سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :41

 

سنڌو درياءَ جو ذڪر عربي جاگرافين ۾

 

عربي زبان ۾ سمنڊ کي بحر ۽ درياءَ کي نهر چيو وڃي ٿو. قرآن حڪيم ۾ نهر جو لفظ مفرد شڪل ۾ ٽن جاين تي: سورة البقرة، سورة القمر ۽ سورة الڪهف ۾ آيو آهي ۽ ان جو جمع ”انهار“ 52 جاين تي آيو آهي. هن ۾ دنيا جي نهرن ۽ دريائن سان گڏ بهشت جا دريا به اچي وڃن ٿا. خاتم الانبياءَ محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم کي معراج واري رات ۾ بهشت اندر به درياءَ ڏيکاريا ويا، جن کي سيحون ۽ جيحون چئجي ٿو ۽ سندن قول مطابق دنيا ۾ به ان نالي سان ٻه درياءَ آهن، جن مان هڪ لاءِ ڪن محققن ۽ عالمن جو چوڻ آهي ته اهو درياءِ سنڌ يا مهراڻ آهي ۽ ٻيو دريا اهو آهي، جيڪو ازبڪستان کي ڀر وارن ملڪن کان ڌار ڪري ٿو. ان ڪري انهيءَ خطي: سمرقند، بخارا، تاشقند وغيره کان ماوراءِ النهر يعني درياءِ جيحون جي پرين ڀر وارو ملڪ به سڏيو ويندو آهي.

ڏٺو ويو آهي ته انساني تهذيب ۽ تمدن جا قديمي اهڃاڻ اتي ئي نظر آيا آهن، جتي پاڻيءَ جي فراواني رهي آهي. وادئ سنڌ کي به مولا سائين سنڌو درياءَ جهڙي نعمت هزارن سالن کان عطا ڪئي آهي ۽ هتي پاڻيءَ جي گهڻو ڪري فراواني رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو موهن جي دڙي واري هزارن سالن جي تهذيب جو انڪشاف به سنڌو درياءَ جي ڪناري ۽ ڀر تي ٿيو آهي ۽ اڃان تائين اتي جو ڀر وارو علائقو، علم، دانش ۽ عقل جو گهوارو ۽ مرڪز رهندو اچي.

پاڻيءَ سان نه رڳو انسان پر هر حيوان جي به زندگي وابسته آهي ۽ زندگي جا اهڃاڻ اتي ئي نظر ايندا، جتي پاڻيءَ جا اهڃاڻ ۽ آثار ملندا. اڄوڪي سائنسي دنيا ۾ خلافي سفر جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. سيارن جي دنيا ۾ سفر ڪندڙن لاءِ جاکوڙ جي وڏي مهم اتي پاڻيءَ جا آثار ۽ اهڃاڻ لهڻ آهي، ان کان پوءِ ئي ان مٿئين دنيا ۾ زندگيءَ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو.

علم حديث ۾ ابو رزين جي هڪ مشهور روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم کان هڪ سوال ڪيو ويو: اين کان ربنا قبل ان يخلق؟ مطلب ته عرش ڪرسي ٻيءَ ڪائنات جي پيدائش کان اڳ اسان جو رب تعاليٰ ڪٿي هو؟ ان جو جواب هن طرح عطا ٿيو: قال کان في عماءَ. حضور اڪرم صل الله عليہ وسلم جن فرمايو ته خدا تعاليٰ ”عماءَ“ ۾ هو. اهو لفظ متشابهات مان آهي. عربي ۾ ڪڪر جي معنيٰ ۾ ايندو آهي ۽ ان مان پاڻي جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن حديث جي شرح ۾ مولانا محمد قاسم نانوتوي فارسيءَ ۾ هڪ شرح حديث ابن رزين جي نالي سان لکيو آهي، جيڪو گهڻو اڳ جامعہ مليہ دهلي مان ڇپيو هو ۽ ان جو هڪ نسخو مون وٽ به موجود آهي ۽ منهنجي زير تدريس به رهيو آهي.

اسان جو برڪت ڀريو هي درياءَ جنهن جي ڪنارن تي اڄ اسان گڏ ٿي ان جي برڪت جي اپٽار ڪري رهيا آهيون، ان جو بيان دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ملندو. سنسڪرت جيڪا دنيا ۾ هڪ قديم ٻولي آهي، ان جي مقدس ڪتابن ويدن جي تاليف هن ئي سنڌو درياءَ جي وادي ۾ ٿي، ان ڪري سڀ کان پهرين سنڌ ۽ سنڌوءَ دريا جو نالو انهن قديم ڪتابن ۾ آيو. اسان جا عربي ٻوليءَ جا عالم ۽ اديب هن برڪت ڀرئي درياءَ سان اسلام کان پوءِ ئي متعارف ٿيا. عربي تاريخن ۾ محمد بن قاسم جي فتوحات جي سلسلي ۾ هن درياءَ سنڌ جو نالو گهڻو آيو آهي. عربي جاگرافين ۾ به درياءِ سنڌ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. عربن جي بيان ۾ هن درياءَ جو نالو گهڻو ڪري مهراڻ هلي ٿو. هتي اسين عربي جي ڪن جاگرافين مان درياءِ سنڌ جو ڪجهه ذڪر خير ڪري رهيا آهيون.

ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله جيڪو ابن خردازبہ جي ڪنيت سان مشهور آهي، سو وڏو عرب جاگرافي دان عالم ٿي گذريو آهي. هن جو جاگرافي ۾ المسالڪ والممالڪ نالي مشهور عالم ڪتاب آهي. ان پنهنجي هن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ جو پنجن جاين تي مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي مهراڻ ۽ درياءِ سنڌ جي نالي سان سڏيو آهي.

