شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي
(وفات 1257هه-1841ع)
شيخ محدث محمد عابد بن احمد علي بن محمد مراد بن حافظ يعقوب بن
محمود انصاري جي ولادت سنڌ جي قديم ۽ سونهاري شهر
سيوهڻ ۾ ٿي، هن ابتدائي تعليم هتي ئي حاصل ڪئي.
سندن ڏاڏو وڏي علم ۽ فضل جو مالڪ هو. جيڪو مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ جي وڏي شاگردن مان هو ۽ سندس لقب
شيخ الاسلام هو. اهو بزرگ پنهنجي ٻين ويجهن عزيزن
سميت هتان سيوهڻ مان هجرت ڪري عرب ڏانهن هليو ويو.
شيخ محمد عابد، پنهنجي چاچي محدث حسين انصاريءَ
کان علم پرايو، ڪتب حديث جي سند، جنهن جو سلسلو
سنڌ جي عظيم محدث ابوالحسن ڪبير سنڌيءَ ڏانهن پهچي
ٿو، سا به پنهنجي چاچي کان ورتائين.
اليانع الجني ڪتاب جو مصنف شيخ محمد بن يحييٰ جيڪو شاهه
عبدالغني مجددي دهلويءَ جي واسطي سان شيخ محمد
عابد سنڌي انصاريءَ جي شاگرد جو شاگرد آهي، لکي ٿو
ته شيخ محمد عابد پنهنجي چاچي کان ۽ اهو پنهنجي
پيءُ شيخ الاسلام محمد مراد کان روايت ڪري ٿو ته
کيس خضر عليہ السلام ڪيترائي ڀيرا خرقو پهرايو هو
۽ ان جي ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. شيخ الاسلام
محمد يعقوب پنهنجي وفات وقت پنهنجي پٽ شيخ حسن
سنڌي کي چيو ته خضر عليہ السلام مون کان موڪلائڻ
آيو هو ۽ کيس مون اها وصيت ڪري ڇڏي آهي ته تنهنجي
مدد ڪندو رهندو ۽ اڄ توسان عصر جي نماز کان پوءِ،
جده جي جامعه شافعيہ ۾ ملندو ۽ کيس حضرت خضر عليہ
السلام جو هيءُ حليو ٻڌايائين، جنهن سان هو کيس
سڃاڻي ته ان جي ساڄي هٿ جي چيچ ٻاچ سان مليل
هوندي. شيخ محمد عابد چوي ٿو ته چاچي مون سان
ڳالهه ڪئي ته آئون مسجد ۾ ويس ۽ ٽن پهرن جي نماز
جماعت سان پڙهيم ۽ جڏهن ماڻهو ٽڙي، پکڙي ويا ته
آئون واپس پنهنجي منزل ڏانهن موٽيس ته مون کي هڪ
ماڻهو مليو، جيڪو ڏسيل پار پتن وارو هو، قد جو
ڊگهو هو ۽ رنگ ڪاراڻ تي مائل هوس. هو مون کي چوڻ
لڳو ته تنهنجي والد تو لاءِ مون کي وصيت ڪئي آهي.
شيخ حسين سنڌي چوي ٿو ته اهو ٻڌي مون ان جا هٿ
چميا ۽ سندس برڪت جو طالب ٿيس ۽ هو ڳالهه ڪندو هو
ته ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي جي ملاقات ٿيندي رهندي آهي.
والله اعلم.
شيخ محمد عابد سنڌيءَ جو چاچو شيخ حسن سنڌي حديده ۾ وفات ڪري
ويو ۽ ڏاڏو جده يا ان جي ويجهو وفات ڪري ويو.
سنڌ جو هيءُ گهراڻو اصل کان علم ۽ خير سان شهرت رکندڙ هو، شيخ
محمد عابد، يمن جي علمي مرڪز زبيد ۾ سڪونت اختيار
ڪئي ۽ اتي جي وڏن عالمن ۽ حجاز جي متبحر شيوخ کان
به علمي استفاده ڪيو، سندن گهڻي رهائش زبيد شهر ۾
هوندي هئي، ان ڪري علامہ ساباطي پنهنجي فهرست ۾
محمد عابد سنڌي کي زبيد جي عالمن ۾ شمار ڪيو آهي.
هو يمن جي دارالطلسنت صنعاءَ ۾ آيو ۽ اتي عمر جو
گهڻو ڀاڱو رهائش اختيار ڪيائين، اتي جي امام والي
يمن جو شاهي طبيب ٿي رهيو ۽ ان جي وزير جي ڌيءَ
سان شادي به ڪيائين.
هن سنڌي بزرگ عالم کي يمن جي امام وٽ اها مقبوليت حاصل ٿي جو هڪ
ڀيري ان جي طرفان مصر ڏانهن سفير بنجي ويو ۽ مصر
جي والي کي يمن جي امام جو هڪ هديو ۽ سوکڙي
پهچايائين. انهيءَ طرح هن سنڌي محدث جي مصر جي
والي سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ مصر جو حاڪم هن جي علم
۽ فضل کان واقف ٿيو.
