مخدوم ضياءُ الدين
(وفات: 1232هه)
مخدوم ضياءُ الدين محمد، مخدوم محمد عاقل جو وڏو فرزند ۽ مخدوم
محمد اسماعيل پريالوءِ وارن جو ڏهٽو آهي. وڏي جلال
۽ ڪمال جو صاحب هو، اسلام جي مقدمن ۾ ڏاڍا دلير
هئا، ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ معاملي ۾ مقابلي
جي همت نه ٿيندي هئي. وقت جا حاڪم ۽ دنيا وارا
سندس همت واري نظر جي آڏو ڪجهه به نه هئا، رڳو ڇهه
مهينا سجاده شريعت تي جلوه افروز ٿيا. رمضان مبارڪ
جي عيد واري رات سن1232هه ۾ هي دنيا ڇڏي حق ڏانهن
راهي ٿيا.
مخدوم عبدالخالق
(وفات: 1268هه - 1852ع)
مخدوم عبدالخالق ابن مخدوم محمد عاقل سن1232هه ۾ کهڙن جي مسند
خلافت تي ويٺو. مخدوم عبدالخالق صاحب هڪ وڏا عالم
۽ معرفت جا صاحب هئا، زهد، رياضت، مجاهده ۽ تجريد
۾ ورلي ڪو سندن جهڙو ٿي سگهندو. ڪشف، ڪرامتن جو ته
ڪاٿو ئي ڪونه هو. علم فقهه ۽ تفسير ۾ بي بدل عالم
هئا. قال الله ۽ قال الرسول کان سواءِ ٻي ڪابه
وائي نه هين. علم لدني ۽ باطني جي زور تي هر علم
معقول ۽ منتقول ۾ يگانه هئا، هر علم جي مشڪل مسئلي
جي اهڙي ته وضاحت ۽ شرح ڪندا هئا جو وقت جا عالم
حيران رهجي ويندا هئا. سڄو علم پنهنجي بزرگن کان
پرايائون. سندن علمي تفوق ۽ برتري لاءِ انهن جي
تصنيف ۽ تاليف قوي شاهد آهي. سندن بياض جا ٻه جلد
موجود آهن، جن ۾ سڀني علمن جا ڪلي فوائد لکيا اٿن
۽ خاص طرح فقهه ۾ متعارف مسئلن مان ڪنهن کي به
وضاحت کان ڇڏيو نه اٿن. حديث ۾ سندن تاليف: منتخب
جامع الصغير موجود آهي، جا پنهنجي موضوع ۾ بينظير
آهي، انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي رسالا تاليف
ڪيا اٿن. سنڌ جا عالم فتويٰ ۾ سندن جواب جا منتظر
هوندا هئا.
باطني علم بابت به اها روايت آهي ته کين وڏي دسترس هئي، کين
آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو حضور حاصل هو. سندن
دعا ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ ڏاڍي اگهندي هئي، شل نه
ڪنهن جي حق ۾ ڪو پاراتوڏين. اسلامي مقدمن ۾ به
پنهنجي بزرگ وانگر ڏاڍا سخت هوندا هئا، ان باري ۾
ڪن هن جي به سفارش نه ٻڌندا هئا. اهڙيون ڳالهيون
ته گهڻيون ئي بيان ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ ٻه هت
لکجي ٿي، ان مان انهيءَ قديم دور جو ڪجهه نقشو ۽
تاريخي احوال به معلوم ڪري سگهجي ٿو.
ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن مخدوم صاحب سن1232هه ۾ شريعت جي مسند تي
ويٺا ته گنبٽ جي ڪنهن هندو کان هڪ حرڪت صادر ٿي.
مخدوم صاحب ان کي تعزير لاءِ گهرايو. اتي جي سيٺن،
حاڪمن سان ملي ان مجرم جي ٻانهن ڏيڻ ۾ ڪجهه سستي
ڪئي. مخدوم صاحب جي خليفن شهر تي حملو ڪري مجرم کي
هٿ ڪيو. جڏهن مخدوم صاحب جي روبرو آيو ته سندن
منهن ڏسندي ئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو.
