سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :21

 

عالمن جو سنڌي ساهتيه ۾ حصو

سنڌي ٻولي هن پياري ديس جي سون سالن کان علمي ۽ ڳالهه ٻول جي زبان رهي آهي. پنهنجي قدامت ۽ وسعت ڪري ڪابه ٻي ٻولي هن سان ڪَرَ ساهي نه ٿي سگهي. هونءَ ته موهن جي دڙي واري دور کان هزارين سال هن مٺڙي ٻولي جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر افسوس جو اسلام کان اڳ وارو ادبي ۽ علمي سرمايو زماني جي انقلاب ڪري ناپيد آهي. اسلام کان پوءِ وارو علمي مواد تاريخي لحاظ کان سنڌ جي ديني عالمن جي ڪوششن سان قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو آهي، جو منصوره سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ 251هه ڌاري پورو ٿيو. هن کي دنيا جي مشهور مورخ ۽ جاگرافي نويس بزرگ بن شهريار پنهنجي جڳ مشهور تاليف ”عجائب الهند“ (عربي) جي 3 صفحي تي آندو آهي. هن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ساهتيہ جي ابتدا ديني عالم هٿان ٿي، جنهن عالم اسلام ۾ سڀ کان پهريائين اهو علمي ڪم سرانجام ڏنو.

استحصالي قوتن جي اها ڪيڏي نه ستم ظريفي چئجي جو قديم دور کان هن مقدس ٻوليءَ کي ريٽي ٻين ٻولين کي فوقيت ڏني وئي، پر هڪ پاسي شاباس آهي، هتي جي عوام کي جو بک ڏک ۾ پنهنجي پياري مادري ٻوليءَ کي ساهه سان سانڍيندا آيا ته ٻئي پاسي هتي جا ديني عالم به هن جي حفاظت ڪندا آيا. قديم دور جا اسان کي جيڪي سنڌي بيت مليا آهن، اهي گهڻو ڪري سنڌي عالمن ۽ اوليائن جا چيل آهن، جن ۾ تصوف ۽ حڪمت جي عظيم نڪتن کي انهن ۾ سموهيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن مخصوص رسم الخط نه هجڻ ڪري عالمن جي اها ڪوشش هڪ نهج تي نه ٿي سگهي. 11 صدي هجري جي آخر ۾ سنڌي رسم الخط جي ايجاد جو سهرو وري به هڪ سنڌي ديني عالم مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي سر تي سونهي ٿو، جنهن سنڌي زبان جي رسم الخط بنائي ۽ انهيءَ رسم الخط ۾ سنڌي زبان جو نماز جي ديني مسئلن ۾ ”مقدمة الصلواة يا سنڌي ابوالحسن جي“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن کي موجوده سنڌي ساهتيہ ۾ اوليت حاصل آهي. هن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن جي ڪن مسئلن جي سنڌيءَ ۾ اصلاح ڪئي. ان جي رد ۾ مخدوم صاحب جي هڪ وڏي معاصر مخدوم محمد قائم سنڌي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ مقدمة الصلواة سنڌي جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين عالمن کي پڻ هن ڪتاب جي اهميت کان واقف ڪيو. هنن ٻن عالمن جي وچ تي هن پهرئين سنڌي ڪتاب تي اهو تحقيقي بحث مباحثو هلندو رهيو، جو ان وچ ۾ مخدوم قائم پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿيو، نه ته شايد ڪي دفتر وجود ۾ اچي وڃن ٿا.

عين ان وقت جڏهن مخدوم ابوالحسن سنڌي ۾ اهو ڪتاب لکيو، نيرون ڪوٽ جي هڪ ٻئي سنڌي عالم، علم ميراث جي مشهور ڪتاب سراجي للسجاوندي جو سنڌي ڪبت ۾ ترجمو ڪيو. علم ميراث کي ديني اصطلاح ۾ اسلامي علمن جو نصف يعني اڌ سڏيو ويو آهي. ان لحاظ سان اهو ڪتاب ننڍي کنڊ ۾ هن علم اندر پهريون ڪتاب آهي. ٻين ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب گهڻو پوءِ لکيا ويا. خوشقسمتيءَ سان ان ڪتاب جو هڪ نادر نسخو گذريل سال مون کي ٿرپارڪر جي علمي سفر دوران هٿ آيو، ان کي جلد ڇپايو ويندو.

ميون ابوالحسن جي رسم الخط واري ڪوشش کان پوءِ ديني عالمن سنڌي ساهتيه ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو ۽ سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي، ٻولي جي علمي ڀنڊار کي ڀريو، جيئن مخدوم ضياءَ الدين (ولادت 1091هه وفات 1171هه) هيءُ بزرگ عالم اصل ۾ سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ جوڻ ۾ پيدا ٿيو. مخدوم عنايت الله کان ٺٽي ۾ مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو جي معيت ۾ علم پرايائين ۽ سنڌ جو وڏو عالم ۽ استاد ثابت ٿيو، جو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سندس خاص شاگرد هو. هن بزرگ به فقهي مسئلن ۾ هڪ ڪتاب ”سنڌي ضياءَ الدين جي“ لکيو، ان ۾ ميون ابوالحسن جي مقدمة الصلواة کان ڪجهه وڌيڪ مسئلا آندا ويا آهن. هن بزرگ جي ٻولي جو لهجو نهج لاڙي آهي.

هن بزرگ جي شاگرد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي استاد جي پيروي ۾ ديني خدمت جي ضمن ۾ سنڌي ساهتيه جي خدمت شروع ڪئي ۽ ان ۾ هر موضوع تي هزارين صفحا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا. مخدوم صاحب جي علمي خدمت مان موضوع جي خيال کان قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي ۽ تفسير هاشمي کي وڏي اهميت آهي. پوئين دور ۾ اهو پهريون ترجمو آهي، جو هڪ مستند عالم لکيو ۽ ٻين لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو اهو ترجمو ۽ تفسير مڪمل ٿي نه سگهيو.

