سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :15

 

سنڌ ۾ فتويٰ جو فن

 

عربي لغت جي امام فيروز آباديءَ جي تحقيق پٽاندڙ: الفتيا، الفتويٰ ۽ الفتويٰ ٽنهي لفظن جي معنيٰ آهي: ما افتيٰ بہ الفقيہ، جنهن کي فقيہ پڌرو ڪري. عربي محاوري ۾ افتاه في الامر ابانہ لہ. مطلب ڪنهن ڳالهه ۾ ان جي فتويٰ ڏنائين، جو مطلب آهي اها ڳالهه ان کي پڌري ڪري ڏنائين. فقيہ عالم به جڏهن ته شرعي مسئلي ۽ ڳالهه کي پڇندڙ لاءِ پڌرو ڪندو آهي، ان ڪري کيس مفتي ۽ ان جواب کي فتويٰ سڏيو ويندو آهي. قضاءَ ۾ به ساڳي ڳالهه هوندي آهي، فرق ايترو آهي جو ان ۾ اجراءُ ۽ نفوذ هوندو آهي. مفتي ان جو مجاز نه آهي.

شرعي فتويٰ جو سارو دارومدار علم فقہ تي آهي ۽ فقہ جو ماخذ اڪثريت جي راءِ ۾ قرآن، سنت، اجماع امت ۽ قياس آهي، انهن مان به اصل الاصول قرآن حڪيم آهي. سنت ان لاءِ بائلاز يا شرح جو درجو رکي ٿي. ان لحاظ کان برصغير ۾ جيئن اسلام پهريون هن خطي سنڌ ۾ پهتو ته اهڙيءَ طرح فتويٰ نويسيءَ جو بنياد به هتي پيو، اها سکڻي دعويٰ نه آهي پر ان لاءِ ثبوت پڻ ملي ٿو.

عن محمد بن علي بن ابي طالب رضي الله عنہ ان رسول الله صلي الله عليہ وسلم ذکر انہ وفد عليہ وفدان في يوم واحد من السند وافريقة بسمعهم وطاعتهم (جمع الجوامع)

مطلب ته حضرت علي رضي الله عنہ جي صاحبزادي محمد (بن حنيفہ) کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته هڪ ڏينهن ۾ وٽن ٻه وفد سنڌ ۽ افريقا مان آيا، جن اطاعت قبول ڪئي ۽ حق کي ٻڌو ۽ مڃي ورتو.

اصول حديث جي قانون پٽاندر هيءَ روايت مرسل آهي، ڇوته محمد بن حنيفہ جي نبي سائين سان ملاقات نه آهي. مرسل روايت کي امام ابو حنيفہ ۽ امام مالڪ قبول فرمايو آهي، جنهن لاءِ ڪجهه شرط به لکيا ويا آهن، محمد بن حنيفہ جي والده بابت مشهور مؤرخ ۽ محقق ابن قتيبہ (213هه-276) جي المعارف ڪتاب ۾ اها راءِ آهي ته اها سنڌي عورت هئي، بنو حنيف قبيلي ۾ رهڻ ڪري کيس حنيفة سڏيو ويندو هو. انها کانت امة لبني حنيفة سندية سوداءِ. مطلب ته اها بنو حنيف جي ٻانهي هئي، اصل ۾ سنڌي سياه عورت هئي.

ان لحاظ سان سنڌي، امام محمد بن حنيفة جو ناننگ ٿين. اهو قرينو آهي ته ان انهيءَ روايت کي اهتمام سان ياد رکيو هجي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تحقيق پٽاندر اها روايت علامه سيوطيءَ جي ڪتاب جمع الجوامع ۾ نه آهي، ڪنهن ٻئي ڪتاب جي آهي.

