سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :32

 

هو الحق

 

حضرت مخدوم عثمان قلندر لعل شهباز لاءِ پنهنجي اباڻي وطن مرند آذربائيجان کي هميشه لاءِ ڇڏي هيڏانهن اچڻ جا جيڪي اسباب هئا، انهن مان وڏو سبب سندن ملڪ تي تاتارين جي يلغار هئي. حضرت قلندر شائين ستين صدي هجريءَ جي وسط ۾ مرند ايران کان اسري هتي پهچن ٿا. ان دور ۾ تاتارين جي مسلمان ملڪن تي جيڪا ڪاهه ٿي، سا ايڏي ته هيبتناڪ هئي، جو ڪيترا وڏا م سلمان مورخ ان جي بيان کان گهٻرائجي ويا آهن. علامه ابن اثير جزري، عظيم اسلامي تاريخ الڪامل جو مؤلف لکي ٿو:

لقد بقيت عدة سنين معرضا عن ذکر هذه الحادثة استعظاما لها کارها لذکرها. فانا اقدم اليہ رجلا و اؤخر اخري فمن الذي يسهل عليہ ان يکتب نعي الاسلام والمسلمين، ومن الذي يهون عليہ ذکر ذلک. فياليت امي لم تلدني وياليتني مت قبل هذا و کنت نسيا منسيا الا اني حثني جماعة من الاصدقاءِ علي تسطيرها.(1)

مطلب ته ڪيترائي سال تاتارين جي (خوني) حادثن جي بيان کان هن ڪري پاسيرو رهيس، جو مون کي ان جي ذڪر ۽ بيان کان نفرت هئي، ان ڪري ٻڏتر ۾ هيس، ڀلا اهو ڪهڙو ڪٺور انسان هوندو، جيڪو مسلمانن لاءِ اهڙن اهانت آميز واقعن جي ويهي اپٽار ڪري. هاءِ افسوس! جيڪر مون کي ماءُ نه ڄڻي ها ۽ اڳ ئي ٻي دنيا ڏانهن اسري وڃان ها. پر دوستن جي هڪ گروهه انهيءَ تاريخ لکڻ تي زور ڀريو.

تاتارين، مسلمانن سان وڏا ويل وهايا ۽ ڪلور ڪيا هئا، اهي چين کان نڪري ترڪستان جي شهرن جهڙوڪ ڪاشغر، بلاساغون وغيره ۾ پهتا، اتان ماوراءَ النهر ڏانهن رخ رکيائون. سمرقند ۽ بخارا ۾ رت جا درياءَ وهايائون. اتان هڪ دستو خراسان پهچي، اتي جي بادشاهن ۽ رهاڪم کي قتل ڪري ري، همدان، بلاد الجبل کان ٿيندو عراق جي سرحد تي پهتو، اتان لعل سائين جي آبائي ملڪ آذربائيجان آرانيه ۾ پهچي وڏو ڪوس ڪيائون. مؤرخن لکيو آهي ته تاتارين جي انهن وحشانيہ ۽ ظالمانه ڪاررواين کان ڪو ورلي ماڻهو بچيو هوندو. هي سن617هه جو واقعو آهي.

انهيءَ دور ۾ لعل سائين جي مولد مرند، آذربائيجان ۽ ايران جي گهڻي ڀاڱي تي خوارزم شاهه جي حڪومت هئي، جو وڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاهه هو. جڏهن تاتارين جو سمرقند تي قبضو ٿيو ته چنگيز خان ويهه هزاري گهوڙي سوار سپاهي تيار ڪري کين حڪم ڏنو ته اوهين خوارزم شاهه جي پويان لڳو ۽ هو کڻي آسمان تي هجي، ته به کيس هٿ ڪريو. تاتارين جي انهيءَ فوج کي ”التتر المغربہ“ يعني خراسان جي اولهه ڏانهن ويندڙ تاتاري سپاهي سڏيو وڃي ٿو. نيٺ انهن نهر جيحون کي پار ڪيو، هوڏانهن خوارزم شاه جهڙي سلطان تي به تاتارين جو اهڙو رعب ۽ ڌاڪو ويٺل هو، جو ڪن مخصوص سپاهين کي ساڻ ڪري ڏنائين کڙيءَ تي زور. تاتاري سپاهين کي به ان جي جتي به خبر ٿي پيئي ته اوڏانهن ٿي منهن ڪيائون. نيٺ سلطان خوارزم شاهه مازندران کان ري ۽ ري کان همدان ويو ۽ طبرستان پهچي هڪ دريائي قلعي ۾ لڪي پناهه ورتائين ۽ اتي ئي ستت وفات ڪري ويو.

