سنڌي نثر جي تاريخ
ساڻيهه سنڌ جي آڳاٽي سڀيتا ۽ سڌريل جيون لاءِ موهن جي دڙي مان
نڪتل وٿ ۽ هزارن سالن جا اهڃاڻ ڀلي ڀت ساک ڀرين
ٿا. ساڳي ريت هن سهڻي ۽ سندر ديس جي سلوڻي ۽
سٻاجهي سنڌي ٻولي پڻ هتي جي قديم ايامن کان سڌريل
۽ الڳ زبان رهندي آئي آهي.
اسان کي هن کان انڪار نه آهي ته دنيا جي ٻين زنده ٻولين وانگر
ڪن تاريخي تبديلين، ڌارين جي حملن، زماني جي ڦيرين
گهيرن ۽ انقلابن کان هي زبان به آجي نه رهي آهي.
پر ان ڦير ڦار ڪن لفظن جي واڌاري کان سواءِ سنڌي
زبان جي اصليت ۽ انفراديت تي ڪو اثر نه وڌو آهي.
سنڌي زبان جي صورتخطي ۽ لکڻ جو نمونو به جدا جدا
دورن ۾ بدلبو رهيو آهي، تڏهن به ان جي بنيادي
جوڙجڪ اها ئي هزار سالن واري هلندي اچي.
ڪنهن سڌريل ٻوليءَ جي اوسر ان جي نظم ۽ نثر جي ارتقا ۽ اوسر سان
ڳنڍيل آهي. سنڌي نظم جي شروعات ”سنڌي نثر جي
تاريخ“ جي مؤلف پروفيسر ملڪاڻي صاحب جي تحقيق
پٽاندڙ 14 صدي عيسويءَ ڌاري تي هئي، جنهن جو مطلب
ته ان جو نظم ساڍيون ڇهه صديون جهونو آهي. پر سنڌي
نثر سندس تحقيق موجب 18 صدي جي وچ ڌاري شروع ٿيو.
يعني اڃا ٻه صديون کن مس پوريون ڪيون اٿس. هن ڪتاب
”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ آخوند عزيزالله مٽياري ضلعي
حيدرآباد جو رهاڪو هو، سندس پٽ آخوند علي محمد به
پيءُ وانگر پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ خطاط ٿي
گذريو آهي.
سنڌي نثر جي سلسلي ۾ تاريخي لحاظ سان ”ڪتاب عجائب الهند“ تاليف
بزرگ بن شهريار رامهرمزيءَ جي لکڻ پٽاندڙ اها پڪي
۽ پختي ثابتي ملي ٿي ته دنيا جي ٻين سڀني ٻولين
کان اڳ، قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو ۽
اهو يارهن سؤ سال اڳ جو سنڌي ترجمو آهي، جو مهروڪ
بن رائق راجا جي استدعا تي، منصوره سنڌ جي عرب
حاڪم عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ
عراقي عالم لکيو.
اهو عالم سنڌ ۾ رهي سنڌي زبان چڱي طرح سکي چڪو هو، سنڌي ٻوليءَ
جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر پڻ هو. ان نه رڳو قرآن مجيد جو
سنڌي ترجمو لکيو، پر شرعي احڪامن کي سنڌي نظم ۾ به
آندو. افسوس جو زماني جي انقلابن ۽ سنڌ تي ڌارين
جي مسلسل ۽ لاڳيتو حملن ڪري اسان وٽ سنڌي نظم ۽
نثر جو اهو ابتدائي نمونو محفوظ رهي نه سگهيو، ان
ڪري ان کي سنڌي نثر ۽ نظم جو رڳو تاريخي اهڃاڻ سڏي
سگهجي ٿو.
پروفيسر ملڪاڻي صاحب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ مرحوم ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽي جي مقالي ”قديم سنڌي نثر“ جي
حوالي سان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا نثر ۾ لکيل
”ست گفتا حڪمت ڀريا نڪتا“ به آندا آهن، جن کي ٺيٺ
سنڌيءَ ۾ لکيل سنڌي نثر جو اوائلي نمونو ۽ قافيه
وار نثر سڏيو آهي. اها پنهنجي مٿي سنڌي نثر جي
تلاش ۽ تحقيق ۾ چڱي ادبي ۽ تاريخي جاکوڙ آهي.
