سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :8

 

مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب بذل القوة تان

 

ٻيون ڀاڱو

انهن واقعن بابت جيڪي نبوت جي سالن ۾ مديني ڏانهن هجرت کان وٺي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي وفات ۽ ان جي ويجهڙائي تائين ٿيا آهن

 

هن ۾ ٽي باب آهن:

پهريون باب انهن لڙاين جي بيان ۾، جن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم حاضر ٿي بهرو ورتو آهي.

نوٽ (1): هيءُ ڄاڻڻ گهرجي ته جن لڙاين ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن پاڻ حاضر ٿيا آهن، انهن کي محدثين جي اصطلاح ۾ مغازي ۽ غزوات جو نالو ڏنو ويو آهي. جن لڙاين ۾ پاڻ حاضر نه ٿيا آهن، پر ان ۾ پنهنجي صحابين ۽ اميرن کي موڪليو اٿن، تن کي سندن عرف ۾ ”سرايا ۽ بعوث“ سڏيو ويندو آهي.

نوٽ (2): هيءُ ڄاڻڻ گهرجي ته اسلام جي شروع ۾ ڪافرن سان لڙڻ نبي صلي الله عليہ وسلم جن تي حرام ڪيل هو. کين لڙائيءَ جي موڪل هجرت جي ٻئي سال صفر مهيني ۾ ملي، تڏهن الله تعاليٰ جي قول ”اذن لِلَذين“ الاٰية، مطلب ته جن تي ڪافرن جي طرفان ظلم ٿيو آهي، تن کي اها موڪل ڏني وئي آهي ته اهي لڙائي ڪن. اها پهرين آيت آهي، جيڪا ان سلسلي ۾ نازل ٿي، جيئن ان جو بيان پوئتي ايندو.

نوٽ (3): هي پڻ ڄاڻڻ گهرجي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جون سموريون لڙائيون جن ۾ پاڻ پنهنجي سر حاضر ٿيا، سي مڙيوئي ستاويهه (27) آهن. ان قول تي جنهن ۾ احزاب ۽ قريظه وارين لڙائين کي هڪ ڪري ڳڻيو ويو آهي يا خيبر ۽ وادي القريٰ جي لڙائين کي هڪ لڙائي ڪري ڳڻيو ويو آهي، باقي جنهن قول تي انهن مان ڪنهن هڪ کي ٻه لڙايون ڪري ڳڻيو ويو آهي ته پوءِ اٺاويهه (28) لڙايون ٿينديون، جيئن اڳتي هر فصل ۾ انهن مان هرهڪ جو جلد بيان ڪنداسون.

فائده: هن اٺاويهن لڙائين جي ترتيب وار نالن جي بيان ۾، جيڪي هي آهن:

(1) غزوه الابواءِ، هن کي غزوه ودان به چيو ويندو آهي. (2) غزوه بواط (3) غزوه سفوان، هن کي پهرين بدر به چيو ويندو آهي، جا ڪرز بن جابر جي ڳولا لاءِ هئي. (4) غزوه عشيره (5) غزوه بدر ڪبريٰ (6) غزوه بنو سليم. هن کي قرقرة الڪدر به سڏيو ويندو آهي. (7) غزوه سويق (8) غزوه غطفان، غزوه ذي امر به اهائي آهي. (9) غزوه قرع بحران کان حجاز ۾ (10) غزوه بنو قينقاع (11) غزوه احد (12) غزوه حمراءُ الاسد (13) غزوه بني نضير (14) غزوه اخريٰ بدر، اها غزوه بدر الموعد آهي. (15) غزوه دومة الجندل (16) غزوه بني المصطلق، ان کي مريسيع به چئبو آهي. (17) غزوه الخندق (18) غزوه بني قريضہ (19) غزوه بني لحيان (20) غزوه حديبيہ (21) غزوه ذي القرد (22) غزوه خيبر (23) غزوه وادي القريٰ (24) غزوه ذات الرقاع، هن کي غزوه محارب ۽ بني ثعلبہ پڻ چئبو آهي. (25) غزوه فتح مڪہ (26) غزوه حنين (27) غزوه طائف (28) غزوه تبوڪ. هن ۾ ڪن محدثين ۾ ترتيب ۾ ڪجهه اڳي پوءِ آيو آهي، ان جو بيان تفصيلوار نالن جي ضبط سان انشاءَ الله تعاليٰ اڳتي ايندو.

هن باب کي مون اٺن فصلن تي ترتيب ڏنو آهي.

پهريون فصل هجرت جي ٻئي سال جي غزون ۾

نوٽ: غزون ۽ سرايا جي ٻن بابن ۾ اسان پهرين سال کي هن ڪري نه آندو آهي جو پهرئين سال ۾ لڙائي مباح نه هئي. جيئن اڳ ۾ ٻڌايوسين. ان ڪري انهيءَ سال ۾ ڪوبه غزوه يا سرايہ نه ٿي.

هجرت جي ٻئي سال ۾ صفر مهيني جون ٻارهن راتيون گذريو هيون، جو پاڻ صلي الله عليہ وسلم جن غزوه الابواءِ ڏانهن نڪتا. ودان جي لڙائي به اهائي آهي. اها پهرين لڙائي آهي، جو پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم پنهنجي سر نڪتا. ساڻن گڏ سٺ مهاجر مرد هئا. انهن ۾ ڪوبه انصار نه هو. مديني ۾ سعد بن عباده کي حاڪم ڪري رکيو هئائون. پاڻ انهيءَ واپاري قافلي جو ارادو ڪيو هئائون، جيڪو شام کان مڪي ڏانهن موٽيو هو. قافلو ته کسڪي ويو، ان ڪري پاڻ ڪابه لڙائي نه ڏٺائون، پر هن سفر ۾ سندن ۽ بني ضمره جي وچ ۾ صلح ٿيو ۽ کين صلح جي ڪاپي لکي ڏنائون.

براع فرع جي ملحقات مان مڪي ۽ مديني جي وچ تي هڪ ڳوٺ آهي، ان ۾ جحفہ جي وچ تي مديني جي پاسي کان 23 ميل آهن. ودان ۽ فرع جي ملحقات کان هڪ ڳوٺ آهي. هن لڙائي کي ڪڏهن ابواءَ ڏانهن ته ڪڏهن ودان ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي، ڇوته حقيقت ۾ اهي ٻئي هڪ ئي آهن. اهڙي طرح زرقاني، مواهب اللدنيہ جي شرح ۾ فرمايو آهي. پر قسطلاني ۽ عينيءَ صحيح بخاريءَ جي شرحن ۾ لکيو آهي ته ودان، ابواءَ ۽ جحفہ جي وچ تي هڪ جامع ڳوٺ آهي، ودان ۽ جحفہ جي وچ ۾ اٺن ميلن جو فاصلو آهي.

هن سال جي ربيع لاول ۾ هڪ قول تي ٻئي مهيني ۾ پاڻ صلي الله عليہ وسلم بواط جي لڙائي لاءِ اسريا آهن. بواط ب جي پيش ۽ زير سان جهينہ جي جبلن مان هڪ جبل آهي، جيڪو ”ينبع“ جي ويجهو ”رضويٰ“ مديني کان چئن منزلن تي آهي. پاڻ ان ۾ 200 مهاجرن سان نڪتا ۽ مديني ۾ عثمان بن مظعون جميحي جي ڀاءُ سائب بن مظعون کي حاڪم بنايو هئائون. سندن ارادو قريش جي واپاري قافلي جو هو. لڙائي نه ٿي. پاڻ واپس آيا. هن سال جي ربيع الاول مهيني ۾ غزوه سفوان لاءِ اسريا. هن کي پهرين بدر به نالو ڏنو ويو آهي. پاڻ اوڏانهن اسريا ۽ مديني ۾ زيد بن حارث کي حاڪم ڪيائون. سندن ارادو ڪرز بن جابر فهريءَ سان وڙهڻ جو هو، جنهن مديني جي چوپائي مال جي ڦر ڪئي هئي. ڪرز نڪري ويو، ان ڪري پاڻ بنا ڪنهن لڙائيءَ جي واپس آيا.