ص621 تي لکي ٿو: ديبل کان درياءَ سنڌ مهراڻ جي ڇوڙ تائين ٻه فرسخ آهن ۽ مهراڻ کان اوتڪين تائين چئن ڏينهن جو پنڌ آهي. اها هندستان جي سرحد آهي.

مهراڻ درياءَ سنڌ شقنان جبلن مان نڪري ٿو. سنڌو درياءَ، درياءِ جيحون جي هڪ شاخ آهي. اهو منصوره کان لنگهندو وڃي اوڀر واري وڏي سمنڊ ۾ پوي ٿو. ان کان اڳ ڪيتريون نهرون ان کان وهي نڪرن ٿيون.

المسالک والممالک لابي القاسم عبيدالله بن عبدالله المعروف بابن خردازبہ المتوفي في حدود 300هه. مکتبہ المثني ببغداد ص62: من الدبيل اليٰ مصب مهران نهر السند في البحر فرسخان ومن مهران الي او تکين وهي اول ارض الهند مسيرة اربعة ايام.

ص173: مخرج مهران نهر السند من جبال شقنان - و نهر السند هو شعب نهر جيحون واليہ.

ص174: ينسب بعض مملکة الهند يمر بالمنصورة ويصب في البحر الشرقي الکبير بعد ان تحمل منها انهار ببلاد الهند (ذکر نهر السنده مرامت)

حصارة الهند- الدکتور غوستان لوبون- الفرنسي. مترجم: عادل

ص26: ويتسع عرض هذه الجبال فوق منابع الانهر الکبريٰ: السند والفنج وجمنہ وستلج.

هڪ ٻيو عرب جاگرافي دان ابراهيم بن محمد اصطخري (وفات 350هه تقريباً) ٿي گذريو آهي، ان به عربي ۾ جاگرافي جو هڪ ڪتاب المسالڪ نالي سان ئي لکيو آهي، جنهن ۾ اسان جي هن درياءِ سنڌ جو بيان پنڌرهن جاين تي مهراڻ جي نالي سان ڪيو آهي. بسمد شهر جو بيان ڪندي لکي ٿو ته اهو هڪ ننڍو شهر آهي، اهو شهر، ملتان ۽ جندراور ڳوٺ مهراڻ درياءَ جي اوڀر ۾ آهي.

اروڙ ملتان جيڏو شهر آهي ۽ اهو مهراڻ جي ڪناري تي آهي. ديبل مهراڻ درياءَ جي اوڀر ۾ سمنڊ تي ٻڌل آهي. منحاتري مهران جي اولهه ۾ آهي. باقي انري ۽ قالري اهي ٻيئي مهراڻ جي اوڀر ۾ آهن. ديبل کان جيڪو ماڻهو منصوره ويندو، اهو اتان ئي درياءِ سنڌ کي پار ڪندو. منصوره ان جي سامهون آهي. مسواهي، بهرج ۽ سدوسان اهي سڀ شهر مهراڻ جي اولهه ۾ آهن، باقي بلري اها مهراڻ جي ڪناري تي ان جي اولهه ۾ آهي. ان خليج جي ويجهو جيڪا مهراڻ کان ڦٽي منصوره جي پويان وڃي ٿي.

ميد قوم مهراڻ درياءَ جي ڪناري ڪناري ملتان کان وٺي سمنڊ تائين ڦهليل آهي، مهراڻ ۽ قامهل جي وچ واري واديءَ ۾ انهن ميدن جا چراگاهه ۽ گهڻا ڳوٺ آهن.

جڏهن تون منصوره جي بدهه علائقي کان سدوسان شهر ڏانهن وڃڻ گهرين، جيڪو مهراڻ جي ڪناري تي آهي ته توکي مهراڻ دريا عبور ڪرڻو پوندو. ننڍي کنڊ ۾ جيڪي درياءَ آهن، انهن مان هڪ درياءَ آهي، جيڪو مهراڻ سان مشهور آهي. مون کي هي خبر پهتي آهي ته مهراڻ درياءَ ان جبل مان نڪري ٿو، جتان جيحون درياءَ نڪري ٿو. پوءِ مهراڻ ملتان جو پاسو وٺيو بسمد ۽ اروڙ ڏانهن وڃي ٿو ۽ منصوره پهچي ٿو. ايستائين جو ديبل جي اوڀر ۾ سمنڊ اندر وڃي ٿو. مهراڻ هڪ وڏو درياءَ ۽ نهايت سٺو آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته اتي اهڙا واڳون آهن، جهڙا مصر جي درياءِ نيل ۾ ٿيندا آهن. اهو درياءَ پنهنجي ڊيگهه ۽ وهڪري ۾ نيل درياءَ جهڙو آهي. زمين جي مٿاڇڙي تي وهي ٿو ۽ وڃي سمنڊ ۾ پئي ٿو. ان تي ائين پوک ٿئي ٿي، جيئن مصر ملڪ ۾ ٿيندي آهي. سنڌ روز ملتان کان ٽن منزلن تي آهي، اهو به وڏو ۽ مٺو درياءَ آهي، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهو به مهراڻ ۾ وڃي پوي ٿو. منصوره ۽ مڪران جي وچ تي ڪئين نهرون مهراڻ مان نڪري وهن ٿيون.

ص102: ابراهيم بن محمد الفارسي الاصطخري المتوفي في النصف الاول من القرن الرابع الهجري.

المسالک والممالک: واما بسمد فهي مدينة صغيرة. وهي والملتان و جندراور عن شرقي نهر مهران.

