امام انقلاب حضرت علامه سنڌي
امام المفسرين علامہ سنڌي جي انتقال پرملال جو صدمو هندستان جي
مسلمانن لاءِ ايڏو وڏو صدمو آهي، جنهن جي تلافي
قريبي زمانه ۾ مشڪل آهي. حڪمت ولي اللـٰهي جو شارح
اسان کان جدا ٿي خطيرة القدس ۾ وڃي پهتو، مگر سندن
پروگرام ۽ مجاهدانه زندگيءَ جا روشن ڪارناما اسان
وٽ موجود آهن.
درد ما بر مرگ حضرت ڪمتر از يعقوب نيست
او پسر گم کرده بود و ما پدر گم کرده ايم
حضرات ناظرين! اوهان کي بخوبي معلوم هوندو ته هن قحط الرجال دور
۾ حضرت امام عبيدالله جي انتقال جو صدمو هندستان
جي مسلمانن لاءِ ايڏو سياسي مذهبي علمي نقصان آهي،
جنهن جي تلافي ڪن صدين تائين مشڪل آهي. افسوس رڳو
هن ڳالهه جو آهي جو تمام ٿورن ماڻهن کي هن ڳالهه
جو احساس آهي ته حضرت امام جي مشن ڇا هئي؟ ۽ ان
مشن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابي ۾ مسلمانن جي زندگي ۽
موت جو سوال مضمر آهي. حضرت علامه جي وفات تي
هندستان ۾ تعزيتي جلسا ٿي رهيا آهن. مولانا مرحوم
لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ پسماندن سان اظهار همدردي ڪئي
وڃي ٿي. جيئن عام طرح هڪ سياسي ليڊر يا عالم جي
انتقال تي ڪيو ويندو آهي. مگر ڪاش! هدستان جو
مسلمان حضرت امام جي مشن کان پوري طرح واقف هجي ها
ته اڄ ڪلهه ٻيو درد و غم رنج و الم نظر اچي ها.
حضرت علامہ رح سياست يا عربي علومن جي اندر محض هڪ
عالم جي حيثيت رکندڙ نه هو، مگر صحيح معنيٰ ۾ امام
هو.
شنيده که بود مانند ديده.
حضرت امام سان پهرين ملاقات
علامه سنڌي رحه جڏهن 25 ورهين جي جلاوطني کان پوءِ مرحوم الهه
بخش ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ٻين بزرگن جي ڪوششن
سان سن939هجريءَ؟؟؟؟؟ ۾ ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيا،
اخبارن ۾ مولانا رح جي تشريف ۽ شاندار استقبال جي
خبر شايع ٿي، مرحوم الهه بخش وزير اعظم ارڪان
وزارت سان جهاز جي گودي تي موجود هو. ان زماني ۾
آئون دارالعلوم ديوبند ۾ تعليم وٺي رهيو هوس. حضرت
امام رح جي حالات کي نهايت شوق سان اخبارن ۾
پڙهندو هوس. هڪ جلسي ۾ مرشدي مولانا حسين احمد
تقرير فرمائي ۽ جڏهن هي جملو (ايک فضيلت تو علامه
سنڌي کو الله تبارڪ وتعاليٰ ني وه عطا فرمائي هي
جو همين آج تک نصيب نهين هوئي وه هي جهاد بالسيف)
فرمايائون، تڏهن آئون مصمم ارادو ڪيو ته حضرت
مولانا سنڌي جي خدمت ۾ رهي سندن فيوضات کان ضرور
مستفيد ٿي ادنيٰ سپاهي بڻجي ڪم ڪندس. حضرت مولانا
رح هندوستان جو دورو ڪندي دارالعلوم ديوبند پهتا،
ان ڏينهن کي آئون پنهنجي لاءِ نعمت عظميٰ ڄاڻان
ٿو، جو هڪ سراپا انقلاب انسان جي زيارت حاصل ٿي.