لما ملک الکفار سمرقند، عمد چنگيز خان وسير عشرين الف فارس وقال لهم اطلبوا خوارزم شاه اين کان ولو تعلق بالسماءَ حتي تدرکوه وتاخذوه. وهذه الطائفة تسميها التتر المغربة لانها سارت غرب خراسان. الخ(1)

خوارزم شاهه علاءَ الدين محمد بن علاءَ جي حڪومت 21 سال ۽ ڪجهه مهينا رهي. سندس ملڪ وسيع هو، سلجوقي بادشاهن کان پوءِ هن جهڙو ٻيو وڏو بادشاهه ڪونه ٿيو. سندس ملڪ ڪون حدون عراق کان ترڪستان، غزني، برصغير پاڪ و هند جو ڪجهه ڀاڱو، سجستان، ڪرمان، طبرستان، جرجان، بلاد الجبال، خراسان ۽ فارس (ايران) جو گهڻو ڀاڱو هو. هو عالمن ۽ اديبن جو ڏاڍو دلدادو هو، سندس درٻار ۾ علمي مجلسون ۽ مناظرا ٿيندا رهندا هئا، عيش پرستي ۽ آرام کان پري رهي سخت زندگي گهاريندو هو. پر افسوس جو انهن خوبين هوندي به تاتارين کان پنهنجي ملڪ کي بچائي نه سگهيو. انهيءَ دور ۾ اسان جو لعل سائين چڱي وڏي عمر جو هو.

سن628هه جو واقعو آهي، جڏهن حضرت لعل قلندر شهباز وڏي عمر جا هئا ته سندس صوبي آذربائيجان تي تاتارين جو زبردست حملو ٿيو ۽ گمان غالب آهي ته اهوئي حملو يا ان کان اڳ وارو حملو لعل سائين کي پنهنجي وطن مرند آذربائيجان کي الوداع ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، تاتارين جي حملن کان ٻين ڪيترن اوليائن ۽ عالمن کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو، جيئن ايران جي هڪ ٻئي عالم علامه سعد الدين تفتازانيءَ کي پنهنجي جڳ مشهور تصنيف مطول شرح تلخيص المفتاح ۾ تاتارين جي حملن ڪري آبائي وطن جي وڇوڙي ۽ دربدر ٿيڻ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پيا آهن ۽ ان تي ڪيترا عربي اشعار آندا اٿس.

628سن هجريءَ واري حملي ۾ تاتاري ماوراءَ النهر کان آذربائيجان پهتا، ٻئي پاسي جلال الدين بادشاه، علاءُ الدين ڪيقباد کان شڪست کاڌي هئي، ايران جو اهو ڀاڱو جلال الدين جي قبضي ۾ هو ۽ اتي اسماعيلي فرقي جا مسلمان به گهڻي انداز ۾ رهندا هئا، جيڪي حضرت اسماعيل بن امام جعفر صادق رحمہ الله عليہ جي امامت جا قائل ۽ انهن جي اولاد مان زنده امامن جا معتقد رهندا هئا، هنن جي مصر ۾ وڏي حڪومت رهي، جنهن کي سلطنت بني فاطمہ سڏيو وڃي ٿو ۽ مصر جو جامعہ ازهر انهن جو يادگار آهي. هن فرقي کي مسلمانن جي اڪثريت واري فرقي کان ڪجهه شڪايت رهندي ٿي آئي، تن ڇا ڪيو جو انهن جي مقدم تاتارين کي لکي موڪليو ته وارو ڪريو جو جلال الدين بادشاهه ڪمزور آهي (کيس جنون به ورتو آهي) هيءُ انهن تي حملي ڪرڻ جو موزون وقت آهي. ان طرح اُن دور جي اسماعيلين تاتارين کي آذربائيجان تي ٻيهر حملي لاءَ ڀڙڪايو. اسان جا قلندر شهباز رح نسب جي خيال کان پڻ حضرت اسماعيل بن امام جعفر صادق رضي الله عنہ جي اولاد مان آهن ۽ نسبا اسماعيلي آهن، جيتوڻيڪ عقائد ۽ عمل ۾ انهن جا پوئلڳ نه هئا، پر صوفي، وڏا ولي ۽ صلح ڪل انسان هئا.

تاتارين کي جڏهن اسماعيلين جا خط پهتا، جن ۾ انهن کين حملي لاءِ ڀڙڪائي سندن فتح جي ضمانت ڏياري هئي، تڏهن انهن مان هڪ فوج جلدي حملو شروع ڪري ڏنو. ري همدان ۽ انهن جي وچ وارن شهرن تي قابض ٿي لعل سائين جي وطن آذربائيجان جو رخ رکيائون ۽ اتي قتل ۽ لٽ مار جي بازار گرم رکيائون ۽ جيڪو به ماڻهو سندن آڏو ٿي آيو، ان کي قتل ڪري ڇڏيائون. جلال الدين بادشاهه ۾ انهن سان مقابلي ڪرڻ جي ڪابه همت نه هئي، هڪ پاسي ان تي تاتاري سپاهين جو رعب ويٺل هو ته ٻئي پاسي سندس فوج ۾ پڻ اختلاف پکڙيل هو ۽ عوام پڻ کانئس خوش نه هو، جنهن جو ڪارڻ به عجيب آهي ۽ شايد اهڙي پاڳل حڪمران کان بيزار ٿي به لعل سائين پنهنجي وطن کي خيرباد چيو هجي.