ومدينة الرور تقارب الملتان في الکبر، عليها سوران، وهي عليٰ شط نهر مهران. الديبل هي غربي مهران علي البحر مخاتري علي غربي مهران واما انري وقالري فهم شرقي مهران. وبها يعبر من جاءَ من الديبل الي المنصورة وهي بحذائها والمسراهي والبهرج وسدوسان هذه کلها غربي مهران. واما بلري فهي علي شط مهران عن غربيہ بقرب الخليج الذي ينفجر من مهران علي ظهر المنصورة. اما الميد فهم علي شطوط مهران من حد الملتان الي البحر. ولهم في البرية التي بين مهران وبين تامهل مراع و مواطن کثيرة.

و تحتاج الي صبور مهران اذا اروت بلاد البدهتہ من المنصورة الي مدينة تسمي سدوسان علي شط مهران. واما انهارها فان لهم نهرا يعرف بمهران. وبلغني ان مخرجہ من نهر جبل يخرج منہ انهار جيحون. ميتطهر مهران بناحية الملتان فيجري علي حد بسمد والرور، ثم علي المنصورة حتي يقع في البحر شرقي ايوسل وهو نهر کبير عذاب جدا. ويقال ان فيہ تماسيح مثل في النيل وانہ مثل السيل في الکبر وجريہ مثل جرية يرتفع علي وجہ الارض ثم ينصب، فيزرع عليها مثل اذکرناه في ارض مصر.

والسند روز من الملتان علي نحو من ثلاث مراحل و کبير عنہ. بلغني ان يرخ اليٰ مهران ولهم ما بين المنصورة و مکران سياه من نهر هو نهر مهران کاسبطائح عليها طائفة من السند يفرئون بالريا.

آثار البلاد و اخبار العباد تاليف ذکريا بن محمد بن القزويني (203هه)

ص95: تحت السند: وبها نهر مهران وهو نهر عرضہ کعرض دجلة او اکثر يقبل من المشرق آخذا الي الجنوب متوجها نحو المغرب ويقع في بحر فارس اسفل السند.

قال الاصطخري: وقيل ان تماسيح نهر السند اصغر حجما واقل فسادا.

اتي ڪيتريون واديون آهن، جتي سنڌي رهندا آهن، جيڪي زط يعني جت قوم سان سڃاتا وڃن ٿا.

آثار البلاد و اخبار العباد تاليف ذڪريا بن محمد بن محمود قزويني (1203هه) علامہ قزويني به وڏو مؤرخ ۽ جاگرافي دان ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي ذڪر هيٺ لکي ٿو ته اتي هڪ درياءَ مهراڻ نالي آهي، جنهن جو پيٽ درياءَ دجلہ جي پيٽ جيڏو يا ان کان به وڏو آهي. اوڀر کان نڪري ٿو ۽ ڏکڻ ڏانهن هلي، وري اولهه جو رخ ڪري ٿو ۽ سنڌ جي هيٺاهين ڀاڱي ۾ پهچي وڃي، فارس سمنڊ (ايراني نار) ۾ پئي ٿو. هن کان پوءِ وڌيڪ بيان اصطخري کان نقل ڪيو اٿس. وڌيڪ لکي ٿو ته درياءِ سنڌ جا واڳون حجم ۾ ننڍا ۽ گهٽ فسادي ٿيندا آهن.

 

 

 

سنڌ ٽين صدي هجري ۾

ابراهيم بن محمد فارسي، اصطخري، ڪرخي

(وفات چوٿين صديءَ جو پهريون اڌ)

 

جاگرافي يا علم البلدان جي ڪتابن جي ضرورت ٻي صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿي، جڏهن مسلمان، عظيم اسلامي حڪومت جي ذريعي دنيا ۾ ڦهلجڻ لڳا ۽ عربن جو واپار وڌيو. هن علم لاءِ خدا پاڪ، ڪن اهڙن عالمن کي مقرر ڪيو، جن دنيا جا ڏک، ڏاکڙا سهائي سفرن جو سانباهو ڪيو، ملڪ ڦريا، وڏا ڳوٺ ۽ وسنديون ڏٺائون، هر ملڪ جي عالمن ۽ دانشورن سان علمي ڪچهريون ڪري معلومات هٿ ڪيائون. عام ماڻهن جي رهڻي، ڪهڻي ۽ ريتن رسمن کي اکين سان ڏسي ان کي قلمبند ڪيائون. کين هر وقت اها اڻ تڻ هئي ته جيڪي ڏٺو ۽ پسيو اٿن، سو سڀ ٻين کي به ٻڌائي ڏين، هن جو اهو نتيجو نڪتو جو انهن جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا، جيڪي ماڻهن لاءِ اهڙي معلومات ۾ روشني ۽ هدايت ثابت ٿيا، انهن مان ابن خردازبہ، جيهاني، ابو الفرج قدامة بن جعفر، ابو زيد بلخي ۽ ٻيا خاص طرح ذڪر جي لائق آهن. ابن خردازبہ ۽ جيهاني جي ڪتابن جي اهميت جو هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو جو ابن حوقل جهڙو عالم، انهن ڪتابن کي پاڻ کان جدا نه ڪندو هو، حضر ۽ سفر ۾ اهي ڪتاب کيس ساڻ هوندا هئا. هو پاڻ فرمائي ٿو ته ”ابن خردازبہ جو ڪتاب ۽ جيهاني جو ڪتاب ۽ ابوالفرج قدامة بن جعفر جو تذڪرو مون کان جدا نه ٿيندا هئا.“(1) ۽ اهي ڪتاب مٿس ڇانيل رهندا هئا، ايستائين جو بغداد ۾ ان جي اصطخريءَ سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ ان کان سندس ڪتاب المسالڪ والممالک کي هٿ ڪري ٻين ڪتابن کان بي نياز ۽ بي پرواهه ٿي ويو.

