رسالو غلام محمد خانزئي جو
اڄ کان ويهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته مرحوم مغفور شمس العلماءَ
عمر بن دائود پوٽي جي ذاتي ڪتب خاني ۾ شاهه جي
مختلف قلمي رسالن کي ڏسندي مولوي غلام محمد خانزئي
جي رسالي تي به نظر پيئي. سُرن جي رٿا ۽ بيتن جي
بيهڪ مان هر ڏسندڙ کي اهو گمان ٿيندو ته اهو به ڪو
شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو آهي، جنهن کي غلام
محمد خانزئي تيار ڪيو آهي، پر جڏهن اندران ڪي بيت
پڙهي ڏٺم ته معلوم ٿيو ته اهو رسالو مولوي غلام
محمد جو پنهنجو جوڙيل آهي، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب جي
پوئلڳي ۾ انهن سرودن تي ڪلام چيو اٿس، جن تي ڀٽائي
صاحب ڪلام چيو آهي.
مولوي غلام محمد خانزئي چوٽياريءَ واري بزرگ ميان عبدالحڪيم جو
شاگرد آهي ۽ ان جو سندس استاد وانگر راشدي طريقت
جي پير جهنڊي وارن جي شاخ سان لاڳاپو آهي. اها
معلومات اسان کي مولانا پير وهب الله صاحب العلم
کان ملي. هن وقت ساڳي نالي سان وڏي ميان عبدالحڪيم
جي اولاد مان عبدالحڪيم موجود آهي، جيڪو ڪيترن
سالن کان هجرت ڪري مديني منوره ۾ رهي ٿو ۽ ڪيترا
ڀيرا ساڻن نواب نور احمد خان مرحوم جي بنگلي تي
علمي ۽ ادبي ملاقاتون ٿيون آهن.
هن رسالي بابت مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب زباني طرح به مون کي
ٻڌايو هو ته اهو رسالو ۽ ڪجهه ٻيا رسالا جيڪي پڻ
مولوي غلام محمد خانزئي جا جوڙيل آهن، سي کين پير
جهنڊي (درگاهه شريف) مان عاريت طور مليا هئا. اهڙي
خبر مولانا پير محب الله شاهه، درگاهه شريف وارن
پڻ مون سان ڪئي هئي. تحقيق اهو مجموعو اهوئي آهي،
جنهن جي مرحوم ڊاڪٽر ڄاڻ ڪئي هئي.
هن رسالي جي سرورق تي گولائي جهڙن گلن جي وچ تي سرن جي هن طرح
وچور آيل آهي:
ڪلياڻ |
معذوري |
آسا |
پورب |
رامڪلي |
ڪاپائتي |
4 |
93 |
190 |
218 |
257 |
300 |
جمن |
دهانسري |
سورٺ |
ڪاموڏ |
بسنت |
گاتو |
14 |
343 |
199 |
225 |
354 |
308 |
سر راگ
29 |
|
پرڀاتي
208 |
ڪاربهل
232 |
امامن جو ڪيڏارو |
رنون
315 |
|
|
|
|
273 |
|
سامونڊي
38 |
بروءِ سنڌي
165 |
ڪيڏارو شيتہ |
کاهوڙي
240 |
ليلان
281 |
ماروي
326 |
|
|
248 |
|
|
|
سنهڻي |
بروو هندي |
|
|
|
|
53 |
173 |
|
|
|
|
آبڙي |
سارنگ |
هير |
رپ |
ڏهر |
ڍول مارئي |
69 |
180 |
214 |
250 |
289 |
360 |
هيءُ رسالو فل اسڪيپ سائيز جي پنن تي لکيل آهي ۽ هن طرح شروع
ٿئي ٿو:
شروع ڪلياڻ جو ٽري ساتانا آهي. جملي بيت ٽيهٽ آهن.
داستان پهريون، هن داستاني مي پنجويهه بيت آهن:
رب يسر و تمم بالخير
بسم الله الرحمٰن الرحيم
بيت (1)
سو ساراهه سچو ڌڻي صاحب رب ستار
جوڙي جوڙ جهان جي، هادي ري آڌار
نڪو آلو هٿ ۾، نڪا ڪسيرت ڪار
نفي مان اثبات ڪري سارو ٿي سيار
پاڻهي اپڻهار، پاڙهورو پاڻ ڪري
بيت (2)
جامع سڀ جهان، هو حقيقت هيڪڙي،
نڪو نالو نفعي جو نه اثباتي سبحان،
نڪو ڏوهه صواب هو، نڪو غير گمان،
شهودي جو شان مخفي معمورت مي
بيت (3)
نڪو انت عقل کان نڪا نهايت،
نڪا ڪمي ڪنز جي نڪا ڪفايت،
ويلو ولايت هيڪڙائي هيڪ هو.
