سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :7

 

 نبوت جي اوائلي سالن جا وڏا واقعا

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تحقيق جي روشنيءَ ۾

 

فصل نبوت جي ڏهين سال جي واقعن جي بيان ۾

هن سال ۾ ان ظالمانه دستاويز ۽ صحيفي جو خاتمو ٿي ويو (جيڪو پيغمبر عليہ السلام جي خلاف مشرڪن پاران گڏيل طور ڪيو ويو هو) هن کان پوءِ بني هاشم شعب ابي طالب مان نڪري مڪي ۾ پنهنجي اڳوڻن گهرن ڏانهن واپس وريا، اهو ابو طالب جي زندگيءَ ۾ ئي ٿيو هو، جنهن جي ڪجهه اپٽار ستن سالن جي واقعي ۾ ٿي چڪي آهي.

هن سال ۾ بنو هاشم جي شعب ابو طالب مان نڪرڻ کان اڳ انهيءَ شعب ۾ عبدالله بن عباس رضي الله عنهما پيدا ٿيو. سندس پيدائش هجرت کان ٽي سال اڳ آهي، جيئن عامري پنهنجي تاليف ”الرياض المستطابة“ ۾ ان کي واضح طور لکيو آهي. ڪتاب تذڪرة القاري ۾ اچي ٿو ته نبي صلي الله عليہ وسلم جي وفات وقت سندس عمر تيرهن سال هئي.

هن سال ۾ مشهور قول تي رمضان جي ستين تاريخ تي (۽ صاعد شوال جو اڌ ٻڌايو آهي، ڪن ذوالقعد جي پهرين تاريخ ٻڌائي آهي) رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جو چاچو ابوطالب گذاري ويو، شامي پنهنجي ڪتاب سيرت ۾ لکيو آهي ته ابو طالب جي وفات هجرت کان ٽي سال اڳ شعب مان نڪرڻ کان اٺاويهه ڏينهن پوءِ ٿي، وفات وقت ابوطالب جي عمر اسي سالن کان ڪجهه مٿي هئي، اهل سنت ۽ جماعت وٽ ابوطالب جو اسلام ثابت نه ٿيو آهي، هن ۾ رافضي فاسقن اجائي هوڏ ٻڌي مخالفت ڪئي آهي.

هن سال ۾ جڏهن پيغمبر صلي الله عليہ وسلم اهو خيال ڪيو ته ابوطالب جي مرڻ کان پوءِ ان لاءِ بخشش جي دعا فرمائي ته الله تعاليٰ هي حڪم نازل فرمايو: (ترجمو) پيغمبرن ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ بخشش جي دعا نه ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ اهي سندن مٽ مائٽ هجن. آيت جي پڇاڙي تائين، (سورة التوبہ) ان بابت هي به نازل ٿيو: بيشڪ تون جنهن کي دوست رکين ٿو ان کي هدايت نه ڪندين، پر الله جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو (سورة يوسف) جيئن صحيح بخاري، صحيح مسلم ۽ ٻين حديث جي ڪتابن ۾ آهي.

هن ڏهين سال ۾ مشهور قول تي ابوطالب جي وفات کان پوءِ ٽي ڏينهن ۽ صاعد جي قول تي ابوطالب جي وفات کان هڪ مهينو ۽ پنج ڏينهن اڳ ۽ ڪن چيو آهي ته ان جي وفات کان پنجاهه ڏينهن اڳ نبي صلي الله عليہ وسلم جي گهر واري خديجة الڪبريٰ وفات ڪئي. ان وقت بي بي صاحبہ جي عمر پنجهٺ سال هئي ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان پنجويهه سال گڏ رهي.

حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله عنها مڪي جي ”معلاة“ جي آخر ۾ ”حجون“ جاءِ تي دفن ٿي، سندس قبر تي مشهور قبو اڏايل آهي.(1) پيغمبر عليہ السلام پاڻ بي بي صاحبہ جي قبر ۾ گهڙيا (۽ دفن ڪيائون) جنازي نماز نه پڙهيائون، ڇوته انهن ڏينهن ۾ اڃان جنازي نماز جو حڪم ڪونه مليو هو. بيبي صاحبه نبوت جي ڏهين سال رمضان مهيني جي ڏهين تاريخ تي وفات ڪئي. پيغمبر عليہ السلام کي ابوطالب ۽ حضرت خديجہ جي وفات جو ڏاڍو ڏک پهتو، ايستائين جو پاڻ طائف هليا ويا، جيئن ان جو بيان جلد ايندو.

هن سال شوال مهيني ۾ بيبي خديجه جي وفات کان پوءِ رسول الله صلي الله عليہ وسلم زمعة جي ڌيءَ سودة رضي الله عنها سان شادي ڪئي، بيبي خديجہ کان پوءِ اها پهرين عورت هئي، جنهن سان رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو نڪاح ٿيو. جڏهن پيغمبر عليہ السلام مديني ڏانهن هجرت فرمائي ته بيبي سوده کان سواءِ ٻي ڪابه عورت ساڻن گڏ نه هئي. حضرت عائشہ سان ساڳي سال ۾ شوال مهيني ۾ سودة رضي الله عنها کان پوءِ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو نڪاح ٿيو هو. اڃان شادي جي رسم ادا نه ٿي هئي، اها پوءِ ٿي هئي. جيئن هن جو بيان اڳتي ايندو.