ٻيو واقعو اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ٽنڊي مستي خان جي هڪ مهتيءَ
پنهنجي زبان تي اسلامي ڪلمو اچاريو، شاهدن اها خبر
اچي مخدوم صاحب وٽ بيان ڪئي. ان دور ۾ وڏيرو محبت
خان مري پٽ وڏيرو مستي خان مري، مرين جو سرڪرده ۽
سردار هو. هن جي چاچي ڌڱاڻي خان مري، هندن جي
طرفداري ڪري ان عورت کي حيدرآباد ڏانهن ڀڄائي
ڪڍيو. مخدوم عبدالخالق صاحب پنهنجي جماعت سان پير
شاه جوڙيي جي اوطاق ۾ لٿل هئا، اتي سنڌ جا ڪيترائي
فقير، بزرگ ۽ مشائخ اچي گڏ ٿيا هئا. اٽڪل ست هزار
ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. پوءِ ته اچي بيت، مولود ۽
مناجاتون شروع ڪيائون. جوش ۾ رقص ۽ وجد به شروع ٿي
ويو ۽ مري بلوچن تي به بددعائون شروع ٿي ويون. ان
وقت حڪومت جي واڳ مير سهراب خان جي وڏي پٽ مير
رستم خان جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ جوش و خروش جو مري
ٻروچن تي ڪوبه اثر نه ٿيو. مخدوم صاحب جا مريد ۽
خليفا ڪاني، ڪرامت جي زور تي ٽالپر، حاڪمن جي
حڪومت واري ٻيڙيءَ کي غرق ڪرڻ وارا هئا، پر مخدوم
صاحب کين اهو چئي روڪيو ته مسلمان حاڪمن کي بددعا
نه ڪرڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جن هن معاملي بابت هيٺين مشائخن کي خط ليکا: حضرت
پير محمد صالح شاه جيلاني، پير ميان ابراهيم شاه،
درازن مان ميان خداداد صاحب فاروقي، هنڱورجن مان
ميان ناصر علي شاه جي ڀاءُ ميان خير محمد شاه، ٺٽي
مان ميان محمد حامد، انڙن جي بزرگن مان فقيرن ميان
محمد مستقيم ۽ سهتن جي بزرگن مان ميان طاهر محمد ۽
ميان طيب ۽ لڪياري پيرن مان پير صبغت الله شاهه
ابن حضرت پير محمد راشد رح. هنن سڀني کان مخدوم
صاحب کي اهو جواب مليو ته جيڪڏهن اوهين گهرو ته
مير رستم خان ۽ اوهان جي وچ ۾ صلح جو پيغام موڪلي
خير ڪرائجي. مخدوم صاحب فرمايو ته اسان مير رستم
خان کان سندس ملڪ جو ڪو ڀاڱو نه ٿا گهرون جو اوهين
اچي صلح ڪرائيندا. اسان کي ته دين جو اونو آهي
الله جي راهه ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون. اوهان کي جان
پياري آهي ته پنهنجي شهر ۾ خوش رهو! نيٺ مخدوم
صاحب جماعت وٺي خيرپور آيو. مير رستم خان وڏي حيا
وارو ۽ عالمن جو دوست هو، سندس نرمي ۽ رحمدلي ڪري
وقت جا گهڻا امير بيپرواهه ٿي ويا هئا. مير صاحب
