ڪتاب الانساب ۽ ديبلي علماءَ
قاضي ابوسعيد سمعاني مروزيءَ جي علمي عظمت ڪنهن به تعارف جي
محتاج نه آهي. حديث ۽ ٻين علمن جي حاصل ڪرڻ لاءِ
هن، دنيا جي چئني طرفن ڏانهن سفر ڪيو. ماوراءُ
النهر ۽ خراسان جي سڀني ملڪن ڏانهن ته گهڻائي ڀيرا
علمي سفر اختيار ڪيائين. عراق، حجاز، موصل، جزيره
شام ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ويو، سندس استادن جو تعداد
چار هزار شيخ آهن. هن بزرگ عالم جون تصنيفون ته
گهڻيون ئي آهن، جن مان ”ڪتاب الانساب“ وڏي شهرت جو
ڪتاب آهي، جنهن جي مواد جي سهيڙڻ جو ڪم مصنف
سن550هه ۾ سمرقند شهر ۾ شروع ڪيو ۽ اٺن جلدن ۾ اها
تصنيف تيار ٿي، جنهن جو اختصار وري شيخ جزري تاليف
ڪيو.
سنڌ جڏهن ته باب الاسلام هو، ان ڪري برصغير ۾ اسلام جي اچڻ کان
پوءِ واري دور ۾ تصنيف، تاليف جي ابتدا هتان ٿي،
ان دور ۾ سنڌ جو وڏو بندر ۽ شهر ديبل ئي هو، جنهن
کي محمد بن قاسم فتح ڪري هتي جي عوام کي اسلام سان
روشناس ڪرايو، تڏهن ديبل شهر ٿوري ئي زماني ۾ علمي
شهر بڻجي ويو. ٻاهر کان به ڪيترا امام ۽ علامه هت
اچي رهيا ۽ هتي به وڏا وڏا عالم پيدا ٿيا، جن کي
”ديبل“ ڏانهن نسبت ڪندي ”ديبلي“ سڏيو وڃي ٿو، هتي
اسين انهن مان ڪن عالمن جو مختصر تذڪرو ٻڌايون ٿا،
جن جو بيان علانه سمعانيءَ جي ”ڪتاب الانساب“ ۾
آيل آهي.
علامه سمعاني اڳ ۾ ”ديبل“ لفظ جي هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”ديبل“
لفظ جي دال کي زبر ۽ ”ي“ ساڪن آهي. ”ب“ ۽ ”لام“ تي
پيش ايندو. اهو سمنڊ جو هڪ ساحلي شهر آهي، جيڪو
هند جي ملڪن مان سنڌ جي ويجهو آهي، هتي غزنہ،
ملتان، لاهور، سنڌ ۽ ڪشمير جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو،
جيڪو وري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو.
علامہ ياقوت حموي (وفات سن626هه) مٿئين تحقيق تي هيترو اضافو
ڪيو آهي، جو ديبل جو طول ۽ عرض ٻڌايو اٿس. هو لکي
ٿو: ”ديبل“ ٻي ولايت (کنڊ) ۾ آهي، هن جو طول مغرب
کان 22 درجا ۽ 20 دقيقا آهي ۽ عرض ڏکڻ کان 24 درجا
30 دقيقا رکي ٿو.(1)
علامہ سمعاني لکي ٿو ته هتي جي مشهور عالمن مان هيٺيان عالم
آهن:
1- ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي:
مڪي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ابن عيينہ جو ڪتاب التفسير، ابو
عبدالله سعيد بن عبدالرحمٰن مخزوميءَ کان روايت ٿو
ڪري ۽ عبدالله بن مبارڪ جو ڪتاب البروالصلة، ابو
عبدالله حسين بن حسن مروزيءَ کان حاصل ڪيائين، هن
جي عبدالحميد بن صبيح کان به روايت ثابت آهي. هن
جي شاگردن مان هيٺيان (مشهور ۽ بزرگ) راوي آهن:
ابوالحسن احمد بن ابراهيم بن فراس مڪي، ابوبڪر
محمد بن ابراهيم بن علي بن مقري، علامہ ياقوت حموي
به مختصر لفظن ۾ ابوجعفر جو ذڪر ڪيو آهي.
2- ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي
هيءُ بزرگ ديبل سنڌ جو وڏو محدث عالم ٿي گذريو آهي. مٿئين علامہ
ابو جعفر محمد جو پٽ آهي. علامہ سمعاني هن بابت
سندن والد جي تذڪري کان پوءِ هيترو لکيو آهي: ابو
جعفر پٽ ابراهيم بن محمد بن ابراهيم دبلي، موسيٰ
بن هارون ۽ محمد بن علي ضائغ ڪبير کان ۽ ٻين کان
روايت رکي ٿو. علامہ ياقوت به اهوئي نقل ڪيو آهي.
3- ابوالقاسم شعيب بن محمد بن احمد بن شعيب بن بزيع بن سوار
ديبلي
هي (بزرگ) ابن ابي قطعان ديبلي جي ڪنيت سان مشهور آهي. مصر ۾
آيو ۽ اتي حديث جي روايت ڪيائين. ابوسعيد بن يونس
فرمايو ته مون ان کان (حديث) لکي.