بياض هاشمي جي ساڳي ورق جي ٻئي صفحي تي مخدوم جعفر بوبڪانيءَ جي تحرير تان هڪ ٻي روايت آندي وئي آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنجن اصحابين جي هٿ سنڌ وارن ڏانهن هڪ خط موڪليو، جڏهن اهي سنڌ جي ڳوٺ نيرن (حيدرآباد) ۾ پهتا ته اتي ڪن ماڻهن اسلام آندو، پوءِ ٻه اصحابي سنڌي ميزبان کي ساڻ ڪري موٽي ويا ۽ ٽي اصحابي هتي سنڌ ۾ رهي پيا. ڪيترن سنڌين اسلام قبول ڪيو ۽ صحابي سڳورا سندن پڇا تي کين اسلام جا احڪام سيکاريندا هئا ۽ اتي نيرن ۾ ئي وفات ڪري ويا. ان لحاظ سان اهي سنڌ جا پهريان مفتي هئا، جو هتي جي نو مسلمن کي سوالن جا جواب ڏيندا هئا ۽ ديني احڪام سيکاريندا هئا. (3) هيءَ روايت به مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي جيتوڻيڪ جمع الجوامع ۾ نظر نه آئي آهي، پر مخدوم بوبڪاني جي تحقيق جو قدر ڪندي ان کي پنهنجي فتويٰ ۾ آندو آهي، سنڌين جو وفد جيڪو واپس ٿيو هوندو ۽ هي صحابي سنڌ جا پهريان مفتي آهن. ان کان پوءِ سنڌ جي فتح تائين هتي رڳو قرآن مجيد هو. حديث جي تدوين پڻ خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور ۾ شروع ٿي. ان دور ۾ ابو حفص بصري سنڌي دنيا ۾ پهريون محدث آهي، جنهن پهريون حديث ۾ تدوين شروع ڪئي. (4) ۽ هتي ئي سنڌ ۾ وفات ڪيائين، اهڙي طرح حديث واري دور ۾ ديبل سنڌ ۾ وڏا محدث پيدا ٿيا، جيڪي صحاح ستہ جي ڪن مؤلفن جا استاد آهن، جهڙوڪ ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي ۽ ٻيا، اڳتي هلي فقہ جو زمانو شروع ٿيو ۽ ان تي ئي فتويٰ جو دارومدار هوندو آهي. ٽين صديءَ ۾ منصوره سنڌ ۾ وڏا فقيہ ۽ قاضي هئا، جي هتي فتويٰ ۽ قضا جا مالڪ هئا، پر ياد رکڻ گهرجي ته عرب ملڪ ۾ اهي قاضي امام شافعي رح جي شاگرد امام دائود ظاهريءَ جي مذهب کي پسند ڪندا هئا، جو عربي ذهنيت کي وڌيڪ ويجهو آهي، انهن مان احمد بن محمد القاضي المنصوري السندي وڏي شهرت جو مالڪ آهي، جيڪو دائود ظاهري جي مذهب تي مجتهد ۽ امام هو، جنهن کان حاڪم ابو عبدالله به روايت ڪئي آهي، هتان معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ اسلامي دور جي ابتدا جا فقيہ ظاهري مذهب جا هئا ۽ حڪومت به ان قانون تي هلندي هئي، جيئن جيئن عربن جي حڪومت زوال پذير ٿيندي وئي ته سنڌ جو لاڳاپو وسط ايشيا ۽ خراسان سان وڌيو. حنفي مذهب جڏهن ته عجم جي مذاق جي موافق هو ۽ ٻئي پاسي وسط ايشيا سان سنڌ جو علمي تعلق وڌيو ۽ حنفي فقهاءَ هتي پهتا، هن لاڳاپي ڪري حنفي فقہ کي سنڌ ۾ رواج ٿيو ۽ هتي وڏا فقيہ ۽ عالم پيدا ٿيا، جنهن جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ ۾ بخارا، تاشقند ۽ سمرقند ۾ فقہ حنفي ۽ فقہ شافعيءَ جي عالمن جا مناظرا عام جام جاري ٿي ويا، اهي مناظرا ڪنهن به نفساني خواهش ۽ دنيا جي لالچ لاءِ نه هوندا هئا، پر حق جي تلاش لاءِ هوندا هئا، انهن مناظرن اها شهرت حاصل ڪئي جو جيڪڏهن ڪو معزز ماڻهو مري ويندو هو ته ان جي غمگسارن لاءِ انهن جي محلي جي مسجد ۾ مناظرا قائم ڪري غم ٽاريو ويندو هو، انهيءَ علمي جنگ ۽ مناظرن جي شمس الائمہ سرخسيءَ کي پيداوار سڏيو ويندو آهي. سرخسي اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو، هن جو نالو محمد بن احمد ابو سهل سرخسي هو. هن علم کي بخارا ۾ حنفي مشائخن کان پرايو. علم حديث کي سرخسي، شيخ الاسلام علي بن حسين السنديءَ کان پڙهيو ۽ ان جي خدمت ۽ صحبت کان پاڻ لاءِ لازمي قرار ڏنو ۽ سندس ٻيو استاد شمس الائمہ حلواني آهي. اهي ٻئي وڏا فقيہ ۽ محدث هئا، فقهي قياس جو کين ضبط هو. شمس الائمہ جي وفات کان پوءِ اهو لقب ان جي شاگرد محمد بن احمد سرخسيءَ کي مليو، جنهن مبسوط جهڙو جامع ڪتاب لکيو، جيڪو امام محمد جي مسبوط لاءِ شرح جي حيثيت رکي ٿو.