شيخ محمد عابد سنڌيءَ کي مديني منوره ۾ رهائش جو ڏاڍو خيال
رهندو هو ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن اتي ئي گهارڻ ٿي
گهريائين، هڪ ڀيري هو مديني منوره ۾ انهيءَ خيال
سان آيو ۽ اتي رهي وعظ و نصيحت به ڪندو رهيو ۽
فقراءَ کي خير، خيرات به چڱو ڏيندو رهيو. هن جي
وعظ کان اتي جا ڪي ماڻهو خوش نه هئا، ڇوته اهي
پراڻين رسمن کي ڇڏي نٿي سگهيا ۽ شيخ محمد عابد
سنڌي کين حق جو ڪلمو ٻڌائيندو رهندو هو. نيٺ
اختلاف ايڏو وڌي ويو جو شيخ محمد عابد سنڌيءَ کي
وري موٽي پنهنجي ماڳن تي اچڻو پيو.
شيخ محمد عابد سنڌيءَ کي هن کان وڌيڪ تڪليف حديده يمن ۾ پهتي،
جڏهن اتي جي قاضي سيد حسين بن علي حازمي، جيڪو
زيدين جو پوئلڳ هو. ان اهو حڪم ڪڍيو ته فجر جي
اذان ۾ ”الصلواة خير من النوم“ جي جاءِ تي ”حي علي
خير العمل“ چيو وڃي. هو ”الصلواة خير من النوم“ کي
بدعت خيال ڪندو هو، جنهن کي حضرت عمر رضي الله عنہ
پنهنجي دورِ حڪومت ۾ جاري ڪيو هو. اتي جا ماڻهو
قاضيءَ جي انهيءَ حڪم کي مڃڻ کان نابري واري ويٺا،
جنهن تي قاضي صاحب کي ڪاوڙ وٺي وئي، تنهن ڇا ڪيو
جو اچي ماڻهن تي سختي شروع ڪيائين، حنفي خيال جي
چاليهن ماڻهن کي لوهيون ڪڙيون وجهائي قيد ڪيائين ۽
وڌيڪ تڪليف پهچائڻ لاءِ انهن جي گردنن ۾ لوهه جا
ڳرا ڳٽ وجهرايائين ۽ جن انهن جي ڪا سفارش پئي ڪئي،
ته انهن کي به سوگهو ٿي ڪيو ويو. ڇهه ڏينهن انهن
کي سخت جيل ۾ رکيائين، پوءِ شيخ محمد عابد سنڌيءَ
کان سواءِ ٻين سڀني کي قيد مان تڙي ڪڍيائين ۽ شيخ
محمد عابد سنڌيءَ کي سخت مار ڏياري حديده مان تڙي
ڪڍيائين. جڏهن جلاد لڪڻ هڻي رهيو هو ته قاضي ان کي
هن طرح ٿي چيو ته هي مجرم پنهنجي انهيءَ بدعت ۾
ايڏو مضبوط آهي جو هن کي صفا ماري ڇڏڻ به مباح آهي
۽ هن جو مال و دولت ڦرڻ به مباح آهي. اتان شيخ
محمد عابد سنڌي وري پنهنجي وطن سنڌ واپس وريو ۽ سڀ
کان اڳ پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان ثاني جي زيارت
لاءِ لواريءَ ۾ آيو ۽ اتي ڳچ راتيون رهيو. کيس عرب
جي شوق وطن ۾ وڌيڪ رهڻ نه ڏنو ۽ ستت ئي مديني
منوره پهچي ويو، کيس مصر جي حاڪم طرفان مدينہ
منوره جي عالمن جو رئيس ۽ سردار بڻايو ويو ۽ اتي
تصنيف، تاليف، تدريس علم جي اشاعت ۽ وعظ و نصيحت ۾
وفات تائين مشغول رهيو.
ڪتاب ”نيل الاوطار“ جو مصنف ۽ شيخ محمد بن محمد، علامہ محمد
عابد سنڌيءَ کي ”الشيخ محمد عابدين المڪي“ جو نالو
ڏئي کيس شيخ، علامہ ۽ حافظ جي لقبن سان ياد ڪري
سندس نسب هن طرح لکي ٿو: محمد عابد بن ابن شيخ
احمد بن علي بن محمد بن مراد ايوبي، انصاري، سندي،
مڪي. هن غلطيءَ جو اصل ڪارڻ اهو آهي جو عربيءَ ۾
هڪ ماڻهوءَ تي ٻه نالا نه هوندا آهن. ان خيال کان
محمد عابد کي محمد بن عابد خيال ڪيو ويو آهي ۽
”احمد علي“ کي احمد بن علي ڄاتو ويو آهي.
ان کان پوءِ نيل الاوطار جو مؤلف لکي ٿو ته (شيخ محمد عابد) جو
شاگرد عاڪش حمدي پنهنجي استاد جو احوال هن طرح
بيان ڪري رهيو آهي.
