سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :68

 

ٽوايو سنڌي منظوم

 

سنڌي جي اڳوڻن درسگاهن جو اهو دستور هو، جو جڏهن ڪو ٻار خطاب ۾ فارسي جي تعليم لاءِ ويهاريو ويندو هو ته شروع ۾ ان کي دوايو ۽ سوايو يعني ٽوايو پڙهائيندا هئا. دوايو ۾ ٻين ٻولين جا لفظ هوندا هئا فارسي ۽ سنڌي. ٽوايو ۾ ٽي لفظ هوندا هئا: هڪ عربي، ٻيو فارسي، ٽيون سنڌي. اهي ڪتاب ٻارن کي بر زبان ياد ڪرايا ويندا هئا، جنهن ڪري کين فارسي ۽ عربيءَ جي گهڻن اکرن جو سرمايو هٿ اچي ويندو هو ۽ اڳتي هلي آسانيءَ سان ڳالهائي ۽ لکي سگهندا هئا. مون کي پڻ ياد آهي ته جڏهن هڪ ننڍي ٻار جي حيثيت ۾ قرآن مجيد پڙهڻ کان پوءِ مڪتب ۾ ويٺس ته شروع ۾ دوايو ياد ڪرڻو پيو، جنهن جي ابتدا ”خدا، ڌڻي، رسول، نياپو آڻيندڙ“ سان هئي. اهو ڪتاب مون لاءِ منڍ ۾ کڻي ائين هو، جيئن طوطي کي ڪي الفاظ ياد ڪرائجن، پر اڳتي هلي ان جي اهميت پڌري ٿي پئي، جڏهن ان کان مٿي ڪتاب پڙهڻ لڳس.

عام طرح انهن ڪتابن ۾ اهو خيال نه رکيو ويندو هو جو انهن لفظن کي ترتيب سان آندو وڃي. مثال طور: کائڻ، پيئڻ جو شيون هڪ هنڌ گڏ هجن ۽ ٻين لفظن ۾ به مناسبت جو خيال رکيو ويندو هو. جيئن هڪ دوايو کهڙن جي آخوند سکيره قوم اچڻ جو لکيل آهي. ان ۾ اهڙي مناسبت جو خيال رکي الفاظ گڏ ڪيا ويا هئا ۽ اهڙن الفاظن کي جدا جدا باب آندل هئا، جيئن پهرين باب ۾ خدا، ڌڻي، رسول: نياپو آڻيندڙ لکي ٻئي باب ۾ لکڻ پڙهڻ جي شين کي آندو ويو آهي. جيئن: نوشتن: لکڻ، خواندن: پڙهڻ، قرطاس: ڪاغذ، اوراق: ورق، حرف، اکر، نقطه: ٽٻڪو وغيره. هي دوايو تمام پراڻو آهي جو اٽڪل ڏيڍ سو سالن کان هليو اچي ٿو. هن جو هڪ قديم نسخو محبي مولانا فتح الرسول نظاماڻي وٽ نظر مان گذريو جو ڪرم خورده ۽ چتيون لڳل هو.

منهنجي استاد علامه عبدالڪريم ڪورائي سندن فرزند (مولوي) عبدالغفار صاحب کي جڏهن فارسي شروع ڪرائي تڏهن پاڻ هڪ دوايو شين جي مناسبت سان تاليف ڪري ان کي پڙهايائون. ان جو هڪ نسخو سندن هٿ اکرين، راقم جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

مولانا فتح الرسول صاحب نظاماڻي وٽ چوٽياري ضلع سانگهڙ جي تاليفات ۾ هڪ ناياب مجموعو نظر مان گذريو. هن مجموعي ۾ مولانا عبدالرحمٰن صاحب چوٽيارين واري جي مختلف تاليف سان گڏ هڪ ٽوايو به هو، جو فل اسڪيپ سائيز جي ستن صفحن تي ڦهليل آهي. ڪاغذ تمام ڪهنو نظر ٿو اچي ۽ خط نهايت عمدو اٿس. اول يا آخر ڪٿي به مصنف جو نالو يا تحرير جو سن لکيل نه آهي. هن تان هڪ ٻيو نسخو وچولن اکرن ۾ نقل ڪيو ويو آهي ان تي به ڪو سن ڏنل نه آهي. پهرين صفحي تي پينسل جي پوري تحرير حاشيي تي هن طرح لکيل آهي: نسخه سه وايه ملڪتيه مخدوم بحر العلوم مخدوم ميان ولي محمد سروالي عفي عنہ.

هن نسخي ۾ سنڌي لفظن جي رسم الخط به فارسي واري آهي. هن جي ڪتابت جيتوڻيڪ ميون ابوالحسن ٺٽويءَ جي سنڌي لاءِ بنايل رسم الخط کان پوءِ جي معلوم ٿئي ٿي، پر الائي ڇو ان رسم الخط جي پابندي نه ڪئي وئي آهي يا ائين چئجي ته ان رسم الخط کي ان وقت فروغ نه ملي سگهيو هو. ڻ کي ن، ڙ کي ر، ڇ کي چهه، ڄ کي جهه، پ کي ب، ٻ کي ب، ک کي ک، ڏ کي د، گهه کي گهه، ٺ کي تهه، ڱ کي ک، ڊ کي ڏ لکيو ويو آهي. اسان پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ سڌريل رسم الخط ۾ نقل ڪيو آهي.