هن بزرگ عالم عقائد ۾ ”بناءَ الاسلام“ نالي سنڌي ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن دنيا جي مشهور عالم ۽ محقق علامہ عمر بن مسعود تفتازاني تي ڀرپور رد لکيو، جنهن خدا پاڪ جي توحيد جي ثبوت ۾ قرآن حڪيم جي دليل لَوٗ کان فِيهِمَا آلِهَة اِلا الله لفسَدتا دليل کي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”شرح عقائد نسفي“ ۾ ظني دليل يا برهان ظني سڏيو آهي. مخدوم صاحب ”بناءَ الاسلام“ ۾ هن دليل کي برهان قطعي ثابت ڪيو آهي. افسوس آهي جو بناءَ الاسلام جي هڪ نئين ڇاپي ۾ انهن علمي بيتن کي نه آندو ويو آهي.

مخدوم محمد هاشم عربي ۾ ”فرائض الاسلام“ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ”فرائض الاسلام“ لکيو، جو وڏو علمي ۽ معياري ڪتاب آهي. اهڙو ڪتاب علمي دنيا ۾ اڄ تائين ڪنهن ٻي ٻولي ۾ نه لکيو ويو آهي.

سنڌ ۾ شڪار پراڻي دؤر کان هليو اچي. سنڌو درياءَ ڪري سرديءَ جي موسم ۾ هتي دريا جي پاڻي سان ڀريل ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ هزارين پکي ٻاهرين ملڪن مان اچي لهندا آهن، انهن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. ٺٽو ضلعو ته اهڙي شڪار کان مشهور آهي. ساڳي وقت جهنگل ۽ زمينن ۾ تتر، تلور وغيره عام جام آهي، انهن جو پڻ شڪار هلندو رهندو آهي. ذبح ۾ حلال ۽ حرام جو خيال رکڻ ضروري آهي. مخدوم صاحب عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ ”ذبح شڪار“ يا ”راحة المؤمنين“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ شڪار جي ديني مسئلن کي سمجهايو ويو آهي.

روزي جي مسئلن ۾ مخدوم صاحب عربيءَ ۾ ”مظهر الانوار“ فارسي ۾ ”حيات الصائمين“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”زاد الفقير“ ڪتاب لکيو. اهو به هن موضوع تي عالم اسلام ۾ منفرد ڪتاب آهي، ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ عربي سميت اهڙو محقق ۽ منفرد ڪتاب نه لکيو ويو آهي.

مخدوم محمد هاشم نه رڳو سنڌي ڪتابن جي جوڙڻ سان سنڌي ساهتيه جي عظيم خدمت ڪئي، پر اهي ڪتاب ٻاهرين عالمن کي، جن جي ٻولي سنڌي نه هئي، انهن کي اهي سنڌي ڪتاب پڙهايا. سيد عبدالرحمٰن مڪي عربستان مان ڪهي مخدوم صاحب وٽ ٺٽي ۾ پڙهڻ آيو. مخدوم صاحب ان کي جيڪي ڪتاب پڙهايا، انهن جي سند يا ڊگري عطا ڪئي، اها سَند ٻنهي بزرگن جي هٿن سان لکيل ۽ مخدوم صاحب جي تصديق سان گڏ منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. ان ۾ ڪيترن سنڌي ڪتابن جا نالا پڻ درج آهن، جيڪي سيد عبدالرحمٰن مڪي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان پڙهيا آهن. مخدوم صاحب جي فرزندن مخدوم عبدالرحمٰن ۽ مخدوم عبداللطيف پڻ پنهنجي والد بزرگوار جي پيروي ۾ سنڌي ساهتيه جي خدمت ڪئي، پر مخدوم صاحب جو هڪ شاگرد مخدوم عبدالله، جيڪو ڪڇ جو ويٺل هو، ان کي سنڌي ساهتيه جي خدمت ۾ مخدوم محمد هاشم جو صحيح جانشين سڏجي ته بجا آهي. اهو بزرگ هن سلسلي ۾ پنهنجي استاد مخدم محمد هاشم ۽ ٻين ٺٽي جي عالمن کان گوءِ کڻي ويو. هن جي سنڌي تصنيف کي گڏ ڪري ڏسبو ته اها هزارن صفحن تي پهچي ٿي، جيئن ڪنز العبرت، خزانہ اعظم، قمر المنير، بدر المنير، نور الابصار، هفت بهشت، تفسير سورت يوسف وغيره.

مخدوم عبدالله نري ڪڇ واري جو ڪتاب ”خزانة اعظم“ فل اسڪيپ سائيز جي اٺن ضخيم جلدن تي مشتمل آهي، جو اخلاقي مواد ۾ امام غزالي جي ڪتاب ”احياءَ علوم الدين“ کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي. اهو ڪتاب پير صاحب جهنڊي واري جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، جو هاڻي اسان جي بي قدري جو اهڃاڻ بڻجي ڪراچي جي ڀوت خاني (ميوزم) ۾ پيو آهي.

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ يا پوءِ سنڌي ٻولي جا جيڪي عظيم شاعر پيدا ٿيا، انهن مان گهڻا پڻ ديندار ۽ ديني عالم هئا. سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان جو سنڌي ڪلام عرش سان ڳالهيون ڪري ٿو. اهو بزرگ ابوالحسن صغير جو هم ڪلاس ۽ ٺٽي مان ئي اسلامي علوم پڙهي فارغ ٿيو. سنڌ جو سرتاج ڀٽائي صاحب، جيڪو پنهنجي ڪلام کي آيتون سڏي ٿو، سو ديني علومن جي ڄاڻ کان سواءِ ڪيئن ايڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهي ها. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه-1192هه) جنهن سنڌي جي ڪلاسيڪي ادب جي وڏي خدمت ڪئي، سو پڻ دين جو وڏو عالم هو، ان جا لکيل عربي ڪتاب ان لاءِ ڪافي ثبوت آهن.

