وهو دخل بجنة بالسلام
ميان محمد ڪامل ڪٽباري
(ولادت: 1150هه - 1737ع - وفات: 1239هه - 1824ع)
حسب و نسب:
ميان محمد ڪامل بن محمد ڄام بن سليمان بن محمد ڄام بن لعلو. هن
بزرگ جو وڏو ڏاڏو لعلو آهي، ان کي ست پٽ هئا، جن
جي اولاد کي لعلو پوٽا سڏيو وڃي ٿو. اهي اصل ۾
ابڙن جي وڌن قوم مان گهوٽه پاڙي مان آهن. ڄامن جي
سنڌ تي وڏي حڪومت رهي، اها حڪوت سبي تائين ڦهليل
هئي، ان دور ۾ ابڙن جي وڏي حڪومت ۽ سرداري هئي. هي
وڏا جيڪي ابڙن جي هڪ شاخ آهي، تن جو ملڪ موري تي
قبضو هو ۽ انهن مان ڪي شهر ڇتر ۽ لهڙيءَ ۾ به
رهندا هئا، پر سندن وڏو زور ۽ غلبو موري ۾ هو،
جيئن ته اڄ به گنجابه ۽ فتحپور جي ويجهو پنگرودهه
۾ انهن جا اهڃاڻ موجود آهن، جيڪي پنگرودهه جي نالي
سان سڏيا وڃن ٿا، اهو ان قوم جو سردار هو.
ڳالهه ٿا ڪن ته وڌن مان هڪ شخص وڏو مالدار ۽ سوداگر هو، جيڪو
واپار جي سانگي ڪوٽ ماٿيلي ۾ ويندو هو، اهو ڪوٽ ان
دور ۾ ڪنهن هندو راجا جي قبضي ۾ هو. هڪ ڀيري ڇا
ٿيو جو راجا ۽ اهو وڏو مالدار هڪ ٻئي ۾ اها شرط
هڻي شطرنج کيڏڻ لڳا ته جيڪو هارائيندو سو ٻئي کي
سنڱ ڏيندو، نيٺ راجا هارايو ۽ سنڱ ڏيڻ کان به
انڪار ڪيائين ۽ هن واپاري کي گهٽ وڌ به
ڳالهايائين. ويچاري هن واپاري ٻي ڪا واهه نه ڏٺي
ته ماٺڙي ڪري اچي موري پهتو ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن
۽ رئيسن کي سڄو درد جو داستان ٻڌايو ۽ وير وٺڻ
لاءِ چيو. ماڻهن ۾ قومي حميت جو جوش جاڳيو.
ڪيترائي جوڌا جوان راجا کان وير وٺڻ ۽ وڙهڻ لاءِ
تيار ٿي ويا، انهن مان هڪ جوان جو پيءُ ڏاڍو پوڙهو
هو، جنهن پنهنجي پٽ کي وڃڻ کان روڪيو، پر انهيءَ
سمجهائڻ ڪوبه فائدو نه ڏنو. نيٺ پوڙهو به هلڻ لاءِ
تيار ٿيو، پنهنجي پٽ کي اڪيلو نه ٿي ڇڏي سگهيو.
گهڻي زوربار کان پوءِ پوڙهي کي به ساڻ ڪيائون ۽ سڌ
رکيائون ماٿيلي ڏانهن. جڏهن ماٿيلي جي ويجهو پهتا
ته شهر ۾ گهڙڻ جي تدبير سوچيائون ۽ سڀني گڏجي پير
مرد کي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو. پير مرد، جهانديده ۽
تجربيڪار هو. تنهن صلاح ڏني ته شاديءَ جي ڄڃ بڻجي
ڳوٺ ۾ داخل ٿيو، ڪي ماڻهو زنانا ڳاڙها ڪپڙا پائين
ته ڪي دهل دماما وڄائين ته ڪي وري شهر جي ٻاهران
گهوڙا ڊوڙائين ته ماڻهن جو انهن ڏانهن ميلان ٿئي ۽
ٻيا قلعي ۾ ڌوڪي پون. اها صلاح ڏاڍي ڪم آئي،
لڙائيءَ ۾ راجا مارجي ويو. ان جي مال، ملڪيت ۽
خزاني تي قبضو ڪيائون. راجا جي ڌيءَ کي ان
واپاريءَ سان پرڻايائون ۽ ان ملڪ تي به قبضو
ڪيائون ۽ اڄ تائين انهن جي اتي زمينداري آهي ۽
گهوٽڪيءَ جو شهر به انهن جي نالي تي سڏجي ٿو. هن
واقعي کان پوءِ انهن کي گهوٽ سڏيو ويو جو انهن
گهوٽن جو لباس پاتو هو. ميان محمد ڪامل صاحب به
انهيءَ قوم مان هئا.
