ان جي اوليت جو شرف هڪ هندو اديب
لعل چند امر ڏني مل کي حاصل آهي. ان کان پوءِ
مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم هن موضوع تي
”حيات النبي“ نالي ڪتاب لکيو، جو عبارت جي رنگيني
۽ تحقيق ڪري لاجواب ڪتاب آهي. ان کان پوءِ مولانا
غزنويءَ جو سيرت تي هڪ وڏو ڪتاب ڇپيو ۽ مولانا
عبدالواحد، ايڊيٽر ”نئين زندگي“ جي سيرت تي اردو ۾
لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو به شايع ٿيو. فقير وحيد
الدين جو هيءُ ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ بهترين
۽ مضبوط ڪڙي آهي. ڇپائي، گيٽ اپ ۽ انداز بيان ڪري
هن کي لاجواب ڪتاب سڏي سگهجي ٿو. هن ۾ نه رڳو
پيغمبر پاڪ جي سهڻي سيرت بيان ڪئي وئي آهي، پر
خلفاءِ راشدين جو احوال پڻ شامل ڪيو ويو آهي. جيئن
مصنف لکي ٿو:
رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن انسانيت جا محسن
اعظم آهن. انهيءَ باري ۾ ٻه رايا ٿي ئي نٿا سگهن ۽
پاڻ سڳورن جا اصحاب رضه خاص طرح سان خلفاءِ
راشدين، جي پاڻ سڳورن جا رفيق هئا، ”انسانيت جا
محسنين رضه“ آهن، تنهن ڪري محسن اعظم جي پاڪ تذڪري
کان پوءِ انهن محسنين رضه جو مبارڪ ذڪر به هن
صحيفي جو ضميمو آهي.
اسان جي راءِ ۾ هي مبارڪ ڪتاب هر گهر ۾ هجڻ ضروي
آهي.
3- ميين شاه عنايت جو ڪلام
تحقيق ۽ تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
قيمت: ساڍا ٻارهن رپيا
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال 3- ڪنٽومينٽ
سول لائينس حيدرآباد سنڌ.
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر سوين عالم ۽ شاعر
پيدا ٿيا. شاعرن ۾ شاهه ڀٽائي اهڙو ته سدا روشن سج
هو، جو ان جي روشنيءَ ڪري ڪيترا ڏيا ته بنهه
اجهامي ويا ۽ ڪي روشن تارا ٽمڪندا رهيا، پر انهن
جي روشني رڳو ڪن سگهڙن کي سوجهرو ڏيندي رهي.
جيتوڻيڪ انهن باقي شاعرن مان ميين شاه عنايت جهڙا
گفتار جا گوهر به هئا، جن جي ڪلام ۾ به ڪافي ڪشش
هئي، پر مجموعي طور اهي شاهه صاحب جي پرواز ۽ بلند
خياليءَ کي پهچي نه سگهيا. اهوئي سبب آهي جو هن
وقت تائين انهن جو ڪلام گمناميءَ جي گوشي ۾ رهيو.
نيٺ اهو شرف سنڌ جي ممتاز ۽ مشهور اهل قلم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ کي حاصل ٿيو، جنهن ميين شاهه
عنات نصرپوريءَ جي ڪلام کي وڏي جستجو ۽ جاکوڙ سان
گڏ ڪري ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ اهم ۽
انقلاب پارٽ ادا ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي هن سلسلي ۾ شاهه عنايت جي ڪلام جا
ٻه قلمي نسخا هٿ آيا آهن. هڪ نسخو مرحوم ميان نبي
بخش شاهه وارو ۽ ٻيو قلمي نسخو ميان غلام قادر
شاهه وارو. پويون نسخو فاضل محقق جي خيال ۾ گهڻو
پوءِ جو لکيل آهي، ڇوته اهو موجوده سنڌي صورتخطيءَ
۾ لکيل آهي. پهريون نسخو تخميني طور 1217هه ۽
1227هه جي وچ ڌاري جو چيو وڃي ٿو. افسوس ته هن
رسالي جي ڪتابت جي صحيح تاريخ به نه ملي سگهي آهي،
نه ته جيڪر شاهه جي رسالي ۾ ڪن اهڙن آيل بيتن بابت
صحيح راءِ قائم ڪري سگهجي ها، جيڪي ميين شاهه عنات
جي ڪلام جي هن مجموعي ۾ پڻ درج ٿيل آهن، ڇوته ٻي
صورت ۾ قرائن کي ڇڏي اهو احتمال اٿاري سگهجي ٿو ته
اهي شاهه ڀٽائي جا شعر هجن، جيڪي ميين شاهه عنات
جي ڪلام ۾ ملي ويا هجن.