هي ڪرز ان وقت مشرڪن جي سردارن مان هو، جنهن پوءِ اسلام آندو ۽ صحبت لڌي. ”عرنين واري سريا“ (فوجي دستي) ۾ کيس رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن امير ڪري موڪليو. فتح مڪي واري ڏينهن شهيد ٿي ويو. جيئن هجرت کان پوءِ اٺين سال وارن حادثن جي باب ۾ ان جو بيان ايندو. سفوان جي (س ۽ ف تي زبر آهي) بدر جي پاسي هڪ جاءِ جو نالو آهي. ڪن جو خيال آهي ته اها لڙائي غزوه عشيره کان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) پوءِ جي آهي.

ان سال جي جمادي الاوليٰ ۽ هڪ قول تي جمادي الاٰخر مهيني ۾ غزوه عشيره لاءِ پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم اسريا. اهو لفظ عربي ۾ تصغير جو صيغو آهي ۽ صحيح اهو آهي ته ان ۾ ”ش“ آهي. ڪن ”س“ پڙهيو آهي. ينبع جي وادي ۾ بني مدلج جي هڪ جاءِ جو اهو نالو آهي. مصر جي حاجين لاءِ اها هڪ منزل پڻ آهي. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم مهاجرن مان ڏيڍ سؤ ماڻهن کي ساڻ ڪري نڪتا. ٻئي قول تي ٻه سؤ ماڻهو هئا. سندن ارادو قريش جي ان قافلي کي روڪڻ جو هو، جيڪي شام کان مڪي ڏانهن موٽيا هئا. مديني ۾ ابو سلمة عبدالله بن عبدالاحد مخزميءَ کي حاڪم بنايو هئائون. قافلو ته اڳتي نڪري ويو، پاڻ اتي جمادي الاوليٰ جون باقي تاريخون ۽ جمادي الاٰخر جون ڪجهه راتيون رهي پيا. اتي قبيلي بنو مدلج ۽ انهن جي حليفن سان جيڪي بنو ضمر مان رهيا هئا، تن سان صلح ڪيائون، پوءِ بنا ڪنهن لڙائيءَ جي اتان واپس وريا. ان ٻئي سال جي رمضان مهيني ۾ پاڻ سڳورن بدر ڪبريٰ واري لڙائي لڙي. هن لڙائيءَ کي بدر العظميٰ، بدر الثانيہ، بدر القتال ۽ يوم الفرقان به چيو وڃي ٿو. اهو هڪ وڏو واقعو آهي، جنهن سان الله تعاليٰ اسلام کي عزت بخشي ۽ ڪفر ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي.

بدر جي جاءِ جتي اها لڙائي لڙي وئي، سا حرمين شريفين جي وچ تي مديني کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. اها لڙائي رمضان المبارڪ جي سترهين (17) تاريخ جمعي جي ڏينهن ٿي. ٻيول قول آهي ته اڻٽيهين (29) تاريخ تي، ٽيون قول ويهين (20) تاريخ جو آهي. پهريون قول وڌيڪ صحيح آهي. گهڻن عالمن جو اهوئي قول آهي. ابن عساڪر ان کي محفوظ سڏيو آهي. هن اهو به لکيو آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو مديني کان بدر ڏانهن نڪرڻ ڇنڇر جي ڏينهن رمضان جي يارهين تاريخ تي ٿيو. مهاجرن ۽ انصارن مان 350 ماڻهو ساڻن گڏ هئا. مشهور هي آهي ته بدرين جو تعداد 313 هو، پر انهن مان اٺ ڄڻا حاضر نه هئا. اهي ڪن ضرورتن پٽاندڙ نبي صلي الله عليہ وسلم جي حڪم سان پوئتي رهيا هئا. ان ڪري آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کين غنيمت مان ڀاڱو به ڏنو ۽ کين اها خبر به ڏنائين ته انهن کي اهوئي اجر ملندو، جيڪو حاضرين کي مليو آهي. پوءِ انهن کي به حاضر ڳڻيو ۽ بدري شمار ڪيو ويندو. هن لشڪر ۾ چوراسي (84) مهاجر ۽ باقي ٻه سؤ اڻٽيهه انصار هئا.

مون (مخدوم صاحب) هڪ رسالو جوڙيو آهي، جنهن ۾ سڀني بدري صحابين جا نالا تفصيل سان آندا اٿم ۽ ان جو نالو رکيو اٿم: النور المبين في جمع اسماءِ البدريين، انصار پهريون ڀيرو حضور سان هن لڙائي ۾ نڪتا هئا. ان کان اڳ ڪونه نڪتا هئا. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم ابو لبابہ، عبدالمنذر انصاري اوسيءَ کي مديني ۾ پنهنجو نائب مقرر فرمايو. هن جو نالو بشير هو. ڪن جي طرفان چيو ويو آهي ته سندس نالو رفاعہ هو، نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کيس روحاءَ جاءِ کان ان ڪري واپس ڪيو ته مديني ۾ ان کي پنهنجو نائب بنايائون. روحاءَ مڪي ۽ مديني جي وچ تي مديني کان 36 ميلن تي هڪ مشهور کوهه آهي، اهو کوهه هاڻي به موجود آهي. مصنف چوي ٿو ته اسان 1135هه ۾ ان کوهه کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ ان جو پاڻي پيتو، والحمد لله.

بدر واري لڙائيءَ ۾ ڪافر هڪ هزار مرد هئا. ساڻن گهوڙن، ترارن ۽ هٿيارن جي گهڻائي هئي ۽ انهن سان لڙائي جا تجربيڪار، بهادر پهلوان هئا. ٻئي پاسي مؤمنن وٽ سامان، گهوڙن، کاڌي پيتي ۽ ٿيارن جي گهٽتائي هئي. ايستائين جو ساري لشڪر ۾ صرف ٻه گهوڙا ۽ اٺ تلوارون هيون. الله تعاليٰ پنهنجي رسول صلي الله عليہ وسلم ۽ مؤمنن جي مدد ڪئي. انهن ڪافرن جي سردارن مان ستر مردن کي ڊاهي وڌو ۽ ستر کي قيد ڪيو ويو ۽ گهڻو غنيمت جو مال به انهن کان هٿ ڪيو ويو، جيئن سيرت ۽ حديث جي وڏن ڪتابن ۾ تفصيل سان اهو احوال آيل آهي. هن سال جي انهيءَ لڙائيءَ ۾ هن امت جي فرعون ابوجهل پٽ هشام کي قتل ڪيو ويو. (الله کيس خوار ڪيو) جيئن هن ڀاڱي جي ٽئين باب ۾ بدر واري لڙائيءَ جي بيان ۾ جيڪڏهن خدا گهريو ته اهو احوال ايندو.

هن سال شوال جي پهرئين تاريخ ۾ بدر جي لڙائيءَ کان فارغ ٿي مديني ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي اچڻ کان ست ڏينهن پوءِ ۽ چيو ويو آهي ته محرم جي اڌ ۾ ٽئين سال اندر پاڻ سڳورن ڪدر ۾ بني سليم سان لڙائي ڪئي. ان کي غزوه ۽ قَرقَرة الڪُدر به چيو ويندو آهي.

