انتساب
پنهنجي شفيق استاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي (رح) جي نالي،
جنهن جي گرانقدر خدمتن کي اُجاگر ڪرڻ جي ضرورت
آهي.
- غلام مصطفيٰ قاسمي
پيش لفظ
سنڌ اهو مردم خيز خطو آهي، جنهن هر دؤر ۽ هر زماني ۾ وڏا جيد،
عالم، اديب، شاعر، مفڪر ۽ دانشور پئي پيدا ڪيا
آهن، جن جي علمي ڪارنامن سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو
آهي. خاص طرح سان گذريل چوڏهين صدي هجري، يعني
ويهين صدي عيسويءَ جو زمانو اسان جي سنڌي زبان ۽
ادب لاءِ ائين کڻي چئجي ته هڪ بلند پايه دؤر ٿي
گذريو آهي. انهيءِ صديءَ جتي سياسي بصيرت رکندڙ
اڳواڻن، قومي ڪارڪنن، جنگ آزاديءَ جي مجاهدن ۽ قوم
پرستن کي جنم ڏنو، اتي سنڌي اديبن ۽ عالمن کي پڻ
پيدا ڪيو آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب
انهيءَ صديءَ جو هڪ چمڪندڙ ۽ روشن علمي ستارو آهي
۽ اسان سنڌ وارن لاءِ سندس وجود غنيمت آهي. پاڻ
جتي عربي، فارسي ۽ اسلامي علومن جا ماهر آهن، اتي
سنڌي زبان ۽ ادب جا وڏا سينگاريندڙ ۽ پارکو پڻ
آهن.
قاسمي صاحب جن جوانيءَ جي دور کان وٺي ويندي موجوده پيرسنيءَ جي
دؤر تائين سنڌي زبان ۽ ادب جا وڏا گهڙا ڀريا آهن،
سندن اڳيان سنڌ جا سياسي، سماجي ۽ معاشرتي دؤر
گذريا آهن، جن مان ڪي غلاميءَ جي دور سان واسطو
رکن ٿا، ته ڪي وري آزاديءَ جي زماني سان. اها
حقيقت آهي ته وقت، ماحول ۽ معاشري جو اثر اديب ۽
عالم جي ذهن تي گهڻو پوندو آهي ۽ هو ان کان متاثر
ٿي پنهنجي جذبن ۽ امنگن جو اظهار ڪندو آهي، جنهن
ڪري ئي ان اديب جا شهپارا وڏي اهميت جا حامل هوندا
آهن. علامه صاحب ڪيترن ئي موضوعن ۽ مختلف عنوانن
تي ڀرپور لکيو آهي، آئون هتي پنهنجي سمجهه مطابق
سندن مڙني علمي، ادبي، تاريخي، مذهبي ۽ شخصيات تي
مشتمل مقالن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن مان گڏ ڪري
هڪ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪريان ٿو.
ڪتاب، اديب جي لکڻين جو عڪس هوندو آهي ۽ ان مان هميشه لکندڙ جي
شخصيت ظاهر ٿيندي آهي. ممڪن هو ته اهي رسالا ۽
اخبارون اڳتي هلي ناياب ٿي وڃن ۽ اهو انمول ادبي
سرمايو ضايع ٿي وڃي، جنهن ڪري ان کي ڪتابي صورت
ڏني ويئي آهي. ڪتاب جي ترتيب مختلف عنوانن تحت رکي
ويئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ترتيب ۾ ڪي اوڻايون
نظر اچن، پر جيئن ته تخليق ڪندڙ اديب جو پنهنجو
نظريو هوندو آهي ۽ مرتب جو پنهنجو. ان ڪري اها
ڳالهه ممڪن نظر اچي ٿي ته پڙهندڙن کي ڪٿي اها
ڳالهه نه آوڙي!
آخر ۾ آئون پنهنجي قابل احترام استاد غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽
ٻين انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن هنن مقالن جي
انتخاب ڪرڻ وقت پنهنجن علمي ڪتبخانن مان مواد حاص
ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو.
پروفيسر ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو
16 ڊسمبر 1997ع
مطابق
15 شعبان 1418هه
ٻه اکر
اڄوڪو ڏينهن منهنجي لاءِ باعث اطمينا آهي جو بابا سائين جي
تحريرن تي ٻڌل ڪتاب ”مقالات قاسمي“ جي ڪمپوزنگ
وارو بنيادي ۽ مکيه مرحلو پورو ٿيو.