هن سال ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو ام المؤمنين عائشہ ڌيءَ حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنهما سان نڪاح ٿيو. ان وقت بيبي صاحبہ جي عمر ڇهه سال هئي. نبوت جي ڏهين سال شوال مهيني ۾ نڪاح ٿيو ۽ ٽن سالن کان پوءِ وري به شوال مهيني ۾ شادي ٿي، اهو هجرت کان پوءِ جو واقعو آهي. جيئن هجرت جي پهرين سال جي واقعن ۾ ان جو بيان ايندو. شاديءَ وقت بيبي صاحبه جي عمر 9 سال هئي، پيغمبر عليہ السلام ان سان 9 سال گڏ رهيو ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي وفات وقت ان جي عمر 18 سال هئي. حضرت عائشہ رضي الله عنها نبوت جي چوٿين سال ۾ پيدا ٿي، جيئن اڳ نبوت جي چوٿين سال جي واقعن ۾ گذري چڪو آهي.

هن سال ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم شوال جي 27 تاريخ طائف ۽ اتي جي رهاڪن ثقيف قبيلي وارن ڏانهن هن ڪري ويا ته جيئن اهي سندن مدد ڪن ۽ کانئن مڪي جي ڪافرن جي ايذاءَ کي پري ڪرڻ ۾ مدد ڪن. پيغمبر عليہ السلام طائف ۾ ڇويهه ڏينهن رهيا، پر انهن مان ڪنهن به آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي ڪا مدد ته نه ڪئي، پر الٽو کين ايذاءَ پهچايائون ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم ذوالقعد جي 23 تاريخ مڪي ڏانهن موٽيا.

هن (ڏهين) سال ۾ جڏهن آنحضرت صلي الله عليہ وسلم طائف ۾ هئا ته وٽن طائف جا هيٺيان ٽي وڏا ماڻهو آيا: عبدياليل، حبيب، سعود بنو عمر بن عمير ۽ انهن پيغمبر عليہ السلام کي اهو ڪجهه چيو، جن جي الله تعاليٰ ڳالهه فرمائي رهيو آهي. هي قرآن ٻن شهرن (مڪي ۽ طائف) جي (ٻن وڏن ماڻهن وليد بن مغيره مخزومي مڪي جي سردار ۽ عروه بن مسعود ثقفي طائف جي سردار) مان ڪنهن هڪ سردار تي ڇونه لٿو. الله تعاليٰ انهن تي رد ڪندي فرمائي ٿو: (ترجمو) ڇا اهي تنهنجي رب جي رحمت کي ورهائين ٿا؟

هن سال ۾ جڏهن رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن طائف کان موٽيا ته پاڻ ڏاڍا غمگين ٿي موٽيا، ڇوته اتي جي ماڻهن سندن مدد ته نه ڪئي، پر مورڳو کين ايذاءُ پهچايائون. اتي جبرئيل عليہ السلام جبلن مٿان مقرر ڪيل مَلڪ کي ساڻ ڪري آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن وٽ نازل ٿيا، جبلن وارو مَلڪ چوڻ لڳو ته اي الله جا پيغمبر! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته مڪي جي ٻنهي پاسن اخشبين جبلن سان هنن مشرڪن کي ٺوڪي ڇڏيان ته جيئن سڀ هلاڪ ٿي وڃن، انهن مان ڪو هڪ به نه بچي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمائڻ لڳا ته: آئون اهو نه ٿو گهران، ڇوته مون کي اها اميد آهي ته الله تعاليٰ هنن مشرڪن جي پٺين مان اهڙا ماڻهو پيدا ڪري، جيڪي الله جي عبادت ڪن ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪن.

هن سال ۾ جڏهن رسول الله صلي الله عليہ وسلم طائف کان موٽيا ۽ ”نخالة“ ۾ لٿا، اهو مڪي ۽ طائف جي وچ تي هڪ ڳوٺ آهي، ان ڳوٺ ۽ مڪي جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جو پنڌ آهي ته اتي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن وٽ جِنَّ آيا، جيڪي شام جي هڪ شهر ”نصيبين“ جا ست جِنَّ هُئا. رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنهنجي اصحاب کي فجر جي نماز پڙهائي ۽ ان ۾ قرآن پڙهايائون. جن قرآن ٻڌندا رهيا، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

چيو ويو آهي ته پهرين رڪعت ۾ سورة رحمٰن پڙهيائون ۽ ٻيءَ ۾ سورة جن يا سورة اقرا- پوءِ جڏهن آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن نماز کان فارغ ٿيا ته وٽن جن آيا ۽ آنحضرت جن آڏو اسلام آندائون ۽ اهي پنهنجي قوم ڏانهن اسلام جو پيغام کڻي موٽيا، جيئن قرآن مجيد ۾ اچي ٿو:

۽ پنهنجي قوم کي اهو ڪجهه چيائون، جنهن جي الله تعاليٰ هن طرح ڳالهه ٻڌائي آهي: (ترجمو) اسان عجيب قرآن ٻڌو، جيڪو هدايت ڏانهن رستو ڏيکاري ٿو ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نه بڻائينداسون.

ڪتاب ”آڪام المرجان في احڪام الجان“ جي صاحب لکيو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن وٽ اسلام لاءِ جِنن جا وفد ڇهه ڀيرا آيا هئا، ڪي مڪي ۾ ته ڪي مديني ۾.

شامي پنهنجي ڪتاب سيرت ۾ آندو آهي ته جنن جو هڪ ڀيري ستن يا نون ڄڻن جو وفد هو، ۽ ٻيهر سٺ جنَّ هئا، ٽئين ڀيري ٽي سؤ هئا ۽ چوٿين ڀيري ٻارهن هزار هئا.