سنڌي لوڪ ادب جي سينگاري واري صنف به هن ئي نموني جي هوندي آهي، پر ان ۾ پرينءَ جي پچار ۽ ان جي توصيف لاءِ مختلف ٻولين جي اکرن مان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ هي ائين نه آهي. بهرحال هن مان هڪ پاسي سنڌ جي قديم مدرسن جي نصابي ڪتابن جو پتو پوندو ته ٻئي پاسي پڙهندڙن کي فارسي ۽ عربيءَ جي گهڻن ضروري الفاظن جي ڄاڻ به ٿيندي.

بسم الله الرحمٰن الرحيم

عربي، فارسي، سنڌي

 

عربي، فارسي، سنڌي

خالق، آفريننده، اپائڻهار

 

رب، پرورنده، نپائيندڙ

سميع، شنونده، سڻندڙ

 

مطعي، دهنده، ڏيندڙ

فاعل، کننده، ڪندڙ

 

بصير، بيننده، پسندڙ

سائل، خواهنده، گهرندڙ

 

شافع ، رستکاري دهنده، ڇٽائيندڙ

اخذ، گيرنده، ڳنهندڙ

 

فار، گريزنده، ڀڄندڙ

سماءِ، آسمان، اڀ

 

ڪل، همه، سڀ

نجم، ستاره، تارو

 

ظلمت، تاريڪي، اونڌارو

شمس، آفتاب، سج

 

بذر، تخم، ٻج

يوم، روز، ڏينهن

 

مطر، باران، مينهن

صبح، سحر، پرڀات

 

ليل، شب، رات

ريح، باد، واؤ

 

ينبوع، چشمه، تلاءِ

حب، دوستي، نينهن

 

اسد، شير، شينهن

ڪلب، سگ، ڪتو

 

نائم، خفت، ستو

خنزير، خوڪ، سور

 

سارق، درد، چور

ذئب، گرگ، بگهڙ

 

صفدع، خوڪ، ڏيڏر

فلبي، آهو، هرڻ

 

موت، مرگ، مرڻ

ارنب، خوگوش، سهو

 

مرق، شوروه، رهو

اليوم، امروز، اڄ

 

افرار، بکريز، ڀڄ

اضرب، بزن، هڻ

 

حجر، سنگ، پهڻ

ضرب، زدن، هڻڻ

 

حمل، برداشتن، کڻڻ

سيف، شمشير، ترار

 

مرض، تشويش، ڏئار

جنة، سپر، کبري

 

سفينه، ڪشتي، ٻيڙي

وسادة، بالش، وهاڻو

 

ملاح، ڪشتيبان، مهاڻو

تعالو، بيائيد، اچو

 

صادق، راستگو، سچو

ڪل، بخور، کاءِ

 

تعال، بيا، آءُ

بقرة، ماده گاؤ، ڳئون

 

رح، برو، ونء

ثور، نر گاؤ، ڏاند

 

روج، شوي، ڪانڌ

فرَس، اسپ، گهوڙو

 

صم، ڪر، ٻوڙو

فيل، پيل، هاٿي

 

رفيق، همراهه ساٿي

دليل، رهبر، سونهون

 

دخسان، دود، دونهون

ناقه، ماده شتر، اٺِ

 

ظهر، پشت، پٺ

لحم، گوشت، ماه

 

نفس، دم، پساه

زيده، مسڪه، مکڻ

 

ذوق، چشيدن، چکڻ

رجل، پائي، پير

 

سکه، کوچه، سير

ظفر، ناخن، نهن

 

قسم، سوگند، سهن

ڪبد، جگر، جيرو

 

وسيع، فراخ، ويرو (ويڪرو)

ابهام، نرانگشت، آڱوٺو

 

اقطع، بيدست، ٺوٺو

انف، بيني، نڪ

 

جرح، ريش، ڌڪ

شفت، لب، چپ

 

حي، مار، سپ

عين، چشم، اک

 

ذباب، مگس، مک

قلب، دل، هيون

 

قصار، گاذر، نيون

رڪبه، زانو، مونون

 

عمق، بي پايان، اونهون

دقيق، آرد، اٽو

 

حامض، ترش، کٽو

ابريق، آفتابه، ڪرو

 

ثقيل، گران، ڳرو

لبن، شير، کير

 

هادي، مرشد، پير

ماءُ، آب، پاڻي

 

خبز، نان، ماني

سم، زهر، وهه

 

سمن، روغن، گيهه

رطب، تر، هريو

 

مجنون، ديوانه، چريو

سفيه، نادان، ڀورو

 

قليل، اندک، ٿورو

ڪثير، بسيار، گهڻو

 

حمص، نخود، چڻون

غيظ، خشم، ڏمر

 