اها گهرج وڏي وقت کان محسوس پئي ڪئي وئي ته بابا سائين جي
تحريرن کي جن جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو آهي، ڪتابي صورت
ڏني وڃي. جيتوڻيڪ اهو ڪم گهڻو اڳ ٿيڻ گهربو هو، پر
پوءِ به جس آهي پروفيسر ڊاڪٽر مظهر الدين سومري
صاحب کي، جنهن وڏي جاکوڙ ڪري ان تحريري مواد جي
وڏي حصي کي، مختلف رسالن، اخبارن وغيره مان هٿ ڪري
سهيڙيو ۽ ترتيب ڏنو.
”مقالات قاسمي“ ۾ موجود مواد کي موضوعن جي اعتبار کان پنج ڀاڱن
۾ رکيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ کي پنهنجي گهربل
مواد جي چونڊ ۾ سولائي ٿئي. اُميد آهي ته هيءُ
ڪتاب هر علم دوست، خاص طور تي نوجوان نسل ۽ تحقيق
ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
آئون ٿورائتو آهيان پروفيسر ڊاڪٽر محمد عثمان صاحب، سليمان
بردارس جي حاجي محمد سليمان صاحب ۽ السنڌ ڪمپوزرس
جي مولانا سعيد احمد ڀٽو صاحب جو، جن جي رهنمائي ۽
سهڪار سان ڇپائي سان لاڳاپيل سمورا معاملا سولا ٿي
پيا.
- نظير قاسمي
اسلاميات
درس قرآن حڪيم
تفسير سورة يوسف
افادات امام عبيدالله سنڌي رح
قرآن شريف ۾ مڙني سورتن جا جدا جدا واقعن سبب ٻه ٻه، ٽي ٽي نالا
آهن. فقط هيءَ هڪڙي سورة آهي، جنهن جو هڪ نالو آهي
۽ قرآن شريف ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جو نالو هن
سورة کان سواءِ فقط ٻن جڳهن تي آيو آهي.
انهيءَ نالي جو سبب: هن سورة ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جي سموري
حالات جو بيان اچي ٿو، جنهن ڪري ان کي ”يوسف“ سورة
سڏيو ويو آهي. ابجد جي حساب موجب سندن تعداد 231
اچي ٿو، جنهن مان حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي
بعثت جا 13 سال ڪاٽي ڇڏبا ته باقي 218 تعداد بچي
ٿو. انهيءَ هجري سن ۾ خليفه معتصم بالله
دارالخلافت سامرا جو بنياد وڌو، جو رسول الله صلي
الله عليہ وسلم جي آندل انقلاب (جنهن ۾ حڪومت جون
واڳون عربن کي مليون هيون ۽ ايراني سلطنت جو بنياد
بلڪل پٽجي ويو هو) کان پوءِ ايرانين جي هٿ ۾ وري
حڪومت اچڻ لاءِ پيش خيمه ثابت ٿيو.
مقدمہ: ايران تي اسلام جي فوج ڪشي جو اصل مقصد هو عوام کي ايران
جي ظالم شهنشاهه جي استبدادي چنبي کان ڇڏائي
انصاف، عدل، آزادي ۽ مساوات جو رستو ڏيکاري ۽
غلاميءَ جنهن سندن قوت عقلي کي سلب ڪري ڇڏيو هو،
انهن کي وري علمي دولت سان مالا مال ڪرڻ.
حسب و نسب: ايراني فريدون جي اولاد مان آهن، جنهن مان ٽي پٽ
هئا: (1) اير (2) تور (3) سلمي. فريدون جي پهرين
پٽ مان ايراني ٻئي مان توراني آهن.
اسلامي علومن جو اثر: اسلامي علومن ڏانهن مائل ٿيڻ تي ايراني
قوم جو عقلي جوهر وري چمڪي اٿيو ۽ مختلف علومن جا
وڏا وڏا ماهر ۽ مجتهد انهن ۾ پيدا ٿيا، جن منجهان
چار علم مشهور آهن:
(1) علم فقہ: جنهن ۾ امام ابو حنيفہ جهڙو جليل القدر انسان پيدا
ٿيو، جنهن جي فقہ کي ابو حفص ڪبير امام محمد جي
شاگرد فروغ ڏنو ۽ هي ساماني آهي.
(2) حديث: جنهن جو ماهر امام بخاري انهيءَ قوم جو فرد هو، باقي
حديث جا پويان مصنف سندس فضلہ مان ڍڪ ڀريندڙ
ليکياويندا آهن.
(3) حڪمت: جنهن ۾ ابو علي سينا ڏانهن اڄ به دنيا شڪر جون نگاهون
کڻي نهاري رهي آهي. هي اگرچه بخاري آهي، پر ساماني
ڪتب خانه مان ايڏو عالم بنيو.