ڪتاب جي شروع ۾ 19 صفحا مهاڳ جي عنوان هيٺ آندا
ويا آهن، جنهن ۾ تحقيق جي نوعيت، ڪلام جي قلمي
نسخن جو پورو اپٽار، عالمانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو
آهي. 21 صفحي کان وري مقدمه شروع آهي، جيڪو صفحي
109 تائين ڦهليل آهي. هن ۾ شاهه عنات جي زندگي ۽
سندس خاندان جو احوال آيل آهي. هنن احوالن ۽
حڪايتن جو بنياد گهڻو ڪري خانداني روايتن تي ٻڌل
آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا
قديم ڳاڻ ڳڻيا تذڪرا اڻ ڪافي هئا، نه ته سنڌ ۾
اهڙا سوين خاندان ٿي گذريا آهن، جن بابت ڪو تحرير
۾ احوال نه ٿو ملي. ڊاڪٽر صاحب جس لهڻي جو خانداني
روايتون گڏ ڪري تحقيقي سلسلي ۾ چڱو اضافو فرمايو.
متن جي تحقيق ۽ سٽا ۾ گهڻي محنت کان ڪم ورتو ويو
آهي. قلمي نسخن جون پڙهڻيون پوري طرح بيان ڪيون
ويون آهن. متن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ صفحه 237 کان
سُر وائيز مختصر سمجهاڻي ۽ اشارا بيان ڪيا ويا
آهن، جي پڙهندڙ لاءِ بيحد مفيد لغوي مونجهارو دور
ڪندڙ آهن. ڇپائي جي عمدگي ۽ صحت لاءِ سنڌي ادبي
بورڊ جهڙي تحقيقي اداري جو نالو ئي پوري سند آهي.
4- علم البيان والبديع
مصنف: احمد علي ايم- انصاري
ليڪچرر ”عربي“ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاه
قيمت: 40-2
ملڻ جو هنڌ: ميشرس ممد يوسف ائنڊ برادرس، بوڪ
سيلرس شاهي بازار حيدرآباد
هيءُ ڪتاب ڪاليج جي ”عربي ادب“ جي شاگردن لاءِ
علم بيان ۽ بديع جي مسئلن کي سولي سنڌي ٻوليءَ ۾
سمجهائڻ لاءِ لکيو ويو آهي. جو فرسٽ ائير آرٽس کان
وٺي ايم- اي تائين عربي شاگردن لاءِ نهايت مفيد
ڪتاب آهي. اسان جي خيال ۾ هن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾
اهڙو ڪوبه ڪتاب نه لکيو ويو آهي، تنهن ڪري سنڌي
شاگرد، عربيءَ جي پوري ڄاڻ نه هجڻ ڪري علم بديع جي
امتحاني سوالن کي يا ته مورڳو ڇڏي ڏيندا يا وري
اردو ڪتابن کان مدد وٺندا هئا. اميد ته هن ڪتاب
کان پوءِ انهن لاءِ آساني پيدا ٿي پوندي. ڪتاب جو
مؤلف مسٽر احمد علي انصاري هڪ علمي گهراڻي جو فرد
آهي. سندس والد بزرگوار مولانا محمد اڪرم هالائي
سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جو استاد ۽ هڪ وڏو محدث ۽
عالم هو. ڪتاب جي مستند هجڻ لاءِ انصاري صاحب جو
نالو ئي ڪافي ضمانت هو، پر سنڌ جي هڪ وڏي محقق
عالم ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽه جي لکيل ”پيش لفظ“
۽ پروفيسر محبوب علي چنا جهڙي اديب جي تعارف لکڻ،
ڪتاب کي وڌيڪ محقق ۽ مستند بنايو آهي. ڊاڪٽر
هاليپوٽو صاحب لکي ٿو ته: مسٽر احمد علي انصاري جي
تصنيف ”علم البيان والبديع“ جو معائنو ڪري دل کي
خوشي ۽ مسرت حاصل ٿي. هيءَ ڳالهه قابل تحسين آهي
ته مسٽر انصاري ”علم البيان والبديع“ تي هڪ مفصل
ڪتاب، سنڌي زبان ۾ گهڻي محنت ۽ جفاڪشي سان تيار
ڪيو آهي، جنهن ۾ ”مهم مسائل“ کي مفصل طرح آسان
ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان کي وڏي
اميد آهي ته نه رڳو عربي ادب شاگرد ۽ شائق هن
تصنيف مان مستفيد ٿيندا، پر ٻيا طالب علم ۽ اديب
پڻ هن ڪتاب مان ڪافي مدد وٺي سگهندا.