اسان کي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان به گهڻو اڳ جا سنڌي نثر
جا نمونا ۽ عبارتون هٿ آيون آهن، جيڪي هڪ فقهي
فتاويٰ ”بياض“ ۾ آيل آهن. اهو سنڌي نثر وارو
مجموعو ان فقهي بياض جو هڪ الڳ باب ۽ عنوان آهي،
جنهن ۾ گهڻو ڪري اڍائي سؤ سال اڳ جا ڪتب آندل سنڌي
نثر جا جملا ۽ عبارتون آيل آهن، جيڪي هتي سنڌ جي
هندو رهاڪن ۽ رعايا کان ٻڌا ويا ۽ انهن تي ان دور
۾ قاضين ۽ مفتين پنهنجا فيصلا ۽ فتوائون صادر ڪيون
۽ انهن جي تقريظ ۽ تصديق، وقت جي ٻين وڏن شرعي
عالمن ڪئي ۽ مُهرون لڳايون. انهن قاضين ۽ مفتين
ڪهڙا ڪلور وهايا، هتي ان جي اپٽار اجائي ۽ نامناسب
آهي. اسان رڳو اتي آيل سنڌي نثر جي نمونن جي فيصلن
۽ فتوائن سان لڳاپا رکندڙ ماڻهن جي نالن، تاريخ ۽
سن کي هتي بيان ڪيو آهي.
(1) هن بياض جي ورق 428 تي هڪ واقعو 13 صفر سن1100هه جو بيان
ٿيل آهي ته نالي موسيٰ پٽ حاجي خضر جي چانديءَ جي
منڊي هڪ هندو وٽ ڳهه رکي. اڳتي هلي ٻنهي جو وياج
تي جهڳڙو ٿيو، ان تي ان هندو هي جملا زبان مان
اچاريا: ”شرع محمد جي مُن مڃي قبول، شرع محمد جي
مُن مڃي“ انهن جملن جي صورتخطي به اها آهي جا لکي
وئي آهي. انهن سنڌي ۾ اچاريل اکرن بابت سوا ٻن
ورقن ۾ عربيءَ ۾ فتويٰ صادر ٿيل آهي. مفتي آهي
مٽيارين جو عبدالباقي، جنهن تي پوءِ هلي هنن عالمن
تصديقون ڪيون آهن ۽ مهرون لڳايون آهن: ابوالمعالي
1159هه، عبدالخالق 1156هه.
(2) ورق 434 تي ه ڪ عربي عبارت: ”قال رسول الله صلي الله عليہ
وسلم کذا وکذا“ آڻي ان جو سنڌي نثر ۾ هن طرح ترجمو
ڪيو آهي: ”الله جي رسول صلي الله عليہ وسلم هي
فرمايو.“
(3) ورق 437 تي هڪ هندو نالي ٻالجند جو هي جملو اچاريل آندو ويو
آهي: ”آءٌ وَانِيُو نَاهيان“ هن تي ٺٽي ۽ سنڌ جي
ٻين شهرن جي هنن مفتين جا نالا آهن: مخدوم ضياءُ
الدين، مخدوم حاجي محدم هاشم، شيخ عطاءُ الله
مفتي، شيخ عنايت مفتي، شيخ محمد عارف مفتي، اهي سڀ
ٺٽي جا عالم آهن ۽ شيخ عزت الله نصرپور جو مفتي
آهي.
(4) ورق 425 هتي هڪ هندو عورت جو مسلمان کي خطاب ”ادا محمد
صالح“ آيل آهي.
(5) ورق 428 تي هڪ ه ندو جي واتان هي جملو اچاريل آهي: ”هَلُ
آءٌ تو جِهَرُو آهِيَان“ هن جو سن1148هه آهي.
(6) ورق 437 تي اچي ٿو ته 14 شعبان مهيني جي 1155هه تي سومهڻي
جي نماز کان پوءِ جو واقعو آهي ته چيٽو پٽ مسمات
جِتان جو ٺٽي ۾ مڪلي دروازي تي بيٺو هو، جو سنڌيءَ
۾ هي اکر اچاريائين: ”آنکهي نَبِيَّ جو کَهَتُن
آهي جي پِرَ تي نه هَلندا.“
(7) 438 تي اچي ٿو ته هڪ هندو عورت، هڪ مسلمان نالي احمد
ڪينيگران جي گهر آئي، ان سان ڳالهائيندي چيائين ته
تون بي ايمان آهين ”اَسِ ايمان تَها رکڻو“ اهو
اچاريل سنڌي جملو 12 رمضان 1159هه جو آهي.
(8) ورق 439 تي اچي ٿو ڪن مسلمانن هڪ غير مسلم کان پنهنجي حق جي
گهر ڪئي. هو ان جي ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم وٺي رهيو هو.