(4) شعر: فاتح هند جي درباري فردوسي پنهنجي شاعرانه ڪمال سان
پنهنجي قوم جي رتبي کي بلند ڪيو.
حڪومت هٿ ڪرڻ جو خيال: اهڙي طرح تعليمي ترقي سان
گڏ منجهن حڪومت جي ڪرڻ جو خيال وڌندو ويو. بنو
اميه خاندان جي هي پاليسي هئي ته عربن کي وڌائجي ۽
حڪومت جي ساري مشنري تي سندن قبضو هجڻ گهرجي، جيئن
سندن هٿن مان حڪومت کسجي ٻئي ڪنهن جي قبضي ۾ اچي
نه وڃي. جنهن ڪري انهيءَ وقت کين حڪومت ۾ ڪوبه حصو
نه مليو. عباسي به پهرين انهيءَ پاليسيءَ تي
ڪاربند رهيا. هو سندن عقل کان ڪم وٺندا هئا، مگر
سندن امارت کي انهيءَ حد تي پهچڻ نه ڏيندا هئا،
جنهن مان سندن لاءِ ڪو خطرو پيدا ٿئي. انهيءَ ڪري
ئي منصور پنهنجي عاقل همدرد اسلام دوست ابو مسلم
جو قتل ڪرايو. مهدي پنهنجي مددگار عبيدالله ۽
هارون رشيد حڪومت جي علمي بنياد کي مضبوط ڪندڙ
برمڪي خاندان سان سٺا پير نه ڀريا. مگر مامون رشيد
ايرانين ۽ عجمن کي تمام گهڻيون رعايتون ڏنيون.
معتصم بالله دارالخلافت سامراهه ۾ ڪري آقي باقي به
کڻي پاڻ کي ايرانين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو. جيئن
ئي عربن جي زوال جا آثار ظاهر ٿيا ۽ هر هڪ عرب
امير کي عياشيءَ بيڪار بنايو ته يوسف سورة کان
پوءِ ايندڙ سورة رعد ۾ المر ۾ ڏسيل 259هه الله جي
قرآن ۾ ڪيل واعدي
ان جي تفسير ۾ حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي سلمان فارسي رضي
الله عنہ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ چوڻ لڳا ته بعد ۾
حڪومت جا مالڪ ٿيندا، جي فرمان موجب يعقوب لالاره
سامراهه تي قبضو ڪيو. انهيءَ وڏي انقلاب انهن شروع
سورة الر ۾ اشارو ڪيو ويو آهي.
نزول جو سبب: انقلابي جماعت جو دستور آهي ته ظاهر
ظهور انقلاب جو اعلان ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ته
اسان کي هن قسم جو انقلاب کپي ۽ اسان هن قسم جي
تبديلي آڻڻ گهرون ٿا، ٻيو ته ان انقلاب آڻڻ لاءِ
اهڙي نموني اهڙيءَ زبان ۾ پروگرام شايع ڪرڻ جنهن
مان پنهنجي پارٽيءَ وارا صحيح رستو ۽ صحيح مطلب
حاصل ڪري سگهن ۽ اغيار بلڪل بي خبر رهن، جيئن هو
انقلاب جي راهه ۾ ڪي روڙا نه اٽڪائين. مولانا سنڌي
رح فرمائين ٿا ته اسان پڻ انهيءَ آخري ڪم ۾ تمام
گهڻي خبرداري ڪئي، مگر افسوس جو اسان جي انقلابي
پارٽيءَ ۾ فقط اعتقادي اتفاق سبب گهڻا اهڙا ماڻهو
داخل ٿيا هئا، جن جو اصلي مقصد اسان جي پروگرام کي
ڪامياب بنائڻ جو نه هو، تنهن ڪري هنن راز فاش ڪري
وڌو ۽ اهڙن ئي ڪوڙن ماڻهن عرب ۾ مولانا محمود
الحسن کي گرفتار ڪرايو، جنهن ڪري اسان جو رٿيل
پروگرام ناڪام ٿيو، ورنه اسان جي پروگرام جي
ڪاميابي ۾ ڪوبه شڪ نه هو. مون کي هڪ معتبر سک
ٻڌايو، چيائين ته مون کي دهلي جي انگريز ڪمشنر خبر
ڏني ته جڏهن يورپ ۾ ترڪيءَ جي شڪست تي بحث ڪيو ويو
ته سڀ هن ڳالهه تي متفق هئا ته انگريزن جي
ڪاميابيءَ جي ڪنجي هندستان ۽ ترڪي جي شڪست جو سبب
هٿيار ۽ ماڻهن جي ڪمي نه هئي، پر جيڪڏهن ترڪي
مولانا محمود الحسن جي رٿيل پروگرام موجب ايران ۽
افغانستان رستي ڪجهه فوجون هندستان موڪلي ها ته
هندستان جو عوام يقينا انهن فوجن جي حمايت ڪري ها،
انگريزن جي ڪمڪ هندستان مان بند ٿي وڃي ها ۽ ترڪي
کي کاڌ خوراڪ جي تنگي به نه ٿئي ها ۽ ترڪي يقينا
ڪامياب ٿئي ها، مگر افسوس اهڙن غدار ماڻهن اسان جي
اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. انهيءَ ڪري حضور صلي
الله عليہ وسلم جن جو پروگرام جو حضرت يوسف جي
انقلاب سان مشابهه هو، سو سورة يوسف ۾ بيان ڪيو
وڃي ٿو ته اسان ڪهڙيءَ طرح ڪامياب ٿينداسين ۽ انهن
ڪتابن جي سمجهڻ جي حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي
اصحابن کي پوري لياقت هئي، جنهن ڪري کيس ”مبين“
سڏيو وڃي ٿو.
هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن، بيشڪ ان کي اسان عربي
(ٻوليءَ وارو) قرآن ڪري نازل ڪيو ته من اوهين
سمجهو. اڳتي خدا تعاليٰ مٿن تنبيهه ڪري ٿو ته اسان
توکي نامعلوم پروگرام کان واقف ڪريون ٿا:
اسان توتي چڱو قصو پڙهون ٿا.
مذڪوره آيت ۾
جو لفظ آيو آهي. انهيءَ ۾ نبوت جي اهم ۽ باريڪ مسئلي ڏانهن
اشارو ڪيو وڃي ٿو، جو هر هڪ لاءِ سمجهڻ ضروري آهي.
نبي ڇا کي چئجي؟ جنهن جي قدرت وحي، الهام، خواب يا ٻئي ڪنهن
ذريعي سان رهنمائي ڪندي رهي.
حڪيم ڇا کي چئجي؟ جو پنهنجي عقل سان ڳالهه سوچي ۽ ان تي عمل
پيرا ٿئي، ان ۾ کانئس غلطيون پڻ ٿينديون.
مثال ۾ نبي ۽ حڪيم ۾ فرق: حڪيم وهندڙ درياهه مان جدا جدا نمونن
سان نهرون کوٽي زمين کي آباد ڪرڻ جي تجويز سوچي ان
تي عمل ڪري سگهي ٿو، مگر جيڪڏهن درياهه نه هوندو
ته ان تي سندس عقل ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي بيهندو.
پر نبي انهيءَ وقت به عاجز نه ٿيندو، ڇوته هن جي
دعا جا دروازا کليل آهن، جنهن وسيلي هو قدرت جي
امداد سان برسات رستي يا ٻئي ڪنهن طريقي سان زمين
جي آباديءَ جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ئي
ظاهر ۾ کڻي ڪيڏو به مشڪل ڪم هوندو آهي، مگر قدرت
جي حڪمن ۽ مدد جي آسري تي ان جي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
ويندو آهي ۽ ناڪام نه ٿيندو آهي.
حضرت يوسف عليہ السلام جو حسب نسب ۽ سندس خاندان جو مختصر احوال
حضرت ابراهيم عليہ السلام کان اڳ وارو زمانو انسانيت جو ابتدائي
دور هو. حضرت ابراهيم عليہ السلام کيس ترقي ڏيارڻ
چاهي ٿي، انهيءَ ڪري هن انسانيت لاءِ هڪ مرڪز قائم
ڪري پنهنجي اولاد لاءِ نعمت ۽ امامت جي دعا گهري.
کيس ٻه پٽ ٿيا: (1) اسحاق (2) اسماعيل. حضرت اسحاق
کي پڻ ٻه پٽ پيدا ٿيا: (1) عيسيٰ (3) يعقوب. حضرت
يعقوب ۾ ننڍي هوندي ئي بزرگيءَ جا آثار نمايان
هوندا هئا، جنهن مان سندس گهر وارا سمجهي وڃن ٿا
ته حضرت اسحاق کان پوءِ نبوت جو وارث هي ٿيندو،
جنهن تي سندس ڀاءُ کي حسد جاڳي ٿو ۽ سندس قتل جي
درپي ٿئي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جيستائين هن کي قتل نه
ڪندس، تيستائين منهنجي ترقي نه ٿيندي. انهيءَ
صورتحال کي سندن والده معلوم ڪري وٺي ٿي ۽ هوءَ
حضرت يعقوب عليہ السلام کي في الحال پنهنجي ڀاءُ
ڏانهن روانو ڪري ٿي، جيستائين سندس ڀاءُ کي غصو
آهي تيستائين ڀل ٻئي هنڌ رهي.