حضرت جي مجلس ۾ مون ڇا ڏٺو؟
ڪيترا متبحر بزرگ علماءَ علامه سنڌي جي خدمت ۾ زانوته ڪري ادب
سان ويهندا هئا ۽ حضرت رح جي افادات کان مستفيد
ٿيندا رهيا. جيئن ڪو ادنيٰ شاگرد استاد آڏو ڪندو
آهي. انهن مجلسن ۾ اهي اهي علمي تقريرون ٻڌندو
رهيس، جيڪي مون اڳ ڪڏهن نه ٻڌيون هيون. بهرحال ان
کان پوءِ آئون حضرت علامه کي مجتهد ۽ جماعت
انقلابين جو سالار اعظم اعتقاد ڪندو رهيس. حضرت
مولانا رح جي ڪنهن خاص جڳهه سڪونت معلوم نه پئي
ٿي. ان ڪري دارالعلوم کان فارغ ٿي، جڏهن آئون دهلي
جي اورنٽيئل ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته حضرت مولانا رح
جو سن940هندي ۾ يادگار شيخ الهند رح جي نالي سان
هڪ پروگرام شايع ٿيو.
جامعه نگر دهلي ۾ بيت الحڪمة جو قيام
حضرت مولانا رح رمضان سن1359هه جي پوئين هفتي ۾ دهلي تشريف فرما
ٿيا ۽ 16 شوال سن1359هه بمطابق 940هندي 17 نومبر
جامعه مليه دهلي ۾ بيت الحڪمة يادگار شيخ الهند ۽
ولي الله اڪيڊمي جو قيام فرمايائون. آئون دهلي ۾
حضرت جي خدمت ۾ هر جمعه تي اداره شرقيه متصل جامع
مسجد ويندو هوس. هڪ ڏينهن حضرت جن فرمايو ته اسان
توکي سنڌ ۾ پڙهائينداسون ۽ ڪم سيکارينداسون. حضرت
جي انهيءَ جملي تي آئون نهايت خوش ٿيس.
شرف تلمذ
هڪ دردمند دل رکندڙ انسان جي آواز جو اثر ظاهر ٿيڻ لڳو. باوجود
ڪافي مخالفت جي بيت الحڪمة جون شاخون هندستان ۾
قائم ٿيڻ لڳيون. عربي توڙي انگريزي دان نوجوانن جو
طبقو (مولانا جي بيتاب سرگرمين ۽ باوجود ضعف بدن ۽
پيرسني جي هندستان جي گوشه گوشه ۾ وڃي پنهنجي
انقلابي تحريڪ کان ستل مسلمانن کي بيدار ڪرڻ واري
صور اسرافيلي جي آواز جي ڪري) قرآن شريف جي
انقلابي پيغام ۽ سبق ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳو. سنڌ
مان مولانا وفائي صاحب ۽ هندوستان مان پروفيسر
محمد سرور صاحب جهڙا اهل قلم مولانا جي جماعت ۾
داخل ٿي سرگرم نظر آيا. دارالرشاد ۾ مستقل مرڪز
بيت الحڪمة کوليو ويو. مگر افسوس جو صوبه سنڌ
(جنهن لاءِ مولانا مرحوم کي بيحد محبت هوندي هئي)
مان سواءِ پنجن اٺن نوجوان مولوي صاحبن جي ٻين
توجهه گهٽ ڏنو. يا مورڳو حجرن ۾ ويهي مخالفت ڪندا
رهيا. الله پاڪ جا لک شڪرانا جو مون جهڙي ڪم علم
ناچيز کي حضرت علامه جو تلمذ حاصل ٿيو.
عجيب واقعو
هڪ ڏينهن حضرت امام جي خدمت ۾ خير ڪثير پڙهي رهيو هوس. غالباً
مولانا محمد نور صاحب مڪي به سامع هوا، دوران سبق
۾ فصوص الحکم جو هڪ منطقي سوال جراءَت ڪري عرض
رکيم. مولانا مرحوم فرمائڻ لڳا منطق مين ميري
ساتهه ادب سي بات کيجئي مين خيرآبادي استادون سي
منطق پڙها هوا هون. درس ختم ٿيڻ کان پوءِ آئون صبر
ڪري پنهنجي رهائش واري ڪمري ڏانهن هليو ويس، ايتري
۾ حضرت مرحوم پا پياده منهنجي پويان هليا آيا، ان
وقت غالباً مولوي عزيزالله منهنجو رفيق به ويٺو
هو. حضرت مولانا نهايت مٺي لهجي سان فرمايو ته
مولوي صاحب! اوهان جو اهو اعتراض اسان سمجهيو اصل
اعتراض ابن عربي جو آهي، ان جو جواب ٻڌائينداسون.