هن کان پوءِ حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي هن طرح ثنا
۽ واکاڻ ڪري ٿو:
بيت (4)
مبتدا محمد هاشمي خبر مخلوقات،
خيمون خلافت، افلاڪي طبقات،
مصابيح مسبيح جا نوري نجومات،
يحي العظام عظيم تي باري جي بشرات
مٿي ته صلواة پڙهو پڙهي پاڻ ڌڻي
ٽي بيت ٻيا به حضور جن جي واکاڻ ۾ چوندي ڪاريگر جي قدرت ۽ ڪم جو
نقشو ڪهڙن مٺڙن ۽ سلوڻن ٻولن ۾ اُچاري ٿو:
بيت:
ڪکين پئي پڌرو، ڪاريگر جو ڪم،
اصل ڪل ڪثرت جو پردو آه عدم
سوئي سور الم، سوئي صحت سک جي.
بيت:
ڪکين پني پڌرو ڪاريگر جو ڪار،
ڪينا ڪري ڪيترا نمونا نروار
پرکي پرکڻيار، رمي انهيءَ رمز کي.
بيت:
ڪکين پني پڌرو جانب جو جمال،
ڪاريگر جي ڪم ري، ڪچو ڪار ڪمال
اي سڀوئي حال پرکان پڌرو
بيت:
پاڻ پروڙي پاڻ کي، ٻهجو منجهان پاڻ
سا ئي صورت سڪ جي سائي صورت ساڻ
سائي صورت ماپ جي، سائي ميو ماڻ
اهوئي اهڃاڻ واحد جي وصال جو
هن داستان ۾ پويون بيت هيءُ آهي:
بيت:
هڪل هاڪي هيڪڙو سامع سڀيئي،
وحدت جي وصال جي ٻڏي ويا ٻيئي،
تنين ۾ نيئي وڃائج وجود کي.
هن کان پوءِ هڪ وائي آندل آهي، جا هيءَ آهي:
عشق تيڏي مجنون، ڪيتا مينون ماهي وي،
مئي گدافر در تيڏي، شان تيڏا هي شاهي،
ڪيتا مينون ماهي وي.
ظاهر باطن ماهي ميڏا، هي ته وسيلا واهي - ڪيتا مينون ماهي وي،
سر عشاقين بيشڪ مارين - سخت صحي سرواهي ڪيتا مينون،
تون شهنشاهه شاهي والا مين تان غلام سپاهي، ڪيتا مينون
هن رسالي جو خط چٽو ۽ چڱيرو آهي. سائيز ويهه- ٽيهه ڀاڱي چار،
پڇاڙيءَ ۾ ڪلمي کان پوءِ هن طرح عبارت لکي وئي
آهي:
پورو ٿيو رسالو مولوي غلام محمد جو، تاريخ ستين مهيني صفر جي
وقت صبح جو ڏينهن سومارو جي سن تيرهن سو ٽي ورهه.
رسالي جو اختتام هن بيت تي ٿئي ٿو:
ڊوليو ڍڪي کل ڏيئي وڳا ويس، من طلب شيشا جد و جد،
سوئي ستت ڏئيس جيهو جتي ويس، تيهو تتي تنکي
هن کان پوءِ هڪ وائي سنڌي زبان ۾ آيل آهي، جنهن جي شروع جي
مصراع هيءَ آهي:
منهنجا عيب ڍڪيا سڀ ڍول، ڏيئي پاند پناه جو.
مقطع هن طرح آهي:
غلام محمد ملڪ مان، ڏرت ويا ڏک ڏول- ڏيئي پاند پناه جو.
رسالي کان پوءِ مصنف جون ڪافيون گڏ ڪيل آهن، جي منفرد حيثيت رکن
ٿيون ۽ انهن ۾ چڱو رس سمايل آهي. پڇاڙيءَ ۾ مصنف
جو منهاج العاشقين فارسي رسالو قلمي آهي، جنهن جو
ترجمو سنڌيءَ ۾ به پاڻ لکيو اٿن.