4- خلف بن محمد موازيني، ديبلي:
هي (سنڌي بزرگ) بغداد ۾ رهيو ۽ اتي علي بن موسيٰ ديبليءَ کان
روايتون ٻڌائيندو رهيو. هن کان ابوالحسن احمد بن
محمد بن عمران جندي روايت ڪئي آهي ۽ سندس شاگرد
آهي.
5- ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالرزاق ديبلي زاهد:
هيءُ صالح عالم هو. ابو خليفه فضل بن حباب حمصي، جعفر بن محمد
بن حسن فريابي، عبدان بن احمد بن موسيٰ عسڪري،
محمد بن عثمان بن ابي سويد بصري، انهن ۽ سندن
همعصرن کان روايت ٿو ڪري (مشهور محدث) امام حاڪم
ابو عبدالله الحافظ به هن سنڌي عالم جو شاگرد آهي
۽ هن کان کيس سماع جو شرف حاصل ٿيو. هن جي وفات
ماه رمضان سن345هه ۾ ٿي. ابو عمرو بن نجيد نماز
جنازه پڙهائي.
6- ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي:
هي علم جي طلب ۾ ملڪان ملڪ ڦرڻ وارن مسافرن مان هو ۽ هن جو شمار
عابد ۽ زاهد فقيرن ۾ ٿئي ٿو. ابوبڪر محمد بن اسحاق
بن خزيمہ جي دور ۾ نيشاپور ۾ اچي رهيو، هتي هن جو
حسن بن يعقوب حداديءَ جي خانقاهه ۾ رهڻ ٿيو، اندر
شهر مان سندس شادي ٿي ۽ اتي کيس اولاد ٿيو، پر هو
پاڻ خانقاهه ۾ ئي رهندو هو. اُن جي پوشاڪ اوڙهيندو
هو. هو گهڻو ڪري پيرن اگهاڙو گهمندو هو.
هن بصري ۾ ابو خليفہ قاضي کان، بغداد ۾ جعفر بن محمد فريابي
کان، مڪي ۾ مفضل بن محمد جندي ۽ محمد بن ابراهيم
ديبليءَ کان، مصر ۾ ابن عبدالرحمٰن ۽ محمد بن زياد
کان، دمشق ۾ ابوالحسن احمد بن عمير بن جوصا کان،
بيروت ۾ ابوعبدالرحمٰن مڪحول کان، حران ۾ ابن
عرويہ حسين بن ابي معشر کان، تستر ۾ احمد بن زهير
تستري کان، مڪه مڪرمه ۾ عبدان بن احمد حافظ کان،
نيشاپور ۾ ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيمہ ۽ انهن
جي همعصرن کان کيس (حديث جو) سماع حاصل ٿيو. حافظ
ابو عبدالله حاڪم هن جو شاگرد آهي. حاڪم جو چوڻ
آهي ته ابوالعباس احمد نيشاپور ۾ ماه رجب سن343هه
۾ وفات ڪئي ۽ حيرة جي قبرستان ۾ دفن ٿيو.
7- علي بن موسيٰ ديبلي:
هي هڪ وڏو محدث عالم هو، خلف بن محمد موازيني ديبلي هن کان
روايت ڪئي آهي (۽ هن جو شاگرد آهي).
اهي آهن ديبلي سنڌي عالم، جن جو مختصر تذڪرو ”ڪتاب الانساب“ ۾
آيو آهي.(1)
علامہ ياقوت هموي، ”ديبل“ جي تحقيق هيٺ رڳو ٻن
سنڌي عالمن ابو جعفر محمد بن ابراهيم ديبلي ۽ ان
جي پٽ ابراهيم بن محمد ديبليءَ جو نالو ورتو آهي ۽
مختصر احوال ڏنو اٿس.
رند ۽ مگسيءَ جي ”جنگ بنگاهه“ جي ڪهاڻي
سُگهڙ قادر بخش جويي جي زباني
ٻاروچي ٻوليءَ ۾ سوين شعر چيا سگهڙن،
آءٌ ڀي منجهان تن، ڪيرائي ڪُڍي ڪئي.
سنڌ ۾ ننڍي وڏي جي واتؤون اوهان کي ”چانڊئي ۽ مگسيءَ وارو وير“
جي عام چوڻي ٻڌڻ ۾ آئي هوندي، پر قبائلي زندگيءَ ۾
جتي ڪن قبيلن جي هڪ ٻئي سان لڙائي جي ڪهاڻي ٻڌڻ ۾
ايندي، اتي ساڳين قبيلن جي هڪ ٻئي سان همدردي، آئي
جي آڌر، ۽ سام پئي تي سر ڏيڻ جا واقعا به اوهان کي
نظر ايندا.
چانڊين ۽ مگسين جو پاڻ ۾ مارو ۽ لڙائي ته هاڻي جي ڳالهه آهي، سا
به ڌاڙن ۽ ڦر لُٽ تائين محدود هئي. ڪڏهن به ٻئي
ڌريون لشڪر وٺي هڪ ٻئي آڏو نه آيون ۽ ستت ئي ٻنهي
قبيلن جي سردارن، نواب قيصر خان ۽ نواب غيبي خان
جو پاڻ ۾ صلح ٿي ويو، پر ان کان گهڻو اڳ ميرن جي
صاحبيءَ ۾ جيڪو پهاڪو مشهور هو، سو هو ”رند ۽
مگسيءَ جو، آهي اصل کان وڏو وير“ انهن ٻن قبيلن جي
وير ۽ دشمني اوڙڪ وڃي ”بنگاهه“ جي جنگ جي شڪل
اختيار ڪئي، جنهن ۾ بلوچن جا اڪثر قبيلا ميدان جنگ
۾ نڪري نروار ٿيا. رندن سان جلباڻي، جتوئي، جمالي،
عمراڻي، بڙدي، گڙڊ، گبول، گاڏهي، ديناري، لاشاري ۽
ٻيا قبيلا گڏجي ويا، ته ٻئي پاسي مگسين پنهنجي
پاڙيسي قبيلي چانڊين کان مدد ورتي ۽ اهي ٻئي
سورهيه قبيلا، ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي، مرد ٿي، ٻين مڙني
قبيلن کي منهن ڏئي بيٺا.