اصطخري ڪير هو؟ هن جي ڪنيت ابوالقاسم نالو ابراهيم بن محمد فارسي- پنهنجي دور ۾ فارسيءَ سان مشهور هو ۽ پوءِ شهر ڏانهن نسبت ڪري اصطخري سڏجڻ لڳو. معلوم ٿئي ٿو ته اهو پنهنجي دور ۾ ڪنهن وڏي مرتبي وارو نه هو، ان ڪري قديم تذڪرا سندس احوال کان خالي آهن، اهوئي سبب آهي جو هن جي پيدائش جو سال به ڪنهن کي معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ اها پڪ آهي ته هو ٽين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جي سن وفات جي به صحيح تاريخ نه اچي سگهي آهي. ايترو سو معلوم آهي ته چوٿين صدي هجريءَ ۾ وفات ڪيائين، ڇوته ابن حوقل جي ان سان بغداد ۾ ملاقات ان جي زندگيءَ جي پڇاڙي ۾ 325هه ۾ ٿي، جيئن ابن حوقل پاڻ لکي ٿو ته هو بغداد ۾ 325هه ۾ هو. (ص245 ليدن) ڪتاب الاصطخري جي پڙهڻ سان ۽ ان ۾ جن ماڻهن جو ذڪر ۽ اشارو ڪري ٿو، انهن ٻنهيءَ مان اها سڌ پئي ٿي ته اصطخريءَ جي وفات چوٿين صديءَ هجريءَ جي وچ ڌاري ٿي آهي. ڇوته ابو مظفر محمد بن لقمان بن نصر بن احمد بن اسد ساماني جو ذڪر ڪري ٿو. اهو نوح بن نصر ساماني يا ان جي پٽ عبدالملڪ جي زماني ۾ سمرقند جو حاڪم هو، جنهن جي وفات 350هه ۾ ٿي آهي.

هتي اسين اصطخريءَ جي ڪتاب المسالڪ والممالڪ (ڇاپو مصر) مان سنڌ تي جيڪي ان احوال ڏنو آهي، ان جو ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون. هن کان اڳ بشارت مقدسي جي ڪتاب احسن التقاسيم مان پڻ سنڌ تي آيل احوال جو ترجمو، ناظرين ”الرحيم“ جي آڏو رکيو ويو هو، جنهن کي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. انشاءَ الله اهو سلسلو جاري رهندو.

(پيج 102) ملڪ سنڌ ۽ ان جي آس پاس وارا ڀاڱا، جن کي اسان هڪ نقشي ۾ گڏ ڪيو آهي، اهي سنڌ ملڪ، هندستان جا ڪجهه شهر، مڪران، طوران ۽ بدهه آهن. ان جي اوڀر ۾ بحر فارس(1) آهي ۽ اولهه ۾ ڪرمان، سجستان(2) جا پَٽ ۽ ديهون آهن ۽ اتر ۾ هندستان آهي ۽ ان جي ڏکڻ ۾ مڪران جو پَٽ ۽ قفص(3) آهي ۽ ان جي ٻئي پاسي بحر فارس آهي. هن ملڪ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ صحرا جي ٻئي پاسي کان بحر فارس (عربي سمند) هن ڪري محيط ۽ گهيرو ڪري ٿو جو اهو سمنڊ صيمور (چيمور) کان اوڀر تي تيز مڪران تائين ڦهليل آهي، اتان صحرا وٽ مڙي ڪرمان ۽ فارس تي ڪماني شڪل اختيار ڪري ٿو.

هن ملڪ ۾ جيڪي وڏا شهر اچي وڃن ٿا، سي هن طرح آهن جو مڪران جي پاسي کان: تيز، ڪيز(4) قنزبور، درڪ(5) راسڪ (هي خروج جو شهر آهي) بہ، بند، قصرقند، اصفقہ، فهلفهره، مشڪي، قنبلي ۽ ارمائيل.

طوران جا هي شهر آهن: محال، ڪيزان، سوره(6) ۽ قصدار. بدهه جو وڏو شهر قندابيل آهي.

سنڌ جا هيٺيان وڏا شهر آهن: منصوره هن جو سنڌي نالو برهمن آباد آهي. ديبل بيرون(1) قالري، انري، بلري، مسواهي، بهرج(2) بانيہ، مخاتري، سدوسان ۽ الرور.(3)

هند جا هي شهر آهن: قامهل، ڪنباية، سوباره، سندان، صيمور، ملتان، جندراور ۽ بسمد- اهي انهن ملڪن جا شهر آهن، جن کي اسان ڄاڻايو آهي. ڪنباية کان صيمور تائين بلهرا(4) هند جي هڪ بادشاهه جي هٿ هيٺ آهي، اهي ڪفر جا ملڪ آهن، پر انهن شهرن ۾ مسلمان رهن ٿا ۽ بلهرا طرفان انهن شهرن جو والي مسلمان کي مقرر ڪيو ويندو آهي، اتي مسجدون آهن، جن ۾ جمعي نمازون ٿينديون آهن ۽ بلهرا شهر ۾ مانگير رهندو آهي ۽ سندس وڏي حڪومت آهي.