مخدوم عبدالرسول نورنگ زادي جو نالو به سنڌي ادب ۾ وساري نه ٿو سگهجي. هن ”سراج المؤمنين“ جهڙو فقہ ۾ سنڌي ڪتاب لکيو. ساڳي دؤر ۾ مخدوم حامد ڀڄ واري به سنڌي ساهتيه کي چڱو سينگاريو.

 

جيلاني سيد سنڌ ۾

اسان وٽ عام طرح جيلاني يا گيلاني سيد، انهن سيدن سڳورن کي چيو ويندو آهي، جيڪي جيلان جي مشهور بزرگ سيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر جو اولاد آهن. پيرن ۽ بزرگن جو هيءُ امام پير 471هه ۾ گيلان جي ڳوٺ ”بشتير“ ۾ پهرين رمضان ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ڀلارو بزرگ حسني آهي ۽ سندس والده صاحبه ”فاطمہ“ حسيني آهي. ابتدائي تعليم ابو زڪريا تبريزيءَ کان ورتائين ۽ سال 488هه ۾ بغداد ويو ۽ اتي هيٺين محدثن کان علم حديث پرايائين: ابوبڪر محمد بن احمد، ابوالقاسم علي بن احمد ۽ ابو طالب بن يوسف. ان کان پوءِ فقهه جي تعليم ”شيخ علي بن ابي سعيد مخرمي“ وٽ سندس مدرسي ۾ حاصل ڪيائين، پڙهڻ جي دور ۾ ئي هن ڀلاري بزرگ جي گهڻي مشهوري ٿي وئي. مجاهد، رياضت ۽ تفڪر ۾ سندس ڪوبه ثاني ڪونه هو، اهوئي سبب آهي جو شيخ علي بن ابو سعيد مخرمي پنهنجو مدرسو ئي هن بزرگ عالم ۽ امام جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان مدرسي ۾ وعظ ۽ ارشاد شروع ڪري ڏنائون، سندن زهد ۽ تقويٰ جو آواز ۽ شهرت هر جاءِ تي پهچي ويو، خرقو مشائخي جو، شيخ ابوسعيد کان هٿ ڪيائون ۽ ٿوري زماني ۾ ”غوث الثقلين“، ”شيخ ڪل“ ”شيخ مشرق“ ۽ محي الدين جي لقبن سان مشهور ٿي ويا. رهائش به بغداد ۾ اختيار ڪيائون ۽ اتي ئي سن561هه ۾ 8 ربيع الاول 90 سال جي عمر ۾ وفات ڪيائون. جنهن مدرسي ۾ وعظ، ارشاد ڪندا هئا ۽ تعليم ڏيندا هئا، اتي ئي کين دفن ڪيو ويو ۽ سندن مزار اڄ تائين لکن ماڻهن جو زيارت گاهه آهي. سندن تاليفات مان هيٺيان ڪتاب شمار ڪيا وڃن ٿا: بشائر الخيرات- ڪتاب الغنية لطالبي طريقة الحق، الفتح الرباني والفيض الرحماني، فتوح الغيب- الفيوضات الربانية في الاوراد القادرية وغيره. هن کان سواءِ هڪ ديوان ”غوث الاعظم“ به آهي، جيڪو سندن ڏانهن منسوب آهي.

هيءُ آهي سندس زندگيءَ جو تمام مختصر احوال، سندن مناقب، سوانح، ولايت، ڪرامتن ۽ اتباع سنت جي احوالن تي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ گهڻائي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر اهو احوال اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي.

سنڌ ۾ سادات جو اچڻ ته اسلام جي داخل ٿيڻ سان گڏ شروع ٿيو. حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جڏهن ته پنجين صديءَ جي ٻئي اڌ ۽ ڇهين صديءَ جي پهرئين اڌ جو زمانو لڌو، تڏهن ان جو لازمي نتيجو اهو ٿو نڪري ته ڇهين صديءَ تائين هتي سندن اولاد مان ڪوبه جيلاني سيد نه هو، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته کانئن اڳ سنڌ ۾ گيلان يا جيلان جو ٻيو ڪوبه سيد نه آيو هجي. اسان وٽ قديم مهرن مان اهڙي ثابتي موجود آهي ته حضرت غوث بغدادي جي پيدائش کان اڳ هتي ڪي جيلاني سيد پهتا آهن.

چاليهه سال اڳ جڏهن آئون بنهه ننڍو هوس، پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ڀر ۾ ميرو خان جي عربي مدرسي ۾ ابتدائي ڪتاب پڙهندو هوس ته هڪ ڀيري ڏاڍي برسات ٿي، استاد جي گهر لاءِ واري آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿي، اتان ٿورو پرڀرو جڏهن واري ڪڍڻ لڳاسون ته هڪ منڊي ملي، اها کڻي آڻي استاد مولانا خوش محمد صاحب کي ڏني سون، مٽي صاف ڪرڻ کان پوءِ ان کي جڏن پني تي لڳايو ويو ته مٿس ”بنده ولايت شاه گيلاني ۽ سن 381هه“ اڪريل هو، جيڪو بلڪل چٽو ۽ صاف نظر اچي رهيو هو، اها منڊي اڃان تائين مولانا خوش محمد صاحب ميرو خان وارن وٽ موجود هوندي، اسان پنهنجي ڪتابن تي ان کي هڻي ڇڏيو هو. اتي جي وڏڙن کان معلوم ٿيو ته ڪنهن زماني ۾ ان هنڌ درياءَ جو وهڪرو هوندو هو، ٿي سگهي ٿو ته ان بزرگ اتي وضو ڪيو هوندو ۽ سندس آڱر مان مهر واري منڊي ڪري پئي هوندي.