زادم، توشه، سمر

بيت، خانه، گهر

 

ثمر، ميوه، ڦر

جدار، ديوار، ڀت

 

هنا، اينجا، هت

شعر، موي، وار

 

وافر، بيحد، اپارَ

امر، ڪار، ڪم

 

جلد، پوست، چم

سحاب، ابر، ڪڪر

 

ڪيد، مڪر، مڪر

قرن، سرون، سنگ

 

عضو، اندام، لڱ

قريب، نزديڪ، اوڏو

 

محلوق، سرتراشيده، روڏو

دب، خرس، رڇ

 

اناءَ، اوند، رڇ

خصلت، خويءَ، ڏات

 

فم، دهان، وات

اعرج، لنگ، منڊو

 

سوڪ، خار، ڪنڊو

فاره، موش، ڪئو

 

رصاص، ارزبز، توئو (قلعي)

شجم، پيه، وه

 

قطن، پنبه، ڪپهه

مدر، ڪلوخ، ڀتر

 

آوند، سفاله، ٺڪر

جنب، پهلو، پاسو

 

قدح، پياله، ڪاسو

غزل، ريسمان، سٽ

 

ابن، پسر، پٽ

اب، پدر، پيءُ

 

بنت، دختر، ڌيءُ

ام، مادر، ماءُ

 

اخ، برادر، ڀاءُ

صهر، خسر، سهرو

 

غني، مالدار، وهرو

حسنة، نيڪوئي، چڱائي

 

ربيبة، دخترزن، اڳواڻي (اڳڄائي)

حديد، آهن، لوه

 

معصيت، گناه، ڏوهه

حلاوت، شيريني، مٺائي

 

مرارت، تلخي، ڪڙائي

جمعيت، يکجا، ميڙو

 

صيد، شڪار، آهيرو

ضيف، مهمان، ڀاتي

 

حطب، هيزم، ڪاٺي

فص، نگين، ٽڪ

 

خفيه، پنهان، لڪ

بڪاءُ، گريستن، روئڻ

 

غسل، شتن، ڌوئڻ

اشتياق، شوق، سيڪ

 

عطس، عطسه، ڇڪ

عنب، انگور، ڊاک

 

يمين، سوڳند، ساک

اصل، بيخ، پاڙ

 

مجان، رايگان، ڃار؟

بياض، سفيدي، اڇائي

 

سواد، سياهي، ڪارائي

راعي، شبان، ڌرار

 

فرع، شاخ، ڏار

قردة بوزنه، ڀولڙو

 

عبد، بنده، گولڙو

ورد، گل، ڦل

 

ثمن، بهاءَ، مل (ملهه)

حميٰ، تپ، ٻرو

 

خمر، شراب، سرو

سرور، شادي، سرهائي

 

حزن، اندوه، اراهي

قرابت، خويشي، سنڱ

 

لو، فام، رنڱ

مخمور، مست، کيو

 

سراج، چراغ، ڏيو

قطع، بريدن، وڍڻ

 

نزع، کشيدن، ڪڍڻ

شجاع، دلير، مانجهي

 

مغرب، شام، سانجهي

عشاءَ، خفتن، سومهڙي

 

فجر، بامداد، سباهڻي

ظهر، پيشين، اڳين

 

عصر، ديگر، وچين

خوف، ترس، ڀؤ

 

مائة، صد، سؤ

مملڪت، بادشاهي، راڄ

 

ترنم، سرود، ڳاڄ

ثاني، دوم، ٻئو

 

ثالث، سوم، ٽيئو

عشرين، بيست، ويهه

 

ثلثين سي، ٽيهه

مخمض، دوزخ، ڇاهه

 

نار، آتش، باهه

فحم، انگشت، آڱار

 

حداد، آهنگر، لوهار

لي، مرا، مون کي

 

لڪ، ترا، توکي

لنا، مارا، اسان کي

 

لکم، شمارا، اوهان کي

طير، مرغ، پکي

 

سخي، جوانمرد، سخي؟ (سکي)

بيضه، تخم مرغ، آنو

 

قصب، ني، ڪانو

آجر، خشت، سر

 

سمسم، ڪنجد، تره

قال، گفت، چيائين

 

فعل، ڪرد، ڪيائين

يفعل، مي کند، ڪندو

 

يقول، مي گويد، چوندو

احمر، سرخ، ڳاڙهو

 

اسود، سياه، ڪارو

مجاورت، همسايگي، پاڙو

 

عريان، برهنه، اگهاڙو

رمل، ريگ، واري

 

لجام، لگام، ڪرياري

صوت، آواز، سڏ

 

عظم، استخوان، هڏ

جاف، خشڪ، سڪو

 

مطبوخ، پخته، پڪو

سنور، گزبه، ٻلو

 

حرب، جنگ، کلو

لعب، بازي، راند

 

صبر، شڪيب، کانڌ

سرج، زين، پلاڻي

 

سمر، افسانه، آکاڻي

حلب، دوشين، ڏهڻ

 

ذبح، ڪشتن، ڪهڻ

قحط، تنگي، ڏڪار

 