علامہ ابن اثير مؤرخ لکي ٿو ته جلال الدين بادشاهه جو هڪ خصي غلام هوندو هو، جنهن سان ان کي ڏاڍي محبت هئي، ان جو نالو فلج هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو اهو خادم گذاري ويو، جنهن تي بادشاهه ڏاڍي بي صبري ڏيکاري ۽ اها بي صبري اهڙي هئي جو ليليٰ لاءِ مجنون کي به نه هئي. ان پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيو ته سڀ پيادل جنازي سان هلن. ان غلام جو موت تبريز کان ڪجهه ميلن تي ٿيو هو. ماڻهو ويچارا مجبور ٿي سڀ پيادل ماتم ڪندا هليا ۽ بادشاهه پاڻ به پيادل ٿي هليو، پر ڪن اميرن جي زور ڀرڻ تي سوار ٿيو. جڏهن اهو ماتمي قافلو تبريز ۾ پهتو ته سڀني شهرين کي حڪم ڏنو ويو ته سڀ ٻاهر اچي ماتم ڪن. بادشاهه جي اهڙي ته ڪل ٿڙي وئي جو ميت کي دفنائڻ نه ڏنائين، جيڏانهن پاڻ ويندو هو ته اوڏانهن جنازو به ساڻ هوندو هو ۽ هر وقت منهن مٿو پٽيندو رهندو هو. جڏهن بادشاهه آڏو کاڌو آندو ويندو هو ته حڪم ڪندو هو ته اڳ ۾ فلج خادم کي کارايو وڃي ۽ ڪنهن کي به اها جراءَت نه هوندي هئي ته ڪو فلج کي مئل چوي. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو اظهار ڪيو ته ان کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ماڻهو مجبور ٿي فلج جي جنازي ڏانهن کاڌو کڻي ويندا هئا ۽ واپس اچي بادشاهه کي دلداري ڏيندا هئا ته سائين فلج هاڻي اڳي کان بهتر آهي وغيره. ان حالت ۾ سندس ملڪ تي تاتاري قبضو نه ڪن ها ته ٻيو ڇا ڪن ها ۽ وسهڻ ۾ اچي ٿو ته اسماعيلين جي دانهن به اجائي نه هئي.

في اول هٰذا السنة 628هه وصل التتر من بلاد ما وراءِ النهر اليٰ آذربيجان و انهزم جلال الدين من علاءِ الدين کيقباذ ومن الاشرف کما ذکرناه سنة سبع و عشرين، ارسل مقدم الاسماعيلية الملاحدة الي التتر يعرفهم ضعف جلال الدين بالهزيمة الکائنة عليہ و يحثهم عل قصده عقيب الضعف و بضمن لہ الظفر بہ للموهن الذي صاروا اليہ الخ.(1)

حضرت لعل شهباز تحقيق هڪ وڏا باڪمال بزرگ، خدا پرست صوفي ۽ ولي هئا، جن جو ڪم هوندو آهي خدا جي مخلوق کي روحانيت جو سبق ڏيڻ ۽ مسلمانن مان فرقي بندي ۽ مذهبي جهيڙن جهٽن ۽ فروعي اختلافن کي دور ڪرڻ. معلوم ٿو ٿئي ته حضرت لعل سائين هڪ پاسي پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ تاتارين جي پي درپي حملن ڪري پريشان ۽ اداس هئا ته ٻئي پاسي ان دور جي مختلف اسلامي فرقن جي باهمي جهڳڙن، ڪفر ۽ الحاد جي بي پناهه فتوائن ڪري خوش نه هئا، انهن جي اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ضرور عملي ڪوشش ڪئي هوندائون، جنهن تي تاريخ جا دبيز پردا چڙهيلن آهن. پر جڏهن مايوس ٿيا ته هڪ اهڙي ڌرتيءَ جي تلاش ۾ رهيا، جتي تصوف جو اوائلي دور ۾ بنياد پيو. اهو خط آهي اوليائن، درويشن، صوفين سڳورن ۽ عالمن جو آستان سرزمين سنڌ. هن کان اڳ ضروري آهي ته قلندر سائين جي اباڻي وطن ۽ ان جي آس پاس خراسان وغيره ۾ انهيءَ مذهبي لڙاين ۽ عالمن جي جهيڙن جهٽن تي ڪجهه تاريخي روشني وجهون.