زرقاني مواهب لدنيہ جي شرح ۾ لکيو آهي ته پيغمبر عليہ السلام ڏانهن جِنن جو پهريون وفد آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي نبي ٿيڻ کان پوءِ جلدي آيو، جڏهن کين اماڙي وارن تارن سان نشانو بنايو ويو.

هن سال جنهن وقت آنحضرت صلي الله عليہ وسلم طائف کان موٽيا ته اها مشهور دعا گهريائون، جنهن کي طائف واري دعا سڏبو آهي ۽ اها دعا ٻه رڪعتون نفل پڙهي پوءِ گهريائون.

فصل نبوت جي يارهين سال جي وڏن حادثن ۾

هن سال رجب مهيني ۾ پهرين بيعة العقبيٰ ٿي ۽ انصار جو اسلام ظاهر ٿيو، اهو هن طرح ٿيو جو اهي حج جي ڏينهن ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم سان جمرة العقبہ ۾ مليا ۽ ڪل ڇهه يا اٺ ماڻهو هئا. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کين اسلام جي دعوت ڏني، انهن سڀني عقبہ وٽ نبي صلي الله عليہ وسلم اڳيان اسلام آندو. اهي سڀ ڇهه يا ٻي قول تي اٺ ماڻهو هئا، جن مان ابو امامہ اسعد بن زراره خزرجي به هو ۽ اهو انصار مان پهريون مسلمان هو ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان بيعت ڪرڻ ۾ به پهريون هو ۽ ٽنهين عقبن ۾ شريڪ ٿيو ۽ مصعب بن عمير رضي الله عنہ سان گڏ پهريون ماڻهو هو، جنهن مديني ۾ جمعي جي نماز پڙهي، انهن مان براءِ بن معرور بن صخره اوسي اشهلي هو ۽ انهن مان معاذ، معوِّذ (واوَ جي زير ۽ شد سان) ۽ عوف هئا، جيڪي ٽئي حارث بن رفاعہ جا پٽ آهن ۽ بنو عفراءِ سان مشهور آهن ۽ عفراءِ سندن ماءُ هئي. انهن مان ابو هيشم بن تيهان به آهي، الله انهن سڀني کان راضي ٿيو، پيغمبر عليہ السلام انهن کان عورتن وانگر هن طرح بيعت ورتي ته آئون اوهان کان هنن ڳالهين تي بيعت وٺان ٿو، ته اوهان الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪندؤ! ۽ چوري نه ڪندؤ، زنا نه ڪندؤ، پنهنجي الاد کي قتل نه ڪندؤ، پنهنجي طرفان ڪوبه بهتان نه گڙيندؤ ۽ ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ منهنجي نافرماني نه ڪندؤ، پوءِ جيڪڏهن اوهان هنن ڳالهين ۾ وفا ڪئي ته اوهان لاءِ جنت آهي ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن کي ڇڏيو ته اوهان جو ڪم الله جي حوالي آهي، جيڪڏهن گهري ته اوهان کي عذاب ڪري، جيڪڏهن گهري ته اوهان کي بخشي ڇڏي. عورتن واري بيعت واري آيت هڪ مدت هن کان پوءِ لٿي آهي، اها هجرت جي ڇهين سال حديبيہ واري سال ۾ لٿي آهي، پوءِ اها بيعت هن عقبہ واري بيعت جي موافق نازل ٿي. پيغمبر عليہ السلام هنن انصارن کي سورة ابراهيم مان

کان سورة جي پڇاڙيءَ تائين آيتون پڙهي ٻڌايون.

هن ٻارهين سال ۾ هجرت کان هڪ سال اڳ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم معراج ماڻيو. اهوئي صحيح قول آهي، جنهن کي ابن سعد ۽ ٻين آندو آهي. (علامه) نووي ۽ ابن حزم به ان جي تصديق ڪئي آهي. ڪن جي راءِ ۾ هجرت کان ٽي سال اڳ معراج ٿيو آهي، پر اهو قول ضعيف آهي.

مشهور قول هيءُ آهي ته ڇنڇر يا سومر جي رات، رجب جي ستاويهين تاريخ معراج ٿيو، ڪن وري رمضان جو مهينو ٻڌايو آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم پهريائين بيت المقدس ڏانهن اسريا ۽ اتان آسمانن تي کين عروج ٿيو، پوءِ مٿي جتي الله کين گهرايو، اتي کين پهچايو ويو، ايستائين جو نهايت بلند مقام تي پهتا، جنهن جو الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ڪريم ۾ هنن لفظن سان بيان فرمايو آهي: (ترجمو) ”پوءِ ٻن ڪمانن يا ان کان به وڌيڪ ويجهي فاصلي تي ٿيو، بيشڪ اتي پنهنجي پالڻهار جون وڏيون نشانيون ڏٺائين.“

هن سال معراج جي رات جبرئيل عليہ السلام، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي سيني مبارڪ کي شگاف فرمائي سندن دل ڪڍي ۽ هڪ سون جي ٿالهي زمزم جي پاڻيءَ سان ڀري ان سان سندس دل کي ڌوتو ۽ ان کي حڪمت، ايمان ۽ نور نبوت سان مالامال ڪري ورائي سيني ۾ دل وجهي ان کي ڌاڳي سان سبي ڇڏيو. عالمن لکيو آهي ته اهو سيني جو چيرڻ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کي سندن زندگيءَ ۾ چار ڀيرا ٿيو. معراج واري رات جو هيءُ واقعو چوٿون ڀيرو هو. پهريون ڀيرو سندن ڄمڻ مهل ٿيو، ٻيو ڀيرو تڏهن ٿيو، جڏهن ڏهن سالن جي ڄمار جا هئا ۽ ٽيون ڀيرو غار حرا ۾ ٿيو، جڏهن مٿن پهرين قرآن عظيم سان وحي نازل ٿيو.

