منهنجي ذاتي ڊائري
سنڌو نديءَ جي ڀر ۾ سَن جو شهر آڳاٽو ثقافتي ۽ تاريخي شهر رهيو
آهي. سنڌ جي سهڻي سڀيتا جي سونهن ۽ سينگار جو
اٿاهه جلوو پسڻو هجي ته سنڌ جي سونهن ۽ ساهه سن ۽
ان جي آس پاس اولهه ۾ رني ڪوٽ کي ڏسڻ گهرجي. اهائي
دادوءَ جي ڌرتي هئي، جنهن سيد حيدر کي جنم ڏنو.
سيد حيدر پنهنجو ساهه به سنڌ ۾ اسلام تي صدقي ڪرڻ
لاءِ تيار ٿي ويو ۽ مخدوم بلال ٽلٽيءَ جهڙي عظيم
محدث ۽ اولياءَ جي جان فروش فدائين ۾ داخل ٿي ويو.
سنڌ ۾ عادل فرمانروا، اسلامي علوم جي وڏي ڄاڻو ڄام
نظام الدين عرف ڄام نندو جي قومي حڪومت قائم هئي.
جنهن ۾ ان جي قابل ڪار وزير دولهه دريا خان جي
زرين نظام هيٺ سڀ ڪو سک جو ساهه کڻي رهيو هو. عين
اهڙي عادلانه نظام کي ڊاهڻ لاءِ ارغونن جا حملا
شروع ٿي ويا، جنهن کي مخدوم بلال ۽ ان جي پوئلڳن
ظالمانه ۽ جابرانه حملو ڄاڻي، ان جو مردانه وار
مقابلو ڪري، پنهنجا سر قربان ڪيا، پر آڻ نه
مڃيائون ۽ 900 سال گذرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪربلا جي
ميدان واري ڪوس جو نمونو پيش ڪيائون.
ان دور کان وٺي اڄ تائين سن ۾ عالم، عارف، ڪامل ۽ درويش پيدا
ٿيندا آيا آهن، جن جي تاريخ رڳو انهن ڪونڌرن جي
قبرن جي ڪتبن مان ملي سگهي ٿي. اسان کي سن جي آخري
فقيهه مخدوم محمد عارف جي هٿ اکرين ڪي وفات جون
تاريخون مليون آهن، جن مان گهڻا سن جا بزرگ آهن ۽
انهن سان گڏ ٻين اڪابرن جون به تاريخون ڏنيون آهن،
اهي هتي پيش ڪجن ٿيون، جي اسان جي علمي، ادبي ۽
ثقافتي ورثي جو هڪ اهڃاڻ آهن. جيئن اهي تاريخون
لکيل آهن، ائين ئي نقل ڪيون ويون آهن:
(1) تاريخ وفات سيد صاحبڏنو شاهه سنئي 6 ماهه مبارڪ رمضان شب
اربع سن1234هه.
(2) تاريخ وفات سيد الهه بخش بن سيد عبدالشڪور سنئي 14 ماه
ذوالقعده سن1219هه.
(3) تاريخ وفات سيد دادن شاهه بن سيد عنايت شاهه سنئي 11 ماهه
شغبان روز يکشنبه (آچر) بوقت بکپاس (هڪ پهر)
سن1236هه
(4) تاريخ وفات سيد محمد اشرف سنئي 17 ماهه شعبان سن1226هه
(5) تاريخ وفات سيد جيئل شاهه بن عبدالشڪور سنئي 11 ماهه ذي
الحج سن1222هه
(6) تاريخ شهادت سيد تراب علي شاهه بن سيد جعفر شاهه 30 ماهه
جمادي الثاني روز خميس بوقت ضحي (منجهند) سن1238هه
(7) تاريخ شهادت سيد دين محمد السنائي که از دست سادات لکعلوي
در قصبه سن گرديده ماه ربيع الاٰخر روز يکشنبه
(آچر) سنه1245هه
(8) وفات سيد عنايت شاهه عرف قادر ڏنه بن سيد دادن شاهه روز جمع
ماهه رجب سن1246هه.
(9) وفات سيد محمد شجاع سکنه موضع لڪعلکوي بتاريخ 7 ماهه جمادي
الثاني روز دو شنبه (سومر) سن1249هه
(10) وفات محمد افضل بن محمد عارف تاريخ چهارم ماه ربيع الاول
شب سه شنبه (اڱارو) وقت غروب شفق سن1230هه.
(11) وفات شيخ محمد يوسف بن شيخ لوله تاريخ چهار دهم ماه مبارک
رمضان روز دو شنبه بوقت پيامين سن1254هه.
(12) وفات ملا ڇتن بن حمزه تاريخ 28 ماه محرم سن1249هه
(13) وفات سيد گل محمد شاهه سنئي تاريخ 17 ماهه شوال 1248هه.
(14) وفات سيد جيئل شاهه بن عبدالشڪور سنئي 11 ماه ذوالحج
سن1222هه.