۽ حضرت يعقوب کي پڻ 12 پٽ پيدا ٿين ٿا، جن مان پوءِ وڌي ٻارنهن
قبيلا ٿين ٿا. انهن مان حضرت يوسف عليہ السلام جي
نبوت پڻ خواب سان شروع ٿئي ٿي، جنهن جو بيان هي
آهي:
(ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته اي
بابا! مون يارهن ستارن ۽ سج چنڊ کي پنهنجي لاءِ
سلام (نياز) ڪندي ڏٺو.
تڏهن سندس والد کي خواب ٻڌي يقين ٿئي ٿو ته نبوت ۽ امامت جو
وارث هي ٿيندو، مگر پنهنجي حالت ياد ڪري پٽ کي
نصيحت ڪري ٿو ته خواب ظاهر نه ڪر.
(يعقوب) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجو خواب پنهنجي
ڀائرن وٽ بيان نه ڪج.
نه ته تو لاءِ ڪو ڦندو پٿريندا، ڇوته شيطان انسان جو پڌرو دشمن
آهي.
مٿي گذري چڪو آهي ته انقلابي جماعت کي پروگرام سمجهائڻ لاءِ
مخفي زبان استمال ڪرڻي پوندي آهي، جنهن مان پنهنجا
ماڻهو مطلب سمجهي سگهن ۽ ٻيا نه سمجهن. قرآن شريف
۾ جتي به ڪيد جو لفظ ايندو آهي، انهيءَ مان مذڪور
معنيٰ مراد هوندي آهي. هت معنيٰ ٿيندي ته پوءِ
توسان ڊپلوميٽڪ پاليسي هلندا.
شيطان مان ڇا مراد آهي: انسان ۾ ٻه قوتون رکيل هونديون آهن: (1)
حيوانہ (2) عقليہ - قرآن جي اصطلاح ۾ قوت حيوانيہ
تي شيطان جو لفظ ڳالهائبو آهي.
کيس سندس والد اڳتي لاءِ خوشخبري ڏئي ٿو ته توکي هيٺيون نعمتون
ملنديون:
اهڙيءَ طرح تنهنجو پالڻهار توکي سڳورو ڪندو توکي خوابن جو تعبير
سيکاريندو ۽ پنهنجي اولاد تي ۽ اهڙي طرح پوري
ڪندو، نعمت توتي پنهنجي، جهڙي اڳ تنهنجي پيءُ ڏاڏي
ابراهيم، يعقوب ۽ اسحاق تي پوري ڪيائين. ڇوته
تنهنجو پاليندڙ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
مٿي گذري چڪو آهي ته هن سورة مان مقصود آهي پروگرام نبي صلي
الله عليہ وسلم ٻڌائڻ ۽ ٿيڻ وارن واقعات جي خبر
ڏيڻ، تنهن ڪري سوال پيدا ٿئي ٿو ته توهان حڪمت
ڪيئن حاصل ڪندا، ان ڏانهن اشارو ٿئي ٿو.
هي قاعدو آهي ته جڏهن قومون گهڻيون هونديون آهن، تڏهن پهريائين
هڪ قوم ۾ سڌارو آڻي پوءِ انهيءَ جي واسطي سان ٻين
جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندي آهي. پهرين ڪم کي قومي ۽
ٻئي کي بين الاقوامي چئبو آهي. حضرت يعقوب جي
اولاد مان هڪ قوم پيدا ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري هينئر
منجهن حضرت ابراهيم جي دعا جي قبوليت سبب حڪومت
اچي چڪي هئي. حضرت يعقوب شام ۾ رهيل هو. حڪومت کي
ٻين ملڪن سان آمد رفت لاءِ وسيع رسل رسائل جي
ضرورت هوندي آهي. شام کي ڪي به وڏيون بندرگاهون يا
خشڪيءَ جي رستي ٻين ملڪن کان ڳنڍڻ لاءِ وڏا رستا
ڪونه هئا، سواءِ هن جي ته هڪ رستو فرات جي طرف کان
عراق ڏانهن آيو ٿي ۽ ٻيو اڳتي مصر ڏانهن ويو ٿي.