پروفيسر چنا صاحب به هن ڪتاب تي خوشي ظاهر ڪئي
آهي. لکن ٿا ته هيءُ ڪتاب مشرقي ۽ سنڌي زبان جي
امتحانن لاءِ چڱو ”سونهو“ ثابت ٿيندو ۽ شاگرد هن
مان چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
5- ماحول جي مهرباني
مصنف: عمر الدين بيدار - سب ايڊيٽر روزانه مهراڻ
حيدرآباد
قيمت: 25 پئسا
ڇپائيندڙ: تحريڪ تعمير ادب حيدرآباد
هن ننڍڙي ڪتابڙي ۾ هيٺين عنوانن تي سنڌيءَ ۾
تعميري نظم لکيا ويا آهن، جيئن نئين تهذيب، شاهه
واري سنڌ، ادب براءِ ادب، ماحول جي مهرباني وغيره.
شروع ۾ دعوت فڪر جي عنوان هيٺ شاعري ۽ انشا پردازي
نئين تهذيب ۽ ترقي پسنديءَ تي تعميري تنقيد ڪئي
وئي آهي ”تحريڪ تعمير ادب“ ٻين اديبن کي به هن
سلسلي ۾ هن طرح دعوت ڏني آهي ته جنهن به اديب و
شاعر وٽان اسان کي تعميري تخليق حاصل ٿيندي، ته
شڪريي سان قبول ڪئي ويندي.
6- بياض احمد
مصنف: مولانا حاجي احمد ملاح، مرتب مولوي عبدالله
جوڻيجو.
ڇپائيندڙ: احمديه دارالاشاعت بدين سنڌ
قيمت: هڪ رپيو پنجاهه پئسا.
هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور، ڪهنه مشق ۽ سدا ملوڪ
شاعر مولانا احمد ملاح جي چونڊ غزلن ۽ ٻئي ڪلام جو
مجموعو آهي، جنهن کي مولانا جي نالي ڏانهن منسوب
ٿيندڙ احمديه اشاعت گهر ڇپائي، سنڌي ادب ۽ ساهتيه
تي احسان ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا گوهر گمناميءَ
۾ گذري ويا ۽ سندن ڪلام به بيقدرن جي هٿ ۾ اچڻ ڪري
اڏيهيءَ جي نذر ٿي ويو. سنڌي ادب لاءِ هن نازڪ دور
۾ اها وڏي ضرورت آهي ته وڏن ڳوٺن کي ڇڏي ننڍن ڳوٺن
۾ پڻ اشاعتي گهر کوليا وڃن ۽ اسان جي اديبن جي
نئين نئين تخليقن کي ڇپائڻ جو به انتظام ٿيندو
رهي، نه ته ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اهو نئون
سرمايو به اسان جي هٿن مان اڏامي ويندو.