نوٽ: نهاج العاشقين فارسي رسالو آهي، جنهن ۾ مولوي غلام محمد
خانزئي شاهه جي رسالي جون سرودن جي معنوي رنگ
وانگر اسرار بيان ٿيل آهن. هن فارسي رسالي جو سنڌي
ترجمو به پاڻ لکيو اٿن. مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي
صاحب منهاج العاشقين فارسي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري
ڇپايو آهي. ان جو ڇاپي نسخو مون وٽ به موجود آهي،
پر سنڌي ترجمو پاڻ مؤلف مولوي غلام محمد خانزئي
ڪيو آهي، جنهن تان ئي ان کي لکي صاف ڪري مرحوم
ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب چپايو آهي ۽ عبارت کي
سڌاريو آهي.
هن مجموعي ۾ هڪ رسالو خليفي محمود صاحب ڪڙئي وارن جو جوڙيل پڻ
ٽن صفحن ۾ آندو ويو آهي. خليفي صاحب سان عقيدتمندي
جو اظهار هنن لقبن مان پڌرو ٿئي ٿو:
هي رسالو غوث الحق قطب الزمان رسيده دوران زبدة المحققين امام
المتقين سراج الولايت في دار الڪرامت مقبول
بارگاهه رب الودود ساٿين خليفه محمود ڪڙئي وارو
رحمة الله عليہ جو.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا، آگو خالص ازل کان آجو انتها
فعال لما يريد قادر قيد ڪيا، جيئي ڪيئي گهرئي مون ڌڻي اصل اونهي آه
فيقول لہ کن فيکون، لٺ اڳيون انڌن لاءِ الخ.
آخر ۾ مولوي غلام محمد خانزئي جي تاليف ڪتاب مناصح المؤمنين
مؤلف مولوي خانزئي صاحب جي پنهنجي هٿ اکريل آهي.
مصنف جو خط نهايت عمده آهي. هيءُ رسالو پنجن ورقن
۾ لکيل آهي، جنهن جي ابتدا هن طرح آهي:
اي غلام محمد شروع ڪر هي ڪتاب،
امر ٿيو تصنيف سنڌي جو شتاب
امر ڪيو مون کي ميان ڪارڻ ڪريم،
سو ميان استاذ مون عبدالحڪيم،
ملڪ ريگستان ناري جي ڪنار،
شهر چوٽياري چوان اي هوشيار،
لقب تہ ناري سندو ڪارو لکن،
سو ٿيو استاذ مهجي جو وطن
هن کان پوءِ ڌڻيءَ سڳوري جي واکاڻ ڪئي وئي آهي ۽ سندس پياري
پيغمبر جي وصف ڪئي وئي آهي. پوءِ هلي پرهيزگاريءَ
جو بيان ٿو ڪري. ڪتاب جو خاتمو هن طرح ٿئي ٿو:
ٿيو خدا جي مهر سان پورو ڪتاب،
سؤ صلواتون مصطفيٰ تي
چئو شتاب
جيڪڏهن سن سال هجرت جو پڇين،
سن تيرهن سو ورهيه ٻيو ٿا لکن
(سن1302هه)
هي مهينو ٿا لکن ساري صفر،
ٿي جهين تاريخ معنيٰ مستر.
بس پورو ٿيو ڪتاب مناصح المؤمنين تاريخ پندرهين مهيني رمضان
مبارڪ سن تيرهن سؤ ٽري مي (ٽي ۾) سن1303هه هٿان
غلام محمد جوڙيندڙ جي بس.
ان طرح هيءُ مجموعو پورو ٿئي ٿو.
سنڌي ادب جو جهونو وٿ
حضرت پير صبغت الله شاهه جي ملفوظات جو هڪ نامڪمل نسخو فارسيءَ
۾ نظر مان گذريو، ان جي پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه مولود ۽
سنڌي ڪافيون لکيل هيون. ٿي سگهي ٿو ته اهو پير
صبغت الله شاهه جو ڪلام هجي يا سندس والد بزرگوار
پير روضي ڌڻي محمد راشد رح جو. هر حالت ۾ سنڌي ادب
لاءِ اهو قيمتي وٿ آهي، جيڪو هت ڏجي ٿو:
صورتخطيءَ ۾ ”ڙ“ کي ”ر“ سان، ”ڄ“ کي ”ڇ“ سان، ”ڻ“ کي ”ن“ سان،
”ڳ“ کي ”گ“ سان لکيو ويو آهي. ان طرح ”ٺ“ کي ”ث“
سان، ”ڃ“ کي ”چ“ سان، ”جهه“ کي ”ج“ سان لکيو ويو
آهي.