ميان محمد ڪامل 1150هه ڌاري ڄائو. پير موسيٰ شاه جيلاني گهوٽڪي
وارن جي وڏي فرزند پير محمد صالح شاهه جو استاد
مولانا محمد شريف، ميان محمد ڪامل جو چاچو چيو وڃي
ٿو. مولانا محمد شريف ۽ ميان محمد ڪامل جي ڀاءُ
حافظ محمد حيات جون قبرون پير موسيٰ شاه جي
خانقاهه جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ ۾ آهن. حافظ محمد
حيات سڄي عمر اڪيلو رهيو ۽ شادي نه ڪيائين، منهن
ڍڪيندو هو ۽ دنياوي لاڳاپن کان دور رهندو هو.
ميان محمد ڪامل جو والد بزرگوار ميان محمد ڄام، ميان محمد ڪامل
جي صغيريءَ ۾ ئي گذاري ويو هو، ان ڪري هن ننڍڙي
نينگر جي تربيت لنجار قوم جي هڪ بزرگ خليفه
صاحبڏني وٽ ٿي. خليفو صاحبڏنو، ميان محمد ڪامل جي
چاچي مولانا محمد شريف جو شاگرد هو ۽ مخدوم مولانا
محمد صديق جو مريد ۽ تربيت يافته هو. مولانا محمد
شريف جي وفات کان پوءِ پير صاحبن جي مدرسي ۾ استاد
جي جاءِ تي تعليم ڏيندو هو ۽ ميان محمد ڪامل جي
تعليم ۽ تربيت جو کيس ڏاڍو اونو هوندو هو.
ميان محمد ڪامل، خليفي صاحبڏني وٽ پڙهندو هو، ان جي واسطي سان
مخدوم محمد صديق وٽ به ايندو ويندو هو، هڪ ڀيري
ميان محمد ڪامل جو پنهنجي مامي عمر نالي سان سنڱ
جي ڳالهه تي اختلاف ٿي پيو، سندس مامي هن کي ڌيءُ
جو سنڱ ڏيڻو ڪيو هو، جو پوءِ ڦري ويو. ميان محمد
ڪامل پنهنجي استاد خليفي صاحبڏني وٽ شڪايت ڪئي،
جنهن وري ان کي مخدوم محمد صديق وٽ موڪليو، مخدوم
کين پير موسيٰ شاه جيلاني گهوٽڪيءَ وارن ڏانهن
موڪليو. مخدوم محمد صديق هر جمعي تي پنهنجي ڳوٺ کڏ
واريءَ مان گهوٽڪي ايندو هو ۽ هتي نماز ادا ڪندو
هو، نيٺ خليفو صاحب، هن نيڪ شاگرد کي ساڻ ڪري پير
صاحب وٽ وٺي ويو. پير صاحب کي سنڱ وٺي ڏنو. ان کان
پوءِ محمد ڪامل وڃي کڏ واريءَ ۾ رهيو ۽ مخدوم محمد
صديق وٽ ذڪر اذڪار ۾ مشغول ٿيو، ان سان گڏ مرشد جي
چوڻ کان سواءِ انهن جي درگاهه جو گهڻو ڪم ڪندو هو،
انهن جو مال چاريندو هو، اٽو پيهندو هو ۽ لنگر ۾
به ڪم ڪندو هو. ڏهن ٻارهن سالن جي رياضتن کان پوءِ
کيس خلافت ملي. مخدوم صاحب پاڻ کيس ڏاڍو لڪل رکندا
هئا، ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجو منجهه نه ڏيندا
هئا، ميان محمد ڪامل به گهڻو عرصو پنهنجي مرشد جي
پيرويءَ ۾ گهڻو لڪ ڪندو هو، ڪنهن کي به پنهنجو راز
نه سليندو هو.