حضرت غوث بغدادي جو اولاد اوڻيهه پٽ چيا وڃن ٿا، جن مان ڪن جا نالا هي آهن: (1) سيد عبدالوهاب، لقب سيف الدين ۽ ڪنيت ابو عبيدالله (2) سيد عبدالرزاق، لقب تاج الدين ۽ ڪنيت ابوبڪر (3) سيد عبدالله، ڪنيت ابو عبدالرحمٰن (4) سيد عبدالعزيز، لقب شمس الدين ۽ ڪنيت ابو محمد (5) سيد عبدالجبار، لقب سراج الدين ۽ ڪنيت ابوالفرح (6) سيد عيسيٰ ۽ لقب شرف الدين (7) سيد موسيٰ، ڪنيت ابو نصر (8) سيد ابراهيم ڪنيت ابو اسحاق (9) سيد محمد، ڪنيت ابوالفضل (10) سيد يحييٰ، ڪنيت ابو زڪريا.

سيد عبدالوهاب جا مشهور هيٺيان ٽي پٽ چيا وڃن ٿا: (1) سيد عبدالسلام صوفي، ڪنيت ابو منصور (2) سيد سليمان (3) سيد عبدالله. سنڌ ۽ پنجاب ۾ سيد عبدالسلام ابو منصور صوفيءَ جي اولاد مان ئي سيد سڳورا هت پهتا، هن سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته سيد مخدوم محمد غوث پهريون جيلاني سيد آهي، جيڪو روم کان خراسان ۽ خراسان کان پنجاب ۾ آيو ۽ ”اُچ“ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، اُچ وارا جيلاني سيد ان جو اولاد آهن. سيد محمد غوث جو شجرو هن طرح ٻڌايو ويو آهي:

سيد محمد غوث بن سيد شمس الدين بن سيد شاهه امير بن سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن سيد ابو منصور عبدالسلام بن سيد عبدالوهاب بن سيد شيخ محي الدين عبدالقادر حسني، حسيني، جيلاني رحه.

مخدوم سيد محمد غوث جيلاني اُچ واري کي ٽي پٽ هئا، سڀني ۾ وڏو سيد عبدالقادر ثاني (2) سيد عبدالله رباني (3) سيد عبدالقادر حقاني. اُچ، ملتان ۽ لاهور ۾ جيڪي جيلاني سيد آهن، سي انهن ٽنهين سيدن جو اولاد آهن.

حضرت محي الدين سيد عبدالقادر جيلاني بغداديءَ جي فرزند سيد عبدالعزيز لقب شمس الدين ڪنيت ابو محمد کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبدالله (2) سيد محمد هتاڪ. عرب ۽ سنڌ ۾ سيد محمد هتاڪ جو اولاد مشهور آهي.

سن1318هه ۾ بغداد جي مرڪزي گاديءَ جو سجاده نشين سيد نقيب سليمان هو، اهو بزرگ به سيد محمد هتاڪ جي اولاد مان هو ۽ سندس نسبي شجرو هن طرح آهي: سيد نقيب سليمان ابن سيد علي افندي ابن سيد سليمان ابن سيد مصطفيٰ ابن سيد زين الدين ثاني بن سيد محمد درويش ڪلان ابن سيد حسام الدين ابن سيد نور الدين ابن سيد ولي الدين ابن سيد نور الدين ڪلان ابن سيد شرف الدين ابن سيد شمس الدين بن سيد محمد هتاڪ ابن سيد عبدالعزيز ابو محمد ابن شيخ سيد محي الدين عبدالقادر جيلاني بغدادي.

هاڻي وري اوهين سنڌ جي مشهور راڻيپور واري جيلاني سيدن جي خاندان کي ڏسو!

هن خاندان مان سڀ کان اڳ ۾ سيد ابو صالح بغداديءَ جا ٻه پٽ سيد محمد ۽ سيد احمد سنڌ ۾ آيا ۽ گنبٽ ۾ اچي رهيا. اتي هنن جا گهڻا معتقد ۽ مريد پيدا ٿي پيا. سيد محمد لاولد ئي گذاري ويو، جنهن جو مقبرو اڃان تائين گنبٽ ۾ ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي ۽ سندس ڀاءُ سيد احمد گنبٽ مان لڏي اچي راڻيپور ۾ ويٺو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، سندس مقبرو به راڻيپور ۾ ئي آهي.

سنڌ ۾ انهن ٻنهي نو وارد جيلاني سيدن جي پيڙهه سيد محمد هتاڪ سان هن طرح ملي ٿي: سيد محمد هتاڪ جيئن اڳ ٻڌائي آيا آهيون غوث بغدادي سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو پوٽو هو. سن 1318هه ۾ راڻيپور واري گاديءَ جو سجاده نشين سيد غلام محي الدين شاهه هو، ان جي شجره نسب تي نظر ڪريو، سنڌ ۾ اچڻ ڪري هتي جي رسم و رواج موجب شاهه سڏجڻ لڳا، ان ڪري انهن نالن جي پڇاڙيءَ ۾ ”شاهه“ لقب آيل آهي:

سيد غلام محي الدين شاهه ابن سيد صالح شاهه ابن سيد احمد شاهه ابن سيد ابو صالح ابن سيد عبدالرحيم ابن سيد نور الدين ابن سيد محمد درويش ڪلان ابن سيد حسام الدين ابن سيد نور الدين ابن سيد ولي الدين ابن سيد زين الدين ابن سيد شرف الدين ابن سيد شمس الدين ابن سيد محمد هتاڪ ابن سيد ابو محمد عبدالعزيز ابن سيد شيخ عبدالقادر جيلاني رحه.