هن سال معراج جي رات ۾ آنحضرت جن ان سواريءَ تي سوار ٿيا، جنهن کي الله پاڪ سندن لاءِ تيار رکيو هو. اهو ”براق“ آهي. جنهن جو نالو جارود هو. پيغمبر عليہ السلام ان تي مڪي کان بيت المقدس تائين سواري ڪئي (هي ايڏو ته تيز هو) جو جتي ان جي نظر ٿي پهتي، اتي ان گام ٿي رکي.

هن اسراءَ (معراج) واري رات ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم بيت المقدس ۾ داخل ٿيا ۽ اتي ٻه رڪعتون پڙهيائون ۽ ان ۾ سڀني انبيائن جا امام ٿيا، هن رات ۾ سڀني پيغمبرن جا ارواح بيت المقدس ۾ لهي آيا، ڪن جي راءِ آهي ته سندن بدن مبارڪ لهي آيا ۽ پيغمبر عليہ السلام جي پويان اهي ٻه رڪعتون پڙهيائون، باقي هن ۾ عالمن جو اختلاف آهي ته اهي ٻه رڪعتون نفل هيون يا عشا واري نماز جون ٻه رڪعتون هيون، ڇو ته پاڻ مسافر هئا.

هن سال معراج واري رات ۾ بيت المقدس کان هلي کين جنت جو معراج نصيب ٿيو. پهرين آسمان تي پهچي ٻئي آسمان تي ويا، اهڙي طرح ستن آسمانن تي ۽ ان کان به مٿي پهچي ويا.

هن سال اسراءِ (معراج) واري رات ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم جي آسمانن ۾ انبياءَ ڪرام سان ملاقات ٿي. اهي پيغمبر عليہ السلام جي تعظيم ۽ ٻيهر استقبال لاءِ بيت المقدس کان اڳ ئي آسمان تي پهچي ويا هئا، پوءِ پاڻ پهرين آسمان تي حضرت آدم سان ۽ ٻئي آسمان تي حضرت يحيٰ ۽ حضرت عيسيٰ سان ۽ ٽئين آسمان تي حضرت يوسف سان ۽ چوٿين تي حضرت ادريس سان ۽ پنجين تي حضرت هارون سان ۽ ڇهين تي حضرت موسيٰ سان ۽ ستين تي حضرت ابراهيم عليٰ نبينا و عليهم الصلواة سان مليا.

هن سال ۾ اسراءِ (معراج جي رات) سدرة المنتهيٰ (وڻ) کي ڏٺائون، ان جا ٻير هجر جاءِ جي مٽن جيڏا هئا ان جا پن هاٿيءَ جي ڪنن جهڙا هئا.

هن سال اسراءِ (معراج) جي رات ۾ حضرت صلي الله عليہ وسلم چار نهرون ڏٺيون، جيڪي ”سدرة“ جي پاڙ مان نڪري رهيون هيون، ٻه اندر ۽ ٻه ٻاهر، اندر واريون ٻه نهرون جنت ۾ ڪري رهيون هيون، جن جا نالا تسنيم ۽ سلسبيل آهن. باقي ٻاهريون ٻه نهرون زمين ۾ ڪري رهيون هيون، اهي ٻئي نيل ۽ فرات آهن.

هن سال اسراءِ (معراج) واري رات ۾ پاڻ سونهارن پنهنجي پالڻهار جون وڏيون نشانيون به ڏٺيون، جڏهن ”سدرة“ کي هڪ ڍڪيندڙ شيءِ ڍڪي رهي هئي ۽ اهي سون جا مختلف رنگن وارا پتنگ هئا. جن ”سدرة“ کي ڍڪي ڇڏيو هو.

هن سال معراج واري رات ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم بيت المعمور به ڏٺو، جنهن ۾ روزانو ستر هزار ملائڪ داخل ٿيندا ۽ طواف ڪندا آهن، اهي قيامت تائين وري ان ڏانهن نه موٽندا (ڇوته سندن وارو ئي نه ايندو)

هن سال معراج واري رات ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جنت ۽ ان جي نعمتن کي به ڏٺو، ساڳي ريت دوزخ ۽ ان جي عذاب ۽ عذاب جي سببن کي به ڏٺو ۽ اتي ملائڪ به ڏٺائون.

هن سال معراج واري رات ۾ پيغمبر عليہ السلام جي آڏو ٽي ٿانوَ آندا ويا، جن مان هڪ ٿانو شراب جو، ٻيو کير جو، ٽيون ماکيءَ جو هو. پاڻ سڳورن کير کي پسند فرمايو ۽ ان کي پيتو. اتي جبرئيل کين چيو ته تون ۽ تنهنجي امت جنهن فطرت تي آهيو، ان کي ئي اوهان اختيار فرمايو.