تنهن تي هڪ مسلمان ان هندو کي چيو ته: ”تُن اَساس
ستَم، تو کري شَرعَ مُحَمَّد جي مَڃيء ڪِ نَه“
هندو ان کي ورندي ڏيندي چيو: ”شَرعُ مُحَمَّد جِي
مَڃيِم پَرَ آهِجِي شَرعِي قَاضِي گذرُو.“
هن تي ٺٽي جي عالمن مير سيد عبدالقدوس شيرازي، مخدوم حاجي محمد
هاشم، مخدوم حاجي محمد قائم، سيد نجم الدين ۽ ٻين
جي تقريظن کان سواءِ کاهي راهو جي عالم محمد ڪامل،
هالا ڪنڊيءَ جي مخدوم پر محمد، مٽيارين جي مخدومن
محمد بقا، اگهم قلعي جي سيد محمد مقيم رضوي، بوبڪن
جي مخدوم عبدالغني، نصرپور جي مفتي عزت الله،
نوشهري جي مخدوم ابوالمعالي، لاهور ۽ دهليءَ جي ڪن
عالمن جون تصحيحون پيل آهن. ان طرح سنڌي نثر جا
اهي اٺ نمونا هن سلسلي جي هڪ نئين کوجنا ۽ تحقيق
آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت ٻي مکيه ڳالهه آهي ان جي اصل نسل جي. پروفيسر
ملڪاڻي صاحب هن بابت ”سنڌي ٻولي ۽ ائيوٽيا“ جي
عنوان هيٺ پراڻي سوچ کي دهرايو آهي ته سنڌي ٻولي،
پراڪرت جي وسيلي ڌاران سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي.
هن لاءِ ڀيرومل، سر رچرڊ برٽن ۽ ڊاڪٽر آرنسٽ ٽرمپ
جا پراڻا حوالا آندا ويا آهن، جڏهن ته اڄوڪي دور ۾
ٻولين بابت کوجنا ۽ تحقيق گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي ۽
نوان نظريا وجود ۾ اچي چڪا آهن. اسان کي هن وسهڻ ۾
ڪوبه شڪ شبهو نه آهي ته سنڌيءَ جو هن کنڊ جي جهوني
کان جهوني ٻولي هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي ٻي ان جهڙي
جهوني ٻولي سنسڪرت ۽ ان مان ڦٽل، پالي ۽ پراڪرت
سان ويجهو لاڳاپو ۽ سٻنڌ رهيو آهي، پر تڏهن به
لسانيت جي ماهرن جو اڃا تائين ان تي اتفاق نه ٿي
سگهيو آهي ته انهن مان ڪير ماءُ آهي ۽ ڪير ڌيءُ؟
يا مورڳو سنڌي ٻولي انهن ٻين ٻولين جي هڪ کنڊ ۾
رهڻ ساهيڙي ضرور آهي، پر ان جي نُک مان نه آهي.
هن سلسلي ۾ منهنجي پياري دوست ۽ ساٿي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو
تازو تصنيف ٿيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد“
وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ ان سنڌي زبان بابت ديسي
يا ٻاهرين اديبن ۽ عالمن جي نظرين کي جاءِ ڏني آهي
۽ پوءِ هلي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت
جي شاخ نه آهي، جي الانا صاحب جي هن تحقيق جو
بنياد ٻولين جي سٽاءَ ۽ ساخت تي رکيو ويو آهي،
جنهن ۾ آوازن ۽ صوتن جو مطالعو، صوتياتي سٽاءَ جو
مطالعو صرف موجب سٽاءَ جو اڀياس ۽ نحوي سٽاءَ جو
اڀياس جهڙن اصولن کي وڏو دخل آهي.
پروفيسر ملڪاڻي صاحب کي به کپندو هو ته ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾
سنڌي زبان بابت نون قائم ڪيل نظرين کي به جاءِ ڏئي
ها ۽ پوءِ هلي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پنهنجي تحقيقي راءِ لکي
ها ته تقابلي مطالعي جي خيال کان ان کي تحقيقي
راءِ سڏي سگهجي ها.
سنڌي نثر جي تاريخ ۾ اهو بحث به ڇيڙيو ويو آهي ته سنڌي زبان جا
دفتر، شاعري ، نظم، نثر سڀ ناپيد آهن. راءِ گهراڻي
۽ برهمڻن جو آرٽ ڪٿي به پري اڏامي وڃي آرامي ٿيو؟
ملڪاڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”پهريون عرب فاتحن
پنهنجي دستور موجب شايد انهيءَ علمي خزاني کي نذر
آتش ڪري، سنڌ جي آزاديءَ سان گڏ ادب جو چراغ به گل
ڪيو ٿو ڏسجي. ابتدائي اسلامي جوش شايد انهن کي
ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجي، شايد اهوئي سبب هجي،
جنهن لاءِ محمد بن قاسم کي آزاد اميہ خليفن پنهنجي
درٻار ۾ جواب طلبي لاءِ گهرايو.