(15) وفات سيد صاحب ڏنو شاهه ماهه مبارڪ رمضان سن1234هه
(16) وفات سيد محمد شاهه بن سيد چهتن شاهه تاريخ بيست هشتم (28)
ماهه ربيع الاٰخر روز اربعا وقت پيشين سن1258هه
(17) وفات سيد محمد اشرف سنئي 17 ماهه شغبان سنه1227هه
(18) وفات سيد عنايت شاهه عرف قادر ڏنو شاهه بن سيد دادن شاهه
روز جمعه تاريخ 29 ماه رجب سن1246هه
(19) وفات سيد دادن شاهه سنئي بن سيد عنايت شاهه 11 ماه شعبان
سن1236هه
(20) تاريخ وفات سيد حيدر شاه سنئي (930) از هجرت رسول در ماه
شعبان بتاريخ چهارم
(21) تاريخ وفات سيد غازي خان ساکن موضع لکعلوي- عاشقي خدا بوده
(22) تاريخ وفات سيد محمد شاه موضع لکعلوي! درودِ خدا بر محمود
بود.
(23) تاريخ وفات سيد محمد شجاع بن سيد پريل شاه سکنه لکعلوي روز
دو شنبه (سومر) تاريخ 7 ماه جمادي الثاني سن1249هه
(24) تاريخ وفات مراد علي خان تالپر روز يکشنبه (آچر) تاريخ 6
ماه جمادي الثاني سن1249هه
(25) تاريخ وفات مير نور محمد خان تالپر تاريخ دهم ماه شوال شب
شنبه سن1256هه
(26) تاريخ وفات مير فتح علي خان تالپر بروز شهادت امام جلي-
غربوا بر آمد زفتح علي سنه1217هه.
(27) تاريخ وفات مخدوم محمد زمان پيرزاده هالائي: که رفت زما
دور مدار النعيم سن1223هه.
(28) وفات مخدوم فتح محمد بن مخدوم محمد ابراهيم سکنه هالا کندي
تاريخ 18 شب جمعه ماه جماد الثاني سن1249هه.
(29) ولادت سيد قادر ڏنه بن سيد محمد شاه تاريخ 20 ماه ذي الحج
روز دو شنبه سن1250هه
(30) ولادت سيد خير محمد عرف علي گوهر بن سيد عبدالغني بن سيد
ديده شاهه تاريخ 29 ماه محرم سن1255هه.
(31) تاريخ آمدن بادشاهه شجاع الملک در سند از لب دريا ز بهکر
بازگشت سن1212هه.
(32) تاريخ مخدوم لعل شهباز قلندر که در آمده: نمو آفتاب دين
بہ.
مخدوم محمد عارف سن واري سندس ڪتب خاني ۾ جيڪي ڪتاب هئا، انهن
جي فهرست به ڏني آهي. جا هيءَ آهي: ان مان ان دور
جي علمي مذاق کي به معلوم ڪري سگهجي ٿو.
(1) مصحف مجيد قلمي 6 عدد
(2) مصحف امانتي 1 عدد
(3) منتخب مشکواة
(4) تفسير حسيني
(5) حصن الحصين
(6) قصص الانبياءَ
(7) مزرع الحسنات
(8) منانة الروايات
(9) شمائل النبوي ولباب الاخبار
(10) شرح وقايہ
(11) عبدالحق علي المشکواة
(12) شرح فرائض
(13) حديقة الاولياءَ و حکاية الصالحين
(14) روضة الشهداءِ
(15) جذب القلوب
(16) سراج المصلي
(17) عمدة الاسلام
(18) فتاويٰ نور العين و تحفة النصائح در يک جلد
(19) مطلع الانوار و مجموع سلطاني در يک جلد
(20) رسالہ ابيات سندي شاهه بهتائي (شاه جو رسالو)
(21) ديوان حافظ
(22) بوستان
(23) فرائض الاسلام بمعہ ترجمہ
(24) مجموعہ نواسخ علم عربي
(25) سنڌي مسائل فقہ
(26) سنڌي مسائل ذبح شڪار
(27) سنڌي عقائد
(28) تفسير هاشمي
(29) نسخہ اويسيہ و عشقيہ (در يک جلد)
(30) نسخہ اويسيہ
(31) نسخہ هيئرت و نسخہ رد روافض
(32) دلائل الخيرات
(33) قصيده برده و درود
(34) نسخہ تعويذات
(35) اخلاق محسني
(36) عشقيہ و ناطقيہ تمام در يک جلد
(37) شرح المسلمين في ذڪر خلفاءِ الراشدين
(38) نسخہ سنڌي در علم سلوڪِ حضرت غوث الثقلين.
سنڌ جون قديم لائبريريون
مردم خيز سرزمين سنڌ جي، اسلام کان اڳ واري دور جي تاريخ رڳو ڪن
قديم آثارن جي اهڃاڻن کان سواءِ بنهه ناپيد آهي.
پهرين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن عرب فاتحن هتي
جي عوام کي اسلام جهڙي اعليٰ مذهب سان روشناس
ڪرايو، تڏهن کان هتي هڪ نئين دور جو آغاز ٿئي ٿو.