سنڌ ۾ هن خاندان جو مؤسس اعليٰ سيد احمد شاهه هو، جنهن بغداد مان اچي پهرئين گنبٽ ۾ ۽ پوءِ راڻيپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن سيد سڳوري کي چار پٽ پيدا ٿيا، سڀني ۾ وڏو سيد صالح شاه هو، هن جو اولاد راڻيپور وارا سيد آهن. (2) سيد ابراهيم شاه، هن جو اولاد گنبٽ وارا سيد آهن. (3) سيد عبدالرحيم شاهه، هن جو اولاد خالد وارا گيلاني سيد آهن. (4) سيد عبدالعزيز شاهه هي لاولد فوت ٿيو.

سيد احمد شاهه جي وڏي پٽ سيد صالح شاهه کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو پير غلام محي الدين شاهه هو ۽ پير غلام محي الدين سجاده واري کي وري ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد پير صالح شاهه ثاني سڀني ۾ وڏو (2) سيد علي شاه (3) سيد غلام علي شاهه.

سيد احمد شاهه جي ٻئي پٽ سيد ابراهيم شاهه کي ڇهه پٽ هئا: (1) سيد شمس الدين شاهه (2) سيد عبدالرزاق شاهه لاولد مري ويو (3) سيد محمد شاه 04) سيد حسام الدين شاهه (5) سيد قطب الدين شاهه (مشهور پنجل شاهه) (6) سيد غوث محمد شاهه.

هنن مان سيد شمس الدين شاهه کي پنج پٽ هئا: (1) محمود شاهه (2) سيد خميس شاهه (3) پنهل شاهه (4) سومر شاهه (5) سيد غلام جعفر شاهه.

ٻئي ڀاءُ سيد محمد شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبدالفتاح شاهه. (2) سيد امير شاهه.

سيد قطب الدين شاهه کي هڪ پٽ سيد گنبل شاهه هو.

سيد شمس الدين شاهه جي ٻئي پٽ خميس شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (2) سيد غلام مرتضيٰ شاهه.

غوث محمد شاهه کي هڪ پٽ شرف الدين شاهه آهي.

سيد محمود شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) حاجن شاهه، (2) چڱو شاهه.

عبدالرحيم شاهه پٽ سيد احمد شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) شير محمد شاهه (2) نور الدين شاهه. شير محمد شاهه کي هڪ پٽ علي نواز شاهه ٿيو، جيڪو لاولد فوت ٿيو ۽ سيد نورالدين شاهه کي علي حيدر شاهه نالي پٽ ٿيو، اهو به لاولد گذاري ويو، هن وقت عبدالرحيم شاهه جي اولاد مان ڪوبه نه رهيو آهي.

گهوٽڪي جا جيلاني سيد

سنڌ ۾ راڻيپور جي جيلاني سيدن کان سواءِ هڪ ٻيو مشهور علمي جيلاني خاندان آهي، جن کي عادلپور ۽ گهوٽڪيءَ جا جيلاني سيد سڏيو وڃي ٿو، هن خاندان جو ماضي گهڻو درخشان رهيو آهي ۽ زمان حال مان به ان جي روشن ماضيءَ جي ڀلي ڀت اهڃاڻ نظر اچن ٿا، هيءُ خاندان پنهنجي اسلاف جي نقش قدم تي هلي هميشه عوام جي روحاني ۽ اخلاقي حالت کي سڌارڻ سان گڏوگڏ علمي مرڪز به رهيو آهي ۽ اڄ تائين انهن جي ڪنهن نه ڪنهن شاخ ۾ اهو سلسلو هليو اچي. هن خاندان جي اڳوڻن بزرگن جا هڪ پاسي ٻارهين صديءَ جي نامياري محدث علامہ محمد حيات سنڌي مدني سان علمي روابط ۽ لاڳاپا هئا ته ٻئي پاسي انهيءَ صدي جي اويسي عارف ۽ ولي ڪامل سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه سان به روحاني رهاڻيون هيون.

گهوٽڪيءَ جا اهي جيلاني سيد، غوث بغدادي سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي فرزند رشيد سيد عبدالجبار، ڪنيت ابوالفرح ۽ لقب سراج الدين جو اولاد آهن. سندن نسبي شجري ڄاڻڻ کان اڳ سيد عبدالجبار رحه جي اولاد جي احوال کي ڄاڻڻ ضروري آهي.

سيد عبدالجبار کي چار پٽ هئا: (1) سيد عبدالرحمٰن 02) سيد عبدالجليل (3) سيد ابوالحسن علي (4) سيد محمد فرح. سنڌ ۽ هند ۾ انهن چئني صاحبزادن مان سيد عبدالجليل ۽ سيد ابوالحسن علي جو اولاد مشهور آهي، جن وطن ڇڏي هتي اچي سڪونت اختيار ڪئي.

احمد آباد گجرات وارا جيلاني سيد، سيد ابوالحسن علي ابن سيد عبدالجبار ابن غوث اعظم بغداديءَ جي اولاد مان آهن. گجراتي جيلاني سيدن مان مخدوم سيد غياث الدين حسني، گيلاني، احمد آبادي، گجراتي ٿي گذريو آهي، ان جو شجرو هن طرح آهي: سيد غياث الدين ابن سيد عبدالوهاب ابن سيد شاهجو ابن سيد غياث الدين ڪبير ابن سيد شاهجو ابن سيد محمد ابن سيد محمد ابن سيد شهاب الدين ابن سيد عبدالله ابن سيد عبدالجليل ابن حسن ابن سيد ابوالحسن علي بن سيد عبدالجبار سراج الدين ابن سيد شيخ عبدالقادر جيلاني رحه. سيد غياث الدين احمد آباد گجرات ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، اتي ئي سندس مقبرو آهي ۽ سندن اولاد به اتي رهندو آيو.