گهوٽڪيءَ کان ڪٽبارن ڏانهن هجرت
گهوٽڪيءَ جي جيلاني پيرن جو وڏو عروج هو، وقت جا حاڪم ٽالپر
امير به سندن معتقد هئا. پير موسيٰ شاه جو سڀ کان
ننڍو فرزند سيد عابد شاه جيلاني حق کان هٽي اهڙو
زور ورتو هئائين، جو زوري غريب ماڻهن جون زمينون
پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويو هو، وقت جا حاڪم به ان جا
طرفدار هئا. ڪنهن کي مجال هئي جو ويهي مقدما ڪري،
ان ڪري گهوٽه قوم جا ماڻهو اتان لڏي ويا. ميان
محمد ڪامل جي ان وقت ٽيهه سال عمر هئي، پير عابد
شاه جي اها سڀ ماجرا پنهنجي مرشد مخدوم محمد صديق
کي ٻڌايائين، جنهن کيس فرمايو ته تون پنهنجي قبيلي
جا ماڻهو وٺي لسٻيلي ڏانهن لڏي وڃ! ان تي ميان
محمد ڪامل عرض ڪيو ته قبلا! لسٻيلو اسان جي وطن
کان تمام پري آهي، ٻيو ته اوهان مرشدن جي خدمت کان
به پري ٿي پوندس، ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ حڪم
فرمايو! مخدوم صاحب اهو ٻڌي فرمايو ته چڱو ته
اوهين مير نصير خان بروهيءَ جي رياست ڪڇي، علائقي
لهڙيءَ جي ڪٽبار ڳوٺ ڏانهن هليا وڃو ۽ اتي وڃي
رهو. نيٺ انهن مان ڪي تونيه جي ڳوٺ جي اوڀر ۾
جوڻيجن ۾ وڃي رهيا ۽ ميان محمد ڪامل گهڻن ماڻهن
سان گڏجي ڪٽبارن جي شهر ۾ (جيڪو گوده جي نالي سان
مشهور هو) وڃي رهيا ۽ ٽي چار سال اتي گذاريائون،
پوءِ پير موسيٰ شاه جي روحانيت کان موڪل وٺي ڪڇي
جي حاڪم وٽ فرياد داخل ڪيائون ۽ خان صاحب نصير خان
ڪلان جي سفارش سان سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان
ٽالپر وٽ پنهنجي زمينن جي واپسي ۽ حق رسيءَ لاءِ
عرض ڪيائون. نيٺ شريعت جي فيصلي موافق پير عابد
شاه کان اهي زمينون کسائي، هنن گهوٽن کي ڏنيون
ويون، تنهن ڪري ميان محمد ڪامل جا گهڻا عزيز
ڪٽبارن کي ڇڏي گهوٽڪي موٽي آيا، باقي ميان محمد
ڪامل کي سندس مرشد حڪم ڪيو ته اوهين اتي ڪٽبارن ۾
رهو، اتي اوهان ۽ اوهان جي اولاد جو اوج ٿيندو،
نيٺ ميان محمد ڪامل، مرشد کي فيض جو چيو مڃي اتي
ئي رهي پيا ۽ گذران لاءِ کيتي ڪرائيندا هئا ۽
ماڻهن کي ڏيندا رهندا هئا، هن سلسلي ۾ تذڪره نويسن
سندن گهڻيون ڪرامتون لکيون آهن.