ٿوري ئي وقت ۾ اهي ته علم جا اڪابر ۽ علامه پيدا
ٿيا، جن جي علمي سڳند ۽ خوشبوءِ کان نه رڳو سنڌ پر
سڄي دنيا واسجي وئي ۽ علم جو اهو چاهه پيدا ٿيو جو
امام ابو حفص ربيع بن صبيح البصري جهڙو مشهور محدث
پنهنجو ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهچي ”السندي“ سان مشهور
ٿيو. اهو بزرگ تبع تابعي ۽ برگزيده محدث هو ۽
پهريون عالم هو، جنهن اسلام ۾ تصنيف فرمائي. امام
حسن بصري ۽ امام عطا سندس استاد هئا. سفيان ثوري ۽
وڪيع جهڙا امام ۽ محدث سندس شاگرد آهن. 160هه اندر
سنڌ ۾ ئي وفات ڪيائين.(1)
هن مان ضمني طرح اهو پتو پوي ٿو ته انهيءَ اوائلي
دور کان ئي ڪي ضرور علمي لائبريريون ۽ ڪتاب خانا
وجود ۾ آيا هوندا.
هتي اسان کي اڳ ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ڪتابن کي گڏ ڪرڻ ۽ لائبريرين
جي شڪل ۾ ترتيب ڏيڻ جو سليقو ۽ رواج مسلمانن ۾
ڪڏهن پيدا ٿيو؟
مشهور مؤرخ بلاذريءَ جي لکڻ مطابق اسلام جي آغاز واري دور ۾
يعني آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي وفات تائين
جيڪو تحريري سرمايو موجود هو، سو هو قرآن جون
متفرقه سورتون، رسول الله صلي الله عليہ وسلم جا
خط مبارڪ، صلح حديبيہ وغيره جا معاهدا ۽ شاعرن جا
قصيدا. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کان پوءِ
جيتوڻيڪ تحرير ۽ ڪتابت کي وڌيڪ وسعت ملي، پر امير
معاويہ رضي الله عنہ جي عهد تائين جيڪو به علمي
سرمايو وجود ۾ آيو، سو سڀ زبان يا مذهب بابت هو.
امير معاويہ رضي الله عنہ جي درٻار ۾ هڪ عيسائي
طبيب ابن آثال نالي حاضر ٿيو، جنهن طب جا ڪي ڪتاب
عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ۽ اهو پهريون اضافو هو، جو
عربي زبان جي سرمايه ۾ پيدا ٿيو.(1)
هن کان پوءِ عربن جو تحريري سرمايو، جيتوڻيڪ ترقي ڪندو رهيو، پر
اهو پتو لڳائڻ مشڪل آهي ته انهن تحريرن کي هڪ منظم
لائبريريءَ جي شڪل ۾ ڪنهن گڏ ڪيو ۽ انهيءَ اوليت
جو فخر ڪنهن کي حاصل آهي؟ هن بابت ڪابه واضح ڄاڻ
نه ٿي پوي، پر ڪنهن ضمني تذڪره ۾ ڪجهه بيان اچي
وڃي ٿو، جنهن مان ڪجهه پتو پئجي ٿو:
طبقات الاطباءَ ۾ حڪيم ”ماسر“ جي احوال ۾ لکيل آهي ته حضرت عمر
بن عبدالعزيز ”ماسر جويہ“ جو ڪتاب (جنهن کي ان
سريانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو) خزانة الڪتب
(ڪتب خاني) ۾ ڏٺو، تنهن کي اتان ڪڍي ان جا نسخا
شايع ڪرايا. انهيءَ شهادت مان اهو پتو پئي ٿو ته
لائبريرين جو رواج ان زماني کان اڳ ٿي چڪو هو،
جنهن محسن انسان ان طريقي جو بنياد وڌو، سو گهڻو
ڪري خالد بن يزيد بن معاويہ هو.
مشهور مؤرخ ابن خلدون جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جو هن ڪري انڪار ڪري
ٿو ته اسلام جي ابتدائي دور ۾ اهڙو علمي ذوق ڪيئن
پيدا ٿي سگهي ٿو؟ تنهن ڪري ان وٽ خالد جا واقعا
انسانن کان وڌيڪ وقعت نه ٿا رکن. پر علامه ابن
النديم جي راءِ ان جي ابتڙ آهي، جا صحيح ۽ تحقيق
ٿيل آهي. مولانا شبلي رح مٿين تحقيق پيش ڪندي خالد
بن يزيدکي ئي لائبريرين جو پهريون مؤسس ۽ پايو
ڪهندڙ قرار ڏئي ٿو.(1)
ڪتاب الفهرست جو صاحب علامه ابن النديم لکي ٿو ته خالد کي حڪيم
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هو علم سان محبت رکندو
هو ۽ پاڻ به فاضل هو. ٻئي هنڌ لکي ٿو ته خالد پاڻ
به مصنف هو ۽ سندس تصنيفن مان ڪي ڪتاب خود علامه
ابن النديم جي نظر مان گذريا آهن.(2)
اڳتي هلي تصنيف ۽ تاليف ۾ بيحد ترقي ٿي. هارون الرشيد هڪ عجيب
بيت الحڪمت جو بنياد وڌو، جو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هو،
هڪ ڀاڱو لائبريريءَ لاءِ مخصوص هو، جنهن ۾ عربيءَ
کان سواءِ هندي، پارسي، يوناني، قبطي ۽ ڪالبدي
ٻولين جا بي انت ڪتاب گڏ ڪيا ويا هئا.(3)
ايستائين ته رڳو شاهي ڪتاب خانن ۽ لائبريرين جو رواج هو، پر
مامون جي دور ۾ لائبريرين جو ايڏو ته رواج وڌي
ويو، جو امير، وزير ۽ عالم به وڏيون وڏيون
لائبريريون رکندا هئا. اهو شوق برابر وڌندو رهيو.