گهوٽڪيءَ وارن جيلاني سيدن جو مؤسس اعليٰ ۽ جد امجد ابو جعفر محمد مبارڪ شاهه حسني جيلاني، عادلپوري آهي، جو ٻارهن واسطن سان هن جو نسبي سلسلو غوث جيلاني سيد عبدالقادر بغدادي سان هن طرح ملي ٿو:

سيد مبارڪ شاهه عادلپوري ابن سيد حسين دهلوي ابن سيد محمد عربي المڪي ابن سيد يونس بن سيد احمد بن سيد جعفر ابن سيد عبدالقادر ثاني ابن سيد حسين ابن سيد ابو نعمان ابن سيد حميد الدين ابن سيد علي بغدادي ابن سيد عبدالجليل بغدادي ابن سيد سراج الدين عبدالجبار ابن سيد شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني، بغدادي رحه.

گهوٽڪيءَ جي جيلاني سيدن جو خاندان جڏهن ته علمي خاندان رهيو آهي، ان ڪري سندن خاندان جو سمورو تاريخي احوال وٽن قلمي تذڪرن جي شڪل ۾ موجود آهي، اسان کي هيءَ معلومات به انهيءَ قلمي ذخيري مان هٿ آئي، جنهن کي مولانا سيد حبيب الله شاهه صاحب جيلانيءَ جن استفاده لاءِ هن راقم جي حوالي ڪيو.

عادلپور، گهوٽڪيءَ کان ڏکڻ ۽ ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪ شهر آهي، ان جي ويجهو هن جيلاني خاندان جي موسس اعليٰ سيد مبارڪ شاهه عادلپوري جيلانيءَ جو مقبرو آهي، تازو ان مقبري جي مون کي به زيارت نصيب ٿي، مقبرو سادو آهي ۽ پاسي ۾ ننڍڙي مسجد شريف به آهي، مقبري جي سادگيءَ هوندي به هن بزرگ جو جلال اکين اڳيان ڦري رهيو آهي.

تذڪرن ۾ اچي ٿو ته سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جو ڏاڏو سيد محمد عربي مڪي هن خاندان جو پهريون فرد آهي، جيڪي پنهنجي پٽ سيد حسين کي ساڻ ڪري سير و سياحت جي خيال کان عرب مان ڪهي اچي هندستان ۾ پهتا، هندستان ۽ بنگال جي سياحت ڪري پنجاب ۾ آيا ۽ اتي لاهور جي آس پاس ديبالپور جي متصل ڇوٽي ڳوٽ ۾ آيا. چون ٿا ته اتي سيد محمد مڪيءَ کي سندن غلام زهر ڏنو ۽ اتي ئي اهي فوت ٿي ويا ۽ سندن مقبرو به اتي ئي ٿيو. هن واقعي کان پوءِ سندن فرزند سيد حسين ڇوٽيءَ کي ڇڏي دهلي هليو ويو ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين، جو اڳتي هلي سيد حسين دهلوي سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي ستت ئي هن جي شادي سندس عزيز سيد غياث الدين جيلاني گجراتيءَ جي گهران ٿي. (سيد غياث الدين گجراتيءَ جو اڳ احوال اچي چڪو آهي) سيد حسين دهلويءَ کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ سيد جمال الدين ۽ ٻيو سيد مبارڪ شاهه. سيد حسين دهلوي، دهليءَ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ سندن مقبرو پراڻي دهليءَ جي لال دروازي وٽ چيو وڃي ٿو.

سيد مبارڪ شاهه پنهنجي والد ماجد سيد حسين دهلويءَ جي زندگيءَ ۾ همايون بادشاهه جي دور ۾ تجريد ۽ درويشيءَ کي اختيار ڪري سير و سياحت لاءِ نڪري پيو. اڳ ۾ ته پنهنجي ناناڻي ديس گجرات ۾ يو ۽ اتان سنڌ ۾ بکر جي اوڀر ۾ عادلپور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. عادلپور جو اهو قصبو اڳوڻي دور کان وٺي علمي مرڪز رهندو آيو آهي، اتي جي جامع مسجد جي ديوار تي فارسيءَ ۾ ڪي بيت لکيل آهن، جن بابت هڪ علمي روايت آهي ته اهي شيخ سعدي رحه جي هٿ جا لکيل آهن. شيخ سعدي جڏهن گجرات جهونا ڳڙهه جي مندر ۾ آيو هو ته ويندي يا واپسيءَ ۾ هتي آيو هو، دنيا جو وڏو محدث ۽ امام محمد حيات سنڌي مدني به انهيءَ ڳوٺ عادلپور جو آهي ۽ ابتدائي تعليم اتي وٺي، پوءِ ٺٽي ۾ پهتو ۽ ٺٽي مان مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کان تحصيل ڪري مديني منوره هليو ويو ۽ حديث جو علم علامہ ابوالحسن ڪبير کان پرايائين. عادلپور ۾ تازو مون کي هڪ وڏو دڙو ڏيکاريو ويو، جنهن لاءِ ٻڍڙن روايت ڪئي ته انهيءَ عظيم دڙي هيٺ هزارين ڪتاب مدفون آهن ۽ اتي عالمن جا گهر هئا، جي اڳتي هلي اجڙ ٿي ويا ۽ ڪتاب جاين جي ڊهڻ ڪري دٻجي ويا.