قدرت حضرت يوسف عليہ السلام کي حڪومت ڪرڻ لاءِ مصر
آڻڻ گهريو ٿي، مگر حضرت يوسف عليہ السلام جيڪڏهن
سڌو سئون انهيءَ حالت ۾ مصر وڃي ها ته انهيءَ
زماني جا مصري جيڪي ابلين ۽ ٻين قومن کان سخت نفرت
ڪندا هئا، کيس پنهنجي سوسائٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ ڪڏهن
به تيار نه ٿين ها، تنهن ڪري قدرت کيس غلام بنائي،
هڪ اهڙي گهر ۾ موڪلي ٿي، جتي رات ڏينهن سياست جون
ڳالهيون هلندڙ آهن، تان ته هو سياست سکي حڪومت جي
لائق بڻجي. (2) جيڪڏهن هو اهڙي نموني مصر نه پهچي
ها ته قانوني موجب پيءُ جي گادي جو حقدار وڏو پٽ
ٿئي ها ۽ حضرت يوسف تائين حڪومت جي نوبت نه پهچي
ها، تنهن ڪري تدبير هڪ وڏي ڪم لاءِ ڀائرن کان خطا
ڪرائي ٿي ۽ اهڙي خطا معافي جوڳي آهي. اهڙيءَ طرح
قدرت جيڪڏهن چاهي ها ته حضور صلي الله عليہ وسلم
جن کان پوءِ اهل بيت ۾ حڪومت رهي ته حضور صلي الله
عليہ وسلم جن اهڙي وصيت ڪن ها، مگر عوام هي سمجهڻ
لڳن ها ته هي ساري تحريڪ حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ هلائي
ويئي هئي، تنهن ڪري قدرت پهرين دور ۾ حضرت عثمان
تائين حڪومت جون واڳون حڪماءَ جي هٿن ۾ ڏنيون.
حڪيمن جي نظر هميشه بين الاقوامي ڪمن تي هوندي
آهي، جيئن پوئين دور ۾ شاهه ولي الله رح هر واقعي
کي اجتماعي ۽ بين الاقوامي نظر سان ڏسن ٿا، نه
انفرادي لحاظ سان. اسان جي علماءِ ڪرام تواريخ کي
شخصي نظر سان ڏٺو ۽ لکيو، جنهن ڪري کين پنهنجي
تواريخ سياهه نظر اچي رهي آهي. انهيءَ ڪري هڪ
انگريز کي چوڻو پيو ته مسلمانن جي تواريخ هڪ
ڪاسائي جي دڪان کان وڌيڪ حيثيت نه ٿي رکي، جنهن ۾
ٻڪريون اينديون وڃن ٿيون ۽ ختم ٿينديون وڃن ٿيون.
حڪماءَ جو دور ختم ٿيڻ کان پوءِ آل رسول حڪومت
لاءِ وري ڪوشش ڪئي، مگر تدبير کي کانئن وڏو ڪم
وٺڻو هو، جنهن ڪري کين ناڪامي نصيب ٿي.
ڪم ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: (1) حڪومت (2) سوشل.
حڪومت جو ڪم وقتي ۽ ظاهري قوانين ۾ ابد تائين
محدود آهي. مگر سوشل هميشه هلندڙ ۽ روح سان تعلق
رکندڙ آهي. انهيءَ پوئين وڏي ڪم لاءِ قدرت کين
منتخب ڪيو هو، بلاشبه ساڻن بنو اميه ناجائز روش
هليا ۽ بنو عباسيه ساڻن سٺا قدم نه کنيا، مگر انهن
سببن ته سندن توجهه حڪومت جي تخت تان هٽائي ماڻهن
جي دلين ڏانهن ڦيرايو، ڇا اسان اهڙي ڪم لاءِ ٿيل
خون خرابي کي بيڪار چئي سگهون ٿا؟ هرگز نه اهل بيت
انهيءَ هار ۾ وڏي فتح پاتي، جنهن فتح جي طفيل
منجهن وڏا رهبر پيدا ٿيا. انهيءَ حڪومت جي حصي نه
ملڻ ڏانهن ته حديث ۾ اشارو آيو آهي: انت مني کما
هارون من موسيٰ، يعني جهڙي طرح هارون ۽ سندس اولاد
کي حڪومت ۾ ڪوبه حصو ڪونه هو، اهڙيءَ طرح توهان ۾
به حڪومت اچڻي نه آهي، ڇوته جڏهن عرب جو سڌارو ٿي
چڪو، تڏهن قيصر جي بقيه حڪومت جي خاتمي آڻڻ لاءِ
مرڪز جو پڻ انهيءَ طرف هجڻ ضروري هو. ڇا اسان انهن
جا شخصي ڪارناما ڏسي سندن اجتماعي منافع ۽ خدمات
کي نظر انداز ڪري ڇڏيون. اهڙيءَ طرح بنو عباسيه
جڏهن ڏٺو ته روم طرف ڪافي ترقي ٿي چڪي آهي، تنهن