مولود
مصدر مڙني مور تجهو نور ٿيو نرمل نبي
ٿيو وجود سندوءِ عالم لاءِ اي اجها رحمت ربي
اعليٰ آنہ قادر قرب تهجو ڪيو
تهجي شرف جو شان ڄاڻي ڪونه ٻيو
مقاما محمود جو موعد ٿئو مهجا پرين
زيد فضلک من جميع الانبياءَ والمرسلين
ميان محشر جا ٿيندين قاد غير المحجلين
تهنجو عز عظيم لا يحصي آئون ڇا ڳڻي
------
مهجو شوق سچا سيدا توڏي
مهجو ساهه سڪي حب حضرت ڏي
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾ آرياڻي آيو
واٽون ڦلن ڇائيون ايندم هوت هتا
بيبي اوٺي کي چيو ميسري مهدا
وٺيو وڃج پاڻ سان پرين پرڏيها
بيبي لڌو سوهڻو خديجہ ڪبريٰ
ته سج منهنجي هنجهه ۾ پئو اچي عرش ڏاه
وٺي ويئي ورقه ڏي خديجہ ڪبريٰ
ته ٻاٻا انهيءَ خواب جو سگهو ڪر ويڇاءُ
ورندو چيو ورقه ني خديجہ ڪبريٰ
ته سج محمد عار تي تو گهر گهوٽ ايندا
بيبي بنگلي تي چڙهي جهڄيو جهونگاري
سا روز نهاري شام ڏي ته اڄ پرين ايندا
--------
هوت نه ڀيرو ڀڇ مهجا - سچا صاحب سائين
توڙي ماه ٿي مٿيون سائين- الا نڪو ڇنڻ تنهنجو ڪم
اڱڻ آ سروند سائين الا اچي ڪامل ڀر قدم
سگهو موٽج سپرين سائين الا - نات دوست ڏيان ٿي دم
هن مهجي حال جو سائين الا - آهين اڃا نون عالم
سڪي تهجي سڪ ۾ سائين الا - مهجو ڄام ويو سڀ چم
حامي هر دو جهان ۾ سائين الا - مون کي نور ئي ڪونهي ڪم
--------
سڏ سڪ نه ماريو- لڳ ڏاتر پاڻ ڏيکاريو
تهي نيهه نهوڙيو سيد سڪ نه ماريو
مرض محبت جي منجهه الا مري ٿو هي سڪايو
دوا آهي ديدار جي اچي پريم پاڻ پسايو
هت اسين هُن سپرين- وچ ۾ سمنڊ وهايو
سڪن ساري راتڙيون لک لالڻ لڇڻ آيو
هئي مون ڪڙي عاجزي الا جيڪي موس وس آيو
ويجهي مان مان رسول ڪي ٻڌي پنهنجو پاڌايو
مرشد چوي رسول سچا اچي پريم پاڻ پسايو
مداحي مسڪين کي اوهين ساجن هئين ۾ سڪايو
--------
وڃ عرض چؤ مهجو پيش پرين
--------
حاجي چئج حبيب کي سنهيو سڻين
احمد تو در عاجزي توڻي ڪوڙا ڪن
عشق اوسر ڪن ٿا ساريو سڪ مون
ملا ڏوهه ڍلڻجي ڪي منهن ڪومائي
وارٽ دير ولهن جا لهج سار سپن
مرشد چوي رهنما هو ان پاڙيسا پرين
--------
سڻي حال مهجو شال غور ڪرن
اي مهجي پوي مان ٻاجهه پرين
پرين تهجي پيزار جي اي لکيون آس رکن
بنهه ڏيهه پسند جي ننک لاک لهن
سار ليس مون سيسا پاڻهون مرڏيهن
جو وڙ جڙي جن کي سو وڙ سي ئي ڪن
ارحم آن ري جي ڪر ٻيا ڪير لهن
سيد سائين گڏ هوئي جو نانجڙن |