فرمايائون ته اسان هاڻ مولويانه نمونه سوالن جوابن
جي درپي نه هوندا آهيون. ان ۾ بي سود وقت ضايع
ٿيندو، پوءِ مون سان گڏ بي تڪلفي سان ويهي پنهنجي
علم پرائڻ ۽ زمانه شاگردي جو احوال بيان
فرمايائون.
مولانا جو خاندان
مولانا مرحوم جو تولد ڳوٺ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ ۾ 12 محرم
1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع ۾ ٿيو. مولانا جو والد
مولانا جي پيدائش کان اڳ چار مهينا فوت ٿي ويو ۽
مولانا مرحوم جي پرورش ڏاڏي جي گود ۾ ٿي. مولانا
جي خاندان جو اصلي پيشو زرگري هو، ليڪن ڪنهن زماني
کان ڪن وري سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ بعض
شاهوڪاري ڌنڌو ڪيو. مولانا فرمايو ته 1884ع ۾ هڪ
آريه سماجي ڇوڪري کان مون کي ڪتاب تحفة الهند هٿ
آيو، ان جي مطالعه سان مون کي اسلام جي صداقت
معلوم ٿي ۽ روز بروز وڌندي وئي. اسان جي قريب
پرائمري اسڪول (کوڻله مغلان) جا چند هندو شاگرد
مليا، جيڪي مون وانگر تحفة الهند جا گرويده هئا،
انهن جي ذريعي مون کي مولانا اسماعيل شهيد جو ڪتاب
تقوية الايمان هٿ آيو، ان جي مطالعي سان آئون
مسئله توحيد کي سمجهي ويس.
اظهار اسلام
حضرت فرمايو ته ان کان پوءِ آئون هڪ عربي شاگرد جي رفاقت سان
نڪتس ۽ ڪوٽله شاهه ضلع مظفر ڳڙهه ۾ پهتاسون، اتي
منهنجي سنت ختنه ادا ٿي، ٿورن ڏينهن بعد پنهنجي
عزيزن جي خوف کان ڀڄي سنڌ جو ارادو رکيم، صرف جا
ڪتاب رستي ۾ رفيق شاگرد کان پڙهي ورتم. الله پاڪ
جي خاص رحمت جو سنڌ ۾ ڀرچونڊي تعلقه اوٻاڙي ۾
پهتس، سيد العارفين حافظ محمد صديق صاحب جي زيارت
حاصل ٿي. حضرت حافظ صاحب منهنجي لاءِ پيءُ جي جاءِ
تي هئا. هڪ مجلس ۾ اهڙو ارشاد به فرمايو هئائون.
اظهار اسلام بعد مون پنهنجو نالو تحفة الهند جي
مصنف جي نالي تي عبيدالله منتخب ڪيو هو. حضرت حافظ
صاحب جي مهربانين جو خاص اثر ٿيو جو آئون پنهنجو
وطن سنڌ کي سمجهڻ لڳس.
طالب علمي جو زمانو
ٽن چئن مهينن بعد ڀرچونڊي مان علم پڙهڻ لاءِ پنجاب جو رخ رکيم،
پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ بديع الميزان شروع ڪيم. بديع
الميزان جي 3 صفحي تي اقليدس جي هڪ تقرير آئي،
جنهن کي مولوي صاحب پوري طرح حل نه پيو ڪري سگهي،
منهنجي ته اقليدس اردو بدل ۾ چڱي طرح پڙهيل هئي،
اتان ڪن شاگردن جي مشوري سان دارالعلوم ديوبند
پهتس. اتي ٻه پنجابي غالباً مسلم پڙهندا هئا ۽
بديع الميزان جو تڪرار مون کي ڪرائيندا هئا. ملا
حسن پڙهڻ لاءِ مولانا احمد حسن ڪانپوري (معقول
خصوصاً ملا حسن ۾ شهره آفاق هو) ڏانهن روانا ٿي
ويا. مولانا فرمايو ته دارالعلوم ۾ منهنجو داخله
صفر 1306هه ۾ ٿيو، پنجن مهينن جي عرصي ۾ آئون قطبي
تائين ڪتاب پڙهي ويس، ملا حسن پڙهڻ لاءِ آئون به
ڪانپور روانو ٿي ويس، انهن ٻن پنجابي شاگردن سان
ملا حسن ۾ ڪلاس فيلو ٿيس. پهريون ملا حسن جو سمورو
مطالعو ڪري ڇڏيو هيم. استاد جي اڳيان ملا حسن جي
ڪيترين عبارتن ۾ تعارض ثابت ڪندو رهيس، جنهن تي
ڪلاس فيلو شاگرد ۽ ٻيا حيران ٿيڻ لڳا ۽ انهن ٻن
شاگردن کي خاص طرح ملا حسن جو تڪرار ڪرائيندو
رهيس. مير زاهد ۽ ميبذي شروع ٿيڻ وارا هئا، پر مون
اڳ ئي هڪ مسجد ۾ ويهي بحرالعلوم حاشيہ مير زاهد ۽
سيد فخر حاشيہ ميبذي ياد ڪري ورتم. ڪانپور ۾ ٿورن
مهينن ۾ چند ڪتاب ختم ڪري مدرسہ عاليہ رامپور
پهتس، اتي اشارات ۽ ٻيا فلسفه جا ڪتاب پڙهيم.