هن ڪتاب جو پيش لفظ مولوي عبدالله صاحب جوڻيجي
لکيو آهي، جو مولانا احمد ملاح صاحب جو پرخلوص،
معتقر ۽ مولانا جي تصنيفن جي اشاعتن لاءِ سرگرم
رهندو پيو اچي. پيش لفظ کان پوءِ ”شاعري پيغمبري“
جي عنوان هيٺ سنڌ جي نوجوان شاعر نياز همايوني
صاحب تعارف لکيو آهي، جو سنڌي نثر ۾ پنهنجي مٿي هڪ
بي نظير تخليق آهي. نياز صاحب تعارف ۾ لکي ٿو:
”مولانا احمد ملاح نه صرف لاڙ تائين محدود آهي،
بلڪ هن جي هستي سڄيءَ سنڌ ۾ ليار جي لالين،
کيرولين جي مٺائين، انب ۽ نم جي ٻور جي سرهاڻين
جئان دلپذير ۽ وسيع آهي.“
7- گلزار احمد
تصنيف: مولانا احمد ملاح
ڇپائيندڙ: احمديه دار الاشاعت بدين سنڌ
قيمت: هڪ رپيو پنجاهه پئسا
هي ڪتاب به بياض احمد وانگر مولانا احمد ملاح جي
غزلن ۽ ٻئي اصلاحي ڪم جو بي بها مجموعو آهي. هڪ
هنڌ ”اباڻا ياد آيا ڪي“ جي عنوان هيٺ هن طرح موتي
پوتا اٿن:
اکين آرو ٻڌو اڄ پڻ، اباڻا ياد آيا ڪي،
اتر کڻ کان کوي کاهڙ تي کوڻين کيل لايا ڪي،
سنڀاريم سانگ سڻن جا، بلايا ڀاڳ ڀيڻن جا،
نماڻي ناز نيڻن جا ٽهه ماڙين تان ٽمايا ڪي،
سوين سر گاهه ساماڻ، لچڻ لنب ۾ للر لاڻا،
منڌيئڙا مرٽ مانڌاڻا، منڊل مکڻيءَ مچايا ڪي.
اسان جي خيال ۾ سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ ننڍي وڏي
انسان وٽ، مولانا احمد ملاح جي ڪلام جو مجموعو هجڻ
ضروري آهي. مولانا احمد ملاح قرآن مجيد جو منظوم
سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي، جو فوٽو آفسيٽ تي بهترين
عڪسي ڇپائي سان ڇپجي رهيو آهي. اميد آهي ته اسان
جا اديب ۽ عالم، ان مان به چڱو فائدو پرائيندا.
8- روحاني علاج
مصنف: غ لام محمد پنهور ايم- اي- ايس- اي- سي
قيمت: 75 پئسا
ملڻ جو هنڌ: غلام محمد پنهور- عامل ڪالوني نمبر 6
هيرآباد، حيدرآباد
هي ڪتاب جيئن نالي مان ظاهر آهي، چونڊ وظيفن تي
شامل آهي. اهي وظيفا گهڻو ڪري مولانا محمد ابراهيم
جي اردو ۾ جوڙيل ڪتاب ”طب روحاني ڪامل“ تان ورتل
آهن. هن ننڍڙي ڪتاب جو تعارف سنڌ جي نوجوان اديب ۽
عالم مولانا حافظ محمد حارثي لکيو آهي، جنهن ۾ هن
موضوع بابت نهايت عمدي معلومات پيش ڪئي ويئي آهي.
ورد وظيفن سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ ڏاڍو مفيد
ڪتاب آهي.
9- دين و مذهب
تاليف: الحاج عبدالعليم انصاري ايم - اي
ڇپائيندڙ: اداره علم و دانش 2-9-17 /هيرآباد،
حيدرآباد
هي ڪتاب بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي
ڪلاس ٻارهين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي- اي پارٽ ٽو
جي رليجن پيپر جي نصاب موجب جناب عبدالعليم صاحب
انصاري ايم- اي لکيو آهي. ڪتاب ۾ جنهن محنت ۽
جفاڪشي سان علمي مواد گڏ ڪيو ويو آهي، تنهن جي
تعريف کان رهي نه ٿو سگهجي. انصاري صاحب جو
اسلاميات تي ڪافي مطالعو آهي. ويتر جو ڊاڪٽر
هاليپوٽي صاحب جهڙي اسلاميات جي ماهر ۽ مفڪر، مصنف
کي هن سلسلي ۾ سهڻيون صلاحون ڏنيون آهن، ان ته
سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. اميد ته ڪالجن جا
شاگرد هن مان چڱو لاڀ ۽ فائدو پرائيندا.