امام نظار، حرم مڪي ۽ مدني جي درس جو اڳواڻ، گهڻو زمانو صنعاءَ
۾ رهيو ۽ منصور علي بن مهدي عباس کان چڱي دولت
حاصل ڪيائين. تهائم ۽ يمني حبلن ۾ سياحت ڪندو رهيو
۽ شيخ، صنعاءَ جي عالمن جي وڏي واکاڻ ڪندو هو ۽
فرمائيندو هو ته آئون ملڪن ۾ گهمندو رهيس، علوم ۽
احاديث جي تحقيق ۽ عمل لاءِ صحيح نص جي ڳولا ۾
صنعاءَ جي عالمن جهڙو مون ٻئي ڪنهن کي نه ڏٺو.
شيخ ”جحاف“ علامہ محمد عابد سنڌيءَ جو پڙهڻ ۾ رفيق رهيو آهي.
اهو شيخ محمد عابد لاءِ هن طرح لکي ٿو:
اسان ٻنهي گهڻو عرصو گڏ گذاريو ۽ شيخ بدر شوڪاني وٽ پڙهڻ ۾ به
گڏ هئاسين ۽ سن1216هه ۾ گڏ حج ڪيوسين ۽ اتي جي
شيوخ سان ملاقات ڪئي سون، امام الحرمين صالح محمد
بن فلاني، مغربي کان اجازت ورتي ۽ مون حرمين جي
امام کي ڏٺو ته اهو شيخ محمد عابد سنڌي جي وڏي عزت
ڪندو هو ۽ کيس پنهنجي جاءِ جي ويجهو وهاريندو هو،
ڇوته کيس حديث جي ڪتابن سان چاه هوندو هو ۽ اسان
جو هي رفيق (محمد عابد سنڌي) صحيح بخاري سان مشغول
رهندو هو ۽ ان مان دليل وٺڻ لاءِ تلاش ڪندو هو.
کيس ماڻهن ۾ وڏي عزت هئي ۽ صحيح بخاري جي ان کي
پوري ڄاڻ هئي. هن صحيح بخاري جي مڪرر حديثن بابت
هڪ بهتر ۽ عجيب ڪتاب لکيو، جيڪو ماڻهن ۾ ڏاڍو
مقبول پيو، ڪتاب جو نالو ”منحة الباري بمکررات
البخاري“ رکيائين ۽ مصنف جي حياتيءَ ۾ ئي ماڻهون
کانئس ان ڪتاب کي نقل ڪري ويا.
نوٽ: هن راقم احقر کي سن1963ع ۾ حرمين جي زيارت نصيب ٿي ۽ اتي
مديني منوره ۾ حرم جي ڪتب خاني ۾ مٿيون ڪتاب ”منحة
الباري“ مصنف جي خط سان لکيل نظر مان گذريو، جو
المنجد جي سائيز ۽ ٿولهه جيترو آهي.
شيخ جحاف وڌيڪ لکي ٿو ته شيخ محمد عابد سنڌي صحاح ستہ جي سڀني
ڪتابن کي هڪ جلد ۾ لکيو هو ۽ فتح الباري شرح صحيح
البخاري کي به هڪ جلد ۾ لکيو هئائين ۽ جڏهن حديث
جي ڇهن ئي ڪتابن کي لکي پورو ڪيائين ته ان خوشيءَ
۾ هڪ دعوت ڪيائين، جنهن ۾ چونڊ ماڻهن کي مدعو ڪيو
ويو. فتح الباري جي پوري ڪرڻ وقت به اهڙي دعوت ڪئي
هئائين. امام منصور کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، ان عزت
هوندي به جڏهن حج جا ڏينهن ويجها ايندا هئا ته بيت
الله جي سفر کان پوئتي نه پوندو هو، تهائم ۽ جبال
جو سير ڪندو رهندو هو. سندس مجلس عالمن جو آماجگاه
هوندي هئي، گهڻن فائدن جو صاحب ۽ بيمارن جو پناه
گاه هوندو هو، وڏو حاذق حڪيم هو، سندن علاج ۾ وڏي
شفا هئي.
شيخ محمد عابد سنڌي پهريون عالم آهي، جنهن يمن ۾ طب جو ڪتاب
تحفة المؤمنين آندو ۽ فرمائيندو هو ته اهو هن علم
۾ نهايت متين ۽ عمدو ڪتاب آهي، جنهن جهڙو هن فن ۾
ٻيو ڪوبه ڪتاب نه آهي ۽ اسان کي ٻڌايائين ته هن
ڪتاب جي مؤلف ان کي فارسي ۾ لکيو هو، ڪيترن سالن
کان پوءِ اهو عربي ۾ ٿيو. هن مفردات ۽ مرڪبات ۾
خاص التزام ڪيو آهي. تجربي ۾ اڳين حڪيمن جي تقليد
۽ پوئلڳي نه ڪئي اٿس، پر جنهن نسخي کي پاڻ آزمايو
اٿس، ان کي مجرب لکي ٿو ۽ جيڪو آزمايل نه اٿس، ان
لاءِ لکي ٿو ته هن کي اڳين حڪيمن آزمايو آهي يا
انهن مجرب سڏيو آهي يا ان جهڙي ٻي عبارت لکندو
آهي.