(پيج 103) منصوره هڪ شهر آهي، جيڪو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ هڪ ميل ۾ پکڙيل آهي. ان کي درياءِ مهران مان نڪرندڙ هڪ خليج گهيرو ڪيو آهي ۽ اهو جزيره وانگر آهي، اتي جا رهاڪو مسلمان آهن ۽ سندن حاڪم قريشي آهن، کيس هبار بن الاسود جي اولاد مان چيو وڃي ٿو، هن شهر تي ان ۽ سندس ڏاڏن غلبو لڌو، پر خطبو خليفي (بغداد) جي نالي تي پڙهيو ويندو آهي. منصوره گرم شهر آهي. ان ۾ کجيون آهن، باقي انگور، صوف، ناسپتي، اکروٽ اتي نه ٿيندا آهن، ڪمند سو گهڻو پيدا ٿيندو آهي. اتي جي زمينن ۾ صوف جيڏو هڪ ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ليمو سڏيندا آهن، اهو سخت کٽو ٿيندو آهي، اتي هڪ ٻيو ميوو آڙو جي هم شڪل ٿيندو آهي، جنهن کي انبج (انب) سڏيندا آهن، ان جو مزو آڙو جي لڳ ڀڳ آهي. انهن شين جا اگهه سستا آهن ۽ ملڪ ۾ سڪار رهي ٿو. منصوره جي سڪن کي قاهري سڏيندا آهن، هر درهم، پنجن درهمن جو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ وٽن طاطري (درهم) به رواج وارو آهي. هڪ درهم جو وزن درهم ۽ 2/3 آهي. ماڻهو ڏيتي، ليتي دينارن سان ڪندا آهن. سندن پوشاڪ عراقين وانگر آهي. باقي انهن جي بادشاهه جي پوشاڪ، هندستان جي بادشاهن جي پوشاڪ وانگر گريبان کان سواءِ قميصون يا چولا پائيندا آهن.

ملتان، منصوره جي اڌ جيڏو آهي. هن کي سون جو گهر چوندا آهن، جنهن جي هند جا ماڻهو تعظيم ڪندا آهن ۽ پري پري شهرن کان ان ڏانهن حج ڪرڻ ايندا آهن ۽ هر سال انهيءَ بت لاءِ وڏي دولت جي قرباني پيش ڪئي ويندي آهي، جيئن ان مان بتخاني ۽ ان جي مجاورن تي ان کي خرچ ڪجي. ملتان تي ان بت جي نالي اهو نالو پيو. اهو بتخانو ملتان جي بازار ۾ عاج فروشن جي بازار ۽ ٺاٺارن جي دڪانن جي درميان هڪ نهايت آباد جاءِ تي اڏيل آهي، ان جي وچ ۾ هڪ قبو آهي، جنهن ۾ اهو بت رکيل آهي. قبي جي چوڌاري گهر ٺهيل آهن، جن ۾ بت جا خادم ۽ مجاور رهندا آهن. ملتان ۾ انهن کان سواءِ جيڪي انهيءَ ماڙيءَ ۾ بت سان گڏ رهن ٿا، ٻئي ڪنهن به هند يا سنڌ جا ماڻهو بتن جا پوڄاري ڪين آهن، اهو بت، وچٿري ماڻهوءَ جي شڪل ۾ ڪرسيءَ تي رکيل آهي جا چوني ۽ پڪين سرن جي ٺهيل آهي. بت جي سڄي بدن تي ڳاڙهي ريشم جهڙي کل پهريل آهي، جنهن مان ان جون رڳو اکيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن جو خيال آهي ته بت جو بدن لڪڙيءَ جو ٺهيل آهي ۽ ٻين ڪن جي راءِ ۾ لڪڙيءَ جو نه آهي. مطلب ته ان جي بدن کي کليل نه ٿو رکيو وڃي، ان جون اکيون ٻه موتي آهن ۽ ان جي مٿي تي سون جو ڇٽ رکيل آهي، بت پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي ڦيلائي گوڏن تي رکيو آهي ۽ هٿن جي آڱرين کي ائين ڦيلائي(1) رکيو اٿائين، جو ان مان چئن جو انگ نڪري رهيو آهي ۽ عام طرح (پيج 104) هن بت لاءِ جيڪو (نذرانو ۽ نياز) گڏ ٿيندو آهي، ان کي ملتان جو حاڪم کڻندو آهي ۽ ان رقم کي بت جي پوڄارين تي خرچ ڪندو آهي. جڏهن هندستاني ماڻهو لڙائي جو ارادو رکي هن بت کي انهن جي قبضي مان ڇڏائڻ جو ارادو ڪندا آهن ته اهي (پوڄاري) بت کي ڪڍي ظاهر ۾ ڀڃي ساڙي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي (دشمن) واپس ويندا آهن، جي ائين نه هجي ته اهي ملتان کي ويران ڪري ڇڏين. ملتان جي بچاءَ لاءِ ڪوٽ ۽ حفاظتي قلعا ٺهيل آهن. ملتان سرسبز آهي، پر منصوره ان کان وڌيڪ سرسبز ۽ آباد آهي.

ملتان تي ”سون جو گهر“ نالو هن ڪري پيو جو جڏهن اسلام جي اوائل ۾ هن علائقي کي فتح ڪيو ويو ته مسلمانن ۾ تنگ حالي ۽ ڏڪار هو، اتي ملتان ۾ انهن کي گهڻو سون هٿ آيو، جنهن ڪري اهي خوشحال بڻجي ويا.