هن لڙائيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو ۽ نتيجو ڇا نڪتو؟ ان جو تفصيلي بيان
مختلف بلوچ شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو
آهي، پر جنهن غير جانبداريءَ سان قادر بخش جويي
پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، اهو ٻين جي واتان ٻڌڻ ۾
نه ايندو. هن جي آڏو جدا جدا سگهڙن جو هن قصي بابت
چيل ڪلام به آهي، ته وري وڏڙن کان به اهو قصو ٻڌو
اٿس. پاڻ ڪنهن به بلوچ قبيلي مان نه آهي، پر خالص
سنڌي جويا قوم مان آهي، تنهن ڪري مٿس ڪنهن به
جانبداريءَ ۽ رک رکاءَ جي تهمت نٿي اچي سگهي.
مناسب آهي ته پهرين هن سگهڙ جو مختصر احوال پيش
ڪجي.
فقير قادر بخش جويو، ڳوٺ جويا، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي جو
ويٺل هو. سندس ولادت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو
آهي، پر ان لاءِ اُتي عام طرح ائين مشهور آهي ته
85 ورهين جي عمر ۾ سن1913ع ڌاري وفات ڪيائين.
طريقت ۾ قمبر علي خان جي مشهور راشدي خاندان جي
پير عبدالله شاهه جو مريد هو ۽ پاڻ پنهنجي مرشد
وانگر چڱو معالج به هو. يوناني علاج ڪندو هو. ڪنهن
کان پيسو پائي نه وٺندو هو، مفت علاج ڪندو هو.
نسخو به اهڙو لکي ڏيندو هو، جو پنجن پيسن کان وڌيڪ
قيمت جو نه هوندو هو. عابد ۽ زاهد به هڪ هو. شعر
سان سندس ڏاڍو چاهه هو. جڏهن ته فقير جي ٻولي
سرائڪي هئي، ان ڪري سندس گهڻو ڪلام سرائڪي ۾ آهي،
پر سنڌيءَ ۾ به ڪافيون، مولود ۽ بيت گهڻا ئي چيا
اٿس. سرائڪي ڪلام ڏاڍو رس ڀريو اٿس. نموني طور
ڪجهه بيت ڏجن ٿا:
سڻيم حديث سونهاري دي وچ، مسئله هڪ ڪتابون،
سختيان چار زماني اندر، وڏيان هن هر بابون.
هووي ڌيءُ هِڪا گهر ڄائي، پر زَر نَال نقابون،
ماءُ- پيءُ تنهن دا رنج رهيسي، تنگ گهڻائي تابون،
ٻاهر ڪوهه وڃڻ هڪ گهر نون، سفر سخت عذابون،
ٽيجهي سختي سوال ڪرڻ دي، بيحد شرم حجابون،
توڻي هووي ماءُ- پيءُ آپڻا، آڻي ڏمر عتابون،
چوٿان چانوڻ قرض اُڌار، ڀائران ڪن جوابون،
توڻي پئسا توڻي پائي، دمڙي هڪ حسابون،
ڪام ڪسي وچ يار نه آوي، سر ڀي خام خرابون،
حيف تنهان تي ”قادر بخشا“ جلدي اک شتابون.
- - -
پُٽ هووي ته پارک هو وي، نه ته مورک جهنگ دا ڍور،
يا وت ظالم زاني ٿيسي، يا وڃ ٿيسي چور،
جُهڳا اُڄاڙي، پاڙان پٽي، ڇوڙيسي ناڀور،
”قادر بخش“ تڏان ڪل پوسيس، جڏان ٿيسي سُڃا زور
فقير پنهنجي وقت جي والين ۽ حاڪمن جو جيڪو نقشو چٽو آهي، سو به ٻڌڻ وٽان
آهي. چوي ٿو:
وقت اڄوڪي والي ڏيکو، ياران دي وه ياري،
دولت والا اُسس گهر وچ، روز بروز ڏهاڙي،
ٿي خوش خوب ڪريسي خدمت، نال اڳون نيچاري،
جو ڪم هوس وس- وهيڻا، تل نه گهتي هڪ گهاري،
غريب ويسي نال اُهيندي ڪنهن ڏي ٿي قراري،
ٻيڻا چڙهسيس برا سر تي، بڙي گهنسيس بيماري،
اڳهين انهن ڪون اک سڻاوي، ڪر شودا مال شماري،
پل اميد اُهين تون ولسي، عاجز تي آزاري،
مولا مشڪل ڪُل دي کولي، ڪري ستار ستاري،
”قادر بخش“ سهي ڪر قصا، ڪر ياد سخن يڪباري.