القرقرة ”ق جي زبر سان“ مشهور آهي. ڪڏهن ٻنهي کي پيش به پڙهيو ويو آهي. هڪ نرم زمين آهي ۽ ”الڪدر“ ڪاف جي پيش ۽ بنا ٽٻڪي واري دال جي سڪون سان، پکي آهن، جن جو رنگ ميرانجهڙو آهي ۽ اها جاءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿي وئي آهي. ڇوته اتي اهي پکي رهندا آهن. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن 200 ماڻهو وٺي اوڏانهن ويا ۽ مديني تي سَباع بن عُرفُطہ غفاري رضي الله عنہ کي حاڪم بنايائون. سباع ۾ ”س کي زبر“ پڙهبي. عرفطہ بنا ٽٻڪي واري ”ع ۽ ف کي پيش“ آهي، ان کان پوءِ بنا ٽٻڪي واري ”ط“ آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته ابن ام مڪتوم کي پنهنجو نائب بنايائون. انهيءَ جو نالو اڪثر قول تي عمرو آهي ۽ اهوئي صحيح آهي ۽ چيو ويو آهي ته سندس نالو عبدالله آهي. نيابت جي هن اختلاف کي هن طرح سلجهايو ويو آهي ته پاڻ سڳورن سَباع کي فيصلن لاءِ ۽ ابن ام مڪتوم کي نماز لاءِ نائب مقرر فرمايو.

جڏهن (هن مهم ۾) رسول الله صلي الله عليہ وسلم بنو سليم جي ويجهو پهتا، ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن مان ڪنهن هڪ سان به سامهون نه ٿيا. اتان جڏهن موٽيا ته کين 500 اٺ مليا، جن کي هٿ ڪري مديني ڏانهن موٽيا ۽ صَرار جاءِ تي انهن اٺن کي ورهائي ڇڏيائون. صرار ”ص جي زير سان“ مديني کان 3 ميلن جي پنڌ تي آهي. انهن چوپاين سان ڌنار به گڏ هئا، جن مان يسار نالي به هو. پاڻ سڳورن کيس هٿ ۾ ڪري آزاد ڪيو، ان ڪري اهو رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو موليٰ (آزاد ڪيل غلام) ٿي پيو.

هن سال جي ذي الحج مهيني ۾ ۽ ٻئي قول تي ٽئين سال هجرت جي محرم مهيني ۾ پاڻ صلي الله عليہ وسلم غزوه السويق ڏانهن نڪتا، اهو نالو هن تي هن ڪري پيو جو هن لڙائيءَ ۾ مشرڪن جي کاڌي پيتي جو عام سامان سَتو هئا. انهن جي ڀڄي وڃڻ مهل مسلمانن انهن سَتن کي هٿ ڪيو. اها لڙائي قرقرة الڪدر جنهن جو بيان اڳ ٿي چڪو آهي، جي ويجهي هئي، ابو سفيان ۽ ان جي ساٿين مڪي جي قريشين سان هئي.

بدر جي لڙائيءَ کان پوءِ ابو سفيان اهو قسم کنيو هيو ته ايستائين نه ته گهه واپرائيندو ۽ نڪي مٿي جي ميرائيءَ کان تڙ ڪندو، جيستائين هو محمد صلي الله عليہ وسلم کان وير نه وٺي ۽ بدر جي مقتولين جي عيوض آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي صحابين کي نه ماري. ان ڪري ابو سفيان پنهنجا ٻه سؤ ساٿي وٺي سوار ٿي نڪتو، ايستائين جو عريض جاءِ وٽ پهتو، اها مديني کان ٽن ميلن تي هڪ جاءِ آهي. رسول الله صلي عليہ وسلم جن کي به ذي الحج جون پنج راتيون گذريون هيون جو آچر جي ڏينهن ٻه سؤ سوار وٺي نڪتا ۽ مديني ۾ سَباع بن عرفطہ کي، ٻئي قول تي ابن ام مڪتوم کي ۽ ٽئين قول تي ابو لبابہ بن عبدالمنذر کي نائب بنايو. مشرڪ ابو سفيان بن حرب ۽ ان جا مڪي جا قريش ساٿي مڪي ڏانهن ڀڄي ويا ۽ الله تعاليٰ سندن دلين ۾ رعب وڌو. پوءِ ڇا ٿيو جو ڀڄڻ ۾ هلڪي رهڻ جي خيال کان ستوءَ جا ٿيلها اڇلائيندا ويا ۽ مسلمانن اهي کڻي ورتا ۽ انهن جو ٻيو مال متاع به هٿ ڪيائون. نبي صلي الله عليہ وسلم مديني ڏانهن موٽيا ۽ ڪنهن به تڪليف ۽ لڙائيءَ جو منهن نه ڏٺائون.

فصل هجرت جي ٽئين سال جي لڙائين ۾

هن سال محرم جي مهيني ۾ چيو ويو آهي ته ربيع الاول مهيني ۾ پاڻ سونهارن صلي الله عليہ وسلم غطفان واري لڙائي لڙي. حافظ ابن ڪثير ڪتاب ”البداية والنهاية“ ۾ چيو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم مديني مان خميس جي ڏينهن تاريخ 12 ربيع الاول جي، غطفان جي لڙائي لاءِ اسريا.

غطفان نجد ۾ رهندڙ هڪ قبيلو آهي. هن لڙائيءَ کي انمار ۽ ذي امّر جي لڙائي به سڏيو ويندو آهي. ان طرح ان جا ٽي نالا آهن: ذو امر، جنهن تي زير ۽ تنوين نه ايندي. اهو نجد ملڪ ۾ هڪ چشمي جو نالو آهي.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم 450 ماڻهو وٺي نڪتا ۽ مديني تي حضرت عثمان بن عفان رضي الله عنہ کي حاڪم بنايائون. جڏهن مخالفن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي اسرڻ جي کُڙڪ پئي ته اهي جبلن ڏانهن ڀڄي ويا. تڏهن پاڻ سڳورا واپس وريا ۽ ڪابه تڪليف نه ڏٺائون.

انهيءَ سال ربيع الاول يا جمادي الاول ۾ الفرع جي لڙائي لڙيا. ان کي بحران ”ب جي پيش سان“ ۽ ڪڏهن ان کي ”زير“ به پڙهي ويندي آهي. ح ساڪن، ان کان پوءِ ”ر“ ۽ الف نون آهي، جي لڙائي به سڏيو ويندو آهي ۽ ان کي بني سليم (تصغير جي صيغي سان) واري لڙائي به نالو ڏنو ويندو آهي. بحران فرع جي ڀر ۾ آهي. رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم اوڏانهن ربيع الاول جي ڇهين يا جمادي الاول جي ڇهين تاريخ تي اسريا ۽ مديني ۾ ابن ام مڪتوم (نابينا) کي حاڪم بنايائون. پاڻ 300 صحابين ساٿين کي ساڻ ڪري نڪتا هئا. ايستائين جو بحران ۾ پهتا. بنو سليم پنهنجن چشمن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ان طرح اهي هلاڪ ۽ برباد ٿي ويا. حضور صلي الله عليہ وسلم جن ڪنهن به تڪليف ڏسڻ کان سواءِ واپس وريا. الله تعاليٰ بنو سليم جي حق ۾ هي ڪلام لاٿو: کَمَثَل الَذِين مِن قَبُلِهم قَرِيباً ذاقُوا وَبال امُرهم الايَةُٗ- الفرع ۾ ”ف ۽ ر“ کي پيش آهي. ڪڏهن ”ر“ کي ساڪن به پڙهيو ويو آهي. اها حرمين شريفين جي وچ تي هڪ جاءِ آهي، جا مديني کان چئن منزلن جي پنڌ تي آهي.