شمس الائمہ سرخسي، امام محمد رح پنهنجي ڪتاب مبسوط جي روايت گهڻن مشائخن کان ڪئي، جن مان ٻه وڏا شيخ وڏي شهرت جا مالڪ آهن: (1) شيخ الاسلام ابوالحسن علي بن حسين سنڌي، جيڪو وڏو فاضل، فقيہ ۽ مناظر هو. 461هه ۾ ان جي بخارا ۾ وفات ٿي. (2) شمس الائمہ عبدالعزيز بن احمد حلواني، جو پنهنجي وقت جو بخارا ۾ حنفيہ جو امام هو، ان جي وفات 456هه ۾ ٿي ۽ سرخسيءَ جي ”تاج“ جي تحقيق مطابق 500هه ڌاري ٿي ۽ رسائل ابن عابدين ۾ 490هه سن ٻڌايو ويو آهي.

هن تحقيق مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر فقهه حنفي ايڏو زور وٺي ويو هو جو اتي شيخ الاسلام ابوالحسن علي بن حسين سنڌيءَ جهڙو فقہ حنفي جو امام پيدا ٿيو، جنهن نه رڳو پنهنجي ملڪ کي فقہ حنفي جي هٻڪار سان واسيو هوندو، پر بخارا پهچي شمس الائمہ سرخسيءَ جهڙو وڏو مؤلف ۽ فقيہ پيدا ڪيو، جنهن اوزجند جي جيل خاني ۾ رهي مسبوط لکيو. تڏهن شيخ الاسلام سنڌيءَ کي هتي جو پهريون حنفي فقيہ ۽ مفتي ليکيو ويندو هو. حنفي فقہ اڳتي هلي سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن ۾ پکڙجي ويو. ان ۾ به هن علائقي ۽ ڌرتيءَ کي وڏو دخل رهيو آهي.

سنڌ جي علمي تاريخ مان اهو پتو پوي ٿو ته ڏهين صدي هجريءَ ۾ فقهه حنفيءَ جي اصولن پٽاندڙ سنڌ ۾ فتويٰ جا ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، جن مان مخدوم محمد جعفر بوبڪانيءَ جي فتويٰ: المتانة في مرمة الخزانة ۽ علامہ عبدالوهاب پورانيءَ جي فتويٰ: بياض پوراني وڏي اهميت رکن ٿا، هن پوئين فقيہ جو احوال تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ تحفة الڪرام تان پڙهڻ گهرجي، اهو بياض هن وقت ناپيد آهي. باقي پير حسام الدين راشديءَ جي ڄاڻ پٽاندڙ ان جو نسخو ٻاهرين ملڪن ۾ موجود آهي، جنهن جي فوٽوءَ لاءِ ڪوشش هلندڙ آهي.

اها فتويٰ نويسي اڳتي هلي اهڙي ته برڪت ڀري ثابت ٿي جو 11 ۽ 12 صدي هجريءَ ۾ فتويٰ جي ڪتابن جو ڪو ڇيهه ئي نه رهيو، رڳو سنڌي زبان ۾ فقهه حنفي تي پنجاهه سٺ ڪتاب لکيا ويا، جن مان اوليت ابوالحسن جي سنڌي: مقدمة الصلوٰة، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي هالائي جي سنڌي ۽ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي سنڌيءَ کي حاصل آهي.

سنڌي فتوائن کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ به فتويٰ ۽ فقهه حنفيءَ تي اڪيچار ڪتاب لکيا ويا آهن، جن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو بياض هاشمي يا فتاويٰ هاشميہ کي وڏي اهميت ۽ شهرت حاصل آهي.