ڪري هو ايران طرف متوجهه ٿيا. حڪومت جو مرڪز بغداد
مقرر ٿيو ۽ انهيءَ طريقي سان اسلام هندستان پهتو ۽
دهلي مرڪز بڻيو. ڇا اسان اهڙي دؤر کي اونداهون دور
چئي سگهون ٿا؟ اهو سڀ ڪم تدبير جي طرفان ڪرايو ٿي
ويو، جنهن ڪري اسان هڪ وڏي ڪم لاءِ تدبير طرفان
ڪرايل گناهه کي نظر انداز ڪري سگهون ٿا. حضرت يوسف
جا ڀائر پنهنجي پيءُ جو پيار يوسف تي ڏسي جيڪي
صلاح مشورو ڪن ٿا، ان جو بيان اچي ٿو:
(ترجمو) جڏهن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يوسف ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ
(بنيامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا
آهن. جيتوڻيڪ اسان گهڻا ڄڻا، وڏي ٽولي آهيون. بيشڪ
اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آهي (هاڻ گهرجي ته) يوسف
کي ڪهو يا کيس ڪنهن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوهان جي
پيءُ جي مهاڙ اوهان جي لاءِ نرالي ٿئي ۽ ان ڪم کان
پوءِ اوهين سڌريل ٿجو. منجهائن (هڪ) چوندڙ چيو ته
يوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏهن (ڪجهه) ڪندڙ آهيو ته
يوسف کي کوهه جي تري ۾ (کڻي) اڇلايو، ڪو واٽهڙو
کيس ڪڍي ويندو. يعقوب کي چيائون ته هن بابت توکي
ڇا ٿيو آهي جو يوسف جي نسبت ۾ توکي اسان تي هن
هوندي به ڪو ڀروسو نه ٿو ٿئي جو اسين سندس خير
خواهه آهيون. سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽
کيڏي ۽ اسين سندس نگهبان آهيون.
يعقوب عليہ السلام خوابن ۽ آثارن مان معلوم ڪيو هو ته جدائي
ضرور ٿيندي، مگر پدري شفقت ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿي
رهي هئي، تنهن ڪري سندن دفع لاءِ ٻه دليل ڏئي ٿو:
(1) پنهنجو ڏک ۽ (2) بگهڙ جو خوف هو. اهي ثاني جو
جواب ڏين ٿا، مگر پهرين کي ٽاري ڇڏين ٿا.
(يعقوب عليہ السلام) چيو ته مون کي مونجهارو ٿئي
ٿو ۽ ڊڄان ٿو ته متان کيس ڪو بگهڙ کائي ۽ کانئس
اوهين بيخبر هجو.
پنهنجي رٿيل تدبير موجب جيڪي انهن ڪيو، انهيءَ جو
بيان اچي ٿو:
حضرت يوسف ننڍو ٻار هو، کيس کوهه جي تنهائيءَ ۾ سخت ڀؤ ٿئي ها،
مگر قدرت کيس بيداريءَ ۾ خواب ڏيکاري ٿي (جنهن جا
حڪماءَ قائل ٿيا آهن).
جنهن ۾ هو کوهه جي اندر پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ لڳي ٿو. شام جو
سندس ڀائر خون آلوده صحيح سالم پهراڻ کڻي روئندا
پيءُ وٽ اچن ٿا، انهيءَ جو بيان اچي ٿو.
(ترجمو) ۽ پنهنجي پيءُ وٽ روئيندا آيا. چيائون ته
اي بابا سائين! اسين ڊڪ پورائڻ وياسين، پوءِ ان کي
بگهڙ کائي ويو ۽ توڙي اسين سچا آهيون، ته به تون
اسان تي ويساهه ڪندڙ نه ٿيندين ۽ سندس پهراڻ تي
ڪوڙو رت لائي آندائون.
حضرت يعقوب پهراڻ ڏسڻ سان معلوم ڪري ويو ته جيڪڏهن يوسف کي بگهڙ
کائي ها ته ضرور قميص ڦاٽل هجي ها، تنهن ڪري کين
چيائين:
(يعقوب) چيو ته (ائين نه آهي) بلڪه اوهان جي نفس
اوهان جي لاءِ (ان) ٺاهه کي ٺاهيو آهي. تنهن ڪري
(مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گهرجي، جيڪي اوهان بيان ڪريو
ٿا، تنهن تي الله کان مدد گهري وڃي ٿي.