هن درويش جا رند، مگسيءَ جي ”جنگ بنگاهه“ بابت چيل سنڌي بيت
اوهان جي آڏو آهن. قصي جو تت اهو آهي ته مغيري قوم
جا ماڻهو مگسين جا پاڙيسي هئا ۽ ڀاڳيا ماڻهو هئا.
جمالين کي اچي جوش جاڳيو ته مغيرين ۽ مگسين جو مال
هڻي اچون. نيٺ اُهي حملو ڪري ويا ۽ مغيرين جو مال
به ڪاهيائون. انهيءَ ويڙهه ۾ ٻه ٽي ماڻهو به مري
پيا. اتفاق اهڙو جو سردار احمد خان مگسي ڪو
”شاديهڙ“ شهر ۾ لٿل هو، جنهن کي دانهينءَ وڃي
انهيءَ ڌاڙي ۽ گهل جي دانهن ڏني. احمد خان ته
بهادر ۽ ارڏو هڪ ئي هو، سو ڪوڏ ڪري اچي جمالين سان
جنبي مارو ڪرڻ لڳو. ڌاڙي وارا مال ڇڏي وٺي ڀڳا ۽
جيڪي ارڏي احمد خان جي سامهون ٿيا، سي مارجي ويا.
انهيءَ واقعي ڪري غلام محمد خان جماليءَ کي ڏاڍو غم ٿيو، تنهن
اها صلاح ڪئي ته سردار شير محمد خان رند (جو ان
وقت حيدرآباد ۾ مير صاحبن وٽ رهندو هو) ڏانهن
حيدرآباد وڃي، کيس مگسيءَ کان وير وٺڻ لاءِ چاڙهي
اچجي. نيٺ غلام محمد خان جمالي پنهنجو ڳوٺ ڳڙهي
ڇڏي، ٻه- ٽي ماڻهو پاڻ سان وٺي، چانگي تي چڙهي،
ٿيو راهي حيدرآباد ڏانهن. نيٺ وڃي حيدرآباد پهتا ۽
شير محمد خان رند آڏو پڳون اڇلائيندي مگسيءَ جي
دانهن ڏيڻ لڳا. کيس ائين به چيائون ته ”مگسي پاڻ
کي ’جنگ دوست‘ ٿو سڏائي، هن جي ڪنهن تي نگاهه ئي
نٿي پئي! سنجهه صباح، اوهان جي ڳوٺ ’شورڻ‘ تي نه
حملو ڪري!“ اهو احوال ٻڌي، سردار شير محمد خان
وراڻيو ته مان مير صاحبن کان ستن ڏينهن اندر رخصت
وٺندس. جمالين ايتري دير به نه سٺي. نيٺ سردار شير
محمد خان مير صاحبن جي سلام تي ويو ۽ اُتي سمورو
احوال ٻڌائي موڪل به گهرڻ لڳو. مير صاحبن سمجهايس
ته سيال تي سمجهي حملو ڪجي، جنگ وارڻ خلل کان خالي
نه آهي، مگر تڏهن به رند مڙيو ئي ڪين: چئي، قبلا!
مگسيءَ کي قيد ڪري اوهان وٽ آڻيندس! نيٺ رند لشڪر
چاڙهي اچي اتر پهتو.
احمد خان کي به انهيءَ تياريءَ جي خبر پئي، تنهن پنهنجن مگسي
ڀائرن کي ڪٺو ڪيو، جن سڀني جنگ لاءِ تياري ڏيکاري،
پر مير احمد خان چيو ته جيئن رند گهڻا ئي تمندار
ڪٺا ڪيا آهن، تيئن اسين به ڪي ڪيهر جنگ جوان پاڻ
سان ملايون ته چڱو، باقي سوڀ ته آهي ڌڻي جي هٿ ۾،
سو پنهنجي پٽ ۽ ڀائٽي کي فرمايائين ته چڙهي وڃو
ڪاڇي ڌڻيءَ، وڏيري ولي محمد خان چانڊيي ڏانهن. نيٺ
ميهان خان ۽ گهرام خان ڪجهه سپاهه وٺي وڃي ديري
پهتا ۽ ولي محمد وير سان ويهي اور اوريائون، جنهن
تي ولي محمد خان چانڊيو کين جواب ٿو ڏئي ته،
”اوهين الله تي آسرو رکي وڏي دل ڪريو، رند ڀلي ته
حيدرآباد کان جيسلمير ۽ قلات کان گجمير تائين لشڪر
گڏ ڪري، پر اسين به شوق منجهان ٻنهي هٿن سان
شمشيرون هڻنداسين ۽ منهنجو اوهان سان قرآن تي قسم
آهي ته آئون نه هٽندس! اوهان جو شهر ”جهل“ (مير
احمد خان مگسيءَ جو ڳوٺ) ته منهنجي ماءُ آهي. مادر
کي ڇڏي پٽ ڪيئن پوئتي ويهندا؟ اهو چئي، پنهنجي پٽ
ڪُنڍي خان سان چانڊين جو لشڪر چاڙهي موڪليائين ۽
کين چيائين ته: ”جنگ جي سوڙهه ڏسو ته مون ڏانهن
ڏاهي ڏياري موڪلجو ته مان بي اچي نڪرندس.“ نيٺ
چانڊيو لشڪر جهلي وڃي ”جهل“ شهر ۾ رسيو.