ملتان کان ٻاهر اڌ فرسخ تي گهڻيون جايون اڏيل آهن، ان کي جندراور سڏيو ويندو آهي، اهو امير جو لشڪر گاهه آهي، اتان امير ملتان ڏانهن رڳو جمعي جي ڏينهن ايندو آهي، جو هاٿي تي سوار ٿي، جمعي جي نماز ۾ پڙهندو آهي. اهو امير قرشي سامة بن لؤيٰ جي اولاد مان آهي، جنهن ملتان تي غلبو لڌو ۽ منصوره جي حاڪم جو فرمانبردار نه آهي، پر خطبو سو خليفي جي نالي تي پڙهندو آهي.

بسمد ننڍو شهر آهي. اهو ملتان ۽ جندراور(1) مهراڻ درياءَ کان اوڀر تي آهي، انهن مان هرهڪ شهر ۽ درياءَ جو فاصلو هڪ فرسخ آهي، پاڻي کوهن جو پيئندا آهن. بسمد سربسز آهي.

رور (اروڙ) ملتان جيڏو معلوم ٿئي ٿو، ان جي چوڌاري ٻه قلعا آهن ۽ مهراڻ درياءَ جي ڪپ تي ٻڌل آهي. اهو منصوره جي حد ۾ (داخل) آهي.

ديبل سمنڊ مٿان، مهراڻ درياءَ جي اولهه ۾ آهي. اهو هڪ وڏو واپاري مرڪز ۽ بندر آهي، جيڪو ديبل کان منصوره ويندو آهي (جا ان جي سيڌ ۾ آهي) ته اهو اتان ئي درياءَ کي پار ڪندو آهي. سوهي، بهرج سدوسان اهي سڀ شهر مهراڻ جي اولهه ۾ آهن، باقي انري ۽ قالري ٻيئي شهر، مهراڻ کان اوڀر تي منصوره کان ملتان ڏانهن ويندڙ واٽ تي آهن. اهي ٻئي مهراڻ درياءَ جي ڀر کان پري آهن. بلري، مهراڻ جي اولهه ۾ ان جي ڪناري تي ان نهر جي ويجهو آهي، جيڪا منصوره جي پويان مهراڻ کان نڪري ٿي.

قامهل، هند جي صيمور تائين پهرين سرحد آهي. صيمور کان قامهل تائين هند جا شهر آهن. قامهل کان مڪران، بدهه ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو ملتان تائين سڀ سنڌ جا شهر آهن. سنڌ ملڪ جي حدود اندر سڀ ڪافر ٻوڌي ئي آهن ۽ ٻي هڪ قوم به رهي ٿي جن کي ميد سڏجي ٿو. بدهه، طوران، مڪران، ملتان ۽ منصوره جي شهرن جي حدود ۾ پکڙيل آهن ۽ اهي مهراڻ جي اولهه ۾ رهن ٿا. (پيج 105) اهي اُٺ ڌاريندا آهن، فالج (ٻن ڪونڀٽن وارو اٺ) جيڪو خراسان، فارس ۽ ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو آهي، سو به انهن طرفان موڪليو ويندو آهي، انهن ملڪن ۾ بختي اٺ ٿيندو آهي.

قندابيل بدهه جو شهر آهي، جنهن ڏانهن اهي واپار جون شيون کڻي ويندا آهن، اهي باديہ نشينن وانگر جهوپڙين ۽ جهنگلن ۾ رهندا آهن.

ميد ملتان کان وٺي سمنڊ تائين مهراڻ جي ڪنارن تي ڦهليل آهي. مهران ۽ قامهل جي وچ تي خشڪيءَ ۾ انهن جا چراگاهه ۽ گهڻا ڳوٺ آهن ۽ سندن تعداد به گهڻو آهي.

قامهل، سندان، صيمور ۽ ڪنباية ۾ گهڻيون جامع مسجدون آهن، انهن ۾ مسلمانن جا احڪام جاري آهن. اهي سرسبز ۽ خوش حال ڀاڱا آهن، اتي ناريل، ڪيلو ۽ انب پيدا ٿيندو آهي، سندن پوک گهڻو ڪري ساريون آهي. ماکي به اتي گهڻي ٿئي ٿي. کجي سو ڪانه ٿئي. راهوق ۽ ڪلوان هڪ ٻئي جي ويجهو ٻه ڳوٺڙا آهن، اهي ڪيز ۽ ارمائيل جي وچ تي آهن. ڪلوان، مڪران ۾ آهي ۽ راهوق منصوره جي حد ۾ داخل آهي، اتي بارش تي آبادي ٿيندي آهي، ميوو ٿورو ۽ ردي پيدا ٿيندو آهي، چوپايو مال سو وٽن گهڻو آهي.

طوران جو پايه تخت قصدار آهي، هن ۾ ڪيترا واهڻ ۽ شهر آهن، هتي جو حاڪم مغير بن احمد نالي هڪ شخص آهي، جنهن ان تي غلبو لڌو، خليفي جي نالي تي رڳو خطبو پڙهندو آهي، ان جي رهائش ڪيزڪان نالي شهر ۾ آهي. هيءُ سرسبز وسيع علائقو آهي. شين جا اگهه اتي سستا آهن. انگور، ڏاڙهون ۽ سردي جا ميوا ٿيندا آهن، اتي کجي ڪانه ٿيندي آهي. بانية ۽ قامهل جي وچ تي پٽ ۽ ميدان آهن. اهڙي طرح قامهل کي ڪنبايت تائين به پٽ ئي پٽ آهن، پوءِ ڪنباية کان صيمور تائين لاڳيتو ڳوٺ ۽ هند جي آبادي آهي. مسلمانن ۽ ڪافرن جي شڪل پوشاڪ، وارن جي ڇڏڻ، گوڏين پائڻ ۽ چادرن اوڙهڻ ۾ هڪ جهڙائي آهي، ڇوته سندن ملڪ ۾ سخت گرمي آهي. اهڙي طرح ملتان وارن جي پوشاڪ به گوڏ ۽ چادر استعمال ڪرڻ آهي. منصوره، ملتان ۽ ان جي آس پاس وارن ماڻهن جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي. مڪران وارن جي ٻولي فارسي ۽ مڪراني آهي. وڏا چولا سندن لباس آهي، واپارين کان سواءِ ڇوته انهن جي پوشاڪ قميصون ۽ چادرون ۽ ايران ۽ عراق وارن جهڙي پوشاڪ آهي.