هن سال جمادي الاوليٰ ۾ ۽ چيو ويو آهي ته ان کان اڳ واري سال جي شوال مهيني ۾ ۽ اهو ٻيو سال آهي، هن کي ئي وڌيڪ راجح چيو ويو آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم جن بني قينقاع جي لڙائي لڙي. اهو يهودين جو هڪ پاڙو، عبدالله بن سلام جي قوم آهن. يهودين مان اهو پهريون پاڙو هو، جنهن وعدي کي ٽوڙيو. حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن مديني کان ڇنڇر ڏينهن جمادي الاوليٰ جي اڌ ۾ يا شوال جي اڌ ۾ نڪتا. جڏهن انهن يهودين خيانت ڪئي ۽ صلح کي ٽوڙيو ته حضور صلي الله عليہ وسلم جن مديني ۾ ابو لبابہ بن عبدالمنذر کي حاڪم بنايو ۽ ابو لبابہ جو نالو بشير يا رفاعہ هو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن يهودين جو سندن ڪوٽن ۾ 15 راتيون گهيرو ڪيو. انهن جي سفارش لاءِ منافقن مان عبدالله بن ابي ابن سلول ۽ مؤمنن مان عباده بن صامت رضي الله عنہ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن انهن يهودين جي سفارش تي وڏو زور ڏنو، تڏهن رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن انهن يهودين کي قتل نه ڪيو، باقي کين ملڪ نيڪالي ڏئي کانئن مال ۽ دولت وٺي ڇڏيائين.

هن سال شوال مهيني ۾ احد جي لڙائي لڙيا. اها لڙائي سڀني کان سخت ۽ ڏکي هئي. سڀني عالمن جو هن تي اتفاق آهي ته احد جي لڙائي هجرت جي ٽئين سال شوال مهيني ۾ ٿي هئي. اختلاف رڳو هن ڳالهه ۾ آهي ته شوال جي ڪهڙي تاريخ ۾ ٿي؟ وڌيڪ صحيح ۽ مشهور ائين آهي ته شوال جي اڌ ۾ ڇنڇر ڏينهن ٿي ۽ چيو ويو آهي ته شوال جي 7 تاريخ هئي، ڪن 11 تاريخ ٻڌائي آهي ۽ ڪن وري 8 تاريخ چئي آهي. باقي جن هجرت جي چوٿين سال ۾ چيو آهي، سو اهو سندن قول شاذ (غير معتبر) آهي.

احد مديني جي ويجهو هڪ مشهور جبل آهي. ان جي اول ۽ مديني جي دروازي جي وچ ۾ جنهن کي باب البقيع (بقيع جو دروازو) سڏيو ويندو آهي 2 ميل ۽ 7/4 ميل آهي يا ڪجهه وڌيڪ. جيئن شريف سمهوديءَ ان کي لکيو آهي. پوءِ قسطلاني سندس تاليف مواهب ۾ جيڪي لکيو آهي ته مديني کان فرسخ پنڌ تي آهي، ان ۾ ڪسر کي پورو رکيو ويو آهي، جيئن ٻئي قول تي ان کي ٻه ميل ڄاڻايو ويو آهي، ان ۾ وري ڪسر جو خيال نه رکيو ويو آهي.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن مديني کان احد ڏانهن هڪ هزار ماڻهو وٺي نڪتا. جڏهن پاڻ اڌ پنڌ تي هئا ته منافقن جو سردار عبدالله بن ابي ابن سلول سندس ٽي سؤ منافق ڀائرن سميت واپس موٽيو ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم سان رڳو ست سؤ ماڻهو بچيا ۽ اهي سڀ پيادل هئا، وٽن نبي صلي الله عليہ وسلم جي گهوڙي ۽ ابو برده رضي الله عنہ جي گهوڙي کان سواءِ ڪوبه گهوڙو نه هو. مشرڪ ٽي هزار هئا، منجهن ست سؤ سپاهي زرهه پوش هئا ۽ انهن وٽ ٻه سؤ گهوڙا ۽ ٽي هزار اٺ هئا. نبي صلي الله عليہ وسلم جن مديني ۾ حضرت ام مڪتوم رضي الله عنہ کي پنهنجو نائب بنايو هو.

هن سال جي شوال مهيني ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن حمراءَ الاسد جي لڙائي لڙي. اتي مڪي جا قريش ابو سفيان ۽ ان جا ساٿي مڪي مان ڪهي اچي پهتا هئا. نبي صلي الله عليہ وسلم جو اوڏانهن نڪرڻ، احد جي لڙائيءَ کان پوءِ هڪ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ٿيو. پاڻ سڳورا اوڏانهن ڇنڇر جي ڏينهن شوال جي 16 تاريخ مشهور قول تي روانا ٿيا. هڪ ٻئي قول ۾ نائين تاريخ چئي وئي آهي. ڪن ڪجهه ٻيو ٻڌايو آهي. هن اختلاف جو بنياد احد جي لڙائيءَ ۾ اختلاف تي رکيل آهي، جيئن اڳ گذري چڪو آهي.

حمراءُ الاسد مديني کان 8 ميلن جي پنڌ تي آهي. رستي جي کٻي پاسي کان جڏهن تون ذوالحليفہ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪرين، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم ڇهه سؤ ٽيهه ماڻهو ساڻ ڪري نڪتا، الله تعاليٰ ابو سفيان ۽ ان جي ساٿين جي دل ۾ اهڙو رعب رکيو جو اهي جاءِ ڇڏي مڪي ڏانهن ڀڄي ويا. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ان جاءِ تي ٽي راتيون رهي پيا ۽ ڪابه تڪليف نه ڏٺائون، پوءِ مديني ڏانهن موٽيا.

فصل هجرت جي چوٿين سال جي لڙائين ۾

هن سال جي ربيع الاول مهيني ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم بنو نضير واري لڙائي لڙي. شاشي سندس تاليف ”سيرت“ ۾ چيو آهي ته اهوئي صحيح آهي ۽ چيو ويو آهي ته بنو نضير واري لڙائي بدر جي لڙائي کان ڇهه مهينا پوءِ ٽئين سال هجرت ۾ ٿي.

بنو نضير يهودين جو هڪ وڏو قبيلو هو ۽ سندس رهڻ جون جايون مسجد قبا کان ٻاهر مٿانهين پاسي ڏانهن مديني کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي هيون. ويهه راتيون يا ڪجهه وڌيڪ نبي صلي الله عليہ وسلم جن انهن جو گهيرو ڪيو، ايستائين جو اهي جلاوطنيءَ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ مديني تي پاڻ سڳورن ابن ام مڪتوم رضي الله عنہ کي حاڪم بنايو.

هن سال شعبان مهيني ۾ ۽ چيو ويو آهي ته پهرين ذوالقعد تي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم ”بدر الموعود“ واري لڙائي لڙي. هن کي بدر الميعاد، بدر الصغريٰ، بدر الثالثة (ٽين بدر) ۽ بدر الاخريٰ (آخري بدر) به سڏيو ويو آهي. هن ۾ پاڻ سونهارا صلي الله عليہ وسلم ابو سفيان ۽ ان جي ساٿين ”مڪي جي قريشين“ جي آڏو نڪتا هئا، جن احد جي لڙائيءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان وعدو ڪيو هو ته سال جي پڄاڻيءَ مهل اهي نبي سائين سان بدر الصغراءِ ۾ لڙائي ڪندا. ان ڪري هن لڙائي جو نالو ”بدر الموعود“ (وعدي جي جاءِ) رکيو ويو آهي. نبي سائين هڪ هزار ۽ پنج سؤ ساٿي صحابي ساڻ وٺي نڪتا. وٽن ڏهه گهوڙا به هئا. مديني ۾ عبدالله بن رواحہ کي پنهنجو نائب بنايائون. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن بدر ۽ الصغراءِ کان وڌي ”مجنة“ (ميم جي زبر ۽ ڪڏهن زير به ڏيندا آهن ۽ جيم کي زبر ۽ نون کي شد آهي) پٽ پهتا. اها مڪي ۽ مديني جي وچ تي هڪ بازار هئي ۽ مڪي کان ٻن منزلن تي هئي. مشرڪ ابوسفيان ۽ سندس ساٿي ”مر الظهران“ نالي جاءِ وٽ پهتا. اها مڪي ۽ عسفان جي وچ تي هڪ منزل تي جاءِ آهي. الله تعاليٰ مشرڪن جي دل ۾ ڊپ وڌو، ان ڪري اهي موٽي ويا ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجي صحابين سميت مديني واپس وريا.