چانڊين جي اميرن پهرين ته جنگ ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، شهولي خان چڙهي
ويو، تنهن تي رند چار مهينا مهلت ڏني ۽ چانڊين کي
چوڻ لڳو ته ”اوهين پرائيءَ باهه ۾ ڇو اچي پيا
آهيو، مان ته اڳيون پويون ڪُل قرض مگسيءَ کان
اڳاڙيندس.“ اهو چئي، پنهنجي سپاهه کي بُڙدين ڏانهن
وٺي ويو ته جيئن چانڊيو ويهي ويهي ڪڪ ٿي ”ميل“ ڀڄي
وڃي، نيٺ ”جهل“ ڇڏي وڃي ”ڪنڌ ڪوٽ“ پهتو. هوڏانهن
چانڊين به مگسين کان موڪلائي ڪئي ته ”هاڻي اجايو
ويٺا مفت جون مانيون کائون، جڏهن ڪا ضرورت پئي ته
اسان کي سڌ ڏجو.“ تنهن تي مخالف ڌر، چانڊين کان
ميدان خالي ڏسي، وري حملي جون تياريون ڪرڻ لڳي.
وڏيري ولي محمد خان کي خابرن وڃي خبر پهچائي، سو پنهنجن ڀائرن
کي چوڻ لڳو ته بروهين جا عذر رهيل آهن، هلو ته
انهيءَ بهاني سان هلي سردار شير محمد خان کي ويجها
ٿيون ۽ ساڻس ملاقات ڪري کيس لڙائيءَ کان موڙيون.
نيٺ اچي بروهين وٽ پهتا، جن ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪئي. پر
رندن جو سردار هن سان ملڻ نه آيو، تنهن تي وڏيري
کي عجب لڳو. تنهن هوندي به صلح جو خيال ڪري علي
الصبح چڙهي ويو رند وٽ. ٻنهي سردارن ۽ ڀائرن پاڻ ۾
ويهي رونهه ڪئي. وڏيري کيس رنج ڪڍڻ لاءِ چيو ۽
هيڻن تي هلان ڪرڻ کان روڪيو. تنهن تي غلام محمد
جماليءَ گوڙ ڏئي ڳالهايو ته ادا ولي محمد! تون
اسان جي وچ ۾ نه پُئه، اسين مگسيءَ کي ڏسين
رهنداسين. انهيءَ ”ادا“ چوڻ تي سوني خان جتاڻي
چانڊيي کي ڏاڍي چڙ لڳي جمالي کي چوڻ لڳو ته هوش
ڪري ڳالهاءِ، اسين تنهنجا ادا آهيون، تون ٿو اسان
جي سردار کي ادا سڏين! تنهن تي وري جماليءَ کيس
شير محمد خان جو دڙڪو ڏنو ته اوهين ديري وڃي داهون
ڪندؤ! اهو دڙڪو ٻڌي چانڊين جو مشهور پهلوان محرم
خان ڇتاڻي (جو اڳتي هلي سچل سائين درازيءَ جو
خليفو ٿيو ۽ هڪ وڏو شاعر به هو) گجگوڙ ڪري للڪارڻ
لڳو. پوءِ ته جمالين، رندن ۽ چانڊين جون تلوارون
مياڻن مان نڪري ويون، پر بروهين وچ ۾ پئي جنگ
ٽاري، چي، مهمانن سان جنگ نه جڳائي.
سردار ولي محمد وري اچي رسيو مير احمد خان وٽ، پر تڏهن به صلح
جو خيال نه ويس، نيٺ پنهنجي هڪ امير الهه بخش خان
ڇتاڻي چانڊيي کي راڻيپور چاڙهي موڪليائين. الهه
بخش پير صاحب کي چاڙهي آيو، پر رندن جي سردار اهو
چئي پير کي واپس ڪيو ته مان مگسيءَ کي ڪڏهن به نه
ڇڏيندس. پير فقير اسان کي پنهنجا به گهڻا آهن.
آخر رند جو لشڪر اچي ”جهل“ کان اٺ ڪوهه پري روهيلن ۾ ترسيو. اتي
ڪي سيداڻيون بيبيون به وٽس ميڙ ڪري آيون، پر مڙيو
ڪونه. پوءِ ته اچي جنگ لڳي. ڇهه سؤ چانڊيا هئا ۽
هڪ هزار مگسي. سردار شير محمد خان پنهنجي فوج کي
هن طرح هدايت ڪئي: گڙد، گبول، گاڏهي، ديناري، جلب،
جتوئي ۽ لاشاري وڃو چانڊين تي ڪاهي؛ ۽ ٻيا مگسيءَ
تي مارو ڪن. ٻئي پاسي احمد خان ۽ ولي محمد خان
پنهنجي لشڪر جون صفون سڌيون ڪيون. مگسي اوڀارو ٿيو
۽ چانڊين اولاهين ٻانهين جهلي. جنگ ۾ ڇا وهيو
واپريو، سو اوهان کي بيتن مان ملندو. شير محمد خان
شير خود هڪلون ڏيندو جنگ ۾ ڪُڏي پيو ۽ ڪٽڪ ۾ ڪاهي
پيو. جيڪو سورهيه پئي سندس سامهو آيو، سو پهرين ڌڪ
سان ختم ٿي پئي ويو. نيٺ سراج نالي ڪاتير سان وڃي
ٻکيو. ايتري ۾ خول مٿي کان ٿڙي ويس ۽ مٿي تي
سرواهي جهلي ڪونڌڙ وڃي زمين تي ڪريو ۽ سندس پساهه
پورا ٿيا. جيڪي ساڻس همراهه هئا، سي به ماهور ٿي
ويا.