امام فخر الدين رازي وفات 606هه عالم اسلام جو هڪ وڏو محقق، مفسر، متڪلم ۽ علم جو امام ٿي گذريو آهي. شهباز جو معاصر هو. لعل سائين وانگر هن جو وطن به ايران هو ۽ اتي جي وڏي خطيب شيخ عمر بن حسين جو فرزند هو. انهيءَ عقيدي جي خيال کان شافعي مذهب جو هو ۽ هڪ وڏو واعظ ۽ خطيب پڻ هو. سياحت به گهڻي ڪئي هئائين. برصغير پاڪ و هند پڻ آيو هو. ڇهين صدي هجري سن543هه ۾ پيدا ٿيو ۽ ستين صدي هجريءَ جي شرع 606هه ۾ وفات ڪيائين. غياث الدين بادشاهه، امام رازيءَ ڪو وڏو معتقد هو، جنهن ان لاءِ هرات ۾ مدرس تعمير ڪرايو. اها ڳالهه اتي جي ڪرامي عقيدي وارن عالمن کي پسند نه آئي اها لڙائي ان حد تي پهتي جو غياث الدين بادشاهه جي دربار ۾ ڪرامي، حنفي شافعي مذهب جا عالم مناظري يا علمي لڙائيءَ لاءِ انبار ڪتابن جا کڻي حاضر ٿي ويا. امام فخر الدين رازي به حاضر ٿي ويو. مخالفن ڇا ڪيو جو اڳ ۾ ئي سلطان غياث الدين جي سوٽ ضياءُ الدين کي پنهنجو ڪري ورتو هو، ان ڪري دنيا جي هن وڏي عالم ۽ امام تي ڪفر جي فتويٰ ڏني وئي ۽ کيس زنديق، ملحد ۽ فلسفي سڏي اسلام کان خارج قرار ڏنو ويو.(1) امام رازي جي وفات وقت حضرت شهباز 58 سالن جي عمر جو هو.

ساڻيهه سنڌ ۾ ديبل جي فتح کان اڳ ئي اسلام جو پيغام پهچي چڪو هو ۽ ڪي صحابي به هت آيا هئا، جن مان ٻه واپس ويا ۽ ٽي صحابي هتي رهي پيا. اها روايت هڪ قلمي مجموعي ۾، علامه سيوطي جي جمع الجوامع جي حوالي سان آيل آهي. روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن سنڌ جي رهواسين سنڌين ڏانهن پنهنجن پنجن صحابن جي هٿ هڪ خط مبارڪ موڪليو. جڏهن اهي اصحاب سڳورا سنڌ جي نيرن ڪوٽ قلعي (هاڻوڪي حيدرآباد سنڌ) ۾ آيا ته اتي جي ڪن ماڻهن اسلام قبول ڪيو. پوءِ انهن پنجن صحابين مان ٻه صحابي واپس ويا ۽ ٽي باقي سنڌ ۾ رهي پيا. انهن جي برڪت سان ڪيترن سنڌين اسلام کي قبول ڪيو ۽ صحابين سڳورن کين اسلامي احڪام سيکاريا ۽ اهي رهيل صحابي هتي ئي سنڌ ۾ گذاري ويا. جن جون قبرون اڃان تائين موجود آهن. بجنسہ عربي عبارت به ڏجي ٿي:

روي ان رسول الله صلي الله عليہ وسلم ارسل کتابہ الي اهل السند علي يد خمسة نفر من اصحابہ. فلما جاؤا في السند في قلعہ يقال لها نيرون اسلم بعض اهلہ ثم رجع من اصحابہ اثنان مع الوافد عليہ من السند، وبقي ثلاثة منهم في السند، واظهر السند الاسلام، وبينوا لاهل السند الاحکام، وماتوا فيہ، وقبورهم فيہ الان موجودة وجدت.(1)

هن روايت کي محدثين جي مقرر ڪيل علم اصول حديث ۽ اسماءَ الرجال جي خيال کان جيتوڻيڪ ايڏو وزن نه مليو آهي، پر اسان کي ان جي وسهڻ ۾ ڪابه ويرم نه ٿي ٿئي، ڇوته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جا خطوط مبارڪ قديم سنڌ جي سرحدي ملڪن ۾ پهتا هئا. ان حالت ۾ برصغير کي پاڻ ڪيئن وساريو هوندائون، جڏهن ته سنڌ جي تهذيب تمدن ته ان دور ۾ عرب تائين پهتل هئي. سنڌ جا ماڻهو ته ڇڏيو، پر سنڌ جا پکي پکڻ به عرب ۾ مشهور هئا. ابن خردازبہ، ابن فقيہ همداني ۽ حافظ سنڌي ڪڪڙ جو ذڪر ڪيو آهي، سنڌي ڪڪڙ کي عرب ۾ برصغير پاڪ و هند جي خاص شيءِ سمجهي ويندي هئي. طريحي مجمع البحرين ۾ لکيو آهي:

وفي الحديث دجاج سندي يعني حديث ۾ سنڌي مرغيءَ جو ذڪر آيل آهي.(1) اهي ته جاندار شيون آهن، پر عرب ۾ سنڌ جو ڪپڙو عام جام وڪامندو هو. هتان چادرون ۽ گوڏيون عرب ۾ پهچنديون هيون، جن کي عربيءَ ۾ مسنده سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو سڏيو ويندو هو. پيغمبر عليہ السلام جي گهر ۾ پڻ سنڌ جو ڪپڙو استعمال ۾ ايندو هو، جيئن ام المؤمنين حضرت عائشہ رضي الله تعاليٰ عنها لاءِ ڪتاب لسان العرب ۾ اچي ٿو:

وفي حديث عائشہ رضي الله تعاليٰ عنها انہ راي عليها اربعة اثواب سند قبل هو نوع من البرود اليمانية.(2) مطلب ته حضرت عائشہ رضي الله عنها کي چار ڪپڙا سنڌ جا پهريل هئا، ڪن ان کي يمني چادرن جي جنس مان چيو آهي. اصل حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جو ڪپڙو يمن ۾ ويندو هو ۽ يمن سنڌ جي شين جي واپار جو مرڪز هو، اتان عرب پهچندو هو ۽ عرب کان يورپ تائين پهچندو هو، ان ڪري انهن کي يمني چادرون به سڏيو ويندو هو ۽ يمن ۾ سنڌي ماڻهو تمام گهڻي انداز ۾ رهندا هئا. خود پيغمبر عليہ السلام جي پيدائش واري زماني ۾ اتي تمام گهڻا سنڌي هوندا هئا، اهو ڪسريٰ نوشيروان جو زمانو هو. ان دور ۾ يمن اندر سنڌين جي طاقت ۽ قوت جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن حبشين، يمن تي قبضو ڪيو ته نوشيروان، اتي جي عرب حاڪم سيف بن ذي يزن کان پڇيو ته ”اي الاغربة الحبشة ام السند.“ مطلب ته يمن تي ڪهڙين ڌارين ماڻهن جو قبضو آهي؟ حبشين يا سنڌين جو؟

تصوف جي خيال کان به حضرت قلندر شهباز جي سامهون سنڌ جي شاندار ماضيءَ جو مطالعو ضرور رهيو هوندو، ڇوته لعل سائين جي اباڻي وطن ايران جو قديم صوفي ۽ فن تصوف ۾ پهريون مؤلف شيخ ابو نصر السراج الطوسي وفات 378هه پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”اللمع“ ۾ حضرت جنيد بغداديءَ جي عظيم معاصر حضرت بايزيد بسطامي کان روايت آندي آهي: قال ابويزيد البسطامي رحمہ الله تعاليٰ: صحبت ابا علي السندي، فکنت القنہ ما يقيم بہ فرضہ، وکان يعلمني التوحيد والحقائق صرفا. مطلب ته حضرت ابو يزيد بسطامي فرمايو ته مان علي سنديءَ سان صحبت ۽ رفاقت ڪئي، آءٌ هن کي اسلامي احڪام ٻڌائيندو هيس ۽ هو مون کي توحيد ۽ خالص حقائق جي تعليم ڏيندو هو.

ساڳئي مصنف ڪتاب اللمع ۾ بايزيد بسطاميءَ جي هڪ حڪايت نقل ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ابو علي سنڌيءَ کي استاد سڏي ٿو ۽ سندس مقام ۽ مرتبي جو ذڪر ڪري ٿو. هن مان سنڌ ۾ تصوف جي رواج ۽ علمي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو جو دنيا جو پهرين قلندر حضرت بايزيد بسطامي به هڪ سنڌي صوفي ابو علي سنڌي جو شاگرد ۽ معتقد هو.

وحکي عن ابي يزيد البسطامي رحمہ الله انہ قال: دخل علي ابو علي السندي رحمہ الله وکان استاذ وکان معہ جراب فصبہ بين يدي فاذا هو الوان الجواهر فقلت لہ، من اين لک هذا؟ قال: وافيت واديا هاهنا فاذا هي تضيءُ کالسراج فحملت هذا منها قال فقلت لہ: کيف کان وقتک وقت ورودک الوادي؟ قال: کان وقتي وقت فترة عن الحال الذي کنت فيہ قيل ذالک، وذکر الحکاية والمعني في ذالک: ان وقت فترتہ شغلوه بالجواهر.(1)

مطلب ته بايزيد بسطاميءَ کان حڪايت آهي: ان فرمايو ته هڪ ڏينهن اسان وٽ ابو علي سنڌي آيو ۽ هو بايزيد جو استاد هو، ان وٽ هڪ ٿيلهي هئي، جنهن کي ان منهنجي آڏو هاريو. ڇا ڏسان ته اهي رنگ برنگي موتي هئا. مون کيس چيو ته هي اوهان کي ڪٿان مليا؟ چيائين ته هتان هڪ واديءَ کان لنگهيس، جنهن ۾ هي موتي چمڪي رهيا هئا. هي اتان کنيم. بايزيد ٿو چئي ته مون کيس چيو ته جڏهن اوهان ان واديءَ کان لنگهي رهيا هئا ته اوهان جي حالت ڪيئن هئي؟ چيائين ته اڳ واري حالت بدلجي وئي هئي. يعني موتين کيس خدا سان مشغول رهڻ کان وقطي طرح موڙي ڇڏيو.