ايستائين جو چوٿين صدي هجري ۾ سڀني اسلامي ملڪن ۾
جٿي ڪٿي ڪتب خانا قائم ٿي ويا. ان دور جو سڀ کان
وڏو ڪتاب خانو ”اسپين“ ۾ هو، جنهن کي بني اميہ
خاندان جي هڪ فرد ”حڪيم مستنصر“ (وفات 336) قائم
ڪيو هو. هن لائبريري جي ڪتابن جو تعداد چار لک هو.(1)
هن نامور ڪتاب خاني جو حريف مصر ۾ بني فاطميين جو ڪتاب خانو هو.
جنهن ۾ ابن طي جي لکڻ مطابق 6 لک ڪتاب موجود هئا ۽
هن لائبريري ۾ رڳو تاريخ طبري جا هڪ هزار ٻه سؤ
نسخا هئا.(2)
اهي سڀ علمي لائبريريون تاتارين جي ڪاهن سبب تباهه
ٿي ويون.
ماضي قديم ۾ سنڌ جي علمي عظمت ڪنهن وڌيڪ تعارف جي محتاج نه آهي.
هتي جڏهن ته مختلف علمن ۽ فنن ۾ هزارين ڪتاب تصنيف
ٿيا ۽ سوين مصنف پيدا ٿيا، تڏهن انهيءَ سموري محنت
۽ جاکوڙ لاءِ ڪن علم پرور حاڪمن يا عالمن ۽ اديبن
وٽ ضرور ڪي لائبريريون هيون، جيڪي قابل قدر مصنفن
۽ محققن جي تحقيق ۽ تدقيق جو مرڪز رهيون. پر افسوس
جو ان بابت ڪابه تفصيل ۽ واضح معلومات نه ٿي ملي.
قديم دور جي ڪتاب خانن مان خوش قسمتيءَ سان مخدوم
الاولياءَ مخدوم نوح هالائي جو علمي ذخيرو زماني
جي ستم ظريفيءَ کان بچيل ٿو ڏسجي، جو اتي ان دور
جا ڪي شه پارا اڃا به ماضيءَ جي علمي عظمت جي
اهڃاڻ ٻڌائي رهيا آهن. هن نادر روزگار لائبريريءَ
جي زيارت جو پاڻ کي شرف حاصل ڪونه ٿيو آهي. موجوده
محترم سجاده نشين، جو هڪ علم پرور انسان آهي، تنهن
قرب ڪري پنهنجي ڪتابي خزاني جي زيارت ڪرائڻ جو
وعدو فرمايو آهي. جو اميد ته نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ
ان تي مفصل مقالو عرض رکيو ويندو. هتي رڳو هڪ
مترجم قرآن مجيد جو ذڪر ڪجي ٿو، جو انهيءَ علمي
لائبريريءَ جي سونهن آهي.
قرآن شريف جو اهو ترجمو پارسيءَ ۾ آهي. مترجم ڪير آهي؟ تنهن جو
ڪجهه پتو نه ٿو پوي. باقي ترجمي جي سلاست ۽ زبان
جي شستگي ۽ صفائيءَ جي جيتري تعريف ڪجي، سا ٿوري
آهي. اسان کي ان جو اندازو رڳو بسم الله (الخ) جي
مختلف معنائن ۽ ترجمن مان ٿئي ٿو، جي مترجم جي
وسيع ڄاڻ جي غمازي ڪري رهيون آهن. قرآڻ مجيد جي
آخر ۾ جيڪا عربي ۽ پارسي ۾ عبارت آهي، تنهن جو
خلاصو هي آهي ته ”قرآن جو ترجمو خميس ڏينهن 17 صفر
تي پورو ٿيو ۽ ترجمي جي ڪتابت ۽ لکائي 1013هه ۾
فقير حقير بهاءُ الدين گودڙيه جي گهر ۾ سندس هٿ
سان خير ۽ خوبيءَ سان ختم ٿي. فقير بهاءُ الدين
حضرت مخدوم نوح جو هڪ فقير هو اهو ترجمو سيد سادات
طالب رسول ميان ”ابوبڪر“ سلمہ الله جي چوڻ سان
لکيو ويو.(1)
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر وڏو علمي اوج رهيو، ان دور جي
ڪتاب خانن بابت ڪي قدر معلومات ملي ٿي، جنهن کي
هتان هتان چونڊي گڏ ڪيو وڃي ته نهايت وڏي علمي
خدمت چئبي. انهيءَ صديءَ ۾ ٺٽي اندر هڪ ئي وقت
مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جا ٻه
دارالعلوم هئا ٻنهي علمي مرڪزن مان هزارين علمي
پياس جا اڃايل سيراب ٿي نڪتا. استاد العرب والعجم
شيخ محمد حيات سنڌي مدني پڻ اوائل ۾ مخدوم محمد
معين جي مدرسي ۾ تعليم پرائي. ٻئي پاسي مخدوم محمد
هاشم جو مدرسو هو، جتان حاجي فقير الله علوي
شڪارپوريءَ جهڙو ولي الله ۽ وقت جو وڏو فقيهه ۽
محدث فيضياب ٿي نڪتو ۽ مخدوم عبداللطيف ۽
عبدالرحمٰن جهڙا جليل القدر عالم پيدا ٿيا ۽ ساڳي
دور ۾ سنڌو درياءَ جي هن پار لواري جهڙي ننڍي ڳوٺ
۾ خواجه ابوالمساڪين نقشبنديءَ جي فيض ۽ صحبت مان
اڇو، اجرو ٿي نڪتل هڪ ننڍو نينگرو به ظاهري ۽
باطني علمن جي افق تي هڪ چمڪندڙ ستارو طلوع ٿيو،
جو اڳتي هلي سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان
(اول) جي مبارڪ نالي سان مشهور ٿيو. اهي سڀئي بزرگ
پنهنجي وقت جا وڏا بزرگ ۽ جديد عالم هئا ۽ وٽن وڏو
علمي ذخيرو موجود هو.