اشارات جي هڪ مقام تي ٽي ڏينهن لڳي ويا، ليڪن اسان
۽ استاد جو تصفيه نه پيو ٿئي. ان مقام تي مولانا
فضل حق صاحب خيرآبادي جي هڪ قلمي تقرير هٿ آئي،
معاملو ختم ٿيو.
هڪ ڏينهن آئون شاهه شهيد جو ذڪر ڪري رهيو هوس ته استاد ٻڌي
ورتو، سخت ناراض ٿيو. آءٌ حيران ٿيس ته جنهن بزرگ
جو ڪتاب پڙهندي آئون مسلمان ٿيو آهيان، ان کي آئون
ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان. آخر الامر رامپور کي الوداع
ڪري وري به صفر 1307هه ۾ دارالعلوم ديوبند پهتس ۽
حضرت شيخ الهند جي درس ۾ داخل ٿيس. هدايہ، تلويح
مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم ۽
نهايت امتيازي نمبر حاصل ڪيم. مولوي سيد احمد صاحب
دهاري منهنجن پرچن جي جوابن کي ڏسي تعريف ڪندي
فرمايو ته جيڪڏهن عبيدالله کي ڪتاب مليا ته ثاني
شاهه عبدالعزيز ٿيندو، ڪن دوستن منهنجي لاءِ خواب
ڏٺا، مون پاڻ به رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي
زيارت ڪئي ۽ امام ابو حنيفہ کي ڏٺو.
دوره حديث
شوال 1307هه ۾ دوره حديث ۽ تفسير بيضاوي ۾ شريڪ ٿيس. ترمذي
شريف شيخ الهند کان پڙهيم ۽ ابودائود مولانا رشيد
احمد کان گنگوهه مان پڙهي آيس، انهيءَ ئي سال سنن
نسائي ۽ سنن ابن ماجہ چئن چئن ڏينهن ۾ ختم ڪيم ۽
سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهيم. مولانا سيد نذير حسين
صاحب مشهور به ميان صاحب دهلوي کان به بخاري ۽
ترمذي جا چند اسباق پڙهي شرف تلمذ حاصل ڪيم.
سنڌ ڏانهن واپسي
هڪ صحبت ۾ مولانا صاحب فرمايو ته اسان 1308هه جمادي الثاني سنڌ
۾ پهتاسون ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مولانا تاج محمود
شاهه صاحب امروٽي جي خدمت ۾ وڃي رهيس، ان وقت سنڌ
۾ ٻه مشهور عالم هئا، جن جو سلسله شاگردي ساري سنڌ
۾ پکڙيل هو: (1) مولانا غلام صديق صاحب شهدادپوري
(2) مولانا عبدالغفور صاحب همايوني. احقر جي
استفسار تي مولانا فرمايو ته ميان صاحب سان اسان
جي تحرير وغيره نه ٿي، باقي مولوي همايوني صاحب
سان اسان جو اختلاف ڪن جزوي مسئلن تي رهيو، پر
جڏهن ڏٺوسون ته مولوي صاحب اسان جي قرآن و حديث جي
دلائل جي جواب ۾ علم معاني جي ڪن ڪتابن جا حوالا
ڏيئي رهيو آهي، تڏهن اسان قصه کي ختم ڪري ڇڏيو.
امروٽ ۾ اسان تعليم جو ڪم ست اٺ سال متواتر ڪيو.