شاعر جي خيال ۾ سردار شير محمد شڪست کائڻ وارو نه هو، پر ان
پنهنجو پاڻ پيرن کان پِٽايو.
هنن بيتن پڙهڻ سان پورو پتو پوندو ته قادر بخش ڪنهن جي به
طرفداري نه ٿو ڪري، پر هڪ مبصر ٿي قصي تي روشني
وجهي رهيو آهي. هڪ طرف کان جيڪڏهن شير محمد شير جي
بهادريءَ جي هن طرح واکاڻ ڪري رهيو آهي:
هڪلان ڏيندو آيو، شير محمد شير،
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، دهشت ساڻ دلير،
ڌڪ پهرين سان تڪ ڪري، وهائي شمشير،
ڪير آهي ڪير، جو دهشت جهلي ديوَ جي!
ته ٻئي پاسي مير احمد خان مگسيءَ جي بهادريءَ جو داد به ڏئي
رهيو آهي:
گانءُ ته غازي شير جو، جوڙ وڏي سان جَهل،
وڄن نغارا ويڙهه جا، تنهن منجهه طبل،
پري ٻُجهي پرڌان جي، هيبت ساڻ هڪل،
ڪاهيو ڪٽڪن سان وڙهي، پوي ڪڙدن ساڻ اُڇل،
ديوَ نمايان دَل، جي جوان بهادر جنگ جا.
انهيءَ تياريءَ ۾ چانڊين کي سندن وڏيرو جيڪي چئي ٿو، سو به سگهڙ
ڪيئن نه ادا ڪري رهيو آهي:
چين وڏيرين جانءَ، ته چانڊيا گهوڙي نه چڙهو،
هرڪو پيادو ٿي هلو، توڙي شاهه گدا،
پيءُ نه ساري پٽ کي، پٽ نه ساري ماءُ،
مڙس نه ساري زال کي، ڀاءُ نه ساري ڀاءُ،
سيال اڳيون اٿو سامهان، هلي لهو سڌ سماءُ،
ڏسي ترارن تاءُ، متان پوندي ڀيڙ ڀڄي وڃو.
وري جڏهن مگسين ڀڄڻ لاءِ پٺ ڦيرائي، تڏهن مينهان خان مگسي انهن
کي، شاعر جي زباني هن طرح سمجهائي رهيو آهي:
مينهان خان مُڙي، نئي مارو مگسين ۾ وڌو،
ڏسي ڀيڙ ڀڳا وڃو، ٿا ڪيو خر کڙي،
هو ٿو ڄاڃي (چانڊيو) مارجي، گهوٽو هن گهڙي،
ڏيو چوٽ چڙهي، ٿيو ٻيلي ساڻ ٻروچ جي.
ساڳيءَ ريت، جن سورهين پنهنجي بهادري ڏيکاري آهي، تن کي به ڏاڍو
ساراهيو اٿس. انهن قبائلي لڙائين ۾ هندو به پوئتي
نه پوندا هئا، پنهنجي تر جي سردارن سان ساٿ هوندا
هئا. قادر بخش انهن کي به نه ٿو وساري:
جهلي نڪا تان جهل مون، جهنڊا جڙلائي،
چوٽ دمامن تي چڙهي، طبلن کؤن تائي،
مهاڄن مڙي هليو، پخالون پائي،
اڄ ته پنهنجي اُڙدن ڏيون، پاڻي پهچائي،
هندو هيبت نه ڊنا، ٿيا سورهيه سر آئي،
ويا ورنهه واڌائي، سانگا لاهي سر جا.
قادر بخش جي ڪلام جي وڏي خوبي اها آهي جو جڏهن جنگ جو نظارو پيش
ٿو ڪري، تڏهن ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ اکين آڏو
جنگ ٿي رهي آهي.
آخر ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هنن بيتن جا ٻه نسخا، هڪ حافظ
عبداللطيف کان پهتل ۽ ٻيو سگهڙ بنگل خان کان پهتل،
مون وٽ موجود هئا. قادر بخش جويي جو ڳوٺ منهنجي
اباڻي وٿاڻن کان رڳو هڪ ميل آهي. مان پاڻ وڏڙن کان
بيت ٻڌندو هوس. اهي ٻئي نسخا ناقص هئا. آخري بيت
بنگل خان سگهڙ زباني ٻڌايا، جي آخر ۾ آنديا ويا.
هي رڳو عوامي ادب جي سلسلي ۾ ڪوشش آهي، ڪنهن به
قبيلي کي رنجائڻ مطلوب نه آهي.
جنگ بنگاهه جي ڪهاڻي
تن صاب صفتن جو ڌڻي، تون مالڪ مُلڪ جهانَ،
ڪهڙيون تعريفون ڪجن، ڪيئن ظاهر ساڻ زبانَ،
حڪمت ڏس حڪيم جي، اونهان بحر بيانَ،
ڪير پروڙي پرور کي، ڪنهن کي طاقت ڪانَ،
شان شفيع اڳرو ٿيو، درماندن درمانَ،
چارئي چار رسول جا، افضل عالشانَ،
اُچي قرب ابوبڪر، عمر ۽ عثمانَ،
علي مير امير کي، ساراهيو سبحانَ،
حسن مير حسين جون، ڪيو تعريفون قرآنَ،
ٻئي دولهه دادلا، گوهر گلستانَ،
مڙيئي ٿيا مادتُو، سڀيئي سلطانَ،
ڪُوبي ڪوهستان، احمد خان امير جا.