هن سال معراج واري رات ۾ الله تعاليٰ پيغمبر ۽ سندس امت تي ڏينهن رات ۾ پنج وقت نمازون فرض فرمايون. الله تعاليٰ ان رات ۾ پهرين پنجاهه نمازون فرض ڪيون هيون، (ان تي) آنحضرت صلي الله عليہ وسلم پنهنجي پالڻهار ڏانهن نَوَ ڀيرا موٽ فرمائي (نمازن جي) تخفيف ۽ هلڪائي جو سوال ڪندا رهيا ۽ هر ڀيري پنج نمازون گهٽ ٿينديون رهيون، تانجو انهن مان پنج وڃي رهيون، اتي الله تعاليٰ فرمايو ته اهي (ظاهر ۾) پنج آهن ۽ (ثواب ڪري) پنجاهه آهن. مون وٽ قول ۾ تبديلي نه ٿيندي آهي.

هن سال پيغمبر عليہ السلام جن عرش جي مٿان پهچايا ويا ۽ کين سندن پالڻهار پنهنجي درگاهه جو شرف بخشيو ۽ ازلي، قديم ڪلام سان ساڻن ڪلام فرمايو، پوءِ ائين ئي ٿيو، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي (پيغمبر) ويجهو ٿيو، پوءِ ٻن ڪمانن جي فاصلي جيترو يا ان کان به وڌيڪ ويجهو ٿيو. عالمن جو هن ۾ اختلاف آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي معراج واري رات ۾ پنهنجي سر مبارڪ وارين اکين سان پنهنجي پالڻهار کي ڏٺو آهي يا نه؟ حق ڳالهه اها آهي ته ان رات پاڻ هنن سر مبارڪ وارين اکين سان پنهنجي رب کي ڏٺائون.

هن سال معراج واري رات ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم کي هنن (لفظن جو) الهام ٿيو، جو پاڻ فرمايائون: التحيات لله والصلوات والطيبات. هن جي جواب ۾ الله پاڪ فرمايو: السلام عليک ايها النبي ورحمة الله وبرڪاتہ. پوءِ نبي صلي الله عليہ وسلم فرمايو: السلام علينا وعلي اعباده الله الصالحين، اتي جبرئيل ۽ ٻين ملائڪن عليهم السلام فرمايو اشهد ان لا الہ الاالله واشهد ان محمدا عبده ورسولہ. اهڙيءَ طرح ڪازوني پنهنجي تصنيف سيرت ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن سال ۾ معراج واري رات جي صبح ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کان ڪيترائي معجزا پڌرا ٿيا، جيئن پاڻ آسمانن جو سير ۽ معراج ماڻي هڪ ئي رات ۾ مڪي واپس وريا، ته قريش کي ان تي تعجب ٿيو ۽ انهيءَ خبر کي ڪوڙو سڏيائون. پوءِ پاڻ سونهارن کان بيت المقدس جي ڪن وصفن ۽ نشانين بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳا ۽ اتي رسول الله صلي الله عليہ وسلم کي هن ڪري مونجهارو ٿيو جو پاڻ سڳورا جڏهن بيت المقدس ۾ گهڙيا هئا ته ان جي نشانين جي تفتيش نه ڪئي هئائون ۽ ٻيو ته رات به اونداهي هئي. الله تعاليٰ جبرائيل عليہ السلام کي فرمايو، ان بيت المقدس کي پنهنجي پرن تي کڻي اچي مڪي ۾ عقيل جي جاءِ جي ڀر ۾ رکيو. پاڻ سڳورا ان کي ڏسي قريشن جي بيت المقدس جي صفتن بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏئي رهيا هئا. تڏهن بيت المقدس جو پيغمبر ڏانهن کڄي اچڻ سندن معجزو هو، جيئن بلقيس جو تخت کڄي اچڻ سليمان عليہ السلام جو معجزو هو.

هن سال اسراءِ واري صبح جو آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جو هيءُ به معجزو نروار ٿيو جو جڏهن مڪي جي ڪافرن اسراءِ (هڪ رات ۾ مڪي کان بيت المقدس تائين سير) بابت آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کي سچو نه ڄاتو ته کانئن ان قافلي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جيڪو اٺن سالن کان واپار سانگي مڪي کان بيت المقدس وڃي رهيو هو. پاڻ سڳورن کين اها خبر ڏني ته هو ان قافلي کي مڪي ۽ شام جي وچ تي فلاڻي جاءِ تي گڏيو ۽ اهي فلاڻا فلاڻا ماڻهو هئا ۽ هيترا اٺ هئا، پوءِ وري اهو سوال ڪيائون ته اهو قافلو شام کان مڪي ۾ ڪڏهن واپس پهچندو؟ پاڻ سونهارن کين ٻڌايو ته اهو قافلو فلاڻي تاريخ اربع جي ڏينهن مڪي ۾ داخل ٿيندو، انهن جي اڳ ۾ هڪ خاڪستر رنگ وارو اٺ هوندو، جنهن تي ڪارو کٿو پيل هوندو ۽ ان تي ٻوريون رکيل هونديون. (جڏهن اهو قافلو مڪي واپس آيو ته) جيئن پيغمبر عليہ السلام ٻڌايو هو، ائين ئي نڪتو. اتي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي انهن معجزن کي ڏسي مشرڪ خوار خراب ٿيا، پر ان هوندي به آنحضرت صلي الله عليہ وسلم تي ايمان نه آندائون. الله کين خوار ڪيو.