مولوي فيض الڪريم اهل حديث امروٽ ۾ ايندو هو،
پهرئين ملاقات ۾ فقہ حنفي تي اعتراض ڪرڻ لڳو، اسان
الزاماً اهي اعتراض علامہ شوڪاني تي ثابت ڪيا.
مولانا صاحب حيران ٿي ويو. احقر راقم جي استفسار
تي فرمايائون ته مولوي عبدالوهاب ڪلاچي اسان وٽ
تلويح ۽ ٻئي ڪتاب پڙهيو آهي، هن ۾ چڱي سمجهه هئي،
اسان جي تقرير کي سمجهي ويندو هو.
امروٽ کان جدائي
حضرت امروٽي سان اسان جو ڪن ڳالهين تي اختلاف ٿي پيو، اسان جڏهن
وري استاد جي حڪم سان ديوبند پهتاسون ته مولانا
امروٽي صاحب هڪ دعوت تي دارالعلوم تشريف فرما ٿيا.
مولانا شيخ الهند کي فرمايائون ته اسان کي بخاري
شريف جا ٻه ٽي سبق ڏيو. مولانا شيخ الهند مولانا
انور شاهه کي آڏو ويهاري ڪتاب الجهاد بخاري شريف
تي ڪجهه تقرير فرمائي، ان کان پوءِ حضرت صاحب
امروٽي جو اختلاف اسان کان دور ٿي ويو.
هڪ خواب
امروٽ واري زندگيءَ ۾ مون هڪ خواب ڏٺو ته ٻه ڪرسيون آهن، هڪ تي
آئون ويٺو آهيان، ٻئي ته هڪ حسين خوبصورت عورت حجة
الباغة هٿ ۾ کنيو ويٺي آهي. پهريائين مون ان جو
تعبير نه ڪيو ته شايد رفيقہ حيات اهڙي ملندي، جا
حجة الله البالغة ڄاڻندي هوندي، پوءِ اڳتي هلي
تعبير جي غلطي محسوس ڪري هي تعبير معلوم ڪيم ته
اها عورت حڪومت آهي، جنهن جو پروگرام حجة البالغة
هوندو ۽ اها حڪومت تحريڪ ولي اللـٰهي جي ذريعي
حاصل ٿيندي.
جمعية الانصار
حضرت شيخ الهند ٻئي دفعي مون کي دارالرشاد کان ديوبند گهرائي
ورتو. هي واقعو 1327هه جو آهي، مون اتي رهي جمعية
الانصار قائم ڪئي، چار سال ڪم ڪندو رهيس، ان بعد
منهنجو اهو ڪم ديوبند کان دهلي منتقل ٿيو. اتي
1331هه ۾ نظارة المعارف قائم ڪري، حڪيم اجمال خان،
نواب وقار الملڪ، ڊاڪٽر انصاري، مولانا ابوالڪلام
۽ ٻين بزرگن سان ڪم ڪندو رهيس.
ڪابل جو سفر
حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان مون کي ڪابل وڃڻو پيو. سنڌ مان
مولانا امروٽي بلوچي لٽا مون کي پارايا. اهي پائي
سنڌ جي سرحد کان ٻاهر نڪتس، افغانستان پهچڻ سان
اسان کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش آيون؟ پهريائين اتان
جي عالمن اسان کان امتحان شروع ڪري ڏنو. هڪ دفعي
جو ذڪر آهي ته هڪ بيت مثنوي جو: وحدت اندر وحدت
اندر وحدت است الخ پڇڻ لڳا. ان جي حل ۾ به اسان کي
شاهه صاحب جي ڪتابن مدد ڏني، اسان وحدات ثلثہ کي
ثابت ڪري انهن کي ماٺ ڪرايو.
امير حبيب الله سان شرف ملاقات
ان زماني ۾ افغانستان جو حاڪم امير حبيب الله هو. امير صاحب
برطانيہ کان گهڻو شاڪي هو، ليڪن کيس طاقت نه هئي،
ان سان گڏوگڏ عياش هو، تقريباً هڪ سؤ عورتون قبضي
۾ هئس. ڪجهه وقت کان پوءِ امير صاحب جي ملاقات جو
شرف حاصل ٿيو، چڱو وقت گفتگو هلي. ان بعد اسان
درٻار ۾ گهڻو رتبو حاصل ڪيو.