مسڪين، گدا، پينار

جبل، ڪوه، ڏونگر

 

عرق، خوئي، پگهر

عقد، گره، ڳنڍ

 

عقيمه، نازاد، سنڍ

سمين، فربه، ٿلهو

 

مصبوغ، رنگ ڪرد، رتو

عطا، بخش، ڏان

 

سهم، تير، ڪان

بائع، فروشنده، وڪڻندڙ

 

مشتري، خرنده، ڳنهندڙ

بسير، آسان، سهکو

 

عسير، دشوار، اهکو

سريع، شتاب، تڪڙو

 

ثوب، جامه، ڪپڙو

اشجار، درختان، وڻ

 

صدي، پستان، ٿڻ

حباله، دام، ڦاهي

 

حارس، نگهبان، واهي

شتا، زمستان، سيارو

 

ضيف، تابستان، اونهارو

فجل، ترب، موري

 

صلب، دار، سوري

اشنان، اشخار، کار

 

رماد، خاڪستر، ڇار

بطيءَ، ڪاهل، ڪاهرو

 

عجل، شتابان، اٻهرو

منجل، داس، ڏاٽو

 

ختن، داماد، ڄاٽو

يد، دست، هٿ

 

عجب، ڪبير، هٺ

قدر، ديگ، ڪنون

 

تمت، تمام، پنون

نوٽ: صفحي 6 ۽ 7 جي حاشيي تي هيٺيان بيت وڌيڪ آيل آهن:

ابصر، ببين، پس

 

الف، هزار، سهس

احمر، سرخ، ڳاڙهو

 

اسود، سياه، ڪارو

غراب، زاغ، ڪان

 

اسم، نام، نان

ارض، زمين، ڀون

 

انت، شما، تون

عمد، ستون، ٿنڀ

 

ريش، پر، کنڀ

مسمار، ميخ، چر

 

عجلت، شتابي، اٻهر

عقرب، کڙدم، وڇون

 

مقعد، دبر، پڇون

اوراق، برگها، پن

 

ثبه، بيوه، رن

 

 

سنڌ جي علم و عرفان جي مهراڻ جا موتي

 

رموزِ خامگان عامل چه دانند

حديثِ پختگان خاصان چه داند

سنڌ ۾ ڪيترين صدين کان جيڪو علم ۽ عرفان جو مهراڻ موجزن رهيو، تنهن جي موج ۽ مستيءَ جي اوڙڪ تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ نظر اچي ٿي. سن1233هه ۾ حضرت روضي ڌڻي پير محمد راشد رح جي وفات ٿي. روضي ڌڻي پنهنجي وقت ۾ جيڪو فيض پهچايو، اڄ اها ان فيض جي ئي برڪت آهي جو پنهنجي سونهاري ساڻيهه ۾ روحانيت ۽ باطني فيض جو ڪجهه نه ڪجهه مقدار هليو اچي. ”ڪنگريءَ“ مان ”سوئي“ سيراب ٿي ۽ ”سوئي“ مان ”ڀرچونڊي“ ڀرجي نڪتي ۽ ”ڀرچونڊيءَ“ مان ”امروٽ“ ضلع سکر ۽ دينپور، رياست بهاولپور عرفان جا اڏا پيدا ٿيا. امروٽ واري ڀلاري بزرگ پنهنجي دور ۾ نه رڳو باطني فيض پهچايو، پر اسلام جي تبليغ ۾ اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو جو هوند امت محمديءَ جي هڪ مرد مجاهد جو وڏو اعجاز آهي: سڄا سارا 7001 ماڻهو جدا جدا وقتن تي سندس تبليغ جي طفيل غير مسلم اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيا، جنهن لاءِ اڄ به امروٽ ۾ اهڙو رجسٽر موجود آهي، جتان هن حقيقت جي تصديق ٿي سگهي ٿي. اڳتي هلي انهن ٻنهي درويشن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب کي فيض پهچايو، جو اڄ تائين اهو فيض هليو اچي.

تحقيق اڄوڪو دور ماديت جو آهي. سائنس وارن پنهنجي کوجنا سان ڪين گهٽايو ۽ سائنس جي مادي برڪتن کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي دور ۾ روحانيت بابت لکندڙ کي ضرور دقيانوسي خيالن وارو سڏيو ويندو، پر هڪ پاسي ان کان انسان ذات کي دنيا جون راحتون پهتيون ته ٻئي پاسي ايٽمي هٿيارن جي تياريءَ انسان جي اطمينان کي لوڏي ڇڏيو. پل ۾ لکن انسانن جي تباهي ۽ بربادي اهڙن تباهي پيدا ڪندڙ هٿيارن ذريعي آئي، جيڪي ماديت تي موهجي روحانيت کان انڪار ڪري ويٺا. اهي ايترو ته اسان سان شامل راءِ ٿيندا ته هڪ سؤ سال اڳ ماڻهن کي جيڪو دل جو اطمينان ۽ آرام نصيب هو، سو اڄ نه آهي. نه ايڏا کرکسا هئا ۽ نه ايڏيون گهرجون ۽ عياشيون هيون. ماڻهو ٿوري گهڻي تي قناعت ڪري ”الله الله“ اچاريندي ”نه ڏي نه ڏکاءِ وارو“ مثال بڻيل هئا.