فصل هجرت جي پنجين سال جي لڙائين ۾

هن سال جي ربيع الاول ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ”دومة الجندل“ جي لڙائي لڙي. اهو لفظ دال جي پيش سان ۽ ان جي زبر سان به جائز آهي، واو ساڪن اٿس. شام جي ويجهو هڪ شهر آهي ۽ ان ۽ مديني جي وچ ۾ پندرهين يا سورهن راتين جو پنڌ آهي. ان ۽ دمشق جي وچ تي پنجن راتين جو پنڌ آهي. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم سان هن لڙائي ۾ سندن صحابين مان هڪ هزار ماڻهو ساڻ هئا. پاڻ ربيع الاول جي 25 تاريخ اوڏانهن اسريا ۽ مديني ۾ سَباع بن عرفُطہ غفاري رضي الله عنہ کي پنهنجو نائب بنايائون. هن جو بيان ۽ سندس نالي جي اکرن جي سمجهاڻي ”قرقرة الڪدر“ واري لڙائيءَ ۾ گذري چڪي آهي.

مشرڪ اتان ڀڄي ويا، پنهنجا اٺ ۽ ٻڪريون اتي ڇڏي ويا، جن کي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن غنيمت بنائي پنهنجي ساٿين ۾ ورهائي ڇڏيو. پاڻ اتان موٽيا ۽ ربيع الاول جي ويهين تاريخ مديني ۾ داخل ٿيا. پاڻ اتي ڪابه لڙائي نه ڏٺائون.

هن سال شعبان مهيني ۾ صحيح قول تي خندق جي لڙائيءَ کان اڳ بني المصلق جي لڙائي لڙي. هن کي ”مريسيع“ جي لڙائي به چيو ويندو آهي. پنجين سال جي شعبان مهيني ۾ جڏهن ان جون ٻه راتيون گذري چڪيون هيون، پاڻ سونهارا صحابين کي ساڻ ڪري اسريا ۽ مديني ۾ زيد بن حارث کي پنهنجو نائب بنايائون. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم سان حضرت عائشہ ۽ ام سلمہ رضي الله عنهما به ساڻ هليون. مشرڪن تي پاڻ غالب آيا. انهن مان ڏهه مشرڪ ماريا ويا ۽ ست سؤ يا ڪجهه وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا. جانور ۽ ٻڪريون مسلمانن جي هٿ آيون ۽ مشرڪن جي زالن ۽ ٻارن کي گرفتار ڪيائون. هنن قيدين ۾ جويريہ ڌيءُ حارث بن ابي ضرار مصطلقيءَ جي به هئي. مسلمانن مان رڳو هڪ ماڻهو شهيد ٿيو. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن اتان مديني منوره ڏانهن واپس موٽيا ۽ پهرين تاريخ رمضان جي، 28 راتيون گذارڻ کان پوءِ مديني ۾ داخل ٿيا.

ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته اها لڙائي هجرت جي ڇهين سال جي شعبان مهيني ۾ ٿي ۽ اهو ضعيف قول آهي ۽ صحيح بخاريءَ ۾ جو آيو آهي ته اها لڙائي هجرت جي چوٿين سال ۾ ٿي ته اهو قول ڪمزور آهي، ان ڪري ان کي قلم جي چُڪ سڏيو ويو آهي.

بنو المصطلق لام جي زير سان خزيمة قبيلي جي هڪ شاخ آهي، جيڪي فرع جاءِ جي پاسي ۾ رهندا هئا. فديد جي ويجهو جا مڪي ۽ مديني جي وچ تي آهي انهن ۽ فرع جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جو پنڌ آهي ۽ فرع مديني جي پاسي تي آهي. ”المريسيع“ اتي سندن هڪ چشمي جو نالو آهي. پوءِ لڙائي جي اضافت اصل قبيلي ڏانهن ۽ سندن چشمي ڏانهن ڪئي وئي. ”الفرع“ جو تفسير ۽ اکرن جو وچور ٽئين سال جي لڙائين مان ”الفرع“ جي لڙائي جي بيان ۾ اڳ گذري چڪو آهي.

هن سال جي شوال ۾ ۽ چيو ويو آهي ته ذوالقعدة ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم خندق جي لڙائي لڙي ۽ ان کي احزاب واري لڙائي به چيو ويو آهي ته اها چوٿين سال ۾ ٿي. شامي چيو آهي ته خندق جو پنجين سال ۾ هجڻ وڌيڪ صحيح قول آهي. جنهن تي اعتماد ڪيو ويو آهي، بلڪ اهو قول يقيني آهي، پورو ٿيو قول شاميءَ جو.

هڪ قول تي چيو ويو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن اٺين تاريخ شوال جي يا ذوالقعد جي، خندق ڏانهن روانا ٿيا. هن جنگ ۾ مسلمان ٽي هزار ۽ مشرڪ ڏهه هزار هئا ۽ چيو ويو آهي ته ٻارنهن هزار هئا ۽ هڪ قول تي پندرهن هزار هئا. قريش، غطفان، قريظہ، نضير مشرڪن جا ٻيا قبيلا اچي ڪَٺا ٿيا هئا. نبي صلي الله عليہ وسلم جن مديني ۾ پنهنجو نائب ابن ام مڪتوم کي بنايو هو. هن لڙائي ۾ ڇهه مسلمان شهيد ٿي ويا، جيڪي هي آهن:

(1) سعد بن معاذ (2) اوس بن اوس (3) عبدالله بن سهل. سڀ اوس قبيلي مان هئا. (4) طفيل بن نعمان (5) ثعلبہ بن عنمة السيمان (6) ڪعب بن زيد نجاري رضي الله عنهم- ۽ مشرڪن مان چار ماريا ويا، اهي هي آهن: (1) عمرو بن عبدود (21) ان جو پٽ حسل بن عمرو (3) نوفل بن عبدالله مخزومي (4) منبہ بن عثمان سبال بن عبدالدار.

هن سال خندق جي لڙائي کان پوءِ بنا دير نبي سائين صلي الله عليہ وسلم جن بنو قريظہ جي لڙائي لڙي ۽ اهي انهن يهودين مان هئا، جيڪي مديني جي ويجهو رهندا هئا. انهن پنهنجي وعدي کي ڀڳو ۽ قسمن کي ٽوڙيو. پوءِ نبي صلي الله عليہ وسلم انهن ڏانهن اربع جي ڏينهن نڪتا، ذوالقعد جي 23 تاريخ. اهو ان ڏينهن جو آخر هو، جنهن ۾ خندق کان موٽيا. خندق ۽ قريظہ جي لڙائي جي وچ ۾ رڳو ايتري فرصت هئي جو رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن هٿيار لاٿا. سفر جي آثارن ۽ غبار کان صفائيءَ لاءِ غسل ڪيائون. نبي صلي الله عليہ وسلم جن جڏهن ظهر جي نماز پڙهي ته جبريل عليہ السلام آيو ۽ چيائين ته تحقيق توهان هٿيار لاٿا آهن، خدا جو قسم اسان هٿيار نه لاٿا آهن. اسان ۽ اوهان کي بنو قريظہ سان لڙائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، تڏهن نبي سائين هڪ مناديءَ کي حڪم فرمايو ته صحابين ۾ اهو آواز ڏي ته اوهان مان ڪوبه عصر جي نماز هت نه پڙهي، پر بنو قريظہ ۾ پڙهي. ان ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ٽن هزار صحابين سان نڪتا، وٽن ڇٽيهه گهوڙا هئا ۽ مديني ۾ ام مڪتوم کي پنهنجو نائب بنايائون.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن بنو قريظہ جو پنجويهه ڏينهن يا ڪجهه گهٽ گهيرو ڪيو. جڏهن انهن تي گهيرو سخت ٿيو ته اهي سعد بن معاذ جي حڪم سان لهي آيا، اهو هن ڪري جو سعد ۽ انهن جي وچ ۾ اسلام کان اڳ جاهليت ۾ پاڻ ۾ محبت ۽ عهد هو. سعد اهو فيصلو ڏنو ته انهن مان جيڪي لڙندڙ آهن، تن کي قتل ڪيو وڃي ۽ سندن اولاد کي غلام بنايو وڃي. سعد رضي الله عنہ جيڪو فيصلو ڏنو هو، رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ائين ڪيو، پوءِ انهن مان لڙندڙن کي قتل ڪيو ويو ۽ اهي اٺ سؤ ۽ نو سؤ جي وچ ۾ هئا. ان کان پوءِ پاڻ صلي الله عليہ وسلم ذوالحج مهيني جي ستين يا پنجين تاريخ واپس وريا ۽ حُمس 5/1 ڪڍڻ کان پوءِ انهن جون غنيمتون مسلمانن ۾ ورهايائون ۽ اهي پندرهن سؤ ترارون، ٽي سؤ نيزا، پنج سؤ ڪمانون، ڍالون ۽ گهڻو چوپايو مال هو. جيئن ته خندق ۽ قريظہ جون لڙايون ويجهيون ٿيون هيون ۽ ٻنهينءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو هو، ان ڪري ڪن مغازيءَ وارن ٻنهينءَ کي هڪ ڪري ڳڻيو آهي ۽ جيڪي واقعا هڪ لڙائيءَ ۾ ٿيا، تن کي ٻئي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پوءِ توکي سوچڻ گهرجي.