علميت
ميان محمد ڪامل جيتوڻيڪ شرح ملا جامي تائين پڙهيو هو، پر سندن
اندر واريون اکيون سجاڳ هيون. سندن آڏو ڪيڏا به
اوکا مسئلا ايندا هئا ته انهن کي حل ڪري ڇڏيندو
هو. مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊويءَ کان روايت آهي
ته هڪ ڏينهن اهو علامه (مولانا عبدالحليم) ميان
محمد ڪامل جي آڏو قرآن مجيد جي آيت ”فما ربحت
تجارتهم“ جو تفسير بيان ڪري رهيو هو ته ميان صاحب
ٻڌي فرمايو ته هن آيت جون ٻيون به توجيهون آهن،
پوءِ انهن مان ٽي توجيهون بيان فرمايائون، جن کي
مان ڪنهن به تفسير ۾ نه ڏٺو آهي ۽ ائين پئي معلوم
ٿيو جو لوح محفوظ تان واقفيت لهي ٻڌايون اٿن. ڪنهن
شاعر سچ چيو آهي:
نگار من که بمکتب نرفت و خط نه نوشت،
بغمزه مسئله آموز صد مدرس شد.
ميان محمد ڪامل کي ٽي پٽ ٿيا: (1) ميان محمد ڄام (2) ميان محمد
حيات (هي بزرگ مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو همدرس
هو) (3) ميان محمد حسن.
وفات
ميان محمد ڪامل کي درد گرده جو عارضو ٿي پيو هو. شدت درد کان کٽ
کي اونڌو ڪرائي شهتير سان ٻڌائي پينگهه بنائي ان ۾
لڏندا هئا. تڏهن کين ڪجهه آرام ايندو هو، پوءِ اها
سندن عادت ٿي وئي. هڪ ڀيري پنهنجي سڀني صاحبزادن
کي گهرائي چيائون ته حضور صلي الله عليہ وسلم مون
کي فرمايو آهي ته تون بهار ۾ اسان وٽ ايندين، بهار
جي موسم به ويجهي هئي، پر اهو بهار خير سان گذري
ويو. اولاد کي ڏاڍي خوشي ٿي. ميان صاحب فرمايو ته
آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جو فرمودو سچو آهي،
جي هي بهار نه ته ٻي بهار ۾ اسان جو اسرڻ ٿيندو.
نيٺ ائين ئي ٿيو. جڏهن ٻيو بهار آيو ته پاڻ وري
گردي جي عارضي ۾ مبتلا ٿي پيا. پيشاب بند ٿي ويو.
چار پنج ڏينهن بيمار رهي تاريخ 6 رجب 1239هه، سومر
ڏينهن منجهند وقت وصيت ۽ ذڪر ڪندي هن فاني دنيا
کان لاڏاڻو ڪيائون ۽ وڃي حق سان واصل ٿيا.
ملا جان محمد تونيه اصل ويٺل ڀاڳ ناڙي، لڏي ويٺل روهڙي، مير
صاحبن طرفان قلات ۽ ڪابل لاءِ وڪيل ٿي وڃي رهيو
هو، ميان صاحب جي وفات کان پوءِ اوڏانهن ان جو وڃڻ
ٿيو. ميان صاحب جي تاريخ وفات جو هيٺيون بيت لکي
وڏي پٿر تي ڪابل جي ڳوٺ باميان مان اڪرائي کڻي آيو
هو. بيت هي آهي:
بدز هجرت هزار و دو صد و چهل
که گذشت از جهان ولي کامل
هتي يک کم چهل هجڻ کپندو هو، پر ضرورت شعري ڪري ائين آندو ويو
آهي.