مڪران هڪ وسيع ۽ عريض خطو آهي، هن ۾ گهڻو ڪري پَٽَ، ڏڪار ۽ تنگ حالي آهي، هن تي غلبو لهندڙ حاڪم عيسيٰ بن معدان نالي شخص آهي، انهن جي ٻوليءَ ۾ کيس مهراج سڏيندا آهن ۽ هو ڪيز شهر ۾ رهي ٿو، اهو ملتان جي اڌ جيڏو شهر آهي، اتي کجيون گهڻيون آهن، مڪران ۽ ان جي آس پاس جو بندر تيز آهي، ان کي تيز مڪران به سڏيندا آهن. مڪران جو وڏو شهر قنزبور(1) آهي. بہ، بند، قصرقند، درڪ، فهلفهرة سڀ ننڍا شهر آهن، اهي سڀ سخت گرم شهر آهن، انهن جي ٻهراڙيءَ کي خروج چئجي ٿو ان جو وڏو شهر راسڪ آهي. رستاف کي جدران به چوندا آهن. اتي مصري گهڻي ٿيندي آهي، کجيون ۽ ڪمند به ٿيندو آهي، اطراف ۾ جيڪا عام طرح مصري برآمد ڪئي ويندي آهي، سا سڀ اتي جي آهي. ڪجهه ماسڪان مان به گهرائي ويندي آهي. قصدار ۾ به مصري ٿيندي آهي، ماسڪان شراة جو ڳوٺ آهي. ڪرمان جي متصل هڪ پاسي کي مشڪي سڏجي ٿو، اهو هڪ وڏو شهر آهي، جنهن تي مطهر بن رجا نالي شخص غلبو لڌو، اهو خليفي جي نالي تي خطبو پڙهندو آهي ۽ آس پاس جي ڪنهن به بادشاهه جو فرمانبردار نه آهي، ان جي حڪومت جون حدون ٽي منزلون آهن، اتي ٿوريون کجيون ۽ ڪجهه سرديءَ جا ميوا ٿيندا آهن، باقي گرمي سو سخت ٿيندي آهي.

ارمائيل ۽ قنبلي ٻه وڏا شهر آهن، انهن جي درميان ٻن منزلن جو پنڌ آهي ارمائيل (پيج 106) سمنڊ جي وچ تي اڌ فرسخ جو پنڌ آهي، اهي ٻيئي ديبل ۽ مڪران جي وچ تي آهن.

قندابيل هڪ وڏو شهر آهي، اتي کجيون ڪونه ٿين ۽ شهر به بر ۾ آهي ۽ اهو بدهه جو مرڪز آهي، ڪيزڪان ۽ قندابي جي وچ تي هڪ ڳوٺ ايل(1) نالي آهي، ان ۾ مسلمانن ۽ بدهه ڪافر رهن ٿا. اتي جون اڪثر پوکون باراني آهن، انهن ماڻهن وٽ انگور ۽ چوپايو مال گهڻو آهي. اهو سرسبز پاسو آهي. ايل هڪ شخص جو نالو هو، جنهن انهيءَ ڀاڱي تي غلبو لڌو. ان ڪري ان ڏانهن منسوب ٿي ويو. انهن شهرن جي باهمي مسافت ۽ وڇوٽي هن طرح آهي:

تيز کان ڪيز تائين اٽڪل پنج منزلون، ڪيز کان قنزبور ٻه منزلون. جيڪو ماڻهو قنزبور کان تيز مڪران وڃڻ گهري ته ان جي واٽ ڪيز آهي. قنزبور کان درڪ تائين 3 منزلون ۽ راسڪ کان فهلفهره تائين 3 منزلون، فهلفهره کان اصفقة تائين 2 هلڪيون منزلون، افقة کان بند تائين هڪ منزل، بند کان قصرقند تائين هڪ منزل، ڪيز کان ارمائيل تائين 6 منزلون، ارمائيل کان قنبلي تائين 2 منزلون، قنبلي کان ديبل تائين 4 منزلون، منصوره کان ديبل تائين 6 منزلون، منصوره کان ملتان تائين 12 منزلون، منصوره کان طوران تائين لڳ ڀڳ 15 منزلون، قصدار کان ملتان تائين اٽڪل 20 منزلون، قصدار طوران جو شهر آهي. منصوره کان بدهه جي اول سرحد تائين 5 منزلون، ڪيز عيسيٰ بن محدان جي رهائش گاهه کان بدهه تائين اٽڪل 10 منزلون، بدهه کان تيز تائين اٽڪل 15 منزلون، مڪران جو طول تيز کان قصدار تائين 12 منزلون، ملتان کان استان عرف بالس جي سرحد تائين 10 منزلون. توکي جيڪڏهن بدهه ملڪ ڏانهن منصوره ڏانهن وڃڻو آهي ته مهراڻ درياءَ جي ڪناري تائين ٻڌل شهر سدوسان کان لگهڻو پوندو. قندابيل کان بالس جي شهر مستنج تائين 4 منزلون، قصدار کان قندابيل تائين 5 فرسخ، قندابيل کان منصوره تائين 8 منزلون، قندابيل کان ملتان تائين پٽ آهن، 10 منزلون، منصوره ۽ قامهل جي وچ تي 8 منزلون، قامهل کان ڪنباية تائين 4 منزلون، ڪنباية سمنڊ کان هڪ فرسخ آهي، ڪنباية کان سوربارة تائين 4 منزلون، سوبارة سمنڊ کان اڌ فرسخ تي آهي. سوبارة ۽ سندان جي وچ تي 5 منزلون، اهو به سمنڊ کان اڌ فرسخ تي آهي. صيمور ۽ سندان جي وچ تي 5 منزلون، صيمور ۽ سکنديب جي وچ تي 15 منزلون، ملتان ۽ بسمد جي وچ تي 2 منزلون، کان الرور (اروڙ) تائين 3 منزلون، الرور کان انري تائين 4 منزلون، انري کان قلري تائين ٻه منزلون، قلري کان منصوره تائين هڪ منزل، ديبل کان بيرون تائين 4 منزلون، بيرون کان مخاتري تائين 2 منزلون، قلري کان بلري تائين 4 فرسخ، بانيہ (ڪنيابة) منصوره ۽ قامهل جي وچ تي منصوره کان هڪ منزل آهي.