ڳالهه ٿا ڪن ته شاهه مبارڪ جڏهن وطن جا وڻ ڇڏي وڃڻ لڳا ته سندس والد بزرگوار فرمائڻ لڳو ته منهنجو پٽ ”مبارڪ“ جسماني صورت ۾ دنيا جي زندگيءَ ۾ مون کي نه ڏسندو ۽ نڪي منهنجي قبر تي اچي سگهندو، منهنجي پنهنجي انهيءَ پٽ سان ملاقات روحاني عالم ۾ ٿيندي، جيئن اويس قرنيءَ جي سيد المرسلين سان ملاقات به هن دنيا ۾ نه ٿي سگهي، انهيءَ بزرگ جي اها ڳالهه سورهن آنا سچ نڪتي، سيد مبارڪ عادلپوري ڪيترو به پنهنجي والد جي زيارت لاءِ تيار پي ٿيو، پر هميشه اهڙيون وڏيون رڪاوٽون کيس آڏو ٿي آيون، جو وڃي نه ٿي سگهيو.

سيد مبارڪ جي والد ماجد بابت ٻيو نقل آهي ته هو فرمائيندو هو ته منهنجي پٽ ”مبارڪ“ جي اولاد کي فقر نصيب ٿيندو. هاڻي ڏسبو ته ”فقر“ لفظ جون ٻه معنائون آهن، هڪ دنيا جي لالچ کان پري رهي ٿوري مال ۽ ملڪيت تي ڪفايت ڪرڻ ۽ ٻي معنيٰ آهي ولايت ڪبريٰ جو رتبو ماڻڻ، جنهن جو خلاصو آهي موليٰ پاڪ جو قرب پسڻ ۽ غير خدا کي دل ۾ جاءِ نه ڏيڻ. اها پيشنگوئي به ٺيڪ نڪتي، جو سيد مبارڪ عادلپوريءَ جي اولاد مان ڪي ته ٿوري مال تي راضي ۽ قانع رهيا ۽ ڪن وري ولايت ڪبريٰ، قرب موليٰ ۽ مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جو حضور پسي ”فقر محمديءَ“ کي اختيار ڪيو. کين ڪنهن وقت دنيا جا اسباب به جهجها هٿ آيا، پر تڏهن به دنيا جي محبت کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نه ڏنائون ۽ حضرت حق سان مشغول رهيا.

سيد مبارڪ شاهه يارهين صديءَ هجري ۾ وفات ڪئي، اهو دور اهو هو جو سنڌ جي حڪومت جو دهليءَ جي شاهن جي حڪومت سان لاڳاپو هو، سندن هڪ عقيدتمند سيد موصوف جي مدح ۾ هي قطعه چيو آهي، جيڪو بحر هزج مثمن سالم وزن مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعلين تي چيل آهي:

مبارڪ شاهه جيلاني که شد اشهر ببغدادي

مزارِ نور بار او بعادلپور مشهور است

ازان روزي که آن کامل ولي، قطب حقاني

به سنده از ملک هند آمد گم از فيض معمور است

آخري نالي واري مصراع هن طرح آهي:

خدايا گل محمد را طفيل شاهه بغدادي

هدايت کن که او را نفس بي فرمان و مغرور است

سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد جعفر شاهه (سڀني ۾ وڏو) (2) سيد جمال شاهه (3) سيد ڪمال شاهه. هيٺين ڳوٺن ۾ انهن ئي ٽن سيد ڀائرن جو اولاد جعفراڻي، جمالاڻي ۽ ڪمالاڻي جيلاني سيد ڦهليل آهي، اهي ڳوٺ هي آهن: چڪ جعفر شاهه، لوءَ صاحبان (گهوٽڪي) غوث پور هيبت، رحمو والي، ملوڪ واري، حسن ٻيلي، قادر پور، جمال جهوڪ ڳوٺ دائم شاهه، سنجرپور، حاجي پور ۽ ٻيا.

نسب ۽ احوال سيد جعفر شاهه:

سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جو ڏو پٽ سيد جعفر شاهه پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشين بڻيو. هو علم، حلم، شرافت، سخا، ڪرامت ۽ ولايت جو مالڪ هو. والد جي وفات کان پوءِ عادلپور مان ڪوچ ڪري ملتان جي نواح ۾ پرڳڻي جمشيره، جتي هن وقت گبلہ ڳوٺ آباد آهي، هجرت ڪري دولت خان بلدي جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين اتي ئي جمشيره ۾ دفن ٿيا ۽ سندن وفات سن1040هه ۾ ٿي، اڳتي هلي ان مقام جو نالو حيدر شاهه جو مقام پيو، اهو مقام ڪن ڏينهن کان پوءِ درياءَ جي ويجهڙائيءَ ڪري مستاني مهراڻ جي موجن جو نذر ٿي ويو ۽ اتي ڪابه قبر نه رهي.

سيد جعفر شاهه کي ٽي پٽ هئا: سڀني ۾ وڏو سيد علي آهي، هن جو لقب باغ علي هو. (2) سيد حامد (3) سيد احمد. هنن ٽنهين مان باغ علي شاهه کان سواءِ ٻين ٻن جو اولاد جلد گذاري ويو ۽ انهن جي پويان ڪوبه نه رهيو. باغ علي شاهه اولاد ڇڏيو، ان ڪري هتي سيد باغ علي شاهه جو مختصر احوال ڏجي ٿو:

سيد باغ علي شاهه جو احوال

سيد باغ علي شاهه ابن سيد جعفر شاهه جيلانيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته وڏي ڪاني، ڪرامت وارو هو، پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهي سجادي جو مالڪ ٿيو ۽ وڏي تلقين جو مالڪ هو. سن1074هه ۾ وفات ڪيائين ۽ حيدر شاهه جي مقام ۾ دفنايو ويو. هن پنهنجي پويان ڇهه پٽ ڇڏيا، جن مان ٽي ته ننڍي عمر ۽ ٻالجتيءَ ۾ گذاري ويا، باقي سندن ٽي پٽ جيئرا رهيا، جن جا هي نالا آهن: (1) سيد حيدر شاهه (2) سيد برخوردار شاهه (3) سيد عادل شاهه. انهن مان سيد برخوردار شاهه کي ڪوبه نرينه اولاد نه ٿيو، رڳو کيس هڪ ڌي هئي، باقي ٻين ٻن ڀائرن: سيد حيدر شاهه ۽ سيد عادل شاهه پنهنجي پويان اولاد ڇڏيو.