کي انهن اميرن نياز ۽ نوڙت ڪري هن تي راضي ڪيو جو
ان هندو عورت جي بدلي هڪ هندو مرد جي ٻانهن ڏنائون
۽ ان کي پير محمد صالح شاه ۽ سيد ميان بچل شاه
کهڙائي وٽ قيد ۾ رکيائون. لوهه جو نيل هڪ پاسو ان
هندو جي ڄنگهه ۾ ۽ ٻيو ڀائي خان جتوئي جي ڄنگهه ۾
وجهي قيد ڪري حفاظت لاءِ ميان بچل شاه جي حوالي
ڪيائون. اتفاق اهڙو ٿيو جو هندو رشوت ڏئي راتو
واه ان هندو قيديءَ کي ڀڄائي ويا. انهيءَ خبر پهچڻ
تي فقيرن ۾ روڄ راڙو شروع ٿي ويو. ايڏيون ته
دانهون ۽ ڪوڪون هليون جو نوح عليہ السلام جي طوفان
وارو منظر ظاهر ٿي رهيو هو، انهن بددعائن جو اهو
نتيجو نڪتو جو انهن اميرن مان گهڻا ته هڪ سال کان
پوءِ ڳڙهي ۾ شاهه شجاع سان لڙائي ۾ مارجي ويا ۽
ڪيترا بلوچ به مارجي ويا، جهڙوڪ عالم خان وغيره
ڪيترا آفيسر جهڙوڪ شاه غلام مرتضيٰ ۽ مير ڪاظم علي
شاه ۽ ٻيا به مارجي ويا. وڏيرو محبت خان مري
ڌڱاڻو خان مري جنگ مان ڀڄي خراب ٿي نڪتا ۽ ڪيترا
درياءَ ۾ ٻڏي مئا.
حيدرآباد جا حاڪم مير صاحب، مخدوم عبدالخالق صاحب جو ڏاڍو خيال
۽ ادب رکندا هئا. هر سال حيدرآبادي ميرن صاحبن جي
طرفان نواب ولي محمد خان لغاري، مخدوم صاحب جن وٽ
ايندو هو، چانڊڪي ۾ جاگير جو هڪ ٽڪرو به کين نذر ۾
پيش ڪيو ويو هو. پاڻ حيدرآباد ڏانهن رڳو ٻه ڀيرا
ويا هئا. هڪ ڀيري اسلامي مقدمي جي نبيرڻ ويا هئا ۽
ٻئي دفعي مير نور محمد خان ٽالپر جي فاتحه خواني
لاءِ ويا هئا، پنج ڏينهن حيدرآباد ۾ رهيا، پر ان
وچ ۾ دنيوي ڳالهين بابت ڪجهه به ڳالهه ٻولهه نه
ڪيائون، سندن گفتگو حاڪمن کي عدالت لاءِ نصيحتون
هيون کين پيغمبر عليہ السلام جون حديثون ٻڌايون
ويون. مير صاحبن اهو به چيو ته اسان جي لاءِ جيڪو
فرمان هجي، ان کي پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڻ
ڪجهه نه فرمايائون ۽ کين ڪابه تڪليف نه ڏنائون.
ميرن صاحبن طرفان پنج سؤ روپيا روڪڙ ۽ ڪپڙا وغيره
جيڪي نذر ۾ مليا، سي به خليفن ورتا. پاڻ پري جي
مسافري نه ڪندا هئا. خيرپور جي مير صاحبن ڏانهن به
ڪونه ويندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن شاديءَ جي دعوت يا
صلح ڪرائڻ لاءِکين سڏيو ويندو هو ته پوءِ رڳو هڪ
رات رهي دعا ڪري واپس هليا ايندا هئا. لنگر جي خرچ
جي به کين پرواه ڪانه هوندي هئي، ڪيترا ماڻهو
کانئن فيض پرائي منزل تي پهچي ويا.