هن سال ۾ عبدالله بن جعفر بن ابو طالب حبشه ۾ پيدا ٿيو، حبشه ۾ مسلمانن اندر اهو پهريون ڄاول ٻار هو، سندس پيءُ جعفر ۽ سندس ماءُ اسماءَ ڌي عميس جن حبشه ڏانهن هن کان اڳ هجرت ڪئي هئي، پوءِ عبدالله اتي ڄائو. ڪتاب ”اسد الغابہ“ ۾ آيو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي وفات وقت ان جي عمر ڏهه سال هئي، هو پنهنجي پيءُ سان گڏجي حبشہ کان مديني منوره ڏانهن موٽيو (پوري ٿي تحقيق اسد الغابہ جي) سندس پيءُ جو مديني ڏانهن خيبر جي ڏينهن موٽڻ ٿيو، جيئن ڪيترن اهل حديث ۽ سيرت وارن ان جي صراحت ڪئي آهي. هي عبدالله ڏاڍو جواد (۽ سخي) هو، ان ڪري کيس ”بحر الجود“ سخا جو درياءَ سڏيو ويندو هو. ڪن چيو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم کان پوءِ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سخي نه هو ۽ هو ننڍن صحابين مان هو.

هن سال رجب مهيني ۾ بيت العقبہ ٿي. اهو هن طرح ٿيو جو رسول الله صلي الله عليہ وسلم موسم ۾ حج لاءِ نڪتا ۽ مديني جي انصارن مان جابر کان سواءِ ٻارنهن ماڻهو آيا هئا، جيڪي کين عقبہ ۾ مليا ۽ سندن آڏو اسلام آندائون ۽ اتي بيعت به ڪيائون. اهي هيٺيان ماڻهو هئا: بشير بن سعد، نعمان بن بشير جو والد، اوسين جو سردار سعد بن معاذ اشهلي اوسي، عبدالله بن عمرو بن حزام جابر جو پيءُ، ان جو پٽ جابر ۽ اهو ننڍو هو، اسيد بن حضير، ابي بن ڪعب، عبادة بن الصامت، ابو مسعود بن عقبة بن عمرو انصاري جيڪو بدري سان معروف آهي، ذڪوان بن عبد قيس الزرقي، رافع بن مالڪ الزرقي، قطبہ بن عامر، عتبة بن عامر، عويم بن ساعدة رضي الله تعاليٰ عنهم.

هن سال ۾ رسول صلي الله عليہ وسلم مصعب بن عمير قريشي عبدري صحابيءَ کي مديني وارن ڏانهن موڪليو ته کين قرآن پڙهائي ۽ انهن کي نماز سيکاري ۽ اسلامي شريعت سمجهائي، هن (اتي پهچي) کين تعليم ڏني ۽ قرآن پڙهايو، ايستائين جو مديني ۾ مسلمان گهڻا ٿي ويا، مصعب بن عمير جو مديني ڏانهن موڪلڻ عقبہ جي ٻي بيعت کان پوءِ ٿيو، ڪن جو چوڻ آهي ته عقبہ جي پهرين بيعت کان پوءِ ٿيو. هڪ قول تي ان کي راجح چيو ويو آهي. پوءِ مصعب ٽين بيعت عقبہ واري رات ۾ ٽيهتر ساٿين سان نبي صلي الله عليہ وسلم جن وٽ آيو. هن جو ذڪر نبوت جي تيرهين سال جي واقعن ۾ ايندو، ان کي نبي صلي الله عليہ وسلم مديني ڏانهن پنهنجي هجرت کان اڳ ٻيهر موڪليو، اتي مصعب ٻيهر ماڻهن کي قرآن جي تعليم ڏيندو ۽ کين اسلام ڏانهن سڏيندو رهيو، ايستائين جو مديني ۾ اسلام ڦهلجي ويو، جيئن ان جو ٻيهر بيان نبوت جي چوڏهين سال جي واقعن ۾ ايندو ۽ اهو هجرت جو پهريون سال آهي.

هن سال ۾ محمد بن مسلمة بن خالد انصاري، اشهلي بن اشهل جي حليف اسلام آندو. هن جو اسلام مديني ۾ پيغمبر عليہ السلام جي اچڻ کان اڳ مصعب بن عمير جي هٿ تي ٿيو هو ۽ مديني ۾ جن صحابين جو محمد نالو هو، تن ۾ سڀني کان وڏو هو.

هن سال ۾ بشر بن عباد بن بشير بن وقش انصاري، اشهلي اسلام آندو، هن جو اسلام مديني ۾ مصعب بن عمير رضي الله عنہ جي هٿ تي ٿيو، بشر بن عباد بدر ۾ حاضر ٿيو ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم سان سڀني لڙاين ۾ شريڪ رهيو، هو ٻن مان اهو هڪ ماڻهو آهي، جن پيغمبر عليہ السلام سان عشا جي نماز پڙهي، پوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن اونداهي رات ۾ موٽيا، انهن مان هرهڪ وٽ لٺ هئي. اهي جڏهن آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن وٽان نڪتا ته ٻن مان هڪ جي لٺ روشن ٿي پئي، پوءِ اهي ان لٺ جي روشني ۾ هلندا رهيا، جڏهن پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا ته انهن ٻنهي جون لٺيون روشن ٿي پيون، ايستائين جو پنهنجي گهرن ۾ پهتا، اهو رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو هڪ معجزو هو. ٻئي ماڻهو جو نالو اسيد بن حضير هو.

هن سال ۾ ابو سلمہ بن عبدالله بن عبدالاسد مخزومي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪئي ۽ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي موڪل سان مديني ڏانهن پهريون مهاجر هو، ابو سلمه هن کان اڳ حبشه ڏانهن هجرت ڪئي هئي، پوءِ موٽي مڪي ۾ آيو. جڏهن قريش کيس ڏاڍو آزاريو ۽ مديني ۾ اسلام جي گهڻائي جي ان کي خبر پهتي ته هو مديني ڏانهن هجرت ڪري ويو.