اهو پويون بزرگ سلطان الاولياءَ جڏهن ته ٻيا سڀ لاڳاپا لاهي
تارڪ الدنيا ۽ متوڪل ٿي رڳو حقيقي يار جي تار،
تنوار ۾ باطني فيض جي ڳولائن ۽ وڻجارن کي وکر
وراهيندو رهيو، تنهن ڪري پنهنجو سڀ ترڪو ارڪو، گهر
جو ساز سامان، ڪتاب وغيره ورهائي ڇڏيو. روايت آهي
ته وٽس رڳو ٽي ڪتاب وڃي رهيا، جي حضر ۽ سفر ۾ ساڻ
رکندا هئا: (1) قرآن مجيد (2) مثنوي مولانا روم
(3) ديوان حافظ. سندن سڄي لائبريري ۾ اهي ٽي ڪتاب
هئا. روايت آهي ته شام جو پاڻيءَ جا مٽ ۽ دلا به
هارائي ڇڏيندا هئا ته متان ڪا شيءِ پاڻ وٽ رهجي
وڃي. ڀلا جنهن جو اندر الاهي تجليءَ سان منور ٿي
وڃي، تنهن کي اکري ڄاڻ جي ڇا پرواهه؟ اهڙي انسان
لاءِ ته هر طرح جي علمي خزانن جا دروازا کلي ويندا
آهن. سلطان الاولياءَ کي جيڪو فنا في الله جو درجو
مليل هو، تنهن جو اندازو سندن هيٺين گوهر بي بها
مان ڪري سگهجي ٿو:
جيئن چتونءَ کي خزان، تيئنءَ مون پاڙو سپرن، هن وڃائي جان، مان
نشاني نه لڀي.
ڇڏيان هيءُ جهان، هو پڻ گهوري گهوري گهوريا، پلڪ پريان ساڻ، جي
مون سري، جيڏيون.(1)
اهو ڪتاب خانو جنهن جو ڪتابي سرمايو ڪل ٽي ڪتاب هئا، سو اڳتي
حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد فرزند سلطان
الاولياءَ خواجه ”محمد زمان“ (اول) ولادت 1177هه ۽
حضرت غوث عالم خواجه ”محمد زمان“ (ثاني) جي دور ۾
ان اوج تي پهتو، جو دنيا جي وڏين لائبريرين ۽
ڪتابن خانن مان هڪ هو. اوهان کي انهن بزرگن جي
علمي ذوق جو اندازو هن ڳالهه مان ٿيندو، جو مدينه
منوره جو هڪ وڏو محدث شيخ محمد عابد ”سيوهاڻي“
سنڌي مدني جڏهن 1228هه ۾ خواجه ”محمد زمان“ (ثاني)
جي يمن ۾ زيارت ڪري ٿو ته سندن مريدٿي اهي اکر
اچاري ٿو ته ”منهنجي اکين هن اهل الله جهڙو اڪمل
عارف ۽ عالم نه ڏٺو“ ۽ جڏهن پنهنجي علمي شاهڪار در
المختار جو حاشيه ”طوالع“ لکي پوي ٿو ڪري ته
پنهنجي هٿن سان نقل ڪيل نسخو خواجه صاحب جي
لائبريريءَ لاءِ نذر ٿو پيش ڪري.(1)
۽ هڪ دفعي ته کيس مرشد جي ايڏي
اڪير ٿي جو حرمين کان هلي لواري پهتو.(2)
هن علمي لائبريريءَ ۾ ٻيا ڪيترا ناياب زمانه ۽ نادر ڪتاب موجود
هئا، ان تي اڳتي هلي روشني وجهندس. ان کان اڳ ٺٽي
جي هاشميه لائبريريءَ جو احوال عرض آهي.
1- هاشميہ لائبريري
علمي دنيا جو اهو ڪهڙو فرد هوندو، جنهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
(ولادت 1104هه وفات 1174هه) جو نالو نه ٻڌو هوندو.