ٻارهين صديءَ جو اثر تيرهين صدي ۾ به گهڻو رهيو، مخدوم محمد هاشم صاحب جي وفات وقت اتر سنڌ جو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي پنجويهه سالن جي ڄمار جو هو، اها عمر علمي فراغت جي هوندي آهي، جنهن جو مطلب ته مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي ٺٽي کان گهڻو پري جو رهندڙ هو، پر پنهنجي علمي ڪمال ڪري فتويٰ واحدي يا بياض واحديءَ(1) جهڙو ضخيم ڪتاب لکي مخدوم محمد هاشم سان ڪلهو ساهڻ لڳو ۽ ڪيترن مسئلن ۾ هن مخدوم ٺٽويءَ جي مخالفت به ڪئي ۽ بياض واحديءَ سان گڏ هن درمختار جي شرح رش الانوار جهڙو تحقيقي ڪتاب لکيو، پر افسوس جو اهو پويون ڪتاب اسان جي ناقدري ڪري اڻ لڀ ٿي ويو. البت ان جي ڪجهه تلخيص سليڪشن مون کي مخدوم محمد مراد سيوهاڻيءَ کان هٿ آئي، جنهن کي مون المتانة تي تحقيق ڪندي حاشيي تي آڻي ڇڏيو آهي، ان جي مطالعي مان مخدوم عبدالواحد جي غائر نظر ۽ تحقيق جو انداز لڳائي سگهجي ٿو، ۽ کيس نعمان ثانيءَ جو لقب ملڻ بي جا نه آهي.

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جا ٻيا معاصر مخدوم ابراهيم ٺٽوي، مخدوم عثمان مٽياروي، مخدوم محمد دائود آگرو، مخدوم احمد بختيارپوري ۽ ٻيا آهن. جن مان مخدوم عثمان سان ان جو فقهي تحريري بحث هلندو رهيو ۽ فتويٰ بازي جاري رهي، ساڳي وقت مخدوم ابراهيم ٺٽوي به مخدوم عثمان جو وڏو حريف هو، پر انهن ٻنهي بزرگن ۾ اهو فرق هو جو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي فتويٰ ۾ مخالفت کي ادب کان وڌڻ نه ڏنو آهي ۽ مخدوم ابراهيم ٺٽوي جوش ۾ پنهنجي حريف مفتيءَ کي گاريون به ڏئي ويو آهي.

تيرهين صديءَ جي منڍ ۾ ٿرپارڪر ۾ رهندڙ کوسن بلوچن جو معاملو عالمن لاءِ بحث ۽ فتويٰ نويسي جو ڪارڻ بڻيو. کوسا ٻروچ سنڌ جي سرحد ٽپي ڀر وارين رياستن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ غير مسلمان عورتن ۽ ٻارن کي قيدي ڪري ايندا هئا. هاڻي اسلامي طرح مفتين جي آڏو اهو سوال آيو ته ان کي جهاد سڏجي ۽ عورتون ٻانهيون بنايون وڃن يا نه؟

مخدوم ابراهيم ٺٽوي کوسن جو طرفدار هو، ان کي جهاد سڏي مال کي مباح ۽ عورتن، ٻارن کي ٻانهيون ۽ غلام بنائڻ جي فائدي ۾ هو ۽ مخدوم محمد عثمان مٽياروي انهن کي ڌاڙيل، غاصب ۽ چور سڏي رهيو هو، وغيره. ان تي مخدم ابراهيم ٺٽويءَ کي اهڙو جوش آيو جو 1209هه ۾ هڪ رسالو دماج المغنم مخدوم محمد عثمان جي ضد ۾ فتويٰ طور لکيو ۽ انهن رياستن کي دارالحرب سڏي، انهن سڀني ڪمن کي نه رڳو جائز، پر عين ثواب سڏيو. پڇاڙيءَ ۾ عربيءَ ۾ هڪ قصيدو لکي مخدوم محمد عثمان کي مخاطب ڪري ڏاڍو ڳالهايو، نه رڳو مخدوم صاحب کي پر ان جي پيءُ، ڏاڏن ۽ مائرن جا نالا وٺي اهو خطاب ڪيو. مخدوم عثمان جو گهراڻو نومسلم هو، ان ڪري مخدوم ابراهيم انهن کي اهو طعنو ڏئي رهيو آهي ته اهي پنهنجي ڪافر مائٽن جي طرفداري ڪري رهيا آهن، لکي ٿو ته:

الفيت عثمان بن ٺارو حاميا

للڪافرين بجوڌپور مراعيا

تون ٺارو جي پٽ عثمان کي ڏسين ٿو ته اهو جوڌپور جي ڪافرن جي حمايت ۽ طرفداري ڪري رهيو آهي.

آبائہ من جملة الکفار کا

نوا ذاک يحميهم لذالک ناعيا

عثمان جا ابا ڏاڏا پاڻ ڪافرن مان هئا، تڏهن ته سندن خاطري پيو ڪري. اڳتي هلي انهن اشعارن ۾ مائي سومري- ٺارو- يعقوب- ماڻڪ- ڪلياڻ ۽ نارائن جا نالا ورتا ويا آهن. اهو عربي قصيدو 57 بيتن تي مشتمل آهي.