نبوت جي تيرهين سال جي واقعن جي بيان ۾

هن تيرهين سال ذوالحج مهيني ۾ عقبه جي ٽين بيعت وجود ۾ آئي. اها هن طرح ٿي جو رسول الله صلي الله عليہ وسلم حج جي موسم اندر حج تي نڪتا، کين انصار جي هڪ جماعت ملي، انهن کان اڳ انهن آنحضرتصه سان اهو وعدو ڪيو هو ته وٽن عقبہ جاءِ ۾ ايندا. ايام تشريق جي وچين نماز وقت ساڻن مليا، اسلام آندائون ۽ آنحضرت جي بيعت ڪيائون. اهي ٽيهتر مرد ۽ ٻه عورتون هئا، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

1- اوس بن ثابت خزرمي، نجاري حسان بن ثابت جو ڀاءُ. 2- براءُ بن معرور بن سخر خزرمي، سلمي هن ٽئين عقبہ واري بيعت ۾ پهرين بيعت ڪئي. 3- هن جو پٽ بشير بن براءُ. 4- ابو ايوب خالد بن زيد خزرجي نجاري. 5- خلاد بن سويد ثعلبة خزرجي. 6- ابو رفاعة بن رافع بن مالڪ. 7- هن جو پٽ رفاعة بن رافع بن مالڪ بن عجلان خزرجي عجلاني. 8- ابو لبابة رفاعة بن عبدالمنذر اوسي. 9- ابو طلحة زيد بن سهل خزرجي، ام سليم جو مڙس. 10- ابو خيثمة سعد بن خيثمة اوسي. 11- سعد بن ربيع بن عمرو خزرجي 12- ابو قيس سعد بن عباده بن وليم (تصغير جي صيغي سان) خزرجي، خزرج جو سردار 13- سلمة بن سلامت بن وقش اوسي بدري 14- ظهير (تصغير سان) بن رافع بن عدي 15- عبدالله بن انيس جهني انصار مان بني سلمة جو حليف 16- عبدالله بن جسير (تصغير سان) بن نعمان اوسي، جيڪو احد جي ڏينهن تير اندازن جو سردار هو، پوءِ احد ۾ شهيد ٿيو. 17- عبدالله بن رواحہ بن ثعلبہ خزرجي مشهور شاعر 18- عبدالله بن زيد بن عبد ربہ خزرجي، حارسي ابو محمد اذان جي خواب جو صاحب 19- عمرو بن الجموح بن زيد خزرجي، سلمي 20- هن جو پٽ معاذ بن عمرو بن الجموح 21- قتادة بن نعمان بن زيد اوسي ظفري 22- ابواليسر ڪعب بن مالڪ بن عمرو السلمي خزرجي مشهور شاعر، غزوه تبوڪ کان جيڪي پوئتي رهجي ويا هئا، انهن مان هڪ اهو هو. 24- مالڪ بن دخشم (ميم سان) يا ابن دخشن (نون سان) بن مالڪ انصاري بني عمرو بن عوف مان 25- معاذ بن جبل بن عمرو خزرجي، جشمي حلال ۽ حرام جي علم جو امام 26- معن بن عدي بن جد بن عجلان بلوي، انصار مان بني عمرو بن عوف جو حليف. 27- المنذر بن عمرو بن خنيس خزرجي، ساعدي جيڪو بير معونة ۾ امير جي حالت ۾ مارجي ويو. 28- النعمان (تڪبير جي صيغي سان) هڪ قول تي هن جو نالو النعيمان (تصغير جي صيغي سان) بن عمرو بن رفاعة انصاري، نجاري ٻڌايو ويو آهي. 29- ابو برده هاني بن تيار البلوي انصار خزرج مان بني حارثة جو حليف براءِ بن عازب جو مامو هو ۽ ٻيا. عورتن مان ٻه عورتون هيون، جيڪي هي آهن: 1- اسماءَ ڌيءَ عمر بن عدي سلميت خزرجيه 2- ام عمارة نسيبت (نون جي زبر سان تصغير جي صيغي سان) ڪعب بن عمرو جي ڌيءَ انصاريہ مازنيہ، هن جو ڪڏهن نالي ۾ ام عطيہ نسيبت (تصغير سان) اشتباهه ٿيندو آهي ۽ هڪ قول تي تڪبير سان آهي. ڪعب جي ڌيءَ هئي، انصاريہ هئي، پر اها هن کان سواءِ ٻي آهي. عقبہ ٽئين ۾ ام عمارة جو شمار ٿيندو آهي. نه ام عطية جو.

فائده: رفاعة بن مالڪ جنهن جو اهل عقبہ ٽئين ۾ ذڪر ڪري چڪاسين، هيءُ اهو آهي، جيڪو مسيءُ الصلواة (نماز چڱيءَ طرح نه پڙهندڙ) سان مشهور آهي، جنهن جو قصو هن طرح آهي ته هو هڪ ڏينهن مسجد ۾ پيغمبر عليہ السلام وٽان گذري نماز پڙهڻ لڳو ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن کيس ڏسي رهيا هئا. جڏهن نماز کان فارغ ٿيو ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن کيس فرمايو ته تون موٽي ٻيهر نماز پڙهه، ڇوته تو نماز نه پڙهي آهي. ائين ٻه يا ٽي ڀيرا ٿيو. هيءَ ڊگهي حديث آهي، جيئن صحيح بخاريءَ ۾ آيل آهي.