هڪ وطن دوست ۽ محقق جو ڪم آهي ته اسلاف جي امانت ۽ ورثي کي به سنڀاليندو اچي، حال سان گڏ ماضيءَ تي به نظر ڌريندو رهي. اهوئي سبب آهي جو اسين نامور مهراڻ جي پڙهندڙن کي گهڻو اڳ واري سنڌ ڏي وٺي هلون ٿا:

خليفه محمود ڪڙيي واري جي شخصيت کان سنڌ جو ڪوبه اهل علم ناواقف نه هوندو. اهو بزرگ پنهنجي وقت جو وڏو شاعر، اديب ۽ باطني فيض ۽ معرفت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. حضرت قطب الاقطاب روضي ڌڻيءَ جو مريد ۽ فيض يافته خليفو هو. هن بزرگ جي علم ۽ اٿاهه قابليت لاءِ سندس گڏ ڪيل روضي ڌڻي رح جي ملفوظات ڪافي دليل آهي، جنهن ۾ تصوف جي عميق اسرارن کي اهڙي ته عمدي عبارت ۾ پيش ڪيو اٿس جو ان جي وصف ۽ واکاڻ لکڻ کان قلم قاصر آهي. رڳو پڙهڻ تي مدار رکي ٿي.

”ملفوظات“ جي منڍ ۾ هڪ فصل پنهنجي مرشد جي واکاڻ ۾ آندو اٿس. لکي ٿو:

شيخ ڪامل ما شفيعِ عاصيان

شمع ظلمت مهدئ آخر زمان

اسم پاکش پير محمد راشد است

او ست کعبه، خلق او را ساجد است

اين نه کعبه که مطاف عالم است

کعبهء آن کان مطاف عالم است

اڳتي هلي فرمائي ٿو:

خم توحيد از کرم او پخته

صد هزاران بر خمارش شيفته

نار عشق ازوي بجوشش آمده

خار کفر ازوي بسوزش آمده

کرد گنجِ معرفت غارت تمام

گشته ازوي بهرور هر خاص و عام

صد هزاران مرتدي مرشد شدند

صد هزاران گيرزي مسجد شدند

بر هاؤ بحر هاؤ نهر ها

بردا فيضِ کمالش بهر ها

هر جماري راز فيضِ آنجناب

فيض حاصل گشت بيرون از حساب

گريه پيش آمدي گشتي سعيد

در موافق آمدي گشتي وحيد

اڳتي هلي فرمائي ٿو:

نقشبندي نقشبند از نام او

قادري شد جرعه نوش از جام او

سهروردي برشمان از وردار

چشتي از چشتي اورا فيض جو

ملفوظات جي آخر ۾ روضي ڌڻي جي تاريخ وفات بابت به گهڻا ئي شعر چيا اٿس، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

شصت سه سال آن دکائي معرفت

همچو گل در گلشن عالم شگفت

يوم جمعه غره شعبان سعيد

خار فرق اندر دل عالم رسيد

در هزار و دو صد وسي و ثلث

شد خفيان شمس تابان الغياث

روز روشن بر جهان گشته سياه

درد حسرت از ثري شد تابماه

شد فلک از هجرت او سبز پوش

در صفوف قدسيان افتاده جوش

جهانهائي خلق اندر بحر غم

غوطه خور گشتند از فرط عالم

سال تاريخش چو برسيدم زجان

ساعتي در فکر مانده بعد زان

گفت در تاريخ آن شافع بجن

نور هادي مهدي آخر زمن

هتي اسين سنڌ جي معرفت واري مهراڻ جي موتين بابت جيڪا معلومات پيش ڪري رهيا آهيون، ان جو مدار به خليفه محمود ڪڙئي واري جي هڪ قلمي ذخيري تي آهي، جو ناچيز راقم جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي.

اسان وٽ اهڙو علمي ذخيرو ته گهڻو ئي آهي، پر هتي خليفي محمود جو قلمي ڪتاب گلشن اولياءَ فارسي پيش نظر آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌ جي وڏن بزرگن ۽ اوليائن جون اهڙيون ڳالهيون سند سان گڏ ڪيون آهن، جي گهڻو ڪري ٻن تذڪرن ۾ آيل نه آهن. هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڏسو مصنف هن طرح رقمطراز آهي:

”رب ودود جي رحمت جو اميدار ٻانهو محمود چئي ٿو ته جڏهن مان ڏٺو ته ڪمال وارن بزرگن جي احوالن پڙهڻ سان (معرفت جي ڳولائن ۽ ) طالبن جا روح لذت ۽ حظ حاصل ڪري ڪامل بڻبا آهن ۽ انهن جي ياد سان عشق واري ڏنگ جي ڦٽ تي نمڪ پاشي ٿيندي آهي ۽ اهڙا آديسي انهن قصن جي پڙهڻ سان بي انت آرام ۽ راحت لهندا آهن، تڏهن دل ۾ اهو اچي خيال جاڳيو ته عشق جي بزار ۾ گفتار جي گوهر کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه وکر نه آهي ۽ الله وارن جي ياد زنده دل وارن لاءِ هڪ املهه موتي آهي، تڏهن ڀات ڀات جي گلن گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويس. جيئن حديقة الاوليا، بيان العارفين، تنبيہ الغافلين، تحفة الطاهرين ۽ ان سان گڏ پوين اوليائن جي (پاڪ) گفتارن جون اهڙيون مکڙيون به هتي سمويم جنهن بابت ڪنهن به ڪتاب ۾ اپٽار آيل نه آهي، ڇوته اهي واقعا انهن ڪتابن کان گهڻو پوءِ جا آهن. اها جاکوڙ ۽ جفاڪشي رڳو هن ڪري ڪيم جو نيڪ ماڻهن جي ياد سان ڌڻيءَ جي رحمت وسندي آهي.

اهي ڳالهيون يا ته اهي آهن، جي پنهنجي وقت جي ماڻهن کان ٻڌل آهن يا پاڻ انهن بابرڪت اوليائن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهي هنن اکين سان ڏٺيون ۽ ڪنن سان ٻڌيون اٿم. ڪتاب جو نالو گلشن اولياءِ رکيو ويو آهي. جيڪو 1258هجريءَ ۾ لکي پورو ٿيو.

مخدوم (خواجه) محمد زمان لواريءَ وارن متعلق ٻڌل ڳالهيون:

خليفو محمود بن گهنور خان نظاماڻي،  گلشن اولياءِ جو مؤلف فرمائي ٿو ته نصرپور جي قاضي عبدالرحمٰن پنهنجي ڪنهن عزيز قاضيءَ کان ٻڌو، جيڪو خواجه محمد زمان رح جو مريد هو ته خواجه صاحب جو اهو دستور هوندو هو ته مريدن ۽ ننگر لاءِ هڪ ئي وقت پئسن تي اناج خريد ڪري رکندا هئا، جيئن ته اتڪل روءِ ٽيهه، چاليهه خرار اناج هڪ ئي ڀيري خريد ڪندا هئا ۽ ان جي سموري رقم هڪ ننڍي ڪوٺيءَ يا پليءَ مان ڪڍي ڏيندا هئا ۽ ان راز جي ڪنهن کي به ڪل نه هئي. هڪ ڀيري ٿيو ڇا جو پراڻي دستور پٽاندڙ اناج خريد ڪيو هئائون ۽ جڏهن مالڪ رقم وصول ڪرڻ آيا ته پاڻ انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ هليا ويا، ان ڏينهن اتفاق اهو ٿيو جو اهو نصرپوري قاضي به خواجه سان گڏ ويو. ڏسي ڇا ته سڄي ڪوٺي ڪڪڙن جي چهنب سان ڏڏري پئي آهي ۽ اتي ڌوڙ کان سواءِ ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي. تڏهن خواجه صاحب کي عرض ڪرڻ لڳو ته حضرتا! اهو الائي ڪهڙو اسرار آهي جو هتي ته ڪي ڪين آهي، اوهان ايترا پئسا الائي ڪٿان ٿا آڻيو؟ تڏهن خواجه صاحب فرمايو ته اڄ اهو اسرار تو سان ٿو سليان ته مون کي فقيرن جي کاڌ خوراڪ لاءِ خدا تعاليٰ جي درگاه مان روزانو هڪ لک رپيا مقرر آهن، پر اسان انهن لاءِ رڳو رٻ (ڀت) کي پسند ڪيو آهي. (ان هوندي به تون ڏسين ٿو ته) هر طرف ۽ هر طريقي جي مشائخن کان ڪيڏي نه مخلوق اچي گڏ ٿي آهي.

قاضي عبدالرحمٰن نصرپوري پنهنجي هڪ عزيز قاضيءَ کان خبر ڪئي ته خواجه محمد زمان رح جي درويشن مان ڪنهن درويش کي فنا في الله يا وحدت جي اها ته حالت اچي طاري ٿي جو خواجه صاحب جن جي خدمت ۾ پهچي چوڻ لڳا ته: ”مان خدا آهيان.“ تڏهن خواجه صاحب کيس چوڻ لڳو ته پنهنجو پاڻ کي خدا ٿو سڏائين، جيڪڏهن توکي ٻيا به خدا سڏين ته پوءِ تنهنجي ڳالهه ڏي ڌيان به ڪجي. فقيرچوڻ لڳو ته ٻيو ڪو چئي يا نه چئي مان ته خدا آهيان. نيٺ خواجه صاحب کيس اٽڪل ڏهه ٻارهن پهر کڻي هڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرايو. (ڀلا خدا کي ته کاڌي پيتي جي ڪابه ضرورت نه آهي، پوءِ ڇونه هڪ هنڌ پيو رهي) نيٺ خواجه صاحب جي توجهه (۽ انهيءَ تدبير) سان جڏهن سندس حالت سڌري وئي، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍيو ويو.