حضرت قلندر شهباز مسلمانن جي سياسي ۽ علمي تنزل ۽ تباهيءَ کي اکين سان ڏسي، نئين وطن ۽ نئين روحاني فيض جي نگري قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جو رخ رکيو، جو ان دور ۾ هن کان وڏو ڪو روحاني مرڪز نه ٿي ٿي سگهيو، ڇوته حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي بغداديءَ جو وڏو خليفو حضرت مخدوم نوح بکري سنڌي پڻ هتي موجود هو. جنهن پنهنجي فيض ۽ معرفت سان، ساري سنڌ کي واسي ڇڏيو هو. بهرحال لعل سائين ڪشالا ڪڍي ملتان پهتو.(2)

ملتان سالن جا سال سنڌ جو تختگاهه رهيو هو ۽ اتي منصوره سنڌ جو هڪ هباري سنڌي خاندان وادي سنڌ تي روحاني حڪومت ڪري رهيو هو. اهو هو شيخ الاسلام غوث بهاءُ الحق والدين ملتاني، جيڪو سهروردي طريقت جو وڏو رهبر ۽ سنئون سڌو شيخ شهاب الدين سهروردي بغداديءَ جو خليفو هو ۽ مخدوم نوح بکريءَ جي مزار تان پڻ فيض پرايو هئائين. هن جي درگاهه وقت جي اوليائن ۽ سلوڪ جي پانڌيئڙن جو مرڪز هئي، سندن صاحبزادو شيخ صدر الدين رحه به وڏو باڪمال بزرگ هو. هنن بزرگن جي صحبت اسان جي لعل سائين کي ڏاڍي راس آئي ۽ ڪجهه سال اتي رهي پيا.

حضرت شهباز قلندر جڏهن ملتان ۾ هئا، ته ان دور ۾ حسن اتفاق سان سلطان بلبل جي فرزند سلطان محمد خان شهيد (وفات 684هه) جي ملتان ۾ حڪومت هئي. خان شهيد صوفين ۽ اوليائن جي مجلس ۽ صحبت جو ڏاڍو دلدادو هو. ان ڪري حضرت قلندر شهباز جي ڏاڌي عزت ڪيائين ۽ سندس اها ڪوشش رهي ته شهباز لاءِ ملتان ۾ خانقاهه به ٺهرائي کين خانقاهه کان جاگير به عنايت ڪري، پر لعل سائين انڪار ڪيو، کيس ته سيوهڻ کي پنهنجي روحاني نگري بنائڻو هو ۽ روحاني فيض جي پالوٽ ڪرڻي هئي. پاڻ هتي اهو مقصد کڻي آيا هئا. کين هتي ڪو دنيوي فائدو هٿ ڪرڻو نه هو ۽ نڪي ڪو استحصال ڪرڻو هو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ هتي پنهنجي روحاني پيشوائن شيخ جمال ۽ سيد ابراهيم وانگر مجرد رهيا ۽ ساري عمر شادي نه ڪيائون. شهباز سائين جي ملتان واري زندگي بابت تاريخ ۾ سڀ کان اڳ تاريخ فيروز شاهي فارسي ۾ احوال آيل آهي ۽ اهو پهريون تاريخي ماخذ آهي، جنهن تان ٻين مؤرخن به ورتو آهي. اها عبارت هن طرح آهي:

”شيخ عثمان مريدي (مرندي) که بزرگوار مردي بود در ملتان رسيد- خان شهيد از معرفت و اعتقادي که داشت اورا بافرادا تواضع کرده و فتوح بسيار داشت و بسيار جهد کرد که آن بزرگ را در ملتان بدارد و برائي او خانقاه سازد و دهها دهد. شيخ عثمان را در مجلس خود طلبيد و بغزلهائ عربي استماع فرمود. ايشان و درويشان ديگر دز حالت وجد رقص ميکردند. خان شهيد تا آنزمان که درويشان در سماع و رقص بودند دست بسته استاده بود و زار زارمي گريست.(1)

هن ۾ وڌيڪ اها ڳالهه آيل آهي ته هڪ ڀيري خان شهيد، حضرت شيخ عثمان (قلندر) ۽ شيخ اڳواڻ صدر الدين بن شيخ بهاءُ الدين (غوث ملتاني) کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين پنهنجي مجلس ۾ عربي غزل ٻڌرايا. هنن بزرگن يعني حضرت لعل قلندر شهباز ۽ غوث بهاءُ الحق ملتانيءَ جي پٽ شيخ صدر الدين ۽ ٻين فقيرن کي وجد ۽ جذبو اچي ويو، ان حالت ۾ رقص ڪندا رهيا ۽ جيستائين فقير رقص ۽ سماع يعني راڳ جي ٻڌڻ ۾ هئا، ايستائين خان شهيد (ادب مان) هٿ ٻڌيون بيٺو هو ۽ زارو قطار روئي رهيو هو.