هڪ قول تي چيو ويو آهي ته بنو قريظہ واري لڙائي هجرت جي چوٿين سال ۾ ٿي ۽ هڪ ٻئي قول تي ڇهين سال ۾ ٿي. صحيح اها ڳالهه آهي ته اها پنجين سال ۾ ٿي، جيئن اسان پهريون بيان ڪري چڪا آهيون.

فصل هجرت جي ڇهين سال جي (غزون) لڙائين جي بيان ۾

هن سال ربيع الاول ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم بنو لحيان جي لڙائي لڙي. لام جي زبر سان بن هذيل بن مُدرڪة، عسفان جي پاسي ڏي، اها مڪي ۽ مديني جي وچ تي مڪي کان ٻن منزلن تي هڪ جاءِ آهي ۽ چيو ويو آهي ته اها لڙائي پنجين سال ۾ ٿي ۽ هڪ قول تي چوٿين سال ۾. پهرئين ڳالهه اها لڙائي ڇهين سال ۾ ٿي وڌيڪ صحيح آهي. مهيني ۾ اختلاف ڪيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته ربيع الاول ۾، ٻئي قول تي جمادي الاوليٰ ۾ ۽ ٽئين قول تي رجب ۾ ٿي. هن پوئين قول کي صحيح ٻڌايو ويو آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ٻه سؤ ماڻهو وٺي نڪتا، ساڻن ويهه گهوڙا هئا ته جيئن بنو لحيان کان وير وٺن، جن معوتہ کوهه تي حضور صلي الله عليہ وسلم جي قاري اصحابن کي قتل ڪيو هو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن مديني ۾ ابن ام مڪتوم کي پنهنجو نائب بنايو هو. بنو لحيان جبلن تي ڀڄي ويا، ان ڪري آنحضرت صلي الله عليہ وسلم مديني ڏانهن واپس وريا ۽ ڪابه لڙائي نه ڏٺائون.

هن سال ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن حديبيہ جي لڙائي لڙي. مديني مان سومر جي ڏينهن ذوالقعد جي پهرئين تاريخ هڪ هزار چار سؤ سپاهي وٺي اسريا ۽ ٻئي قول تي پندرهن سؤ جو انگ ٻڌايو ويو آهي ۽ مديني ۾ ابن ام مڪتوم کي پنهنجو نائب بنايائون ۽ چيو ويو آهي ته نميلة بن عبدالله ليثيءَ کي نائب ڪيائون.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ذوالحليفة جاءِ کان عمري جو احرام ٻڌو. ڪافرن جي دشمنيءَ جي ڪري ان سال سندن لاءِ عمري جي ادائگي ناممڪن ٿي پئي. ان ڪري ايندڙ سال ۾ ان عمري کي قضا ڪيائون ۽ لڙائي ڪانه ٿي، پر هڪ ٻئي سان صلح ڪيائون. حديبيہ جي جاءِ تي حضور صلي الله عليہ وسلم جي رهڻ جي مدت ٻاويهه راتيون هئي. پوءِ پاڻ ذالحج ۾ مديني ڏانهن واپس وريا.

حديبيہ مڪي کان اولهه پاسي تي ٻارهن ميلن جي پنڌ تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي ۽ اهو جده ۽ مڪي مشرفہ جي وچ تي آهي. اصل ۾ اهو نالو اتي هڪ کوهه جو هو، جتان ڳوٺ تي نالو پيو، هاڻي ان کوهه جو نالو شميس آهي.

هن سال جي ذوالحج مهيني ۾ حديبيہ کان پوءِ ۽ خيبر جي لڙائي کان اڳ پاڻ سڳورن ذي قرد جي لڙائي لڙي ۽ ان جو نالو ”غزوة الغابة“ پڻ آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن پنج سؤ ساٿين ۽ چيو ويو آهي ته ست سؤ صحابين کي ساڻ ڪري نڪتا. جڏهن کين اها خبر پهتي ته عُيينہ بن حصن چاليهه گهوڙي سوار ساڻ ڪري نبي سائين جي ڏاچين کي لٽيو آهي ته پاڻ سڳورن مديني ۾ ابن ام مڪتوم رضي الله عنہ کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو، کيس ٽي سؤ سپاهي به ڏنائون ته جيئن مديني جي سنڀال ڪن.

مسلمانن مان سلمہ بن اڪوع پيرين پيادي سڀ کان اڳ اڪيلو وٺي ڦورن جي پويان نڪتو ۽ مشرڪن تي تير اڇلائيندو رهيو، مسلمانن جو لشڪر اڃان پهتو ئي ڪونه هو، ايستائين جو ڦورن کان سڀ ڏاچيون ڇڏايائين ۽ کانئن ٽيهه چادرون به کسيائين ۽ ٽيهه نيزا ۽ ٽيهه زرهون به ۽ ان مان ڪيترن کي تيرن سان قتل ڪيائين. پوءِ ڏاچيون ڪاهي، رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن موٽيو. رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن ڏاچيون وٺي مديني موٽيا.

ذو قرد، مديني کان هڪ بريد (منزل) تي بلاد غطفان جي ويجهو خيبر جي رستي تي هڪ چشمو آهي. جڏهن حضور صلي الله عليہ وسلم جن هن لڙائي کان مديني ڏانهن موٽيا ته اڃا اتي ٽي راتيون مس رهيا ته خيبر جي لڙائي لاءِ نڪتا. بخاري پنهنجي صحيح ۾ ائين روايت ڪئي آهي ۽ اها هن جي چٽائي ۽ نص آهي ته ”ذي قرد“ لڙائي حديبيہ کان پوءِ ٿي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ذي قرد لڙائي حديبيہ کان اڳ ڇهين سال هجرت ۾ ٿي آهي. ان جي ربيع الاول يا جمادي الاوليٰ يا شعبان مهيني ۾، پر جيڪي صحيح بخاري ۾ آهي، سو وڌيڪ صحيح آهي. ڪن عالمن ٻنهي قولن کي هن طرح گڏ ڪيو آهي ته ذي قرد ٻه ڀيرا واقع ٿي آهي.