احمد خان امير هو، مگسي مڳ مٿيرُ،
هر منهن هڪل تي چڙهي، دودو ڌم دليرُ،
رند مگسي جو پاڻ ۾، هو اصلؤن وڏو ويرُ،
شور مچايو شير، ٿو هاتڪ هيئن هاڃا ڪري!
گانءُ ته غازي شير جو، جوڙ وڏي سان ”جهل“
وڄن نغارا ويڙه جا، تنهين منجهه طبلءَ،
پري ٻجهي پرڌانَ جي، هيبت ساڻ هڪلءَ،
ڪاهيو ڪٽڪن سان وڙهي پوي ڪڙدن منجهه اڇلءَ،
ديوَ نوايا دل، جي جوان بهادر جنگ جا.
ٻيا ڀي ڪونڌر ٻروچ هئا، سنگ صوبا سردارَ،
حاڪمَ پنهنجي حد جا، دانهن دعويدارَ،
هيڻا هاڙن کؤن ڊڄن، ويٺا جي واچارَ،
ماڻهو تن ملاحظي، ڏڪن سڀ ڏهڪارَ،
ڪريو ڌار ڌاڙا، هڪ ٻئي مال هنيو وڃن.
هو هاتڪ حيدرآباد ۾، شير محمد رندُ،
شهر ته ”شورَڻِ“ جاءِ هئس، نڙ جو ”ناڙي، هنڌُ،
مانجهي ميرن وٽ رهي، بانڪو بخت بلندُ،
رانوَلُ رندستان جو، صوبو هو سرمندُ،
ڪين نوايئين ڪنڌُ، هو جيسين جوان جهان ۾.
مغيري، مگسين وٽ هئا، ڀر ڪلهي ڀاڳيا،
پَهُون پوياڙيءَ کي، تن ٿي سنڀاليون ساڳيا،
جمالي جاڳيا، ته مگسين مالُ هڻي اچون.
مسين مال هڻي اچون، آ وير تنين سِر وڳ،
هلي هونگن سان ڪيون، کني راندَ کڙڳ،
پيادا سوارن کان اڳي، دَوڙيا مٿي دڳ،
جنهن پيچ ورايو پَڳ، سي سڀئي چڙهيا گهل تي.
مال مغيرن جو هڻي، واهه ڪيئون وارو،
ٻه ٽي مڙس مري پيا، ٿيو ڌڻن سان ڌاڙو،
شير ته ”شاديهڙ“ سندو، آرڏو آڻيارو،
ڏاههَ پَئي ڏس گهل جو، ڪيو ناميءَ نغارو،
”احمد خان“ اچي پين، نَرُ هڻي نعرو،
جُنبي جمالين سان، تنهن هو مرد ڪيو مارو،
پيادا پوکن ۾ لڪا، متان پوي مٿن پسارو،
ٿيو لشڪر لهوارو، ڀَوَ کؤن مال ڇڏي ڀڳا.
ٿيا جيڪي سورهيه سامهون، سي ماريا مرد مڻيارَ،
جنين کؤن توفيق وئي، تنهن تي ناهي ميار،
پيادا پوکن مؤن ڀڳا، پير چُمي بيزار،
وري ويا هئا تن تي، مگسي ملغذار،
پيادا پوين کي ڀڳا، رڻ رهيا ريڍار،
دنوي دعويدار، جنهن پِيلي ڪونڌ پَڻي ڪيا.
هڪ آيو هو گهل تي، ناتون نادانُ،
جڏهن ڏٺائين جنگ کي، بيٺو ٿي حيران.
پيش وڏيري جي پيو، اچي عاجز ٿي انسان،
ٿيءُ ميان مهربان، ڏيئي هٿ پناهه جو.
نيچو ٿي نادان ڪيو، اوچو آڌر ڀاءُ،
مون کي هيڏي موڪليو، ڏئي ڏس جيجل ماءُ،
ڪونهي ڍڳو در تي، وڃي نَرَ کؤن وٺي آءُ،
جوڙي هيءُ جڙاءُ، جُنگَ رسيس هن جاءِ تي.
ڏياريس ڏاند وڏيري، هو ڪڏندو قداورُّ،
ڀري ٻوري ان جي، مٿؤن وجهي آٿڙُّ،
باغ لنگهائي بر، هي نيئي ويجهو وسئن کي رسيو.
جيئن منجهه جهان، اهڙا راجا راوَ،
همَّت هيڻن کي ڏين، آڙين ڪن اپاءَ،
صاحب سخا جا ڌڻي، ناميارا نَر ناءَ،
شيرن جا شعاع، ملڪن ۾ مشهور ٿيا.
بيهي نه سگهيا بَرَ ۾، جنگ تي جمالي،
ڳوٺ وڃي ڳالهيون ڪن، خبرون ڏين خالي،
هٿ نه مگسين کي لڳو، مال نه ٻي مالي،
هادي بچائي هنن کؤن، آندو ورائي والي،
جي ساڻ هليا سوالي، سي ماهو ٿيا ميدان ۾.