تذڪره مخاديم کهڙا جو مؤلف لکي ٿو ته هڪ ڏينهن هن مسڪين کي
فرمايائون ته سڀ کان اول مون، حضرت شاه صفي الله
مجدديءَ جي ڀاءُ شاه فضل الله سرهنديءَ جي هٿ تي
بيعت ڪئي هئي، انهن کان گهڻي فيض جي پالوٽ ٿي. ان
کان پوءِ ڏاڏي بزرگوار مخدوم محمد جي روحانيت کان
اهو توجهه ٿيو جو شاهه فضل الله ۽ ٻين بزرگن جي
توجهه ۽ تلقين جو اولڙو ختم ٿي ويو ۽ سلوڪ جي آڏو
جيڪي به حجاب هئا، سي سڀ ڪافور ٿي ويا. تذڪره جو
صاحب اهو به لکي ٿو ته سندن ڪمال هن حد تي پهتو جو
کين آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو حضور حاصل هو.
ان جو برڪت جو اولڙو هن حقير تي به پيو جو جڏهن
تفسير بيضاوي، هدايه ۽ شرح عقائد جهڙن مشڪل ڪتابن
جا ڪي مقام رات جو سمجهه ۾ نه ايندا هئا ۽ صبح جو
سندن روبرو سبق پڙهڻ ايندو هوس ۽ پاڻ ظاهري طرح ته
ڪتابن ۾ نظر ڪندا هئا، پر باطني طرح منهنجي دل
ڏانهن توجهه هوندو هين. ان وقت عبارت پڙهڻ سان اهي
مشڪل جايون سمجهه ۾ اچي وينديون هيون.
مون تي اها به عنايت ڪيائون جو صحاح سته ۽ فقهه وغيره جي سڀني
ڪتابن جي سند اجازت عطا ڪيائون ۽ اهي اسنادون
ڪتابن جي مصنفن تائين پهچن ٿيون. ان کان سواءِ
پنهنجي بياض ۾ وڏا وڏا علمي فائدا لکيا اٿن، جهڙوڪ
احاديثن جي تناقض جو حل، علم فقهه جون تدقيقون ۽
متشابهه آيتن جو بيان وغيره. انهن تحقيقن کي ڪهڙو
به عالم ڏسندو ته حيران رهجي ويندو. پاڻ ائين
فرمائيندا هئا ته اهو سڀ علم لدني جي برڪت سان
حاصل ٿيو آهي. سندن ڪرامتن جون خبرون اڪيچار آهن،
جن کي ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ۾ ڏسڻ گهرجي. پاڻ ڇنڇر
ڏينهن 18 تاريخ مهيني رجب سن1268هه ۾ هن دنيا مان
لاڏاڻو ڪري آخرت ڏانهن رحلت فرمايائون. پير نظام
الدين سرهندي جنهن جي شڪارپور ۾ لکي در وٽ مزار
آهي، ان مخدوم صاحب جي وفات تي هي قطعه تاريخ چيو
آهي:
دريغا رونقِ دينِ متين بود
مهي افلاک شرع و هم يقين بود
ضيا بخشِ شريعت نجم ثاقب
سراجِ دين و خورشيد مبين بود
بوده مخدوم ملکِ دين اسلام
عميم الفيض و زين العابدين بود
مسمي عبد خالق بود مشهور
چراغ بزم، شمع کاملين بود
ستوده گوهرِ درياءَ افضال
گلِ علم و عمل فرخ جبين بود
رئيس جمله علماءِ محقق
شعاعش در همه روئي زمين بود
يده هادم بدعت، حامي شرع
امام و مقتدائي مسلمين بود
برفته زين جهان از امر يزدان
که او از علم حق در ثمين بود
خراميده بسوئي گلزار جنت
که او در ملک دل صاحب نگين بود
بروزِ شنبه وقت ظهر هي آه
ز رجب هڙدم يوم سني بود
چو عيسيٰ بر فلک پرواز بنمود
که حکم خاص رب العالمين بود
بماتم جملگي احباب برتخت
جهان از فرقتش اندوهگين بود
زسر چادر فرو انداخت افلاک
بهر يک از غمش نوحه همين بود
چراغ دين آمد سال وصلش
دگر تاريخ او واضع ازين بود
1298هه
که جسته چون نظام الدين ز هاتف
بگفتا خاتم علمائ دين بود
1268هه
ايضا: بود چراغ اوليا
1268هه
قطعه تاريخ چيل محمد علي فقير:
وه چه مخدوم عبدالخالق نام