انهيءَ تيرهين صديءَ ۾ مخدوم محمد عابد سيوهاڻي هڪ وڏو فقيہ ۽ مفتي پيدا ٿيو، جنهن فقہ حنفيءَ ۾ فتويٰ جي مشهور ڪتاب الدرالمختار علامہ حصڪفيءَ جي اٺاويهه جلدن ۾ طوالع الانوار نالي شرح لکي. اها شرح جرمنيءَ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي ۽ مدينہ منوره جي مولانا مظهر جي ڪتب خاني ۾ پڻ موجود آهي. (8) استادي روايت آهي ته جڏهن علامه شامي ابن عابدين، طوالع الانوار کي ڏٺو ته روئي ڏنو ۽ فرمايائين ته اڳ اهو ڪتاب ڏسان ها ته درمختار ڪتاب نه لکان ها. اهي ٻئي بزرگ پاڻ ۾ همعصر هئا.

ان دور جا سنڌ ۾ ٻيا وڏا مفتي ڏکڻ سنڌ ۾ مخدوم عبدالڪريم مٽياروي ۽ مخدوم محمد هالائي هئا. انهن ٻنهين بزرگن کي اڳوڻين تحريرن ۾ ”المخدومين“ سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ اتر سنڌ ۾ خليفو محمد يعقوب همايوني، ميان نور محمد شهدادڪوٽي ۽ مخدوم محمد ٻيرائي ۽ ٻيا آهن. مخدوم قاضي محمد ٻيرائي جي تحريرن ۽ فتوائن جو مجموعو اڃان تائين ان جي اولاد ۾ الحاج مولوي عبدالڪريم صاحب بزرگ ٻيرائي وٽ موجود آهي. هن مجموعي جي احقر راقم پڻ زيارت ڪئي آهي. انهن بزرگن سنڌ ۾ تحرير نويسيءَ جي قديم فن کي بحال رکيو ۽ سهڻي دلائل ۽ فقهي ماخذ سان استفتائن جا جواب لکندا رهيا، جيئن اڳ وارا سنڌي مفتي ڪندا هئا. هن دور کان پوءِ فتويٰ نويسيءَ جي مسند استاد العلماءِ خليفي محمد يعقوب جي صاحبزادي خليفي عبدالغفور صاحب همايونيءَ کي نصيب ٿي. سندس والد ساري سنڌ کي ديني علم سان سيراب ڪري ڇڏيو ته هن وري سنڌ ۾ فن تحرير نويسيءَ کي نئين سر جياريو ۽ زور وٺايو. کيس سنڌ بلوچستان جو مفتي سڏيو ويندو هو. هندستان جي مفتين مان مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ ٻين پنهنجي ڪيترن فتوائن ۾ مولانا مفتي همايونيءَ جي فتوائن ڏانهن رجوع ڪيو.

منهنجي استاد مولانا مرحوم خوش محمد ميرو خاني ٻڌايو ته فتوائن جي سلسلي ۾ گهڻا ڀيرا مولانا همايونيءَ جي خدمت ۾ وڃڻ ٿيو. پاڻ خلوت پسند هئا ۽ طبيعت مجذوبانه رکندا هئا، پر جڏهن کانئن ڪو شرعي مسئلو پڇيو ويندو هو ته هڪ دم هوشيار ٿي ويندا هئا ۽ گهڻو ڪري زباني، فقهي ڪتابن جا حوالا به ڏيندا ويندا هئا. سندن پايي جا سنڌ ۾ مفتي رڳو شهداد ڪوٽي بزرگ مولانا گل محمد صاحب ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ ۽ شاگرد مولانا محمد صديق هوندا هئا. مولانا گل محمد صاحب ته اڳ 1305هه ۾ وفات ڪري ويا، ان ڪري گهڻي همعصري مولانا غلام صديق جن کي نصيب ٿي. استادي روايت آهي ته ميان غلام صديق فرمائيندو هو ته جڏهن مولانا همايوني، همايون مان اسري شهدادڪوٽ پهچندو هو ته ان وچ ۾ آئون فقہ جي ڪنهن معتبر ڪتاب کي ياد ڪري وٺندو هوس. اهو سندس حافظي جو ڪمال هو.