مهيني جمادي الاخري سن1220هه ۾ شيخ محمد عابد سنڌي جو سيف
الاسلام احمد بن منصور ڏانهن لکيل خط پهتو، جنهن ۾
هن امام کي خواب ۾ ڏسڻ جو قصو بيان ڪيو آهي، ان کي
تفصيل سان شيخ جحاف درر نحور العين ڪتاب ۾ آندو
آهي ۽ اهو به لکيو اٿس ته مهيني ربيع الاول
سن1123هه ۾ شيخ محمد عابد سنڌي مصر کان صنعاءَ
واپس آيو. عاڪش لکيو آهي ته شيخ محمد عابد سنڌي
زندگيءَ جا آخري ڏينهن مدينه نبويہ ۾ رهيو ۽ اتي
ئي سن1257هه ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجا سمورا ڪتاب
حرم مڪي کي وقف ڪيائين.
قاضي محمد بن علي شوڪاني ”البدر الطالع“ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته شيخ
محمد عابد سنڌي سندس چاچي سان گڏ ”بندر حديده“
پهتو، هن جو چاچو علم طب ۾ مشهور هو، ٻين علمن ۾
به کيس مهارت هئي. شيخ محمد عابد سنڌيءَ کي به علم
طب ۾ وڏي دسترس هئي، نحو، صرف، فقہ حنفي ۽ اصول
فقہ ۾ کيس مضبوط معرفت ۽ ڄاڻ حاصل هئي. ٻين علمن ۾
به کيس چڱي مهارت حاصل هئي، سندس سمجهه صحيح ۽ تيز
هئي، کيس وقت جي خليفي مولانا امام منصور بالله
”حديده“ مان پاڻ وٽ گهرايو، ڇوته هن جي علم طب ۾
وڏي شهرت هئي، هو امام جي بارگاهه ۾ پهتو ۽ اتي
ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت سندس دوائن مان فائدو
پرايو. هو ”صنعاءَ“ ۾ سن1213هه ۾ پهتو، مون وٽ به
ايندو ويندو هو ۽ مون وٽ ”هداية الابهري“ ۽ ان جي
شرح ميبذي حڪمت ۾ پڙهيو. هي ڪتاب جيتوڻيڪ دقيق ۽
اوکو آهي، جو ڪيترا چونڊ عالم ۽ گهڻي فتويٰ جا
ماهر درس وقت حاضر ٿيندا هئا، پر اهي گهڻو ڪري هن
متن ۽ شرح کي سمجهي نه سگهندا هئا ۽ باقي شيخ محمد
عابد سنڌي هن کي تمام سٺو سمجهندو هو. امام، شيخ
محمد عابد کي گهڻو انعام اڪرام ڏنو ۽ سندس وظيفو
به مقرر ڪيو، کيس پوشاڪ عطا ڪئي ۽ سندس وڏي عزت
ڪئي، هو انهيءَ سال ئي شوال مهيني ۾ موٽي ”حديده“
بندر ويو، ان کان پوءِ امام منصور جي ڏينهن ۾ گهڻو
ايندو ويندو هو. امام مهدي، مصر جي محمد علي باشا
ڏانهن شيخ محمد عابد کي سوکڙيون ڏئي سفير ڪري
اماڻيو ۽ اهو سن1232هه جو واقعو چيو وڃي ٿو. شيخ
محمد عابد سنڌي مصر مان موٽڻ کان پوءِ اسان کي
ٻڌايو ته مصر ۾ علم جا آثار ميٽجي ويا آهن، رڳو
تقليد ۽ تصوف وڃي رهيو آهي.
شيخ محسن بن يحييٰ پنهنجي تاليف ”اليانع الجني“ ۾ لکي ٿو ته شيخ
محمد عابد سنڌي پنهنجي تصنيفات مان وڏا ۽ ننڍا
گهڻا ئي ڪتاب ڇڏيا آهن، جيڪي وڏا مفيد آهن. جيئن:
المواهب اللطيفہ علي مسند الامام ابي حنيفہ. هن ۾
ان حصڪفي جي روايت تي اقتصار ڪيو آهي.
نوٽ: هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو مولانا محدث، حافظ پير محب الله
شاه درگاهه شريف جهنڊي جي علمي لائبريري ۾ ٻن جلدن
اندر موجود آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مصنف جو
پنهنجو خط آهي. هن نسخي جي مون زيارت ڪئي آهي، خط
سٺو نه آهي، سٽون سوڙهيون رکيون ويون آهن. سنڌي
ادبي بورڊ وارا هن نسخي کي نقل ڪرائي رهيا آهن.
خلافت ڌڻي حضرت پير رشدالله صاحب العلم کان روايت
آهي ته المواهب اللطيفہ، حافظ ابن حجر عسقلاني جو
ڪتاب آهي، پر افسوس جو اڃان تائين نه ڇپيو آهي.
ٻيو ڪتاب طوالع الانوار شرح در المختار آهي. هي ڪتاب بسط سان
لکيو ويو آهي، هن ۾ حنفي امامن جي فروع کي گهڻو
سميٽيو ويو آهي، واقعات ۽ فتاوائن جي مسئلن کي پڻ
هڪ هڪ ڪري هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي.