بود کحل بصارت دين را
رونق گلشن شريعت بود
بود (او) صد بشارت دين را
مي شد از دست همتش مقبول
هر که کردي حقارت دين را
از ره راست هر که پر سيدي
او بکردي اشارت دين را
کرد رحلت ازين ديار فنا
خواند چون او عمارت دين را
سال ترحيل او خرد گفتا
بود رکن عمارت دين را(1)
1268هه
مخدوم محمد عاقل ابن مخدوم عبدالخالق
(وفات: 1293هه - 1877ع)
مخدوم محمد عاقل، سن1268هه ۾ پنهنجي والد بزرگوار مخدوم
عبدالخالق کهڙويءَ جي وفات کان پوءِ شريعت جي مسند
تي ويٺو. تعليم پنهنجي بزرگن کان پرائي هئائين
پاڻ وقت جو وڏو عالم، عارف، ڪامل، جواد، فياض،
زاهد ۽ رياضت وارو بزرگ هو. سندن تصنيفن ۽ تاليفن
کي ڏسندي سندن عظيم علم جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
علم تفسير ۾ قرآن مجيد جي پوئين پاري جو منبع
المعاني نالي فارسي زبان ۾ تفسير لکيو اٿن، جنهن ۾
شريعت ۽ طريقت جون ڪيتريون تحقيقون ۽ نڪتا لکيا
اٿن. اهل تشيع طرفان لکيل رسالي ”جواب لا جواب“ جي
رد ۾ هڪ رسالو نالي ”جواب باصواب“ ٺاهيو اٿن، ٻيو
هڪ رسالو حنفي مذهب جي تائيد ۾ نماز ۾ هٿ ٻڌي بيهڻ
بابت جوڙيو اٿن، جنهن ۾ قرآن ۽ حديث مان دلائل
بيان ڪيا اٿن. فارسي زبان جي نثر توڙي نظم ۾ وڏي
مهارت هين، سندن هڪ پورو ديوان حروف تهجيءَ جي
ترتيب تي موجود آهي، بهار دانش جي نموني تي فصيح،
بليغ عبارت ۾ چئن درويشن جو قصو فارسيءَ ۾ لکيو
اٿن. انشاءِ فارسي به عجيب صنعت سان ٺاهي اٿن، جو
انهن ۾ الف کان وٺي ”ي“ تائين اهو التزام ڪيو اٿن
جو هڪ هڪ خط ۾ حروف تهجي مان هڪ هڪ اکر کي ڇڏيندا
ويا آهن، هن جي ڏسڻ سان انشا پردازن کي حيرت وٺي
ويندي.
علم تاريخ ۾ به کين وڏي مهارت هئي، هن فن ۾ ”تاريخ آئينه جهان“
فارسي ۾ لکيو اٿن. جنهن ۾ شروع کان پڇاڙي تائين
تفصيل سان تاريخي احوال بيان ڪيا اٿن. هڪ ڪتاب
”رياض المحافل“ نالي لکيو اٿن، جنهن ۾ سخنوري جا
آداب ۽ مجلس آرائي جا نڪتا بيان ڪيا آهن، اهو ڪتاب
سندن عمدي تصنيف آهي، سندن علميت ۽ قضا ۾ قابليت
جو هن واقعي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو جو گهوٽڪيءَ
جي پيرن صاحبن جو جدي ورثي ۾ اچ شريف جي پيرن سان
ملڪيت تي جهڳڙو هو، ان دور ۾ رياست جو والي خان
بهادر حاجي فتح محمد خان هو، مخدوم صاحب سن1274هه
۾ ان فيصلي لاءِ رياست بهاولپور ويا، پير مبارڪ
شاهه جيلاني گهوٽڪيءَ وارو به ساڻن گڏ هو، جڏهن
فيصلي لاءِ اجتماع ٿيو ته اتي جا وڏا وڏا عالم به
آيل هئا، مخدوم صاحب ڳالهيون ٻڌي جڏهن گهوٽڪيءَ جي
پيرن صاحبن جي فائدي ۾ فيصلو ڏنو ته سڀني عالمن جي
واتان آفرين ۽ تحسين جا نعرا بلند ٿي ويا. والي
رياست خان فتح محمد خان، مخدوم صاحب جي فصاحت ۽
بلاغت جي تعريف ٻڌي کين دعوت ڪيائون ته رجب جي 27
تاريخ جمع جي ڏينهن سن1274هه ۾ احمد پور ۾ شرف
ملاقات کان پوءِ مخدوم صاحب جمعي جي نماز
پڙهائيندا ۽ والي رياست، مخدوم صاحب جي پويان نماز
پڙهندو ۽ پوءِ مخدوم صاحب جو واعظ پڻ ٻڌندو.