سنڌ مان هڪ سازش
هڪ صحبت ۾ مولانا فرمايو ته جڏهن اسان پنهنجو اثر افغانستان جي
حڪومت تي ويهاريو، تڏهن سنڌ مان هڪ سازش حيدرآباد
ضلع مان ٿي، اتان جو هڪ پير جنهن جو تعلق ڪابل سان
به هو، اتي پهتو، اسان جي خلاف امير صاحب آڏو
شڪايت ڪئي وئي ته مولوي عبيدالله وهابي انگريزن جو
جاسوس آهي. حڪومت افغانستان کي برباد ڪرڻ آيو آهي.
وزير صاحب جي استفسار تي مون جواب ڏنو ته اوهان
مون کي في الحال گرفتار ڪريو، پوءِ پنهنجا جاسوس
هندستان ڇڏيو، جيڪڏهن منهنجي لاءِ سموري زندگيءَ ۾
هڪ ڏينهن به انگريز دوستيءَ جو هجي ته منهنجي سزا
قتل آهي، اهو جواب اسان هن ڪري منتخب ڪيو جو اهڙي
شڪايت جي جواب ۾ حلف وغيره بيڪار هو.
مولانا جي گرفتاري
نيٺ اسان جي راءِ موجب اسان کي نظربند ڪيو ويو، جاسوس موڪليا
ويا، جن پنجن ڇهن مهينن بعد رپورٽ پيش ڪئي ته
مولانا عبيدالله لاءِ انگريزن جي ڊائري ۾ هڪ به
سپيد ٽٻڪو نه آهي، رڳو سياهه ئي سياهه آهن. پوءِ
مون کي آزاد ڪيو ويو، ان بعد انگريزن طرفان امير
صاحب تي بار آندو ويو ته مولوي عبيدالله اسان جي
حوالي ڪريو يا ان کي گرفتار ڪريو، منهنجي قتل لاءِ
ڏهه هزار آڇيا ويا. امير صاحب اسان کان خوش هو،
اسان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين ۽ نظر بند رکيائين،
ڇوته کيس مستقل طاقت نه هئي. امير صاحب هڪ سازش جو
شڪار ٿي قتل ٿي ويو، اسان ۽ اسان جي رفيقن جي ڪوشش
سان امير امان الله اوسط فرزند امير حبيب الله تخت
نشين ڪيو ويو.
امير امان الله جو دور
امير صاحب جڏهن تخت نشين ٿيو ته اڳ ۾ حرم سراءِ جي عورتن کي
اجازت ڏنائين. امير صاحب مون جهڙي درويش ۽ فقير تي
ايڏو مهربان هو جو سندس حڪومت جو سارو ڪاروبار
منهنجي حوالي هو. آخر الامر انگريزن سان جنگ لڳي.
اسان موجود هئاسون، هندستان جي مسلمانن ۾ اسان کي
اميد هئي، پر انهن ڪجهه نه ڪيو. خدا جي فضل سان
فتح حاصل ٿي. امير صاحب هزمئجسٽي جي لقب سان
نوازيو ويو. افغانستان آزاد ٿيو، هي سڀ اسان شيخ
الهند جي برڪت ڄاڻون ٿا.
نوٽ: حضرت مولانا جنگ جون عجيب و غريب خبرون ٻڌايون، جيڪي طوالت
۽ ٻين سببن ڪري لکي نٿا سگهون.
افغانستان مان اسان کي تُرڪي وڃڻو پيو.
قيام ماسڪو
ماسڪو (روس) ۾ ڇهه مهينا شاهي مهمان رهياسون. ماسڪو يونيورسٽيءَ
جا شاگرد اسان کان هر روز پڇڻ لڳا ته مولانا اوهان
پنهنجو خدا ڏيکاريو ۽ اسان کي سمجهايو. هڪ ڏينهن
اسان انهن کي ويهاري سنجيدگي سان پڇيو ته اوهان
ماده کي مڃو ٿا؟ جواب: ها مڃون ٿا. اسان سوال ڪيو
ته اوهان جي فلسفه ۾ وجود به هڪ شيءِ مافوق العادة
آهي، جنهن کي مادي نه چوندا آهيو؟ جواب ڏنائون:
برابر. پوءِ اسان کين چيو ته اهو وجود اسان جو خدا
آهي، اوهان دنيا کي ماده ۾ هضم ڪريو ٿا. اسان وري
ماده کي به وجود ۾ هضم ڪريون ٿا. اهو ٻڌي شاگرد
حيران ٿيا، جڏهن ماسڪو يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن
اسان جو اهو جواب ٻڌو ته شاگردن کي چوڻ لڳا ته اهو
هندستاني مولوي وڏو فيلسوف آهي، ان سان گفتگو نه
ڪريو.