هن بزرگ عالم جي علم جو ڌاڪو نه رڳو سنڌ ۽ هند ۾
ويٺل آهي، پر سڄي عالم ۾ کيس پنهنجي وقت جو وڏو
محقق سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندس علمي تحقيق سند طور پيش
ڪئي ويندي آهي. چوڏهين صدي هجريءَ جو ”حافظ
الحديث“ علامه سيد انور شاهه ڪشميري مرحوم پنهنجي
تصنيف ۾ ڪيترين جاين تي جڏهن کيس سنڌ جي انهيءَ
محقق عالم جي تحقيق ملي ٿي، ان کي ٻين سڀني عالمن
۽ جليل القدر محققن جي تحقيق کان وڌيڪ اهميت ڏئي،
انهيءَ قول کي ئي ترجيح ڏئي ٿو.
فقہ ۽ حديث ۾ مخدوم صاحب جي بلند پايه تحقيقن کي ڏسندي، جيڪڏهن
کيس وقت جو ”حافظ ابن همام“ يا ”حافظ ابن حجر
عسقلاني“ سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
علم حديث، جو هڪ فن آهي. مختلف حديثن ۾ تطبيق ڏئي مطابقت ۽
موافقت قائم ڪرڻ. اهو فن نهايت مشڪل سمجهيو ويندو
آهي. ان فن ۾ صحيح طرح اهو عالم ئي ڪلام ڪري سگهي
ٿو، جنهن کي اجتهاد جو ڪجهه درجو حاصل هوندو.
منهنجو استاد علامہ عبيدالله سنڌي فرمائيندو هو ته
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ”مجموعہ بياض“(1)
جي مطالعي سان انهيءَ فن ۾ مون کي ڪمال حاصل ٿيو.
مخدوم صاحب جا اوقات ورهايل هوندا هئا. هڪ پاسي وٽس درس و تدريس
جو سلسلو جاري هوندو هو، جو سوين، هزارين علم جا
اڃايل شاگرد سندس فيض مان سيراب ٿي نڪرندا هئا ته
ٻئي پاسي وعظ، تبليغ، رشد، هدايت ۽ اسلامي احڪامن
کي جاري ڪرائڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ تصنيف ۽ تاليف به
جاري هئي. مخدوم صاحب اٽڪل روءِ مختلف ٻولين ۾
(150) ڏيڍ سؤ ڪتاب لکيا، جا علمي دنيا ۾ هڪ وڏي
خدمت آهي. ايڏي وڏي تصنيف لاءِ مخدوم صاحب کي قدرت
طرفان چڱا اسباب عطا ٿيل هئا. سندس لائبريري دنيا
جي وڏين لائبريرين مان هڪ ڳڻي وڃي ٿي. دنيا جو ڪو
اهڙو ڪتاب نه هو، جيڪو هن ڪتاب خاني ۾ موجود نه
هو. اڄ اها لائبريري اغيارن جي غارت جو شڪار نه
ٿئي ها ۽ سنڌ ۾ رهي ها ته اسپين جي قديم ڪتاب خانن
جون سڪون لاهي ها. مولانا پير ضياءُ الدين شاهه،
صاحب العلم (جهنڊي وارو) مرحوم مون کي ٻڌايو هو ته
اسان جي نادر روزگار لائبريري به مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي ڪتاب خاني جو هڪ حصو آهي، جو حضرت پير
رشد الله صاحب العلم ٺٽي مان کڻائي آيو هو ۽ گهڻا
ڪتاب لاهور ۽ ٻين پاسن ڏانهن به نڪري ويا.
مخدوم صاحب جي انهيءَ يگانه روزگار لائبريريءَ جي ڪتابن جو پورو
تفصيل جيتوڻيڪ اسان کي معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر
هڪ هنڌ مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب مظهر الانوار(1)
جي مقدمہ ۾ انهن ڪتابن جو تفصيل پيش ڪيو آهي، جيڪي
انهيءَ ڪتاب لکڻ مهل مليا اٿس.
اهو ڪتاب فقہ حنفي ۾ روزن بابت آهي، جو 1225هه ۾ لکيو ويو آهي.
هن ڪتاب جي مقدمہ ۾ مخدوم صاحب لکي ٿو ته ”جڏهن هي
رسالو لکي رهيو هوس، تڏهن مون کي ڪتابن جو هڪ وڏو
ذخيرو هٿ آيو، جن سڀني جو هن ڪتاب لکڻ لاءِ مطالعو
ڪيم ۽ انهن مان فائدو هٿ ڪري هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيم،
شاگردن کي شوق ڏيارڻ ۽ شائقن جي تسڪين لاءِ انهن
ڪتابن جو تفصيل وار بيان ڪريان ٿو.“
ان عبارت کان پوءِ فن وار ڪتابن جو ڪيٽالاگ ڏنو اٿس، اسان هِن
کي هتي بنا ڪنهن ڦيرڦار جي لکي رهيا آهيون، جنهن
مان اوهان کي ساري لائبريريءَ جو ڪجهه اندازو ٿي
پوندو. لائبريريءَ جي مالڪ طرفان اها معلومات
نهايت غنيمت آهي، جنهن مان ٻه سؤ سال اڳ واريءَ
سنڌ جي هڪ لائبريريءَ تي روشني پوي ٿي.