احوال سيد حيدر شاهه ابن سيد باغ علي شاهه

هيءُ ڀلارو بزرگ وڏي ڪمال ۽ هيبت ۽ جلال جو صاحب هو، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهه مسند تي ويٺو ۽ کيس به جمشيره ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس ئي نالي ڪري ان مقام کي حيدر شاهه جو مقام ڪوٺيو ويندو هو. هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد شرف الدين عرب بيرم شاهه، جيڪو لاولد ئي گذاري ويو ۽ ٻيو مخدوم سيد جعفر شاهه ثاني، جيڪو شان، شوڪت ۽ وڏي مرتبي وارو هو، پنهنجي والد بزرگوار جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهي سجادي تي ويٺو. هن جو مقبرو گنڊير ۾ آهي، کيس هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو مخدوم سيد حيدر شاهه ثاني آهي. هيءُ به ولايت ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي، پنهنجي والد سيد جعفر شاهه جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهي مسند جو مالڪ ٿيو، هن جو مقبرو به حيدر شاهه جي مقام ۾ هو. سيد حيدر شاهه ثانيءَ کي ٽي پٽ هئا: سڀني کان وڏو سيد جعفر شاهه (ٽيون) چڪ جو صاحب، (2) سيد محمود شاهه (3) سيد دلير شاهه. هنن ٽنهين مان سيد محمود شاهه ۽ سيد دلير شاهه جو اولاد گهڻو آهي، باقي سيد جعفر شاهه جو اولاد ٿورو آهي. 72 سال اڳ ان جي اولاد مان رڳو هڪ سيد عظمت شاهه موجود آهي.

مخدوم سيد جعفر شاهه ثالث ابن سيد حيدر شاهه ثاني

سيد جعفر شاهه ٽيون، شرافت، سخاوت ۽ شجاعت جو مالڪ هو، وڏي فيض ۽ برڪت وارو هو. چڪ شهر سندس ٻڌايل آهي، پيءُ جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهي مسند ماڻيائين ۽ طريقت ۾ حضرت موسيٰ شاهه جو مريد ٿيو، سندس قبر به حضرت موسيٰ شاهه جي خانقاهه جي اندر آهي، جنهن کي خانقاهه ڪلان سڏيندا آهن. کيس هيٺئين ريت نو پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي: (1) سيد شريف شاه (2) سيد خوشحال شاهه (3) سيد فاضل شاهه (4) سيد عبدالستار شاهه (5) سيد سلطان شاهه (6) سيد اڪرم شاه (7) سيد الهيار شاهه (8) سيد حسن شاهه (ٻالجتيءَ ۾ وفات ڪري ويو) (9) سيد نهال شاهه.

سيد محمد شريف ابن سيد جعفر شاهه ثالث

سيد جعفر شاهه جو وڏو پٽ سيد محمد شريف شاهه سهڻن اخلاقن جو صاحب هو، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ اهوئي مبارڪ شاهي مسند تي ويٺو. سندس مقبرو شاهه نهال حيدر جي خانقاهه ۾ آهي. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد قمر الدين شاه (2) سيد نهال حيدر شاه. سيد قمر الدين شاهه کي رڳو هڪ نياڻي هئي.

سيد نهال حيدر ابن محمد شريف شاهه

هي سيد سڳورو قرآن مجيد جو حافظ فضل و ڪمال جو مالڪ هو. پيءُ ۽ ڀاءُ جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهي سجادي تي ويٺو. سن1226هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو وڏي خانقاهه کان ٻاهر، شاهه نهال جي خانقاهه جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن سيد کي به رڳو هڪ نياڻي هئي.

خوشحال شاهه ابن جعفر شاهه ثالث

هن کي هڪ پٽ معروف شاهه نالي هو، جيڪو لاولد ٿي فوت ٿيو.

سيد فاضل شاهه بن جعفر شاه ثالث

هن کي به هڪ پٽ سيد جاني شاهه هو، ان کي وري ٻه نياڻيون ٿيون.

سيد عبدالستار شاهه ابن جعفر شاهه ثالث

هن کي هڪ پٽ هو، نالي سيد غلام حسين شاهه معروف گلڻ شاهه، جو ڏاڍو سخي ۽ بهادر ماڻهو هو، گهڻو ڪري هميشه روزا رکندو ۽ رات جو جاڳندو هو، سندس لنگر عام هو، ڪيترا شاگرد هن جي لنگر تي پلبا هئا، قرآن شريف جي تلاوت تمام گهڻي ڪندو هو. سن1265هه يا سن1266هه ۾ وفات ڪيائين. چڪ ۾ سندس مقبرو ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي. کيس ٻه فرزند هئا: (1) سيد عبدالستار شاهه ثاني (2) سيد حاجي شاهه، جو لاولد ئي فوت ٿيو. سيد عبدالستار ابن سيد گلن شاهه کي هڪ پٽ سيد سچل شاهه نالي هو، جو جوانيءَ ۾ ئي لاولد ئي فوت ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com