نوٽ: هن ڪتاب جا دنيا ۾ ٽي نسخا چيا وڃن ٿا، هڪ ته مصنف جي هٿ
جو لکيل نسخو، جيڪو لواري شريف ۾ هو ۽ هاڻي غائب
آهي، ٻيو نسخو مغربي جرمني جي لائبريريءَ ۾ محفوظ
آهي ۽ ٽيون نسخو مديني منوره جي مولانا مظهر
سهارنپوري جي ڪتب خاني ۾ هو، جو هاڻي ان جي اولاد
۾ ڪتابن جي تقسيم ڪري هن ڪتاب جا جلد به ورهائجي
ويا آهن. ڪن فهرستن مان معلوم ٿئي ٿو ته جامع ازهر
۾ به هن بلند پايه ڪتاب جو قلمي نسخو موجود آهي،
جيڪو تحرير المختار جي صاحب علامہ رافعي جي ڪتابن
سان گڏ جامع ازهر ۾ وقف ڪيو ويو هو. هي ڪتاب
جيڪڏهن ڇپجي وڃي ته پوءِ علامہ شامي جي ڪتاب رد
المختار کي ڪو پڇندو به ڪونه.
هن بزرگ جو ٽيون ڪتاب ”شرح تيسير الوصول“ حافظ شيباني آهي، هن
شرح ۾ ڪتاب الحدود جي حرف حاءَ تائين پهتو هو.
سندس هڪ چوٿون ڪتاب اسناد ۾ حضر الرشاد في اسانيد
محمد عابد به آهي، جنهن کي هن بندر ”مخا“ ۾ مهيني
رجب سن1240هه ۾ لکي پورو ڪيو.
نوٽ: هن ڪتاب جو به قلمي نسخو پير جهنڊي جي علمي لائبريريءَ ۾
درگاهه شريف ۾ موجود آهي. شيخ محسن لکي ٿو ته
ڳالهه ٿا ڪن ته شيخ محمد عابد سنڌي، حافظ ابن حجر
عسقلاني جي ڪتاب بلوغ المرام جي شرح به لکي هئي،
جنهن کي پورو نه ڪيائون.
نوٽ: هن شرح جو قلمي نادر نسخو جنهن جو ٻئي ڪنهن ڪتبخاني ۾ پتو
نه ٿو پوي ۽ نڪي مون کي مديني منوره جي ڪتب خانن ۾
ڏسڻ ۾ آيو، سو پير جهنڊه جي علمي ڪتب خاني ۾
مولانا الحاج پير وهب الله شاهه صاحب، صاحب العلم
وٽ موجود آهي، جو برابر اڻ پورو آهي، پر جيترو
لکيو ويو آهي سو به ڪافي وڏو آهي.
پنجون ڪتاب شرح مسند الامام الشافعي آهي، جو ضخيم ٻن جلدن ۾
آهي، هن جو علامہ زاهد ڪوثري، مسند امام شافعي
مرتب شيخ محمد عابد سنڌي جي مقدمہ ۾ ذڪر ڪيو آهي،
پر افسوس جو علامہ ڪوثريءَ کي به هن جو رڳو هڪ جلد
مدينه منوره ۾ ڏسڻ ۾ آيو ۽ ٻيو جلد غائب آهي.
ڇهون ضخيم ڪتاب منحة الباري آهي، جنهن جو هن مضمون ۾ اڳ بيان ٿي
چڪو آهي، اهو ڪتاب احقر راقم مديني منوره جي حرم
جي ڪتبخاني ۾ ڏٺو جو المنجد جي سائز جو ضخيم ڪتاب
آهي، جنهن مان عرب و عجم جي عالمن وڏو فائدو ورتو
آهي ۽ انهيءَ موضوع تي انهن تاليفون ڪيون آهن. شيخ
محمد عابد جا ڪي ٻيا به رسالا پير جهنڊي جي علمي
ڪتب خاني ۾ ڏسڻ ۾ آيا، جن مان ڪن کي مشڪوڪ ٻڌايو
ويو آهي. والله اعلم. شيخ محسن لکي ٿو ته منهنجي
نظر مان شيخ محمد عابد سنڌي طرفان وقف ڪيل مختلف
فنون جا ڪتاب نظر مان گذريا، جيڪي اکين جو ٺار
آهن، جن مان گهڻن عالمن نفعو پرايو آهي. نزهة
الخواطر ج7 ۾ ”بحر النفائس“ ڪتاب مان شيخ محمد
عابد سنڌي جو هڪ عربي شعر مخمس آندو ويو آهي، جو
نهايت عمدو شعر آهي. ان ۾ يمن جي هڪ امام جي ابيات
جي تخميس ڪئي وئي آهي. مخمس هي آهي:
يا من يحل وثاق ارباب الهوي
اشجي فؤادي ما لقيت من الجوي
وحشاسة ذابت و صبري ذي هوي
و حمامة غنت علي فنن اللوي
فغدا يسيل دمي من الاماق
يا من احيلاه يعود زمرذ
باتت تجسس عليہ کل ملذذ
وتميس عجبا فقوہ يتلذذ
تشدو وقد خلصت من القفص الذي
قد قيدت فيہ عن الاطلاق
فشفت بهاتيک اللحون عليها
ورثت بمهجة مبتلي يرثي لها
مذ رجعت في مسمعي تعليلها
ناديتها لما سمعت هديلها
يا ذات طوق نحن في الاطواق
قالت تسليني کلاما في الحلي
فاصبر لتنظر لطف مولاک العليٰ
فاجتبها والجفن من دمعي ملي
لي منک مابک يا حملة فاسالي
من حل قيدک ان يحل وثاقي
شيخ محمد عابد سنڌي ڏينهن سومر تاريخ سترهين مهيني ربيع الاول
سن1257ع ۾ وفات ڪري ويو، کيس بقيع جي قبرستان ۾
حضرت عثمان بن عفان رضي الله عنہ جي دروازي جي آڏو
دفن ڪيو ويو.