(علم التفسير) |
|
ڪتاب جو نالو |
مصنف جو نالو |
1- |
تفسير ابن عباس |
حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما |
2- |
تفسير ابن حبان |
ابو عبدالله محمد بن محمد بن جعفر البستي وفات 354هه |
3- |
تفسير ابي الليث |
نصر بن محمد الفقيہ السمرقندي الحنفي وفات 383هه |
4- |
الدر المنثور |
جلال الدين سيوطي (وفات 991هه) |
5- |
تفسير الجلالين |
محلي ۽ سيوطي |
6- |
تفسير القرطبي (جامع احڪام القرآن) |
محمد بن احمد قرطبي مالڪي (وفات 671هه) |
7- |
معالم التنزيل |
محي السنة البغوي (وفات 516هه) |
8- |
تفسير شيخ الاسلام |
------------ |
9- |
تدسير ابن ابي حاتم |
--------- |
10- |
الڪشاف |
جار الله زمخشري |
11- |
انوار التنزيل |
--------- |
12- |
مدارڪ التنزيل |
ابوالبرکات النسفي قاضي بيضاوي |
13- |
تفسير الحسيني |
حسين ڪاشفي |
14- |
حاشية البيضاوي |
چلپي |
15- |
حاشية البيضاوي |
شهاب الدين آفندي |
16- |
حاشية البيضاوي |
ڪواڪبي |
17- |
حاشية البيضاوي |
عصام الدين اسفرائيني |
18- |
حاشية البيضاوي |
عبدالحڪيم سيالڪوٽي |
(علم حديث) |
19- |
صحيح البخاري |
امام محمد بن اسماعيل بخاري |
20- |
شرح صحيح البخاري |
ڪرماني |
21- |
شرح صحيح البخاري |
علامہ قسطلاني |
22- |
شرح صحيح البخاري |
ڪشمهيني |
23- |
شرح صحيح البخاري |
فتح الباري- ابن حجر عسقلاني |
24- |
شرح صحيح البخاري |
بدر الدين عيني |
25- |
صحيح المسلم |
امام مسلم |
26- |
شرح صحيح المسلم |
نووي |
27- |
اڪمال الاڪمال |
(شرح صحيح مسلم) ابي بيضاوي |
28- |
المصابيح و شرحہ |
--------- |
29- |
مشڪواة المصابيح |
--------- |
30- |
شرح مشڪواة |
شيخ عبدالحق دهلوي |
31- |
مرقات شرح مشڪواة |
علي قاري |
32- |
شمائل الترمذي |
امام ترمذي |
33- |
شرح الشمائل |
حنفي |
34- |
شرح الشمائل |
ابن حجر مڪي |
35- |
شرح الشمائل |
عصام الدين اسفرائيني |
36- |
شرح الشمائل |
علي قاري |
37- |
حصن حصين |
جزري |
38- |
شرح حصن حصين |
علي قاري |
39- |
الصراط المستقيم |
مجددالدين فيروز آبادي |
40- |
شرح صراط المستقيم |
عبدالحق دهلوي |
41- |
المستدرڪ |
حاڪم |
42- |
ڪتاب الاذڪار |
نووي |
43- |
شرح اذڪار النووي |
------ |
44- |
الطريقة المحمدية |
محمد بن عبدالغني آفندي رومي |
45- |
شرح الطريقة المحمدية |
----------- |
46- |
ڪتاب البرڪة في فضل السعي والحرکة |
-------------- |
(سيرت) |
47- |
السيرة |
ابن هشام |
48- |
السيرة الشامية |
----------- |
49- |
السيرة الڪاذروينة |
--------- |
50- |
السيرة |
للحلبي |
51- |
المواهب اللدنية |
قسطلاني |
52- |
دلائل النبوة |
بيهقي |
53- |
اعلام النبوة |
ماوردي |
54- |
شواهد النبوة |
مولانا جامي |
55- |
معارج النبوة |
------- |
56- |
الصواعق المحرقة |
ابن حجر مڪي |
57- |
تاريخ مڪہ |
قطبي |
58- |
تاريخ المدينة (وفاءَ الوفاءَ) |
سمهودي |
59- |
روضة الاحباب |
سيد جمال الدين المحدث |
(عقائد) |
60- |
فقہ اڪبر |
امام ابو حنيفہ |
61- |
شرح فقہ اڪبر |
علي قاري |
62- |
شرح عقائد نسفي |
علامہ سعد الدين تفتازاني |
63- |
حاشيہ شرح عقائد خيالي |
احمد خيالي |
64- |
شرح القصيدة الامالي |
------------ |
65- |
تڪميل الايمان |
عبدالحق دهلوي |
(اصول فقہ) |
66- |
الڪشف |
بزدري |
67- |
التوضيح والتلويح |
تفتازاني |
68- |
تحرير |
(ابن همام) |
(فقہ متون) |
69- |
الجامع الصغير |
امام محمد (رح) |
70- |
الجامع الڪبير |
امام محمد (رح) |
71- |
تلخيص الجامع الڪبير |
محمد بن عباد |
72- |
الجامع الصغير |
صدر شهيد استاد سرخي |
73- |
القدوري |
امام ابوالحسين احمد |
74- |
المنظومة النسفية |
نجم الدين نفسي |
75- |
عيون المسائل |