مخدوم صاحب جن خوشي سان دعوت قبول فرمائي، مولوي مظفر علي صاحب
سرڪار جو دفتر دار پيغام رسانيءَ لاءِ مقرر هو.
مخدوم صاحب جماعت سان گڏجي پير سيد مبارڪ شاهه
جيلانيءَ کي به ساڻ ڪري احمد پور ڏانهن هليا، جڏهن
شهر جي ويجهو پهتا ته ٽن ميلن جي پنڌ تي سرڪار خان
بهادر فتح محمد خان والي رياست ٽن هزار سپاهين سان
گڏ مخدوم صاحب جي آجيان لاءِ پهچي ويا، انهن سان
جهنڊو ۽ نغارا پڻ موجود هئا، پاڻ سونهري محفي ۾
سوار هئا، جڏهن چاليهه وک کن ويجهو آيا ته محفي
مان لهي اچي مخدوم صاحب سان ڀاڪر پائي مليا ۽
بادشاهي جاءِ ۾ کين مهمان رکيو ويو. ان وقت مولوي
قمر الدين صاحب بهاولپوري جيڪو رياست جي وڏن فصيح
عالمن مان هو، تنهن مخدوم صاحب جي تشريف آوري جي
مبارڪ ۾ اتي بيهي هي قطعه پڙهي:
اي ز علوم تو ملک متهري
خلق بعلم تو شده مقتدي
دل کش تو گشته دل عالمي
آمدنت شد سپر برغمي
چون تو نمودي سو ما دلکشي
ز آمدنت گشت محصل خوشي
منتظرت عالم وهم ملتجي
جئت الينا فلنعم المجي
ان سان سڀني اهل مجلس کي خوشي ٿي، انهيءَ مجلس ۾ بهاولپور،
احمدپور ۽ ديري نواب مان ڪيترائي وڏا وڏا عالم آيا
هئا، جن امتحان طور مخدوم صاحب کان تفسير ۽ حديث
سان لاڳو ڪي سوال ڪيا ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي، مخدوم
صاحب انهن جي پڇيل ڳالهين بابت جڏهن تقرير شروع
ڪئي ته سڀني عالمن تعريف شروع ڪري ڏني.