فصل هجرت جي ستين سال جي (غزون) لڙائين ۾

هن سال جي محرم مهيني ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن خيبر جي لڙائي لڙي، خيبر مديني کان شام جي پاسي گهڻن قلعن وارو هڪ شهر آهي، جتي يهودي رهندا هئا ۽ اهو مديني کان شام ڏانهن اٺن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم اوڏانهن نڪتا ۽ ساڻن چوڏنهن سؤ پيادا ۽ ٻه سؤ گهوڙي سوار سپاهي هئا ۽ ام المؤمنين ام سلمہ به ساڻن گڏ هئي. مديني ۾ سباع بن عرفطہ کي (جنهن جو قرقرة الڪدر واري لڙائيءَ ۾ بيان ٿي چڪو آهي) نائب بنايائون. نبي صلي الله عليہ وسلم کين ڏهه يا ڪجهه وڌيڪ ڏينهن گهيرو ڪيو ۽ ان جي فتح صفر مهيني ۾ ٿي.

۽ هن سال صفر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم وادي القريٰ جي لڙائي لڙي ۽ اهو هيئن ٿيو جو جڏهن پاڻ خيبر کان موٽيا ته وادي القريٰ تي آيا. اها خيبر ۽ مديني جي وچ تي هڪ جاءِ آهي. مديني جي ويجهو شام کان ايندڙ حاجين جي رستي تي آهي. اتي به يهودي رهندا آهن، انهن سان حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن لڙائي ڪئي، کين چار راتيون گهيري ۾ رکيائون، پوءِ کين فتح ڪيائين ۽ سندن مال، سامان ۽ گهڻو متاع غنيمت بنايائون.

هن سال جي ربيع الاول ۾ ذات الرقاع جي لڙائي لڙيا. بخاري پنهنجي صحيح ۾ چيو آهي ته ذات الرقاع، خيبر کان پوءِ آهي، ڇوته ابو موسيٰ اشعري ذات الرقاع ۾ حاضر ٿيو هو ۽ ان جو اسلام ۾ اچڻ خيبر ۾ ٿيو هو (پوري ٿي ڳالهه بخاري جي) هن قول تي ذات الرقاع ستين سال ۾ ٿي آهي ۽ ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته غزوه بنو نضير کان پوءِ ۽ بدر الموعد کان اڳ چوٿين سال ۾ لڙائي ٿي آهي ۽ ٽئين قول تي پنجين سال ۾ ٿي آهي ۽ صاحب روضة الاحباب چيو آهي ته ڇهين سال ۾ ٿي آهي، جيڪي صحيح بخاريءَ ۾ آهي، اهوئي وڌيڪ صحيح آهي. هيءَ لڙائي نجد ملڪ ۽ بنو محارب ۽ بنو ثعلبہ قبيلن سان ٿي، ان ڪري هن جو نالو غزوه محارب ۽ غزوه بن ثعلبة رکيو ويو آهي ۽ هن کي غزوة صلواة الخوف به نالو ڏنو ويو آهي. ڇوته خوف واري نماز ان ۾ پڙهي وئي هئي ۽ غزوة الاعاجيب به ان کي سڏجي ٿو، ڇوته ان ۾ ڪيتريون عجيب ڳالهيون ٿيون هيون، تڏهن هن جا پنج نالا آهن.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم ذات الرقاع ڏانهن ڇنڇر جي رات 10 ربيع الاول جي چار سؤ صحابين کي ساڻ ڪري نڪتا ۽ چيو ويو آهي ته ست سؤ صحابي هئا ۽ ٽئين قول تي اٺ سؤ هئا ۽ مديني ۾ رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم حضرت عثمان بن عفان ذوالنورين کي پنهنجو نائب بنايو. اهوئي اڪثر عالمن جو قول آهي ۽ ٻئي قول تي حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنہ کي نائب بنايو. هيءُ پويون قول ضعيف آهي. بنو ثعلبہ ۽ بنو محارب جبلن تي ڀڄي ويا ڪابه لڙائي نه ٿي، پر ڪن مؤمنن انهن مان ڪن کي خوف ڏياريو، ايستائين جو رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن کين خوف جي نماز پڙهائي ۽ اها ٽن پهرن جي نماز هئي. چيو ويو آهي ته اها پهرين خوف جي نماز هئي. ٻئي قول تي پهرين خوف جي نماز ڇهين سال ۾ عسفان ۾ پڙهي اٿن ۽ جلد اهو ذڪر ٽئين باب جي ڇهين سال وارن حادثن ۾ ايندو.

هن سال جي هن غزوي (لڙائي) ۾ خوف جي نماز ٿي، جيئن هاڻي ٻڌايو اٿئون ۽ جيئن اڳتي ٽئين باب ۾ ڇهين سال جي واقعن ۾ انشاءَ الله ان جو بيان ايندو.

فصل هجرت جي اٺين سال جي غزون (لڙائين ۾)

هن سال رمضان جي مهيني ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم فتح مڪي واري لڙائي لڙي. هن کان پوءِ جو قريشن، نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان حديبيہ واري عهد کي هن طرح ٽوڙيو جو انهن خزاعہ قبيلي سان لڙائي ڪئي. هوڏانهن اهي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي پناهه ۾ هئا. صلح جو اهو ٽوڙڻ حديبيہ کان ٻاويهن مهينن گذرڻ کان پوءِ شعبان مهيني ۾ اٺين هجري سال ۾ ٿيو. ڪن ان کي اڳ ٻڌايو آهي. اها فتح مڪي واري لڙائي آهي ۽ اها تمام وڏي فتح آهي، جنهن سان الله تعاليٰ پنهنجي دين ۾ پنهنجي رسول کي غلبو عطا ڪيو ۽ هن کان پوءِ حجاز ۾ ڪوبه ڪافر نه رهيو. هن لڙائي جو رمضان مهيني ۾ هجڻ بابت ڪوبه اختلاف نه آهي. پاڻ سڳورا ايڏانهن اربع ڏينهن ٽيپهريءَ کان پوءِ تاريخ ڏهين رمضان تي نڪتا ۽ ڪن ٻه راتيون اڳ ٻڌايون آهن. هن غزوي (لڙائي) جي شروع ٿيڻ واري تاريخ ۾ اختلاف آهي. هڪ قول تي سترهين رمضان ٻڌائي ويئي آهي، ٻئي قول تي ويهين تاريخ چئي وئي آهي. اهي ٽي قول آهن.

مڪي جي فتح ڪهڙي ڏينهن تي ٿي؟ ان ۾ اختلاف آهي. زرقاني، مواهب الدنيہ جي شرح ۾ چيو آهي: مشهور ائين آهي ته اهو جمعي جو ڏينهن هو (پورو ٿيو زرقانيءَ جو قول) رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم مديني کان ڏهه هزار مسلمان وٺي نڪتا ۽ مديني ۾ ابن ام مڪتوم کي پنهنجو نائب مقرر ڪيائون، ڪن ابارهم ڪلثوم بن حصين (تصغير جي صيغي تي) غفاريءَ کي نائب ٻڌايو آهي. اهوئي قول صحيح آهي. ڪن عالمن هن اختلاف کي هن طرح دور ڪيو آهي ته پاڻ سونهارن ابارهم کي مديني جي انتظام لاءِ نائب مقرر ڪيو ۽ ابن ام مڪتوم کي ماڻهن کي نماز پڙهائڻ لاءِ.

هن سال جي شوال مهيني جي ڇهين تاريخ تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن مڪي مان حنين جي غزوه (لڙائي) لاءِ نڪتا. هن کي غزوه هوازن به نالو ڏنو ويو آهي، ڇوته هوازن قبيلي وارا ئي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي مقابلي لاءِ آيا هئا. پاڻ اڱاري جي رات شام جو شوال جي ڏهين تاريخ حنين پهتا. ساڻن ٻارهن هزار مسلمان گڏ هئا. انهن مان ڏهه هزار مسلمان اهي هئا، جيڪي ساڻن گڏ مديني مان مڪي جي فتح لاءِ نڪتا هئا ۽ ٻه هزار مڪي جي نون مسلمانن مان هئا، انهن کي ”طلقاءَ“ نالو ڏنو ويو هو، جو نبي صلي الله عليہ وسلم مڪي جي فتح واري ڏينهن کين خطاب فرمايو هو. اوهين وڃو، ڇوته هاڻي اوهين ”طلقاءَ“ (آزاد) آهيو. مڪي ۾ عتاب بن اسيد رضي الله عنہ کي حاڪم بنايائون.