10- خواب نامو
مترجم: پروفيسر غلام حسين جلباڻي
ڇپائيندڙ: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ
قيمت: 9 روپيا
ملڻ جو هنڌ: پروفيسر غلام حسين جلباڻي سنڌ
يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد سنڌ
هي ڪتاب جيئن نالي مان پڌرو آهي، خوابن جي تعبير
بابت آهي. اصل ڪتاب امام ابن سيرين جو چيو وڃي ٿو،
جو عربيءَ ۾ هو ۽ هي ان جو سنڌي ترجمو آهي. امام
ابن سيرين، علم و حديث جو امام ٿي گذريو آهي ۽ هو
هڪ تابعي هو، جنهن کي گهڻن صحابين سڳورن جي زيارت
جو شرف حاصل آهي. سندس وفات بصره ۾ 110هه ۾ ٿي. ان
لحاظ کان اهو امام، پهرئين صدي هجريءَ جي وڏن
امامن مان آهي. سندس مقبرو بصره کان ٻاهر آهي، جو
اڄ تائين زيارت گاهه خلائق آهي. اسان کي پڻ ان
مزار جي زيارت نصيب ٿي آهي.
امام ابن سيرين ڏانهن اهو منسوب ڪيل جڳ مشهور ڪتاب
آهي، جنهن جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿيل آهن. سنڌيءَ
۾ هي ترجمو پروفيسر جلباڻيءَ صاحب ڪيو آهي، جو
سالن جا سال عربيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو آهي. خواب
کي نبوت جو چاليهون ڀاڱو سڏيو ويو آهي ۽ بهتر خواب
پنهنجو اثر ڏيکاريندا رهندا آهن، جنهن لاءِ تجربو
شاهد آهي. انهن خوابن جي تعبير جو هڪ مستقل فن
آهي، جنهن کي علم وارا ئي ڄاڻي سگهن ٿا. سنڌي
ساهتيه کي اهڙن ڪتابن جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن
عوام کي انهن مسئلن ۾ ٻين ٻولين جي ڪتابن ڏانهن
واجهائڻو نه پوي. پروفيسر جلباڻي صاحب هن محنت
لاءِ کيرون لهڻي جو اهڙي مشڪل ۽ اوکي عربي ڪتاب جو
آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
هي ڪتاب خواب نامو ڪتابي سائيز جي 556 صفحن تي
ڦهليل آهي. شروع ۾ مقدمو ۽ فهرست پڻ ڏنل آهي، جن
سان ڪتاب جي مضامين تي عبوري ڄاڻ ٿي وڃي ٿي. ڪتاب
جي ڇپائي ۽ ڪاغذ ٻئي قابل ديد ۽ شاندار آهن. سرورق
به سهڻو رکيو ويو آهي. اميد آهي ته ديني ڪتابن جا
شائق ۽ لائبريريون هن ڪتاب کي خريد ڪري ادب
نوازيءَ جو ثبوت ڏيندا. ان طرح مصنفن، مؤلفن،
مترجمن ۽ ناشرن جي به همت افزائي ٿيندي، جيئن اهي
سنڌي ساهتيه ۽ ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪندا رهن.
11- سانگي (شخصيت، فن ڪلام)
مؤلف ۽ مرتب: احسان بدوي
قيمت: ٻه روپيا پنجويهه پئسا
ملڻ جو هنڌ: سنڌ مسلم ڪاليج بڪ اسٽال برنس روڊ
ڪراچي نمبر 1
هيءَ ڪتاب مرحوم پروفيسر احسان احمد بدويءَ جي
آخري تاليف آهي، جنهن تي اڄ اسين ڪجهه لکي رهيا
آهيون. مرحوم اسان کي پنهنجي اها تاليف سندس
زندگيءَ ۾ ئي هڪ موقعي تي سنڌ مسلم ڪاليج ۾ سه
ماهي الرحيم سنڌ اندر تنقيد و تبصره لاءِ روبرو
عنايت ڪئي هئي، پر افسوس جو اسان جو پيارو دوست
پنهنجي زندگيءَ ۾ هن تنقيد پڙهڻ کان اڳ وڃي شهر
خموشان ۾ آرامي ٿيو.
احسان مرحوم هڪ باوقار ۽ سنجيده انسان هو، ان ڪري
سندس تحرير ۾ به انهيءَ خوبيءَ جي جهلڪ موجود آهي.
سندس ڪابه تصنيف کڻي ڏسبي ته اها علمي تحقيق ۽
متانت سان مالامال هوندي. زير نظر ڪتاب جو پيش لفظ
سنڌ جي عظيم اهل قلم سيد علي محمد راشدي لکيو آهي.