(107 پيج) سنڌ جون نهرون: سنڌ جو هڪ درياءُ آهي، جنهن کي (مهران) سڏيو وڃي ٿو. مون کي خبر پهتي آهي ته اهو هڪ اهڙي جبل کان نڪري ٿو، جتان نهر جيحون جو ڪجهه ڀاڱو نڪري ٿو. پوءِ (مهران) ملتان جي پاسي کان ظاهر ٿئي ٿو. بسمد ۽ الرور (اروڙ) کان وهي منصوره کان لنگهي ٿو، پوءِ هلي ديبل جي اوڀر ۾ سمنڊ ۾ پوي ٿو. اهو وڏو ۽ تمام مٺو درياءُ آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ان ۾ نيل درياءَ وانگر واڳون ٿيندا آهن. وڏائي ۾ ۽ وهڪري ۾ به نيل جهڙو آهي. چاڙهه ڪري (ٻيلا ۽ زمينون) ٻوڙيندو آهي. پوءِ اتان سرڪي ويندو آهي ته اتي ائين پوکون ٿينديون آهن، جيئن مصر ۾ ٻڌائي آيا آهيون. السندروز ملتان کان 3 منزلن تي آهي، اهو به وڏو ۽ مٺو درياءُ آهي. مون کي خبر آهي ته اهو درياءُ به مهراڻ ۾ پوي ٿو. مڪران جو گهڻو ڀاڱو خشڪ آهي، اتي نهرون تمام گهٽ آهن، ان لاءِ منصوره ۽ مڪران جي وچ تي درياءُ مهراڻ مان وادين کي پاڻي ملي ٿو. اتي سنڌين جي هڪ قوم زط (جت) رهي ٿي، جن کي اهو پاڻي ويجهو آهي. اهي ڪکائن جهوپڙن ۾ رهندا آهن، انهن جي خوراڪ مڇي آهي ۽ پاڻيءَ جا پکي به شڪار ڪري کائيندا آهن. باقي جيڪي پاڻيءَ کان پري آهن، انهن جي رهڻي ڪهڻي ڪردن وانگر آهي.


(1) ابن حوقل ص236 ليدن.

(1) جنهن کي اڄ ڪلهه عربي سمنڊ چيو وڃي ٿو.

(2) اهو سيستان آهي.

(3) هن کي قبيح به چوندا آهن. ڪن مؤرخن ان کان مراد پٺاڻ ورتا آهن.

(4) ابن حوقل ۾ اهو شهر نه آيو آهي. ڏسو صفحو 226 ليدن.

(5) ابن حوقل ۾ به ان کي درڪ ري سان سڏيو ويو آهي. اهو مڪران جو تختگاهه هو.

(6) ابن حوقل ۾ هن کي (شورة) شين سان آندو اٿس. ڏسو ص266 ليدن.

(1) احسن التقاسيم ۾ هن کي النيرون نون سان لکيو ويو آهي. ڏسو احسن التقاسيم ص477.

(2) مقدسي به احسن التقاسيم ۾ هن کي انهيءَ نالي سان سڏيو آهي، باقي بلاد الخلافة الشرقية ڪتاب ۾ ص230 ۾ هن جو نالو فهرج آيل آهي ۽ اهو تنبيہ ٿو ڪري ته فارس ۾ فهرج يزد شهر به آهي، متان هن فهرج کي اهو ڄاڻو!

(3) ابن حوقل ص277 ”الجندور“ شهر وڌيڪ آندو آهي، جيڪو هتي پوءِ ايندو.

(4) احسن التقاسيم مقدسي ص483 ۾ بهبروا آيل آهي، باقي ابن حوقل ص227 اصطخريءَ سان اتفاق رکي ٿو.

(1) قلمي نسخي ۾ هتي ”قبض“ جو لفظ بند ڪرڻ جي معنيٰ ۾ آيو آهي. ابن حوقل 229 تان ان جي تصحيح ڪري ”فرق“ ڦهلائڻ ورتو آهي، هن جي وضاحت ياقوت حموي جي معجم البلدان مان به ٿئي ٿي.

(1) ابن حوقل ص230: جندراور کي ان کان ڪڍيو آهي.

(1) ابن حوقل ص232 ليدن: فنجبور آندو آهي، اهو هاڻوڪو پنجگور آهي.

(1) ابن حوقل ص232 ليدن: اتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com