اسين ڪنهن به تعصب ۽ ڪٽرپڻي کان بنهه پري رهيا آهيون. ٻالجتيءَ
کان نڪري سن شعور ۽ سمجهه ۾ پير پائڻ کان وٺي هن
عمر تائين سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي ساهيتي سان
سُٻنڌ ۽ پيارو رهيو آهي، پر تحقيق جي ميدان ۾
صداقت جي اصول کي ڇڏڻ نامناسب آهي. انهيءَ بنا تي
اسان پروفيسر صاحب جي مٿين ڳالهه کي ڪڏهن به مڃڻ
لاءِ تيار نه آهيون. بيشڪ جنگين ۽ لڙاين ۾ اهڙن
انومانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. اڄوڪي سڌريل دور ۾
به جڏهن شهرن تي لڙاين ۾ بم ڪرن ٿا، جيئن هيروشيما
۽ ناگاساڪي ۾ ٿيو ته لکن ماڻهن ۽ جانورن سان گڏ
سوين لائبريريون ڪتب خانا ڪتابن سميت رک ٿيو وڃن.
پر تحقيق ۽ تدقيق ۾ اهڙا انومان ۽ ”شايد“ تي ٻڌل
نظر نه آڻبا آهن. ان لاءِ ثابتي کپي. اها هيئن
چئجي ته ديبل ۾ جنهن هنڌ پٿرن جا پري کان ڳوڙها
وسايا ويا ”نفظ“ سان باهيون لڳايون ويون، اتي
ماڻهن سان گڏ ڪي جزوي ڪتاب به سڙيا هوندا ته مڃي
سگهجي ٿو. پر ڇا ساري سنڌ مان رڳو انهن ٻن ٽن هنڌن
تي سنڌي ادب ۽ ساهيتي جو ڀنڊار هو، باقي سمورو ديس
جو هاڻوڪي سنڌ کان گهڻو وڏو هو، سو سڀ سنڌي ساهيتي
کان خالي هو؟
عرب فاتح مذهبي جوش مان اهو ڪڌو ڪم ڪن ها ته سنڌ کان اڳ فارح
فتح ٿيو هو، جنهن جون سرحدون سنڌ سان مليل هيون،
اتي به جيڪر اها هلت هلن ها، پر ائين نه آهي، نه
وري محمد بن قاسم کي انهيءَ الزام هيٺ واپس گهرايو
ويو. اهو رڳو هڪ جڙتو مفروضو آهي، جو پنهنجي
ڪمزوري ۽ نا اهلي کي لڪائڻ لاءِ گهڙيو ويو آهي.
مصر جي بطليموسي ڪتب خاني جي سڙڻ بابت جيڪو الزام
عربن تي مڙهيو ويو آهي، اهو به ڪنهن تحقيقي بنياد
تي ٻڌل نه آهي. هن دور جي هڪ وڏي مؤرخ علامه شبلي
هڪ تحقيقي مقالي ”ڪتب خانه اسڪندريه“ ۾ ان الزام
کي بي بنياد ثابت ڪيو آهي.
هيءُ ڪتاب هن جزوي اختلاف کان سواءِ هر طرح واکاڻ ۽ تعريف جي
لائق آهي. پروفيسر ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“
لکڻ سان سنڌي ادب ۽ ساهت تي هڪ نه وسرندڙ وڏو
احسان ڪيو آهي. هن ڪتاب جهڙو مفصل ڪتاب اڳ نه لکيو
ويو آهي ۽ وطن جي آزادي واري دور کان اڳ جي سنڌي
نثر جي تحقيق ۾ وسان نه گهٽايو آهي. هن موضوع تي
وڌيڪ تحقيق لاءِ هي ڪتاب سنڌي عالمن لاءِ بنيادي
پيڙهه جي حيثيت رکي ٿو.
آخر ۾ اسين حيدرآباد سنڌ جي ”زيب ادبي مرڪز“ جي واکاڻ کان رهي
نٿا سگهون، جو هن علمي مرڪز جي اها هڪ وڏي ادبي
خدمت آهي، جنهن کي سنڌي ساهت جا شائق ڪڏهن به
وساري نـٿا سگهن. کڻي. |