مولانا فقيهه، اديب محمد قاسم ياسيني، ميان صاحب جي تاريخ وفات
هن طرح لکي آهي:
رهبري عالم محمد کامل آنکه
کور چشمان ز او چه بينائي گرفت
عارفِ حق، مرشدِ هر خاص و عام
از شراب فيض سقالي گرفت
ششمين تاريخ بوده از رجب
کو برضوان مجلس آرائي گرفت
جستم از دل وقت سالِ رحلتش
خاطر اندر خوض رعنائي گرفت
چونکه خلوت بود خويش زين سبب
ارخ آمد کنج تنهائي گرفت
ٻي تاريخ وفات ساڳي شاعر جي چيل:
محمد کامل آن عارف رهبر حقاني
که مي تابيد از سيمائ او انوار رباني
ندائي ارجعي آمد چون اندر گوش رهبر
بزودي کرد رحلت اختيار از عالمِ فاني
بروزِ ششم از ماهِ رجب زين دار دنيا رفت
چو سال او ز دل جستم بگفتا ظل رحماني
1239هه
مولانا محمد حيات ڪٽباري
(وفات: 1255هه - 1839ع)
مولانا محمد حيات ميان محمد ڪامل صاحب ڪٽباريءَ جو ٻيو نمبر
فرزند آهي. ميان محمد ڪامل جي وڏي فرزند جو نالو
محمد ڄام آهي. هو رڳو فارسي پڙهيو هو ۽ چڱو
پرهيزگار انسان هو. ميان محمد ڪامل جي وفات کان
پوءِ جڏهن سجاده نشينيءَ جو سوال اٿيو، تڏهن ميان
نور محمد صاحبزاده مخدوم محمد صديق گهوٽڪيءَ وارا
۽ استاد العلماءَ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي گڏجي
مولانا محمد حيات کي مسند تي ويهاريو. ڇوته هتي
فضل و علم جو سوال هو، ننڍ وڏائي جي ڳالهه نه هئي،
ان تي ميان محمد ڄام ناراض ٿي هليو ويو ۽ بکڙه
ماڇيءَ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي کيتي ڪري گذران ڪندو هو ۽
ڪڏهن ڪڏهن گهوٽڪي به ويندو هو ۽ پنهنجي چاچي مولوي
عبدالرئوف سان گڏ زمين تي رهندو هو.
مولانا محمد حيات هڪ وڏو عالم هو، مولانا عبدالحليم صاحب
ڪنڊويءَ جو همدرس به رهي چڪو هو. قراءَت جو به
ماهر هو. علم حديث ۾ کيس ملڪو ۽ تبحر حاصل هو.
روايت آهي ته هن هڪ عرب محدث کان حديث ۾ استفاده
ڪيو هو ۽ ان کان علم حديث جي اجازت حاصل ڪئي هئي،
مولانا مولوي محمود صاحب ڀاڳ وارن وٽ، مولانا
عبدالحليم ڪنڊويءَ سان گڏ پڙهيو هو، مولانا محمود
ڀاڳ وارن جي وفات کان پوءِ ان جو شاگرد مولانا نور
محمد پنجابي ڀاڳ ۾ پڙهائيندو هو، ان کان به مولانا
محمد حيات علم پرايو آهي. مسند خلافت تي ويهڻ کان
پوءِ توجهه، تلقين ۽ مريدن، معتقدن سان منهن ڏيڻ
جو سمورو ڪم پنهنجي ننڍي ڀاءُ ميان محمد حسن جي
حوالي ڪري پاڻ شاگردن کي پڙهائڻ ۽ مسجد جي امامت
کي لڳي ويو. وٽن هر طرف کان شرعي فيصلا ايندا هئا،
جن کي سهڻي نموني ۾ نڀائيندو هو.
شڪل و شباهت
مولانا محمد حيات جي شڪل و شباهت بابت روايت آهي ته پاڻ ڊگهي قد
وارا هئا، مٿي جا وار به ڊگها رکندا هئا جو ڪلهن
کان لڙۡڪندا هئا، سونهاري به سيني تي پوندي هين،
ڪڏهن ان کي مينديءَ سان رنگ ڪندا هئا ته ڪڏهن اڇي
ڇڏي ڏيندا هئا، سندن اکيون پاسن کان ڪاريون هيون ۽
وچ ۾ سرخي هين، نڪ ڊگهو هين، سندن ڪرامتون به
گهڻيون ئي بيان ڪيون ويون آهن.