اسان مٿي متنبہ ڪري چڪا آهيون ته هن سورت ۾ نبي ڪريم صلي الله
عليہ وسلم جو پروگرام اشارتاً ٻڌايو وڃي ٿو، ڇوته
اهو حضرت يوسف جي پروگرام سان موافق آهي. جيڪي
هيستائين حضرت يوسف عليہ السلام جي قصي ۾ واقعات
پڙهي آيا آهيون، اهي سڀ حضور صلي الله عليہ وسلم
جن جي زندگيءَ ۾ پڻ ٿي گذريا، سندس تشبہ هيٺينءَ
طرح آهي:
(1) جهڙي طرح حضرت يوسف عليہ السلام خواب ۾ يارنهن ستارا ۽ چنڊ
ڏٺو، تهڙي طرح حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي نبوت
جي شرعات خوابن سان ئي ٿي، جيئن بخاري شريف ۾ اچي
ٿو ته اهي خواب روز روشن وانگر ٿي پوندا هئا.
(2) جهڙي طرح حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجو خواب پيءُ کي ٻڌائي
ٿو خواب ٻڌي سندس پيءُ ان کي ظاهر ڪرڻ کان منع ڪري
ٿو، تهڙي طرح حضور صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجو
خواب پيءُ جو قائم مقام چاچو ورقه بن نوفل اڳيان
پيش ٿو ڪري ته هو تعبير ڪري ٿو ته توکي تنهنجا
ڀائر ٻاهر ڪڍندا. تڏهن نبي ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جن حيرت سان فرمائين ٿا ته ڇا مون کي پنهنجي
وطن مان ڪڍندا؟ تڏهن هن جواب ڏنو ته جنهن به اهڙو
خواب ڏٺو آهي، اهي ضرر پنهنجي وطن مان ڪڍيا ويا
آهن.
(3) اجتباءُ جو درجو جيڪو حضرت يوسف عليہ السلام
کي عطا ٿيو، اهو درجو نه صرف حضور صلي الله عليہ
وسلم کي، مگر سندس امت کي پڻ نصيب ٿئي ٿو. جيئن
قرآن مجيد ۾ اچي ٿو:
(4) يوسف عليہ السلام جي ڀائرن مشورو ڪيو ته ڇا
ڪرڻ گهرجي؟ تڏهن بعض قتل جو ارادو ڪيو، ڪن ڪڍڻ جو.
اهڙيءَ طرح نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن لاءِ
پڻ دارالندوه ۾ مشورو ڪيو وڃي ٿو. ڪي ”جلا وطن“
ڪرڻ جو خيال ڏيکارين ٿا ۽ ڪي ٻيو- آخر شيطان قتل
جو مشورو پيش ڪري ٿو ۽ انهيءَ قتل لاءِ هر هڪ
قبيلي جو ماڻهو طلب ڪري ٿو، جيئن بنو هاشم انتقام
نه وٺي سگهن. مگر الله کين ناڪام ڪري ٿو.
(5) يوسف جا ڏهه ڀائر دشمن بنيا. اهڙيءَ طرح حضرت جن جا به ڏهه
قبيلا دشمن هئا.
(6) جهڙيءَ طرح حضرت يوسف عليہ السلام کي ٽي ڏينهن کوهه ۾
گهارڻو پوي ٿو، اهڙيءَ طرح حضور صلي الله عليہ
وسلم جن کي غار ثور ۾ ٽي ڏينهن رهڻو پوي ٿو.
(7) يوسف عليہ السلام جهڙي طرح کوهه مان نڪري جلد ئي مصر ۾
وزارت هٿ ڪري ٿو، ساڳيءَ طرح حضور صلي الله عليہ
وسلم جن مديني ۾ حڪومت جو بنياد رکن ٿا.
(8) يوسف عليہ السلام کي خدا تعاليٰ تاويل الاحاديث سمجهائي ٿو
۽ هو حضرت ابراهيم عليہ السلام کان وٺي معلم ٿيندا
اچن ٿا، مگر حضرت يوسف عليہ السلام انهن ۾ وڌيڪ
ثابت ٿئي ٿو. جو عملي طريقي تي به ڪم ڪري ڏيکاري
ٿو. ساڳئي نموني حضور صلي الله عليہ وسلم جن به
خلافت پيدا ڪري خليفن جا معلم ٿين ٿا ۽ انهن کي
علمي ۽ عملي طريقي سان سمجهائين ٿا. انهن سڀني
ڳالهين ۾ حضور صلي الله عليہ وسلم جن حضرت يوسف
عليہ السلام سان شريڪ آهن. |