اهي هن مختصر تحرير ۾ لکن ٿا: ”ميري ۽ ماڻهپو ڌارڻ
سنڌي ميرن جي ميراث هئي. راڄ ستر سال ڪيائون، پر
ماڻهپي جون مشعلون روشن ڪري ويا. بهادر، اشراف،
نرم دل، رحم وارا، ڪم آزار، وعدي جا پختا، پاڙيچن
جا خير خواه، ڪنهن جي گهر ڏانهن نه تڪڻ وارا، علم
دوست، غريب پرور، ننگي، ننگ پال، مطلب ته انسانيت
جي اڪثر اوصافن سان آراسته رهيا.“ اڳتي هلي لکن ٿا
ته: ”ارمان اهو آهي ته سندن زماني جي پوري تاريخ
ڪانه لکي وئي. احسان بدوي جس لهڻي جنهن ان ڏس ۾
گهٽ ۾ گهٽ پهريون پير ته پاتو آهي. مير عبدالحسين
مرحوم جي ڪلام جي تلخيص پيش ڪري چريءَ کي چورڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿائين.“
هن ڪتاب ۾ ڪهڙو مواد پيش ڪيو ويو آهي؟ اهو مرتب جي
لفظن ۾ پڙهندا:
”هن ڪتاب جي ايندڙ صفحن ۾ مون سنڌي شاعريءَ جي هڪ
بهترين غزل گو شاعر مير عبدالحسين خان ”سانگي“ جي
غزلن جو انتخاب پيش ڪيو آهي، پر ان کان اڳ مون
سنڌي غزل جي شروعات، شاعر جي سوانح حيات ۽ خود
شاعر جي ڪلام تي انتقادي نظر به وڌي آهي، ان خيال
کان ته جيئن شاعر جي ڪلام کي سمجهڻ ۾ نه رڳو آساني
ٿئي، پر ان مان صحيح لطف حاصل ڪرڻ جو به بهتر
ذريعو ٿي سگهي.
اسان جي خيال ۾ هي ڪتاب نه رڳو ڪاليجن جي شاگردن
کي سندن معلومات ۾ اضافي جو باعث ٿيندو، پر هر هڪ
سنڌي اديب وٽ هن جو هجڻ ضروري آهي. ڪتاب جي ڇپائي
۽ گيٽ اپ جي تعريف کان به رهي نه ٿو سگهجي.
احسان مرحوم ڪتاب جي تمهيد ۾ سنڌي ادب جي ڪن اهم
موضوعن تي عمدي تحقيق فرمائي آهي، هو ”سنڌي غزل جي
ابتدا“ واري عنوان ۾ لکي ٿو ته ”ڪلهوڙن جي صاحبيءَ
جو پويون زمانو حقيقت ۾ سنڌ جي موزون شاعريءَ جي
شروعات جو زمانو چئي سگهجي ٿو. محمد خان غني،
پنهنجي ننڍڙيءَ تصنيف ”سنڌ جي جديد شاعري“ ۾ هڪ
عجيب نڪتو بيان ڪيو آهي. هن جي چوڻ موجب جهڙي طرح
اردو وارن فارسي شاعريءَ جي حسن ۽ زينت کان متاثر
ٿي ريختي ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، تهڙي طرح سنڌي
شاعريءَ به جيڪڏهن فارسي شاعريءَ جي خد ۽ خال کان
اثر ورتو هجي ته عجب نه آهي، ان لاءِ هو مغل زمانن
وارو زمانو وٺي ٿو. ”مغليه حڪومت جي ڏينهن ۾ ضرور
ايراني نموني جي شاعري سنڌ ۾ شروع ٿيل آهي.“ هن
راءِ نقل ڪرڻ کان پوءِ مؤلف لکي ٿو ته: ”غنيءَ جي
هيءَ قياس آرائي ظاهر ۾ جاندار آهي، مگر ڪنهن به
تاريخي شهادت جي موجودگيءَ کان سواءِ ان قياس کي
ڪيئن قبول ڪري ٿا سگهون.“
هن کان پوءِ صفحي 20 کان وٺي 60 تائين سانگي جي
سوانح حيات ڦهليل آهي، جنهن ۾ سانگي مرحوم جي
زندگي، شخصيت ۽ ڪلام تي عالمانه انداز ۾ بحث ڪيل
آهي. ڪتاب جي وڌيڪ خوبي ۽ پرک پڙهڻ تي مدار رکي
ٿي. |