ابراهيم فقير سوڍي کان روايت آهي ته جڏهن خواجه صاحب جو مريد ٿيس، تڏهن کين عرض ڪيم ته سائين! هاڻ ڇا ڪيان؟ فرمايائون ته توکي سفيد باف (ڪوري) واري ريت اختيار ڪرڻ کپي، يعني اسان وٽ جلدي اچ وڃ ڪندو رهه.

ڳالهه ٿا ڪن ته خواجه صاحب جي ڪوٽ جي ڀر ۾ هڪ هندو مڪائي جي پوک پوکي هئي. هڪ رات ٿيو ڇا جو ان جي پوک ۾ ڏاڍا ڪي گدڙ اچي گڏ ٿيا هئا، جنهن ڪري هو سڄي رات سجاڳ رهيو ۽ هاءِ هوءِ ڪندي پوک مان گدڙن کي هڪليندو رهيو. خواجه صاحب به هاريءَ جي ان هاءِ هوءِ کي ٻڌندو رهيو. صبح جو پنهنجي مريدن کي فرمائڻ لڳو ته دوستو! ڏسو ته سهي هن هندو هاري جنهن مڪائي جي پوک پوکي آهي ساري رات پوک کي بچائڻ لاءِ گدڙن جي ڊپ کان نه ستو آهي. اوهان جو پاڻ کي خدا پاڪ جا ڳولائو ۽ طالب سڏايو ٿا سڄي رات ستا پيا آهيو. اهو ڪهڙو انصاف چئبو؟

ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن شاهو مير جي هڪ خون ڪري مير بجار ٽالپر جي هٿان ڪيترن مينڌرن کي ماريو ويو ۽ اها خبر خواجه صاحب وٽ پهتي، تڏهن هڪ شخص چوڻ لڳو ته سائين! هڪ خون جي بدلي ۾ جو ايترن ماڻهن کي ماريو اٿن، ڇا اهي سڀ شهيد چئبا؟ خواجه صاحب وري جواب ۾ به معرفت جو نڪتو پيش ڪرڻ لڳا ته شهيد اهي آهن جن جا سينا صاف ۽ اندر اجرا آهن.

شاهه ڀٽائي عليہ الرحمة:

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوٽ اگهم جو هڪ پاٽولي ميمڻ هو. شاه صاحب جي خدمت ۾ پهچي اهو سوال ڪرڻ لڳو ته ڌڻي پاڪ جي توهه ۽ طلب اٿم. مون کي دعا ڪريو! شاه صاحب کيس نصيحت ڪندي فرمايو ته ڌڻي پاڪ جي طالب کي کپي ته دل ۾ الله جي ذڪر کي جاءِ ڏي ۽ ذڪر اهڙُو ته اڏول رهي جو ڪڏهن به ان ۾ ويسر نه اچڻ کپي.

حافظ طيب قوم ڦل ويٺل ديهه راهو خبر ڪئي ته ننڍي هوندي منهنجي طبيعت غني هئي. يادگيري ٿوري ۽ ويسارو گهڻو هوندو هو. مون کي جڏهن پڙهڻ تي ويهاريائون ته ويسر جي ڪري قرآن پاڪ جي تعليم پرائڻ مون لاءِ ڏاڍي اوکي ٿي پئي. ڪنهن تاڻي اسان جي ديهه، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اچي نڪتو. منهنجو پيءُ مون کي حضرت شاه ڀٽائي وٽ وٺي ويو. منهنجي طبيعت جي جڏائي ۽ ويساري جو سربستو احوال شاه صاحب جي آڏو رکي دعا لاءِ عرض ڪيائين. شاه صاحب ان وقت ٺڪر جي ٿانو ۾ پليءَ جي ساڳ سان ماني کائي رهيو هو. منهنجي پيءُ جو سربستو احوال ٻڌي مانيءَ جو ٽڪر ڀڃي ان تي ٿورو پليءَ جو ساڳ رکي مون کي کائڻ لاءِ ڏنو ۽ مان اهو مانيءَ جو ٽڪر سندس چوڻ سان کائي ويس. اڳتي هلي ان (الله واري انسان جي) ان اوبر جي اها برڪت ٿي جو (ڪاڏي وئي غباوت ته ڪاڏي ويو ويسارو) اندر اجرو ٿي پيو ۽ ڏاڍو يادگيرو نصيب ٿيو قرآن پاڪ پڙهيم.