وفات
مولانا محمد حيات صاحب سورهن سال، ڇهه مهينا برابر ماڻهن کي
لڳولڳ فيض پهچائيندا ۽ مريدن کي به تڪميل ڪرائيندا
رهيا. ڪٽبارن ۽ ساري ڪڇيءَ ۾ هڪ وبا اچي منهن
ڪڍيو. پاڻ به ان ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ ڇنڇر ڏينهن اسر
مهل تاريخ 23 مهيني ربيع الاخر 1255هه ۾ وعظ ۽ ذڪر
ڪندي آخرت ڏانهن لاڏاڻو ڪيائون. ڳالهه ٿا ڪن ته
ميان صاحب جي وفات کان پوءِ وبا به رڪجي وئي، پاڻ
آخري شهيد هئا. سندن تربت ڪٽبارن ۾ آهي، جنهن تي
هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي:
زين باغ بيوفا چو بلبل پريد شد
اي واي گل طبيعت دامن دريده شد
استاذنا که اسم محمد حيات داشت
تاريخ آن مؤرخ اي دل چراغ بد
1255هه
مولانا مفتي محمد قاسم ياسينيءَ جي چيل تاريخ:
آن محمد حيات غوث زمان
مرد معنيٰ هڙ بربيشه انس
کرد رحلت زين سر اي غرور
گشت محفل نشين بروح القدس
عالمي از فراق او مجزون
ليک او در جهان بشادي عرس
سال جستم سروش داد ندا
(او که بود) پاک باز خلوت قدس
اولاد
مولانا محمد حيات صاحب جي جلال خان ڳوٺ مان اعواڻ قوم جي هڪ نيڪ
سيرت نالي حاجي ابراهيم جي نياڻي مائي مريم سان
شادي ٿي هئي. حاجي ابراهيم، رئيساڻي سردارن جي
مرشد سلطان عبدالرحيم ساهڙن وارن جو ڀائيٽو هو.
سلطان عبدالرحيم جي قبر اڃان تائين شهر جلال ۾
موجود آهي ۽ عام و خاص ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي.
مولانا محمد حيات کي هن بيبي صاحبه مان ٻه پٽ ٿيا:
(1) محمد اشرف جو سورهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري
ويو. (2) ميان محمد اڪرم جو وڏو اهل الله ۽ عالم
هو، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ان جي مسند تي
ويٺو. مولانا محمد حيات جي وفات کان پوءِ به ان جي
وڏي ڀاءُ ميان محمد ڄام کي مسند نشينيءَ جي اميد
پيدا ٿي، پر هن ڀيري به ان کي سجاده نشيني نه ملي
۽ ميان محمد اڪرم کي مسند تي ويهاريو ويو. ميان
محمد ڄام سن1260هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس جسد
خاڪيءَ کي ڇهن مهينن کان پوءِ بکڙه ماڇيءَ مان ڪڍي
ڪٽبارن ۾ آندو ويو ۽ اتي دفن ڪيو ويو. (عمدة
الاٰثار)
مولانا ميان حسن ڪٽباري
(ولادت: 1198هه - 1784ع - وفات: 1274هه - 1858ع)
مولانا ميان محمد حسن، ميان محمد ڪامل صاحب جن جو سڀني کان ننڍو
پٽ آهي، هن جي ولادت سن1198هه ۾ ٿي، هن بزرگ
پنهنجي والد ميان صاحب وڏن کان فيض پرايو. ڳالهه
ٿا ڪن ته باطني ڪمالات ۾ پنهنجي پيءُ کان به اڳتي
وڌو ويو. والد يا پنهنجي ڀاءُ مولانا محمد حيات جي
حياتيءَ ۾ ميان محمد حسن پنهنجي ٻن غلامن
عبدالرحمٰن ۽ ڇتي سان گڏجي پوک ۽ لنگر جي ڪم ۾ لڳو
رهندو هو، ان سان گڏ خدا پاڪ جي عبادت ۽ رياضت
بدنيءَ ۾ مشغول هوندو هو. مولانا محمد حيات جي
وفات کان پوءِ به مسند تي ويهڻ نه قبوليائين ۽
پنهنجي ڀائٽي ميان محمد اڪرم ولد مولانا محمد حيات
کي مسند خلافت تي وهاريائين. ان وقت سندس عمر
ڪرڙوڍيءَ جي هئي، هزارين ماڻهو کانئس فيض پرائڻ
ايندا رهيا، ان ڪري ٻين ڪمن ڪارين کان هٿ ڪڍي ويا
۽ رڳو خدا جي مخلوق کي فيض پهچائڻ ۾ لڳي ويا. |