نوٽ: اهو درازو حضرت عثمان رضي الله عنہ جي قبي جو هو، جو هاڻي
نه رهيو آهي. سعودي حڪومت سڀ قبا ڊهرائي ڇڏيا آهن.
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
(ولادت 1162هه-1748ع - وفات 1225هه-1810ع)
مخدوم محمد ابراهيم ابن مخدوم عبداللطيف ابن مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي جي ولادت سندس ڏاڏي بزرگوار علامہ، محدث ۽
فقيهه مخدوم محمد هاشم جي زندگيءَ ۾ ئي ٺٽي ۾
سن1162هه ۾ ٿي، هن جي تعليم۽ تربيت پنهنجي علمي
گهراڻي ۾ ٿي، هن جي تيرهن سالن جي عمر تائين ته
مخدوم محمد هاشم رحه پڻ جيئرا هئا. اها عمر به چڱي
سمجهه واري آهي، هن ساري تعليم سندس والد بزرگوار
مخدوم عبداللطيف رحه کان پرائي. مخدوم عبداللطيف
جي علمي قابليت ۽ تبحر لاءِ ان جو ڪتاب ”ذب ذبابات
الدراسات“ وڏي شهادت طور موجود آهي.
مير خليل تڪملہ مقالات ۾ مخدوم محمد ابراهيم (مڏئي مرقد) جي
عنوان هيٺ لکي ٿو ته ڪاتب الحروف (مير خليل) جي
ناني جو پيءُ هو، علوم ۾ يگانه روزگار هو ۽ ارشاد
۾ پڻ وقت جو برگزيده بزرگ هو، سندن زماني ۾ ڪوبه
انهن جهڙو سنڌ ۾ نه ٿيو. ڪشف، ڪرامت جو مالڪ هو،
سندن حالات ۾ ميان محمد امين ڇترائي جو مستقل
رسالو آهي، سندن خليفا به گهڻائي آهن، پر سندن
مريدن جو تعداد ٻه لک آهي. مريدن جي دعوتن تي
نڪرندا هئا، هر شهر يا هر ديهه ۾ جتي به ايندا هئا
ته اتي مريد گڏ ٿيندا هئا ۽ جيڪي کانئن تلقين
وٺندا هئا، انهن جا نالا لکيا ويندا هئا. هن فقير
(مير خليل) انهن ڪاغذن مان ڪن لسٽن کي ڏٺو ۽ پڙهيو
آهي.
ڪتاب مونس المخلصين جو مصنف لکي ٿو ته: مخدوم محمد ابراهيم ابن
مخدوم عبداللطيف ابن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪامل
ولين ۽ راسخ عالمن مان هو. طريقت ۾ خواجه صفي الله
ڪابلي (وفات سن1212هه) جو مريد هو. بلند مقامات تي
پهتل هو، حضرت خواجہ صاحب، کيس پوري خلافت عطا ڪئي
هئي. ڪتاب ”عمدة المقامات“ ۾ جابجا سندن ذڪر خير
آيو آهي، محمد امين سنڌي سندن فضائل ۽ مناقب ۾
مستقل رسالو لکيو آهي. سندن ولادت سندس ڏاڏي جي
زندگيءَ ۾ سن1162هه ۾ ٿي ۽ وفات سن1225هه ۾ ڪڇ جي
مڏئي بندر ۾ ٿي. سندس مزار تي عاليشان قبو اڏايل
آهي.