هن واقعي کي تاريخ فرشته واري به لفظ بلفظ آندو آهي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته ان تاريخ فيروز شاهيءَ تان ورتو آهي ۽ تاريخ فيروزشاهي غيا الدين بلبل جي دور جي نهايت مستند تاريخ آهي. ان هتي خان شهيد جي سندس زال کي طلاق خواجه صدر الدين عارف سان شاديءَ جو ذڪر نه ڪيو آهي. تاريخ فرشته ۾ ان جو به هتي بيان ڪيو ويو آهي، جو صحيح نه آهي.

صوفين فقيرن جو سماع ۽ راڳ سان عشق رهيو آهي. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو هڪ وڏو خليفو قاضي حميد الدين ناگوري هو.(1) (وفات 642هه) ان کي سماع سان ڏاڍو شوق هو ۽ انهيءَ ذوق ۽ شوق ڪري ظاهري عالمن ان جي خلاف فتويٰ به جاري ڪئي، پر هن بزرگ اهڙن فتوائن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي ذوق کي برابر جاري رکيو. حضرت بختيار ڪاڪي به ان سان برابر سماع ۾ شريڪ ٿيندو هو. ٻئي پاسي ان لاءِ سير العارفين جي مؤلف علم ۽ وقار جو ڪوهه قاف جبل لکيو آهي ۽ شيخ عبدالحق محدث دهلوي اخبار الاخيار ۾ ان جي حق ۾ لکن ٿا: ”او جامع بود ميان علوم شريعت و طريقتو حقيقت.“(1)

حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جو سماع سان ڏاڍو شوق هو، جو ان جي وفات به سماع ۾ ٿي. جيئن هڪ ڀيري شيخ علي سجستاني جي خانقاهه ۾ سماع جي محفل هئي، قوالن شيخ احمد جام جو هڪ قصيدو ڳائڻ شروع ڪيو. جڏهن هن شعر تي پهتا:

کشتگان خنجر، تسليم را،

هر زمان از غيب جان ديگر است.

ته حضرت قطب کي وجد اچي ويو ۽ اتي جو اتي تڪبير وڌل ڪڪڙ وانگر ٿڙڦڻ لڳو. ان حالت ۾ شيخ حميد الدين ناگوزي ۽ مولانا بدر الدين ثزنوي کين گهر وٺي آيا. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون برابر انهيءَ حالت ۾ رهيا. جڏهن نماز جو وقت ايندو هو ته وضو ڪري نماز پڙهندا هئا ۽ وري بيهوش ٿي ويندا هئا، ايستائين جو پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿيا. هي سن634هه جو واقعو آهي.(2)

لعل سائين لاءِ تحفة الڪرام جي روايت مطابق ملتان ۾ 262هه ۾ اچڻ لکيو ويو آهي، پر اها تصديق نه ٿي سگهي آهي ته سندن اها تشريف آوري پهرئين ڀيري واري هئي يا ڪنهن ٻئي ڀيري جو بيان آهي، جنهن جو مير علي شير کي اشتباهه ٿيو آهي. ڇوته ٻئي پاسي ائين به چيو وڃي ٿو ته قلندر سائين جون حضرت غوث ملتاني شيخ بهاءُ الدين زڪريا سهرورديءَ سان ملاقاتون ۽ مجلسون رهيون، گڏجي سنڌ ۽ ٻين پاسن جو سير و سفر ڪيائون. تذڪره معارج الولايت واري ته ان کي شيخ الاسلام بهاءَ الدين زڪريا ملتاني جو معتقد به ڄاڻايو آهي. جيئن لکي ٿو:

وي (يعني شيخ عثمان مرندي سندي) صاحب کمالات ظاهري و باطني و تصرفات صوري و معنوي بود خوراق و کرامات بي اختيار از وي بظهور مي آمدند، اصل وي از سند است سادات عظام حسيني است نام نامي وي سيد عثمان، مريد و خليفه شيخ الاسلام بهاءَ الدين زکريا ملتاني است، چون جذب و مستي بغايت داشت پابند احڪام شرع نبود، لباس سرخ داشتي و خطاب شهباز از پيشگاهه پير روشن ضمير بوي عطا شده، بود در خلق بسبب طريق ملامتيہ وي بحضرت شباز قلندر اشتهار يافت.(1)