خليفو محمود ڪڙيي وارو لکي ٿو ته حافظ طيب صاحب نهايت پرهيزگار ۽ با اخلاق انسان هو. کيس عبادتن ۽ معاملن جا فقهي مسئلا رڳو عالمن کان ٻڌ سڌ تي ايترا ته ياد ٿي ويا هئا جو وٽس ڪو شرعي فيصلو ايندو هو ته اتي جو اتي ٻڌائيندو ۽ فيصلو ڇڏائيندو هو ۽ جيڪو به مسئلو ٻڌائيندو هو ته حوالي طور ڪتاب جو نالو، باب ۽ فصل ته ٺهيو، پر سٽون به ٻڌائي ڇڏيندو هو ته هيترين سٽن کان پوءِ اهو مسئلو بيان ٿيل آهي. اوهان وڃي ان جي عالمن کان پڇا ڳاڇا ڪريو! حافظ جو اندرُ ايڏو ته اجريل هو جو نئين سال جي شروعات ۾ ڪشف طور ڪيترين ئي ڳالهين جي اڳ ئي خبر ڏئي ڇڏيندو هو. هيءُ جو فرمايو ويو آهي ته مؤمن جي اوبر شفا آهي، انهيءَ جو راز اهڙن خدا وارن انسانن جي اوبر کائڻ  پيئڻ سان پڌرو ٿئي ٿو.

هن واقعي مان اسان کي اها پروڙ پئي ٿي ته خليفو محمود ڪڙيي وارو اهڙن ماڻهن سان ملي چڪو آهي، جن شاه عبداللطيف ڀٽائي رح کي ڏٺو. ان حالت ۾ شاهه صاحب بابت هو جو ڪجهه ٻڌائي ٿو، تنهن جي تاريخي لحاظ سان وڏي اهميت آهي.

امين محمد فقير ڪراني پنهنجي پيءُ کان خبر ڪئي ته هڪ ڀيري شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي ٻئي هڪ ٻئي جا همراهه ٿي شيخ پٺه جي زيارت لاءِ ويا ۽ اتي مراقبي تي ويٺا، پر ستت ئي غمگين ٿي اٿيا. ان کان پوءِ شاه وجيهه الدين جي زيارت لاءِ آيا ۽ توجهه ۽ مراقبي کان پوءِ خوش ۽ سرها ٿي اٿيا. مٿيون فقير جو ٻنهي بزرگن جي خدمت ۾ هو، تنهن عرض ڪيو ته سائين! ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو شيخ پٺي جي قبر تان غمناڪ ٿي اٿيؤ ۽ شاهه وجيهه الدين جي زيارت تان خوش ٿي اٿيؤ؟ ان تي فرمايائون ته شيخ پٺي اسان کي فرمايو ته هن وقت ڪوبه طالب نه رهيو آهي، ان ڪري پاڻ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ شاهه وجيهه الدين صاحب جن فرمايو ته هن وقت جا اوهان پڻ طالب آهيو، ان تي اسان کي خوشي ۽ سرهائي نصيب ٿي.

ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب ڀٽ تي مسجد شريف ٺهرائي ته کين اها تعمير ڏاڍي پسند آئي ۽ پنهنجي ڏاڏي سيد عبدالڪريم بلڙي واري کي ياد ڪندي فرمائڻ لڳا ته جي اهو ممڪن هجي ها ته هوند دل ۾ اهو خيال اڀري ٿو ته اها سڄي مسجد شريف ڀٽ تان کڻائي وڃي بلڙيءَ ۾ روضي جي ويجهو رکان ها.

خير محمد فقير، تمر فقير جي زباني اهو قصو ٻڌايو ته ”فاني في الله وباقي باالله:“ سيد عبداللطيف شاه قدس سره جڏهن ڀٽ واري مسجد ٺهرائي رهيا هئا، تڏهن ڪاريگر کي فرمايائون ته هن مسجد کي حضرت پيغمبر عليہ السلام جي روضي واري مسجد وانگر تيار ڪر! تڏهن اهو ڪاريگر چوڻ لڳو ته ان مسجد کي ڏسڻ کان سواءِ ڪيئن هن کي ان جهڙو بنائي سگهبو؟ تڏهن شاه صاحب کيس فرمايو ته جيڪڏهن توکي اها مسجد ڏيکارجي ته پوءِ ان جهڙي ٺاهي سگهندين؟ رازي هائو ڪئي. شاه صاحب اکين ٻوٽڻ لاءِ چيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولڻ لاءِ حڪم فرمايو. ان پنهنجيون اکيون کوليون ۽ ان نقشي مطابق مسجد جي تياري ۾ لڳي ويو ۽ جوڙي مسجد راس ڪيائين.

باغ فقير کيبر، ديهه کيبراني جي ويٺل خبر ڪئي ته سانگهڙ جي ڍوري ۾  هڪ وقت ٻڪريون ۽ رڍيون ٿي چاريم، ڪرڙن ۽ ڪنڊين جو وڏو جهنگ هو، ايتري ۾ ڇا ڏسان ته عارفن جو سلطان، اوليائن جو امام سيد عبداللطيف شاهه ڀٽائي اتان ٻاهر نڪري آيا ۽ مون کان پيئڻ لاءِ پاڻي گهريائون. مون سان پاڻيءَ جو لوٽو هميشه ڀريل رهندو هو، مان اهو پاڻي پيش ڪيو. شاه صاحب سڄو اهو پاڻي پي وري انهن دڻن ۾ هليا ويا، ليڪن رياضت جي گهڻائي ڪري بدن مبارڪ ڏاڍو ڏٻرو هين  سندن منهن ۾ به خشڪي پيدا ٿي ويئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com