مخدوم محمد ابراهيم صاحب پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمد هاشم رحه وانگر
هڪ وڏو مؤلف ۽ مصنف به آهي، سندس عربي عبارت ۾ به
وڏي رواني آهي، ڇوته هڪ پاسي سندس تربيت خالص علمي
گهراڻي ۾ ٿي ته ٻئي پاسي عرب ملڪن ۾ به گهڻو
گهمندو رهيو. ان ڪري سندس عربيت کي اصليت جو رنگ
اچي ويو. هن بزرگ کي جيڪڏهن سندس ڏاڏي مخدوم محمد
هاشمم جهڙو سڪون ۽ اطمينان حاصل هجي ها ته جيڪر
اسان لاءِ تاليفي ذخيرو گهڻو ڇڏي وڃي ها، پر افسوس
جو کيس سڪون نه مليو. ان دور ۾ ٺٽو علمي لحاظ کان
اجڙي ويو هو، ملڪ جي حڪومت به ڪمزور ٿي وئي هئي،
ان ڪري مخدوم محمد ابراهيم صاحب جي ڪابه قدرداني
نه ٿي سگهي، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن ڪٿي ڪشالا ڪڍندو
رهيو. ويتر جو نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿي ورد وظيفا
پڙهي ۽ ٻئي رياضتون ڪري پنهنجي صحت به وڃائي ويٺو
هو. اها ڳالهه به سندس آڏو حائل ٿي، پر تڏهن به
سندس تصنيف سندس همعصرن مان مخدوم عبدالواحد
سيوهاڻي کي ڇڏي باقي ٻين سڀني کان گهڻي آهي. پير
جهنڊه جي لائبريري، سيد حسام الدين راشدي جي ذاتي
لائبريري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبريري ۽ مدرسہ
مظهر العلوم کڏه ڪراچيءَ جي ڪتب خاني ۾ مخدوم محمد
ابراهيم صاحب جي اڪثر تصنيف موجود آهي، ان جو ڏسڻ
سان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مخدوم صاحب گهڻو
ئي علمي سرمايو ڇڏي ويو آهي. انهن ڪتابن جي پوري
لسٽ سيد حسام الدين شاهه صاحب راشدي، تڪمله مقالات
جي حواشي ۾ ڏني آهي. اسان وٽ مخدوم محمد ابراهيم
صاحب جي تصنيفات مان هيٺيان رسالا موجود آهن، جيڪي
اسان کي پنهنجي دوست صميم قاضي فتح الرسول نظاماڻي
کان هٿ آيا هئا، انهن مان ڪن جو مختصر بيان
معلومات لاءِ هت ڏجي ٿو:
1- تهذيب البيان في اجوية اسئلة وحيد من اکابر الاخوان والخلان
(عربي) هن رسالي جي مقدمي ۾ حمد صلواة کان پوءِ
مخدوم صاحب لکي ٿو ته ڪن مشهور عالمن وٽان مون وٽ
ڪي سوال پهتا، مون کي سندن حڪم جي تعميل کان سواءِ
ٻي ڪابه صورت نه هئي، ان ڪري قلم کنيم ۽ جڏهن ته
”تهذيب البيان“ جا ابجد جي خيال کان عدد 1211 هئا،
جنهن مان هن رسالي جي سن تاليف جي سڌ پئي ٿي، ان
ڪري رسالي جو نالو ئي تهذيب البيان رکيم.
هنن پهتل سوالن مان پهريون سوال نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي
نور بابت آهي ته ڇا اهو قديم آهي؟ جنهن جي هن حديث
۾ صراحت آيل آهي ته: ”کنت نورا بين يدي الله
تعاليٰ“ الخ ۽ ٻي حضرت جابر رضي الله عنہ جي حديث
آهي ته: ”نور کي پيدا ڪيو. الخ“ هنن کان سواءِ ٻئي
به اوهان کي معلوم هونديون، جن مان صراحت يا اشاري
سان اهو مقصد نڪري ٿو، يا اهو ذات نبوي ۾ ڪيئن
گهڙي ويو. هوڏانهن قديم ته حادث ۾ حلول نه ڪندو
آهي،جيئن اهو مسئلو علم ڪلام ۾ ثابت ٿيل آهي، پر
جيڪڏهن قديم آهي ته پوءِ ”خلق“ ان لاءِ ڪيئن اندر
ويو؟ ان طرح اهو سوال ڊگهو هليو ويو. هن سوال جو
جواب هڪ صفحي ۾ ڏنل آهي. ٻيو سوال آهي حضرت خضر ۽
حضرت موسيٰ عليهما السلام بابت ته صحيح بخاري جي
حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت خضر کي موسيٰ کان
وڌيڪ علم هو، ٻئي پاسي هڪ ٻي روايت آهي، جنهن مان
ائين معلوم نه ٿو ٿئي. هن سوال جو جواب ٻن وڏن
صفحن ۾ آيل آهي.
هن ۾ ٽيون سوال هڪ فقهي مسئلي بابت آهي ته فرج جي رطوبت پاڪ آهي
يا پليت، ان سان وضو ڀڄندو يا نه؟ چوٿون سوال آهي
ته تشهد کان پوءِ پوئين قعده ۾ مختصر صلواة پڙهي
سلام ڦيريائين ته ڪافي آهي يا نه؟ پنجون سوال آهي
ته وتر نماز ۾ ڪنهن شافعي مذهب امام جي پويان
اقتدا ڪرڻ بابت. هنن سوالن جا جيڪي علمي جواب ڏنا
ويا آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن.
2- الاجازة للطريقة النقشبندية: هي ننڍڙو رسالو عربيءَ ۾ فل
سڪيپ سائيز جي ڇهن صفحن ۾ ڦهليل آهي، جنهن ۾ مخدوم
محمد ابراهيم ٺٽوي پنهنجي هڪ مريد ۽ خليفي سيد
قاسم بن سيد علي بن سيد محمد اسڪافيءَ کي طريقه
نقشبنديه جي اجازت عطا ڪئي آهي. سيد قاسم لاءِ
عربيءَ ۾ وڏا القاب آندا اٿن، هن جي پڙهڻ مان
معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جو روحاني فيض نه رڳو
سنڌ ۾ ڦهليل هو، پر ٻاهر به پکڙيل هو. ڇوته هي سيد
صاحب عرب ٿو معلوم ٿئي.