پيڙو شور شهر ۾، اوٿيڙو اوندهه،
مٿي مگسيءَ جي لڳو، رُڪ مثل روهُه،
پيادا مرايو پڙ ۾، ڊوهڙ ڪري ڊوهه،
جڏهن ڇنڊايوَ ڇوهه، تڏهن البت ٿيو آرام ۾.
جيڏو جماليءَ کي ٿيو، غلام محمد غُّم.
وير نه ويريءَ کؤن وٺان، وڏو آهه وهُّم،
هاتڪ حيدرآباد ۾، بانڪو سو بهرُّم،
جيڪو آڻيون جنگ تي، رند چاڙهي رستُّم،
اسان جي ايذاءَ جو، ٿيندو شير شرُّم،
وٺي وير اسان جا، ميل ڪري محڪُّم،
تنهن کي جالَ ڏيارين جَمُّ،
جنهن مگسيءَ ڪالهه مذاق ڪئي.
مڙي جمالين پاڻ ۾، مردن ڪئي مصلحتَّ،
جن جا جگر ڇڄي پيا، ريلا وهندي رتُّ،
وڃي تنهن وَرنَهه، سان، هيءَ ڪر حقيقت،
آئي وجهه ويريءَ تي، ڪا ازغيبي آفت،
بلڪه نه ڪر فرحت، رات چڙهي وڃ رندَ ڏي.
غلام محمد غمَّ ۾، ڇڏيو ڳوٺ ڳڙهي،
سانجهي کي سنبري هليو، چانگي تي به چڙهي،
ٻيا ڀي ٻه ٽي تنهن سان، هليا مرد مڙي،
رانوَل تِت رڙهي، ٿيا رات روانا رند ڏي.
ٿيا رات روانا رند ڏي، ڏوري کنيائون ڏُکَ،
هوري جهوري هيانوَ ۾، جيئري اندر جُکَ،
نڪي کائن خوشيءَ کؤن، باهه اندر منجهه بُکَ،
سور وڃاين سُکَ، هليا ديس ڇڏي پرديس تي.
هتؤن حيدرآباد اٿوَ پنڌ پري سؤ ڪوهه،
سَليون سور اندر جا، گنوَ سان سڀ گروهه،
ايندو اسان سان چڙهي، جي طالع وريو توهه،
جيئن لوهر ڦوڪي لوهه، تيئن مدعي کي مادو ڪندو.
ساهي واڳ سَٽيون بازَ بڇيون بانڪا وڃن،
عاقلَ ڪاهن اڳتي، پويان ماڳ مٺيون،
دل ۾ درد فراقَ جون، سنديون زهر وَٽيون،
نر وڃي نروار ٿيا، رهبر راهَه وَٺيون،
هيون سي حيدرآباد جون، گهاٽا سير گهٽيون،
پوءِ پيلي پنڌَ پٽيون، وڃي دُرس مليا داناءَ کي.
پاڻوَ لاهي پَڳ، اُڇليائون ارغون ڏي،
مگسي هُت مارو ڪيو، اسين ڀڄي ٿياسين ڀَڳ،
هڻي ني هيٺؤن ڪيا، اٿس واهه اسان جا وَڳ،
جاڙ اهائي جَڳ، ساري ملڪ سڄي ٻڌي.
آياسون اسين ڪهي، دانهن وٺي داناهه،
ويري وڳ هڻي ويو، نرُ چڙهي ناگاهه،
”ميرو“ ميڙ وٺي وياسين، چاڙهي منجهؤن چاهه،
ڪين مڃيائين تنهن کي، هو پُٽ سندو بادشاهه،
پوءِ وياسين مال هڻڻ، جُنگَ انهيءَ جا ڳاهه،
ڃي مال هنيوسين تن جو، ڪستؤن ڪري ڪاهه،
احمد خان اڳي لٿل هو، ڏاڍي پشت پناهه،
هي مگسي حملو ڪري پيو، جاري منجهه جنگاهه،
ماري مال ڇڏايائين، رکي سيف سلاح،
پيادا ماريا پڙَ ۾، هئا جيڪي همراهه،
مگسيءَ جي ڪنهن مرد تي، ناهي نرَّ نگاهه،
ڏِس ٿو، سنجهه صباح، شهر ته ”شورڻ“ جو هڻي!
نانءُ رکايو پانهنجو، جنهن مگسيءَ ”جنگ دوس“،
لاهي ٿو لُڙ ڪينڪي، وتي کنيو شرُّ سروسُ،
آهي آڳ اندر ۾، ڏيلؤن ڏاڍو ڏوسُ،
ڪونڌ! وڏو ڪر ڪوسُ، وِيرَ! چڙهي هل ويريءَ تي!
تون آهين بانڪا بلوچن جو، رند بيشڪ بادشاهه،
تون سونهين سڀني وچ ۾، جيئن منجهه ستارن ماهُه،
ويريءَ هت وڻاهه، ڏسجو ڏاڍو ئي ڪيو.
تڏهن وَرنَهه کي ورندي ڏني، شير محمد شيرَ،
موڪلَ ميرن کنؤن ڪندس، ستين ڏينهن سويرَ،
جلدي هلي جهلَّ تي، پاڻ گهمايان پير،
وَرنَهه تنهنجا ويرَ، ڏس وان ٿو ڏينهن ۾!
|