انهن ٻنهي بزرگن جي عربي تحرير مون پڙهي آهي، عربي ادب سان ننڍپڻ کان وٺي منهنجو واسطو رهيو آهي. سندن تحرير ۾ اهو فرق آهي جيڪو مولانا عبدالحي لکنوي ۽ مولانا انور شاهه جي تحرير ۾ فرق آهي، مولانا انور شاهه جي عربي تحرير نهايت مغلق هوندي آهي ۽ مولانا عبدالحي لکنوي آسان لکندا آهن. ساڳي ريت مولانا غلام صديق جي تحرير مشڪل ۽ مولانا همايونيءَ جي آسان آهي. مولانا همايوني جون فتوائون ته بيشمار هيون، جي ضبط ۾ اچن ها ته وڏو دفتر تيار ٿي وڃي ها، پر افسوس جو ائين ٿي نه سگهيو، جيئن سنڌ ۾ عام دستور آهي. جو جوڳي حفاظت نه ڪئي ويندي آهي، البته جيڪي تحريرون محفوظ رهجي ويون، ان مان ٻه جلد فارسي ۾ فتويٰ همايوني جي نالي ڇپجي چڪا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ هڪ جلد ڇپيو آهي.

مولانا همايوني کان پوءِ وارو دور اسان جي سامهون گذريو آهي، همايوني صاحب جو لائق ۽ فائق شاگرد مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو ثابت ٿيو. هو هڪ وڏو مدبر، عربي، فارسي ادب جو وڏو اديب ۽ فقہ حنفي جو وڏو ماهر هو، ڳالهائڻ ۾ نهايت سنجيدگي هوندي هيس، جڏهن ڳالهائيندو هو ته ڄڻ سندس وات مبارڪ مان موتي ڇڻي رهيا آهن، پر افسوس جو مولانا عبدالحي صاحب وانگر سندن زندگي رڳو چاليهه سال رهي، مون کيس ويجهڙائي ۾ ڏٺو. جيتوڻيڪ زيارت وقت منهنجي عمر پندرهن سال هئي، ڪنز الدقائق پڙهندو هوس. پر ان عمر ۾ به بحر الرائق منهنجي مطالعي ۾ رهندو هو.

ان دور ۾ سنڌ جي عالمن کي ٻن نالن سان ياد ڪيو ويندو هو، همايوني ۽ امروٽي. باقي ديوبندي ۽ بريلوي جا لفظ گهٽ استعمال ٿيندا هئا. هڪ ڀيري مولانا عبدالله بنگل ديرائي ضلع لاڙڪاڻي واري ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ عرضي ڀٽي ۾ هڪ صغير کي طلاق ڏياري، جنهن تي سنڌ ۾ همايوني توڙي امروٽي عالمن ۾ جوش پيدا ٿيو. تحريرون لکجي ويون. مولانا عبدالله بنگل ديرائي گهڻي ڀاڱي عالمن جو استاد هو. مولانا مير محمد نورنگي ۽ منهنجو استاد علامہ ڪورائي پڻ ان وٽ ڪجهه ننڍا ڪتاب پڙهيا هئا. نيٺ تحريرن کان پوءِ مناظري جي نوبت آئي. هڪ پاسي رڳو مولانا عبدالله بنگل ديرائي ۽ ان جي مدد ۾ سندس اڪيلو شاگرد مولوي لطف الله پنجوديري وارو هو ته ٻئي پاسي همايوني ۽ امروٽي سڀ عالم اچي عرض ڀٽي ۾ ڪٺا ٿيا هئا. آئون به پنهنجي استاد مولانا خوش محمد ميروخانيءَ سان گڏ مناظري جو مزو ڏسڻ لاءِ ويو هوس، ان وقت اڃان پاڻ کي ڏاڙهي نه لٿي هئي. مفتي سنڌ بلوچستان مولانا محمد قاسم به هن مناظري ۾ آيا هئا. مولانا عبدالله مناظري لاءِ مولوي محمد عظيم شيدا کي تيار ڪيو هو جو ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هو بدن ۾ به قوي ۽ ڏاڍو هو، سندس آواز به ٿلهو ۽ رعبدار هو. شهر جو زميندار، جنهن عالمن جي هن فقهي مناظري جو انتظام ڪيو هو، سو هو خان صاحب عبدالحق ڀٽو. ان مولانا عبدالله کي چيو ته مولانا! سنڌ جا سڀ عالم ۽ مفتي هڪ پاسي آهن، اوهان اڪيلا آهيو، ڪيئن انهن سان پڄندؤ؟ ان تي مولانا عبدالله صاحب ڀريل مجلس ۾ وڏي واڪي اهو فرمايو: هوڏانهن لک هزار هيڏانهن هڪ مزار. سچ پڇو ته هو به هڪ مزار جو وڏي عمر جو ڪمزور ٿي ڪري هر هڪ سان پڄندو ٿي آيو. مولوي محمد عظيم، پنهنجي مخالف مناظر کي ٻانهن کان جهلي لوڏيو ٿي. هو ويچارو پوڙهو هو، دانهون ڪري چوندو رهيو ته بابا! چريو نه ٿيءُ، ڏاهو ٿيءُ مناظرو ٿو ڪرين يا ملهه ٿو وڙهين، پنهنجي هٿن کي پري ڪر زبان سان ڳالهاءِ وغيره.