هن رسالي ۾ مخدوم ابراهيم ٺٽوي ٻڌايو آهي ته کيس باطني فيض ۽
خلافت شيخ الحاج محمد صفي الله کان ملي ۽ شيخ صفي
الله سرهندي لاءِ لکي ٿو ته کيس بيت الله ۾ حق
تعاليٰ طرفان آدم صفي الله جو خطاب مليو ۽ کين
پنجن طريقن سان نسبت هئي: نقشبنديہ، قادريہ،
سهرورديہ، ڪبرويہ ۽ چشتيہ. خواجہ صفي الله کي سندس
والد خواجه غلام محمد کان فيض مليو، هن کي قطب وقت
خواجہ محمد اسماعيل کان ۽ ان کي سندس پيءُ شيخ
خواجہ محمد صبغت الله کان ۽ خواجہ صبغت الله
پنهنجي والد امام محمد معصوم کان خرقو حاصل ڪيو ۽
ان پنهنجي والد مجدد الف ثاني امام رباني شيخ احمد
سرهندي کان فيض پرايو. اهي سڀ سندون هن رسالي ۾
آيل آهن.
آخر ۾ ذڪر جا طريقا پڻ بيان ٿيل آهن ۽ هن سلسلي ۾ پنهنجي خليفي
کي ڪي هدايتون به ڪيون اٿس، هن رسالي جي اختتام
کان پوءِ سندن اها مناجات به ڏنل آهي، جنهن کي
مخدوم ابراهيم صاحب روضه نبوي جي آڏو پڙهيو آهي،
اها مناجات اڳ ۾ ماهنامه الرحيم (سنڌي) جي ڪنهن
اشاعت ۾ ڇپجي ويئي آهي.
3- توثيق الاسباق في مسالة الصداق (عربي) هي رسالو مدينہ منوره
۾ لکيو اٿن ۽ اتي پاڻ سن1211هه ۾ رمضان جي پوئين
ڏهين ۾ اعتڪاف اندر ويٺا هئا، جو وٽن خليفہ محمد
بن علي الزرافي (هي به عرب آهي) وٽان نڪاح ۾ مهر
بابت سوال پهتو، ان جي جواب ۾ هي رسالو فل اسڪيپ
سائيز جي 13 صفحن تي ڦهليل عربيءَ ۾ لکيائون.
رسالي تي اهو نالو به تاريخي آهي، جو ابجد مواقف
نالي مان تاليف جو سن نڪري ٿو.
4- دماج المغنم (عربي) هي رسالو فل اسڪيپ سائيز جي 9 صفحن تي
ڦهليل آهي، هن ۾ کانئن هڪ سوال پڇيو ويو آهي، ان
جو جواب ڏنو اٿن. سوال هي آهي ته کوسه ۽ بلوچ ۽
انهن جا حمايتي جوڌپور ۽ ان جي آس پاس تي حملا
ڪندا رهندا آهن، اتي ماڻهن کي ماريندا آهن، انهن
جي عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪري زوري کڻي ايندا آهن،
ڇا ائين ڪرڻ کين مباح آهي ۽ اهي عورتون سندن
ٻانهيون ٿي سگهن ٿيون؟ ۽ ڦريل مال غنيمت ڳڻبو؟
مخدوم صاحب هن جو جواب هاڪاري ۾ ڏنو آهي ۽ انهن رياستن کي
دارالحرب سڏيو آهي ۽ ان لاءِ دلائل پيش ڪيا اٿس.
هن مسئلي ۾ ان وقت جو هڪ ٻيو وڏو عالم، مخدوم محمد
عثمان مٽيارين وارو، مخدوم ابراهيم ٺٽويءَ جي خلاف
راءِ رکي ٿو ۽ انهيءَ ڦرلٽ کي ناجائز سڏي ٿو. هن
بابت ٻنهي عالمن جو هڪ ٻئي سان تحريري مناظرو به
رهيو آهي، رسالي جي آخر ۾ مخدوم ابراهيم ٺٽوي هڪ
عربي قصيدو لکي، مخدوم محمد مٽيارين واري جي گهڻي
هجو رکي، ديني حميت جي جوش ۾ ڏاڍا نازيبائتا جملا
ڪتب آندا اٿس.
5- هي رسالو تعذذ ازدواج بابت لکيو اٿن ۽ چئن کان مٿي زالن رکڻ
کي حرام ۽ ناجائز ثابت ڪيو اٿن، هي رساو راقم
طرفان ”المتانة في مرمة المتامة“ (فتاويٰ بوبڪائي)
ايڊت ڪيل ڪتاب جي حاشيہ تي ڇپجي ويو آهي، رسالي جي
پڙهڻ مان معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهو حضرت پير روضي
ڌڻي جي مسلڪ خلاف لکيو ويو آهي، نالو نٿا وٺن پر
اشارو ڪري ويا آهن.
6- الجفر الجعفري: هي عربيءَ ۾ ننڍڙو رسالو علم جفر تي لکيل
آهي. رسالو اهڙو ته عمدو لکيو اٿن جو ڪوزي ۾
درياءَ کي بند ڪري ڇڏيو اٿن. |