فقيہ ابوالليث |
76- |
البداية |
مرغيناني |
77- |
الوقايہ |
تاج الشريعة محمود |
78- |
النقايہ |
صدر الشريعة شارح شرح الوقايہ |
79- |
؟؟؟؟؟ |
علامہ ابن ڪمال پاشا احمد |
80- |
ڪنز الدقائق |
نسفي |
81- |
الوافي |
نسفي |
82- |
التجريد |
رڪن الدين عبدالرحمٰن الڪرماني |
83- |
المختار |
ابوالفضل موصلي |
84- |
مجمع البحرين |
ابن الساعاتي بغدادي |
85- |
نافع الفقہ |
ناصر الدين المدني |
86- |
تحفة الفقهاءِ |
علاءُ الدين سمرقندي |
87- |
تحفة الملوڪ |
محمد بن ابي بڪر |
88- |
شرعة الاسلام |
مجد الدين سمرقندي |
89- |
المقدمة الغزنوية |
احمد بن محمد غزنوي |
90- |
المنظومة الوهبانية |
قاضي عبدالوهاب دمشقي |
91- |
غرر الاحکام |
ملا خسرو |
92- |
مواهب الرحمٰن |
شيخ ابراهيم طرابلسي |
93- |
تنوير الابصار |
محمد بن عبدالله التمرتاشي |
94- |
تحفة الاقران |
تمرتاشي |
95- |
ملتقي الابحر |
ابراهيم حلبي |
(شروح) |
96- |
شرح الجامع الصغير |
قاضي خان |
97- |
شرح الجامع الصغير |
حسام الدين صدر شهيد |
98- |
شرح الجامع الڪبير |
محمود الحصيري |
99- |
شرح الجامع الڪبير |
ابن الترڪماني |
100- |
بعض الجامع الڪبير |
علاءُ الدين السمرقندي |
101- |
الفوائد الظهيرية |
ظهير الدين تجاري |
102- |
شرح القدوري |
احمد بن محمد اقطع |
103- |
ينابيع شرح قدوري |
محمد بن رمضان |
104- |
المضمرات |
شرح القدوري |
105- |
الارشاد شرح القدوري |
علامہ محمد بن منصور |
106- |
السراج الوهاج القدوري |
رضي الدين حداد |
107- |
الجوهرة النيرة القدوري |
رضي الدين حداد |
108- |
المجتبيٰ القدوري |
مختار بن محمود |
109- |
شرح القدوري |
سليمان بن ثابت اقسرائي |
110- |
شرح القدوري |
عبداللطيف ابن الملک |
111- |
المحصل شرح المنظومة |
نسفي |
112- |
الحقائق شرح المظومة |
محمود لؤلؤي |
113- |
المصفي |
ابوالبرکات نسفي |
114- |
شرح العيون |
شرف الائمة ابي سعيد |
115- |
هداية |
برهان الدين مرغينائي |
116- |
الغاية شرح الهداية |
قاضي شمس الدين السروجي |
117- |
نهاية شرح الهداية |
حسام الدين سقناقي |
118- |
غاية البيان الهداية |
قوام الدين انقاني |
119- |
معراج الدراية الهداية |
محمد خبازي |
120- |
الکفاية الهداية |
اکمل الدين |
121- |
البناية الهداية |
عيني |
122- |
فتح القدير |
عبدالواحد ابن همام |
123- |
التلبية علي مشکلات الهداية |
علامہ ابن القزويني |
124- |
الهداري شرح الهداية |
شيخ الهداد |
125- |
حاشية الهداية |
عبدالغفور لاري |
مٿئين ڪتاب مظهر الانوار ۾ ڪتابن جي ڏنل فهرست مان طوالت سبب
رڳو ڪن مختصر ڪتابن جا نالا ڏنا ويا آهن. وڌيڪ
تحقيق لاءِ ان ڪتاب ڏانهن رجوع ڪيو وڃي، جنهن مان
”مشتي نمونه از خروار“ ڏسي اوهان کي سڄي
لائبريريءَ جو اندازو ٿي ويندو.
سنڌ جو هي علمي ڪتب خانو اهو پهريون ڪتابي ذخيرو هو، جنهن ۾
پنهنجي ملڪ جي سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن به ڪا
ڪنڊ والاري هئي ۽ اها انهيءَ دور جي ديني عالمن جي
ئي جاکوڙ ۽ جفاڪشي هئي، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي
ڪتاب لکي هڪ پاسي عوام کي علم سيکارڻ جي ڪوشش
ڪيائون، ته ٻئي پاسي سنڌي ادب جي تاسيس ۾ به وڏو
ڪم ڪري ويا. مخدوم ميان ابوالحسن سنڌي اهو پهريون
بزرگ هو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ (سنڌي
ابوالحسن جي) جي لاءِ سنڌي رسم الخط جو بنياد وڌو.
سنڌ جو مؤرخ مير علي شير قانع، هن بزرگ بابت لکي
ٿو ته ”ميان ابوالحسن وقت جو ڪامل، علم ۽ عمل جو
صاحب هو، عقائد اسلام ۽ فرائض ايمان سنڌي، جو عام
۽ خاص سڀني ماڻهن وٽ مشهور ۽ ورد بزبان آهي، سو
سندس يادگار آهي، ساري دنيا سندس بزرگيءَ کي تسليم
ڪري ٿي.“(1)
|