مخدوم صاحب پورو هفتو اتي رهيا 27 تاريخ رجب جمعي جي
نمازپڙهايائون، نماز مان فراغت کان پوءِ کين واعظ
ڪرڻ لاءِ چيو ويو. مخدوم صاحب موقعي کي ڏسندي قرآن
مجيد جي آيت: ”ان الله يامر بالعدل والاحسان“
(بيشڪ الله عدل ۽ احسان ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو) پڙهي ۽
هن جي تفسير کي اهڙي نموني بيان ڪيائون جو ويٺل
ماڻهن تي ان جو وڏو اثر ٿيو ۽ حاڪمن ۾ شريعت جي
احڪامن پٽاندڙ فيصلي ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿيو، ان
وقت مولوي قمر الدين صاحب جو سفيد ريش بزرگ هو،
نثر ۽ نظم جو ماهر هو، تنهن مخدوم صاحب جي تعريف ۾
هي قصيدو پڙهيو آهي، جنهن جي ابتدائي بيت هي آهن:
محمد عاقل اندر راه عقبيٰ
عميم اللطيف مخدوم معليٰ
مبارڪ طلعت و ميمون شمائل
همايون سيرت و موزون فضائل
بلاغت منزلت تحرير علما
رفيع المرتبت مخدوم فضلا
جميل الخلق دريائي کمالت
شريف النسب النسب ماحي الضلالت
هي هڪ وڏو قصدو آهي، هن جي آخر ۾ هڪ صنعت بيان ڪئي اٿس جا هي
آهي:
نمودم مثنوي در مدح مخدوم
حروف اسمش از هر مصرع مفهوم
چو يک يک حرف از هر مصرع آن
جدا سازي دو بيت اندر ميان شان
بود چون شمس روشن در زمانه
قمر دائم بود با او يگانه
هن کان پوءِ والي رياست جي ڪوٽ ديري ۾ دعوت کائي ٽين ڏينهن اتي
رهي، سنڌ واپس وريا.
تقسيم اوقات
مخدوم محمد عاقل جا اوقات ورهايل هوندا هئا. وقت جي پابنديءَ جو
ڏاڍو خيال رکندا هئا. پنهنجي مشغولين بابت ”ڪتاب
رياض المحافل“ ۾ هن طرح لکيو اٿن: ”والد بزرگوار
جي وفات کان پوءِ ولي عهدي جو بار مون تي اچي پيو،
ان ڪري پنهنجي مڙني اوقاتن کي اوراد ۽ وظيفن سان
مقرر ڪيم ته جيئن انهن جي برڪت سان ڌڻي پاڪ مغفرت
فرمائي. رات جي ٽن پهرن گذرڻ کان پوءِ اٿي تازو
وضو ڪري ٻه ٽي نفل تهجد جا پڙهندو آهيان، خدا پاڪ
جي وصف ۽ واکاڻ ڪري قصيده برده پڙهندو آهيان. اهو
ورد اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو اچي ٿو، پوءِ صبح
جي نماز تائين ماثوره، دعائون ۽ مناجاتون پڙهندو
آهيان. فجر جي سنت گهر پڙهي فرض نماز جامع مسجد ۾
جماعت کي پڙهائيندو آهيان. فجر جي نماز کان پوءِ
قلبي ذڪر جي مشق ڪندو آهيان، ان جي تلقين مرشد،
مڪمل خواجه محمد عبدالباقي مجددي کان ورتل آهي (ان
جي سمجهاڻي ڪتاب ۾ ڏنل آهي) ان کان پوءِ عام وظيفو
جنهن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهيان، سفر، حضر هجي يا
بيماري ۽ چڱڀلائي هجي. اهو وظيفو هي آهي: سورت
فاتحه بسم الله سان گڏ سؤ ڀيرا، هن کان پوءِ يا
مجيب يا مجيب 55 ڀيرا، قل ياايها الکافرون بسم
الله سان گڏ 3 ڀيرا، سوره اخلاص ۽ معوذتين (الفلق،
الناس) بسم الله سان گڏ 3 ڀيرا، سؤ ڀيرا ”يا واسع“
هڪ سؤ ڀيرا ”يا باسط“ انهيءَ طرح ٻيا به ڪي وظيفا
لکيا اٿن، اهي پڙهي، گهر جي حالات جي خبر رکندا
هئا ۽ ناشتو ڪري اوطاق ۾ ايندا هئا، جي ڪو شرعي
فيصلو هوندو هو ته اهو نبيريندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو
مقدمو نه هوندو هو ته منجهند تائين تصنيف، تاليف ۾
مشغول رهندا هئا، ان کان پوءِ منجهند جي ماني کائي
ڪجهه آرام فرمائي ظهر جي نماز لاءِ مسجد ۾ ايندا
هئا. نماز کان پوءِ وري به اورادن ۾ مشغول رهندا
هئا، حزب اعظم جو هڪ حزب ۽ دلائل الخيرات جو هڪ
حزب شامل هوندو هو، ان کان پوءِ عصر جي نماز جي
تياري ٿيندي هئي. نماز عصر کان پوءِ نقشبندي حضرات
جو ختم خواجگان پڙهندا هئا، پوءِ وقت هوندو هو ته
واعظ فرمائيندا هئا، مغرب جي نماز کان پوءِ پنهنجي
اسلاف ۽ بزرگن جي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ ان کان
پوءِ خانگي جاءِ ۾ اچي صلواة الاوابين جا ٽي نفل
پڙهندا هئا، ان کان پوءِ عشا جي نماز جماعت سان
ادا ڪري آرام ڪندا هئا.