آخر ۾ مشيرن اهو فيصلو ڏنو ته هر هڪ عالم قرآن پاڪ تي هٿ رکندو، پنهنجي فتويٰ ڏيندو وڃي جڏهن ته عالمن جي گهڻائي ڇوڪر نابالغ جي طلاق جي خلاف هئي، ان ڪري مولانا عبدالله کي ظاهر ۾ ته شڪست آئي، پر تڏهن به هو نه مڙيو. کيس هر هڪ مفتي ۽ عالم جي افعالن ۽ ڪردار جي اهڙي ڄاڻ هئي، جو جيڪو عالم قرآن حڪيم تي فتويٰ ڏيڻ اٿيو ٿي، مولانا بنگل ديرائي ان تي جرح ٿي ڪئي ۽ ان جا پتا پڌرا ٿي ڪيا. نه معلوم اها ڄاڻ کيس ڪٿان هٿ آئي. پڇاڙي ۾ ٻيا عالم سڀ هليا ويا ۽ مولانا بنگل ديرائي ڳوٺ ڀٽي ۾ رهي پيو ۽ طلاق ڏياري جدائي ڪرائي، پوءِ اسريو، اهڙن اڻانگن مسئلن ۾ مولانا مفتي عبدالله گهڻو ڪري ائين ڪندا ۽ عام عالمن جي راءِ جي خلاف ويندا هئا.

هن فقهي مناظري ۾ جهڙو گنڀيرتو ۽ سنجيدو مون مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارن کي ڏٺو، فقہ ۾ مفتي لاءِ جيڪي شرائط لکيا ويا آهن، اهي سڀ منجهن موجود هئا، هن گنڀيرتائي ۾ سندن ڪنن جي ڪجهه ٻوڙائي به اثر ڏيکاريو هو. مون جرئت ڪري سنڌي ريشمي ٽوپي بابت کانئن مسئلو پڇيو ۽ فتويٰ گهري. پهرين ته منهنجي ننڍي عمر ۽ جرئت کي ڏسي مشڪيا ۽ پوءِ جواب ڏنائون ته اهو ٽوپ يا ٽوپي جائز آهي، ڇوته ان ۾ شيشي جا ڪاوا فاصلو آهن. مان ٺهه پهه سوال ڪيو ته مولانا! فاصلي لاءِ فقہ جي ڪتابن ۾ چئن آڱرين جو فاصلو آهي، اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪيائون، جنهن مان معلوم ٿيو ته پاڻ تحقيق ڪرڻ گهرن ٿا، اهو به سندن علم ۽ تفقہ هو، ٻيو ڪو عالم سڳورو هجي ها ته مون کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ها.

هن دور جا اتر سنڌ ۾ ٻيا مفتي مولانا غلام عمر سوني جتوئي لاڙڪاڻي وارو مولانا مير محمد نورنگي، مولانا شفيع محمد مسجدي، مولانا پير محمد جوڻائين وارو، مولانا ڪريم داد ٺيڙهي وارو، مولانا خادم حسين جتوئي، مولانا خوش محمد ميرو خان وارو، مولانا غلام رسول چاندين وارو، حضرت استاد علامه عبدالڪريم ڪورائي، مولانا محمد ابراهيم ياسيني، مولانا نبي بخش اوستوي، مولانا نبي بخش عودوي، مولانا استاد عبدالوهاب ڪلاچي جيڪب آبادي، مولانا سيد محسن شاهه ميان جي پٽ وارو، مولانا عطا محمد پنهون وسائي وارو ۽ مولانا محمد هاشم مشوري ۽ ٻيا هئا. ڏکڻ سنڌ لاڙ ۾ مولانا محمد صادق کڏهه وارا، مولانا فتح علي جتوئي، پير صاحب رشد الله جهنڊي وارو، مولانا احمد پراڻي هالن وارو، مولانا قاضي لعل محمد مٽياروي وارو، مولانا محمد عثمان ڀنڀرو ۽ ٻيا هئا.