حُنين مڪي جي اوڀر ۾ هڪ وادي آهي، جا مڪي ۽ طائف جي وچ تي آهي. حنين کان مڪي تائين تيرهن ميلن جو پنڌ آهي. الله تعاليٰ کين اها فتح ڏني ۽ اتان گهڻي غنيمت هٿ آئي.

هن سال حنين جي غزوه ۾ مؤمنن مان چار شهيد ٿيا ۽ ڪافرن مان ستر ماڻهو مارجي ويا. هن سال جي شوال مهيني جي پوين تاريخن ۾ جڏهن پاڻ سڳورا حنين کان فارغ ٿيا ۽ جعرانہ جاءِ تي غنيمت جي مال کي روڪيو ويو، اڃان ان جو ورهائڻ نه ٿيو هو ته پاڻ طائف جي لڙائي ڏانهن ويا، طائف مڪي کان اوڀر ڏانهن ٽن يا ٻن منزلن تي هڪ مشهور شهر آهي. اتي انگور، کجيون ۽ ميوا اڪيچار ٿيندا آهن. هن حد تائين جو هڪ ڏينهن ۾ چئني موسمن جا ميوا هٿ ايندا آهن. اهي چار موسمون: ربيع، خريف، سيارو ۽ اونهارو آهن. اتي ثقيف قبيلو رهندو هو، جن سان رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي لڙائي ٿي ۽ تيرهن ڏينهن کن انهن کي گهيرو ڪيائون. اهوئي صحيح قول آهي ۽ ٻئي قول تي ٽيهه ڏينهن اهو گهيرو رهيو ۽ ٽئين قول تي چاليهه ڏينهن ٻڌايو ويو آهي. هن لڙائيءَ ۾ پاڻ سڳورن ”منجنيق“ (پٿرن اڇلائڻ جو اوزار) به کوڙيو ۽ هن لڙائي کان سواءِ ٻي ڪنهن به لڙائي ۾ ان کي ڪتب نه آندو هئائون ۽ اها پهرين منجنيق آهي، جنهن سان اسلام ۾ نشانو بنايو ويو. الله تعاليٰ پنهنجي رسول صلي الله عليہ وسلم کي سندس قلعو فتح ڪري ڏنو ۽ ائين پنهنجي پيغمبر کي وڏي نصرت عطا ڪئي.

هن سال جي غزوه طائف ۾ مسلمانن مان ٻارهن ماڻهو شهيد ٿيا، جن مان ام المؤمنين ام سلمہ جو ڀاءُ عبدالله بن ابي امية مخزومي به آهي. هن فتح مڪي واري ڏينهن ۾ اسلام آندو هو. انهن مان سعيد بن عاصي اموي ۽ ٻيا آهن. ڪافرن مان هن لڙائي ۾ گهڻائي مارجي ويا.

هن سال جي غزوه طائف ۾ عبدالله بن ابوبڪر صديق رضي الله عنہ زخمي ٿي پيو. ان کان پوءِ سندن زخم ڇٽي ويو ۽ ڪجهه مدت جيئرو رهيو، پر وري زخم موٽ کاڌي، ايستائين جو سندس والد جي خلافت ۾ وفات ڪيائين.

هن سال جي غزوه طائف ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان سندس ٻه بيبيون: حضرت ام سلمہ ۽ حضرت زينب ڌيءَ جش جي ساڻ هيون، جيئن اهي ٻئي فتح مڪي واري لڙائي ۾ گڏ هيون.

فصل نائين سال هجرت جي (غزون) لڙائين ۾

هن سال جي رجب مهيني ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم تبوڪ واري لڙائي لڙي. هن کي غزوه العسرة، ساعة العسرة ۽ الفاضحة به نالا ڏنا ويا آهن. فاضحة نالو هن ڪري پيو جو ان لفظ جي معنيٰ آهي خوار ڪندڙ. هن لڙائي ۾ منافق خوار ٿيا هئا، جو سندن حق ۾ قرآن جون آيتون لٿيون هيون. جن لڙاين ۾ پاڻ خود موجود هئا، انهن جي اها پوئين لڙائي ۽ غزوه آهي.

تبوڪ شام جي پاسي کان شام ۽ مديني جي وچ تي چوڏهن منزلن تي هڪ جاءِ آهي، ان ۽ دمشق جي وچ تي يارهن منزلون آهن. حضور صلي الله عليہ وسلم جو نڪرڻ خميس ڏينهن ٿيو. شامي چيو آهي ته هيءَ لڙائي نائين سال هجرت جي رجب مهيني ۾ حجة الوداع کان اڳ سواءِ ڪنهن اختلاف جي ٿي. صحيح بخاريءَ ۾ هن جو بيان حجة الوداع کان پوءِ آيو آهي، پر اها ڪاتبن جي غلطي آهي. باقي هي جو حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته اها لڙائي طائف جي غزوه کان ڇهه مهينا پوءِ ٿي، سو اها ڳالهه ان جي مخالف نه آهي، جنهن ۾ ان کي رجب ٻڌايو ويو آهي، جڏهن اسان ڪسورن کي ڪيرائي ڇڏيون. ڇوته نبي صلي الله عليہ وسلم طائف کان واپسيءَ تي مديني ۾ ذوالحج مهيني ۾ داخل ٿيا هئا. (شاميءَ جي تحقيق پوري ٿي)

تبوڪ واري لڙائي اونهاري جي ڏينهن ۾ سخت گرمي ۽ تڪليف ۾ ٿي هئي. ملڪ ۾ ڏڪار هو. ميوا پچي رهيا هئا ۽ ماڻهن ميون ۾ رهڻ ۽ وڻن جي ڇانورن ۾ گهارڻ کي پسند ٿي ڪيو. ان حالت ۾ سفر تي هلڻ پسند نه ٿي ڪيو، ٻيو ته وٽن کاڌي پيتي جي سامان جي ٿورائي ۽ سوارين جي به ٿورائي هئي. دشمن ۽ ڪافرن جي ڪثرت هئي. خشڪيءَ جو پنڌ پري هو. ڇوته اهو سارو سفر چوڏهن منزلن جو ويندي يا واپسيءَ ۾ شام جي بياباني علاقي ۾ هو ۽ اهو وڏو برپٽ هو، جنهن جو پنڌ چاليهن ڏينهن جو هو، جتي نه ڪو وڻ هو، نه سايو ۽ پاڻي به بنهه ٿورو. پر الله تعاليٰ سندن دلين کي ثابت رکيو جو سگهارن مان منافقن کان سواءِ ڪوبه رسول الله صلي الله عليہ وسلم کان پوئتي نه رهيو ۽ انهن ٽن پوئتي رهيلن کان سواءِ جن جو بيان حوادث جي بيان ۾ تفصيل سان ايندو.

هن ۾ انهن کان سواءِ ست يا ڪجهه وڌيڪ عذر وارا به رهيا هئا، جن ۾ سفر جي سگهه نه هئي. الله تعاليٰ انهن جو ذڪر پنهنجي قول سان فرمايو آهي. (ترجمو) اهي موٽيا ۽ سندن اکيون ڏک مان ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون، وٽن خرچ لاءِ ڪجهه به نه هو.

هن غزوي ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان ٽيهه هزار مسلمان ساڻ هئا ۽ چيو ويو آهي ته ستر هزار هئا ۽ هنن ٻن قولن کي هن طرح ملايو ويو آهي جو ٽيهه هزار اڪابر شمار ڪيا ويا آهن ۽ انهن جا پوئلڳ هئا. حضور صلي الله عليہ وسلم سان ڏهه هزار گهوڙا هئا. رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جو غزوه تبوڪ کان موٽڻ ۽ مديني ۾ داخل ٿيڻ هن سال جي شعبان يا رمضان مهيني ۾ ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com