شعر شاعري ۾ کين وڏي مهارت هئي، حافظ شيرازي جي ڪن غزلن جا جواب
لکيا اٿن، محمد امير خان دراني جي غزل جو جواب
لکيو اٿن، مير فخر الدين مرحوم علوي شڪارپوري جي
وفات سن1271هه تي هن طرح تاريخ وفات چئي اٿن:
ز فوت ولي زمان فخر دين شه
که روحي روان را وقوفي درآمد
جهان تيره تاريک و بي نور گشته
که خورشيد دين را کسوفي در آمد
سنين حياتش عدد ماه بوده
بگفتم که مه را خسوفي درآمد
فوزالاخلاف ڪتاب ۾ سندن بزرگن جا قطعات تاريخ وفات ڏنا اٿن،
جيڪي سندن چيل آهن. انشاءِ ۽ خطن لکڻ ۾ ته کين خاص
ملڪو حاصل هو. انشاءِ مرغوبي نالي خطن جو هڪ ڪتاب
سندن جوڙيل آهي. هڪ خط ميان رحمت الله ڏانهن لکيو
اٿن، ان ۾ رڳو باغ جي شين کي آندو اٿن ۽ ڪوبه اهڙو
لفظ نه آندو اٿن، جنهن ۾”ذال“ آيو هجي. هڪ ٻيو خط
آهي، جنهن ۾ ”سين“ کي ڪٿي به نه آندو اٿن، ٽيون خط
قاضي غلام محمد ڏانهن لکيو اٿن، جنهن ۾ اهڙي عبارت
آندي اٿن، جنهن جا عدد غلام محمد جي عدد 1163 جي
برابر آهن. نموني طور ڏسو:
يا الله يا عزيز يا قاضي الحوائج همواره گلشن آ مال آن والا
مقدار سوره
مصنف اعتبار پر توجه دين ملت رونق پرواز بزم معدلت، جلوده
فرمائي حسن خداداني
1163
سارو خط ائين هليو ويو آهي.
مخدوم محمد عاقل دوم تاريخ ڇهين شعبان سن1294هه ۾ شڪارپور ۾
رحلت فرمائي، قطعه تاريخ وفات فرموده پير محمد
اشرف نقشبندي:
آه از فوت حضرت مخدوم
از جهان رسم جود و حلم برفت
سال وصلش چو از خرد جستم
گفت هي هي شعاع علم برفت
قطعه تاريخ فرموده مولوي عبدالنبي ساڪن ديره غازي خان:
حضرت مخدوم ما روشن ضمير
سوئي عقبيٰ گشت چون رحلت پذير
از وفات او جهاني شد غمين
خاک بر سرکرد هر برنا و پير
واعويلا گشت پنهان زير خاک
علم را آن آفتاب مستنير
آنکه مثل او نبود اندر جهان
بي عديل و بي مثال و بي نظير
سال و تاريخش و مر وصلش زغيب
هاتفم گفتا ششم شعبان گير
1293هه
|