ٻئي پاسي راحت القلوب ملفوظات شيخ فريد گنج شڪر ڪتاب جي روايت مطابق غوث بهاءَ الحق ملتاني جي وفات سن656هه ۾ ٿي آهي. هاڻي جيڪڏهن قلندر سائين تحفة الڪرام جي روايت پٽاندڙ ملتان سن 662هه ۾ تشريف آندي ته ڪيئن انهن غوث بهاءَ الحق ملتاني سان ريهاڻيون ڪيون. حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي پنهنجي ڪتاب اخبار الاخيار ۾ شيخ الاسلام زڪريا غوث ملتانيءَ جي وفات جو سال سن661هه لکيو آهي، ان حالت ۾ به ملاقات ممڪن نه آهي، هن کان سواءِ جو تحفة الڪرام واري تاريخي روايت کي غلط قرار ڏجي يا لعل سائين جي ملتان ۾ ٻئي ڀيري وڃڻ جو اهو بيان هجي، باقي جيڪڏهن سفينة الاولياءَ ۽ تاريخ فرشتہ ۽ مراة الاسرار جي روايت کي وٺجي ته پوءِ البت تحفة الڪرام جي روايت صحيح ٿي سگهي ٿي، ڇوته تاريخ فرشة سفينة الاولياءَ ۾ شيخ الاسلام غوث بهاءُ الحق ملتاني جي وفات سن666هه ۽ مراة الاسرار ۾ سن665 ڄاڻايل آهي.(1) معلوم ائين ٿو ٿئي ته سنڌ ۽ ملتان ۾ لعل سائين جي پنهنجي بزرگ ساٿين سان گهڻا ڀيرا اچ وڃ رهي آهي، جيئن حديقة الاولياءَ تاليف سيد عبدالقادر بن سيد هاشم ٺٽوي، تحقيق سيد حسام الدين راشدي ۾ پير پٺي جي تذڪره ۾ اهڙي سفر ۽ سياحت جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:

اتفاقا شاه عثمان شاه باز

آن شهي سردار دين سرفراز

همره شيخ الشيوخ صدر دين

شيخ زکريا بهاءَ الدين امين الغ

سنڌ جي اهي ڀاڳ هئا جو دنيا جو اهڙو عظيم عارف، صوفي ۽ صوفي ۽ قلندر حضرت مخدوم حافظ عثمان مرندي سير و سفر ڪندي سيوهڻ کي پنهنجي مستقل سڪونت لاءِ اختيار ڪيو ۽ سنڌڙيءَ جو شهباز سڏجڻ ۾ آيو.

نه هر که طرف کلہ کج نهاد تند نشست

کلاهداري و آئين سروي داند

هزار نکته باريک تر زمو اينجاست

نه هر که سر بتراشد قلندري داند

(حافظ شيرازي 791هه)


(1) حافظ ابن اثير جزري الڪامل عربي ج12 ص137 طبع مصر.

(1) الحافظ ابن اثير الجزري الکامل ج12 ص147 طبع قديم مصر

(1) علامه ابن اثير جزري. الکامل ج12 ص192-193 طبع قديم مصر.

(1) العلامة ابوالوليد محمد بن الشحنہ - تاليف روضة المناظر في اخبار الاوائل والاواخر ص113-114 برحاشيہ تاريخ الکامل طبع قديم.

(1) عرب و هند عهد رسالت مين بحوالہ مجموعہ کلمات و رسائل مولوي بخاري قلمي ورق 190 (ندوة المصنفين دهلي) 191

(1) مجمع البحرين ۾ لفظ سند هيٺ اها تحقيق آيل آهي.

(2) لسان العرب ج3 ص223 - طبع بيروت.

(1) ابو النصر السراج الطوسي - ڪتاب اللمع ص401 طبع دارالکتب الحديثہ مصر سنة 960هه.

(2) سيد علي شير قانع تحفة الکرام ج3 ص136 ۾ لکن ٿا: شيخ (عثمان قلندر) در حدود سن اني وستين و ست مائہ (662هه) در ملتان شريف آورد.

(1) ضياءَ الدين برني- تاريخ فيروز شاهي فارسي طبع ڪلڪته ص68-69. تاريخ فرشته ج1 ص10

(1) خزينة الاصفياءَ ص310

(1) سيد صباح الدين. بزم صوفيه ص86 طبع معارف اعظم ڳڙهه.

(2) مولانا نور احمد فريدي- بهاءَ الدين زڪريا م لتاني بحواله معارف الولايت) ص169، 170 طبع ملتان.

(1) مير علي شير قانع - تحفہ الڪرام فارسي ج3 ص136 - عبارت هي آهي: شيخ در حدود سن ”اثني و ستين و ست مائة“ در ملتان شريف آورد.

(1) سيد صباح الدين بزم صوفيہ ص103-104 مطبع معارف اعظم ڳڙهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com