هن سال ٽئين عقبہ واري رات ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن اهل عقبہ ٽئين وارن جي راضپي سان مديني وارن تي ٻارنهن نقيب مقرر فرمايا. انهن مان 9 خزرج مان هئا ۽ ٽي اوس مان. خزرج جا هيٺيان هئا: 1- اسعد بن زرارة ابو امامة بنو نبار جو نقيب. 2- رافع بن مالڪ بن عجلان، بنو زريق جو نقيب. 3- سعيد بن ربيع بن عمرو 4- عبدالله بن رواحة اهي ٻئي بنو حارث بن خزرج جا نقيب هئا. 5- سعد بن عبادة 6- المنذر بن عمرو بن خنيس، اهي ٻئي بنو سلمة جا نقيب هئا. 7- عبادة بن صامت قبائل جو نقيب. اوس مان: 1- اسيد بن حضير بنو عبدالاشهل جو نقيب 2- رفارعة بن عبدالمنذر 3- سعد بن خيثمہ. اهي ٻئي بنو عمرو بن عوف جا نقيب هئا. رضي الله عنهم.

هن سال ۾ ٽئين عقبہ وارن ۾ معاذ بن جبل عمرو انصاري، خزرجي، سلمي اسلام آندو ۽ هو ارڙهن سالن جي عمر جو هو.

هن سال ٽئين عقبہ وارن ۾ ابو بردة هاني بن نيار انصاري، براءَ بن عازب جي مامي اسلام آندو، هو احد ۽ ان کان پوءِ واري لڙائين ۾ حاضر ٿيو هو.

هن سال ٽئين عقبہ وارن ۾ ابو ايوب، خالد بن زيد خزرجي اسلام آندو، جيئن هنن ٽنهي جو بيان هاڻي ٿي چڪو آهي.

هن سال ۾ ۽ هڪ قول تي هن کان پوءِ ايندڙ سال ۾ سعيد بن العاص بن العاص امية القرشي الاموي ڄائو، پوءِ (اڳتي هلي) اسلام آندائين ۽ پيغمبر عليہ السلام جي صحبت اختيار ڪيائين. هي انهن ماڻهن مان هڪ هو، جن حضرت عثمان رضي الله عنہ لاءِ قرآن پاڪ جا نسخا لکيا هئا، هن جو پيءُ العاص بن سعيد بدر جي ڏينهن ڪافر ٿي مارجي ويو. کيس علي رضي الله عنہ بن ابو طالب قتل ڪيو هو.

فائدو: عالمن فرمايو آهي ته بيعتون ٽي ٿيون آهن: پهرين نبوت جي يارهين سال رجب مهيني ۾، هن ۾ ڇهن يا اٺن ماڻهن اسلام آندو. ٻي نبوت جي ٻارهين سال پڻ رجب مهيني ۾ ٿي، هن ۾ ٻارنهن مردن اسلام آندو. ٽئين نبوت جي تيرهين سال ذوالحج مهيني ۾ ٿي، هن ۾ ٽيهتر مردن يا عورتن سميت پنجهتر افرادن اسلام آندو. عقبہ واريون بيعتون ۽ حج هن ڪري رجب ۾ ٿيا جو ڪافرن جاهليت ۾ نسيءَ تي عمل ڪري مهينا ڦيرائي ڇڏيا هئا.

فائدو: جڏهن جڏهن نبوت کان پوءِ جا هي تيرهن سال پورا ٿيا ته انهن مان چوڏهون سال داخل ٿيو ۽ اهو نبي صلي الله عليہ وسلم جي هجرت جي سالن مان پهريون سال هو، ڇوته هن چوڏهين سال ۾ عقبہ واري ٽين بيعت کان ٽي مهينا پوءِ پيغمبر عليہ السلام مڪي کان مديني ڏانهن هجرت فرمائي، جيئن هجرت جو ڪجهه تفصيلي احوال هن سال جي ٻين حادثن سان گڏ ڪتاب جي ٻئي قسم جي ٽئين باب ۾ هجرت جي پهرئين سال جي واقعن ۾ جيڪڏهن الله گهريو ته ايندو.

ڪازروني پنهنجي ڪتاب سيرت ۾ لکيو آهي ته نبي صلي الله عليہ وسلم جن بذات خود مڪي مان مديني ڏانهن هجرت نبوت جي چوڏهين سال ۾ ڪئي.

هن مان اها ڳالهه پڌري ٿي ته هي جو ابن ڪثير ”البداية والنهاية“ ۾ لکيو آهي ته عقبہ جي ٽين بيعت کان پوءِ آنحضرتصه جن جي هجرت نبوت جي تيرهين سال ۾ ٿي، اها ان جي پڌري غلطي آهي يا هيئن چئبو ته ان نبوت جي پهرين سال کي پورو سال نه ڳڻيو آهي، ڇوته اهو سال محرم کان شروع ٿيو ۽ وحيءَ جي ابتدا انهيءَ سال ربيع الاول يا رمضان ۾ ٿي هئي، جيئن اڳ پهرئين سال نبوت جي واقعن ۾ گذري چڪو آهي. اي مخاطب توکي سوچڻ کپي ۽ هن مان تون بصيرت تي هجين.


(1) سعودي حڪومت انهن سڀني قبن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ان ڪري هاڻي اتي ڪوبه قبو نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com