اتر سنڌ ۾ ته تحريرون ۽ مناظرا رڳو فقهي مسئلن تائين محدود نه هئا، پر ٻين علمن جي مسئلن تي به تحريرون ٿينديون هيون، اهڙين تحريرن جو سلسلو حضرت علامه استاد ڪورائي ۽ مولانا عطا محمد پنهون وسائي وارن جي وچ ۾ قضيہ شرطيہ متصلہ تي به هليو، جنهن تي مولانا محمد ياسين ڳڙهي ياسيني حضرت علامه استاد ڪورائي جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

انهيءَ دور ۾ ذبح فوق العقده تي سنڌي مفتين جي فتوائن ۾ ڏي وٺ ٿي. همايوني فڪر جا علماءَ ٻنهي جي حلال جا قائل هئا ۽ مولانا سيد محسن شاهه هڪ کي حلال ۽ ٻئي کي حرام سڏي رهيو هو، ٻنهي جون تحريرون هليون، علامه ياسيني محمد قاسم ان جي خلاف هو، ظاهري طرح تحريرن ۾ مولانا محسن شاهه جو پاسو قوي هو، همايون ۾ روبرو مناظرو به رکيو ويو، تڏهن مولانا محمد قاسم ياسيني طرفان حلت لاءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي بياض جي هڪ جزئي ڏيکاري وئي، جنهن سڀني کي خاموش ڪري ڇڏيو.

 مڪران جي قاضي داد محمد سان اتي جي ڪن مسئلن ۾ اختلاف ٿي پيو. ان اسان جي استاد علامہ ڪورائي کان مدد ورتي. ڪيتريون تحريرون ۽ رسالا وجود ۾ اچي ويا، آئون انهن تحريرن ۾ حضرت استاد کي جزئين ڪڍي ڏيڻ ۽ نقل ڪرڻ ۾ مددگار هيس. حضرت استاد جي عربي تحرير سان مقابلو مفتي ڪفايت الله جهڙن عالمن ۽ اديبن جو ڪم هو. نتيجي ۾ مڪران جا مفتي خاموش ٿي ويا. اهو مواد نه معلوم موجود آهي يا نه؟ مون کان ان جي افسوس ته حفاظت نه ٿي سگهي.

سنڌ جا مفتي تقريظن ۾ مخالف جي خلاف سنڌي بيت به هتڪ آميز لکندا هئا، جيتوڻيڪ اها ڳالهه عالمن جي وقار وٽان نه آهي، پر حق جي تلاش ۾ ائين به ڪندا هئا. هڪ ڀيرو منهنجي استاد مرحوم خوش محمد ميروخانيءَ جي تحرير کي ڀڃندي هڪ تقريظ هن طرح ڪئي وئي:

نالو منهنجو ڇتو جو ڪوري آ

علميت اگرچه مون کي ٿوري آه

ته به تحرير تي صحيح پاتم

مرڪري معترض ملو ماتم

اها تحرير جڏهن حضرت مولانا ميروخانيءَ کي پهتي ته ان جو رد لکي آخر ۾ لکيائون ته تقريظ ڪندڙ کان غلطي ٿي آهي، نه ته اصل تقريظ هن طرح آهي:

نالو منهنجو ڇٽو مهاڻو آ

.............. .......... ............

بيحيائي ڪري صحيح پاتم

ڇوته تحرير کي نه ٿي ڄاتم

هن مان مخالف گروه جي هڪ عمر رسيده عالم ڏانهن اشارو هو، جيڪو ذات جو ملاح يا مهاڻو هو ۽ ان جو اصلي نالو ڇٽو هو.

اهڙا لطيفا ۽ قصا گهڻائي ياد آهن، پر طوالت ڪري مقالي جي اتر اوڙڪ آڻجي ٿي.

 

حاشيا ۽ حوالا

(1) بياض هاشمي جلد 4 خطي نسخو هن راقم جي ملڪيت - ورق 82

(2) المعارف ص210 - تحقيق ثروت عڪاشہ

(3) بياض هاشمي ج4 ص82

(4) ڏسو سبحة المرجان في آثار هندستان عربي تاليف سيد غلام علي آزاد بلگرامي صفحو 3

(5) ڪتاب الانساب - تاليف قاضي عبدالڪريم سمعاني مروزي ص543 فوٽوليدن (هالينڊ)

(6) مقدمہ شرح السير الکبير سرخسي. شيخ ابو زهره ص38 طبع جامعة القاهره.

(7) پير صاحب جن هن راقم سان پاڻ اها خبر ڪئي ته هو ان نسخي کي گهرائي رهيو آهي.

(8) جرمني واري ڳالهه سيد سليمان ندوي لکي آهي.


(1)  بياض واحدي سنڌيءَ ۾، سنڌي ادبي بورڊ 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com