قيام تُرڪي
روس کان اسان 1923ع ۾ انقره (تُرڪي) پهتاسون، ترڪي حڪومت جو هي
نئون دور هو. مصطفيٰ ڪمال برسراقتدار ٿيو هو.
پهريائين اسان جو مسئله خلافت تان مرحوم مصطفيٰ
ڪمال سان اختلاف هو، پر پوءِ آهسته آهسته ڳالهين
سمجهڻ سان اختلاف دور ٿيو.
هڪ واقعو
مرحوم مصطفيٰ ڪمال پاشا سان هڪ وقت اسان جي ملاقات ٿي. مرحوم
فرمايو ته اوهان کان اڳ ترڪي عالمن جو هڪ وفد اسان
وٽ آيو هو، انهن کان اسان سورة العصر جو تفسير
پڇيو، مگر ڪنهن به پورو جواب نه ڏنو. جڏهن اسان
مرحوم کي تفسير ٻڌائيندي پنهنجي پروگرام کان به
واقف ڪيوسون، تڏهن مرحوم خوش ٿي فرمائڻ لڳو ته ڪاش
اوهان اڳ جيڪڏهن اسان وٽ اچو ها ته اسان اوهان جي
پروگرام موجب حڪومت جو دستور العمل تيار ڪريون ها.
مولانا فرمايو ته مصطفيٰ ڪمال پورو مسلمان هو، ان
جو مرشد به هڪ باخدا شخص هو، جنهن اسان کان ڪجهه
پڙهيو به هو.
قيام مڪہ مڪرمہ
مولانا فرمايو ته 1345هه ۾ اٽلي جي رستي کان مؤتمر اسلامي ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ آئون مڪه مڪرمه پهتس، مؤتمر اڳ ختم
ٿي وئي اها زندگي منهنجي محض علمي زندگي هئي ۽
سياسي ڪاروبار کان بندش هئي، دنيا جي وڏن عالمن
سان ملاقاتيون ٿينديون رهيون.
وطن واپسي
جڏهن بعض دوستن جي ڪوشش سان ڪن شرطن جي بنا تي وطن اجازت ملي ته
آئون انهن رسوا ڪندڙ شرطن کي به قبول ڪري هن لاءِ
واپس ٿيس ته جيئن مون کي هندستان ۾ امام ولي الله
جي انقلابي نظريه جي اشاعت جو موقعو ملي. هت پهچڻ
سان اسان جي خلاف سازش شروع ٿي، ڪن منافقن کي
اٿاري پروپيگنڊا ڪئي وئي ته هاڻ مولانا عبيدالله
ديوانو آهي. ڪن وري هن بدمعاشي جي پروپيگنڊا شروع
ڪئي ته مولانا يورپي بڻجي ويو آهي. هن جنگ جي
زماني ۾ انهيءَ پروپيگنڊا جو اهو اثر جو پراوا ته
ڇڏيو، پر پنهنجا به منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ
تيار نه هئا.
لطيفا
مولانا فرمايو ته ان غم ۾ دارالرشاد جي ايوان تي سحر جي وقت ڦري
رهيو هوس ته اوچتو هڪ مصرعه پيش ٿيو: کيسي تير
انداز هو سيدها تو کر لو تير کو. پوءِ اسان خدا
پاڪ تي توڪل رکي ڪم کي شروع ڪيو، نوجوان طبقي ۾
چڱو اثر پيدا ٿيو، مسئله جهاد انقلاب کي سمجهڻ
لڳا. بيت الحڪمة جون شاخون کوليون ويون.
مولانا جو آخري يادگار جمعيت الطلبة
هڪ صحبت ۾ احقر کي مولانا فرمايو ته اوهان نوجوان طبقي ۾
انقلابي نظريي جي پروپيگنڊا ڪريو. آئون ارشاد
مطابق مدرسہ دار السعادة گوروپهوڙ ۾ بيت الحڪمة
قائم ڪري ڪم ڪندو رهيس. حيدرآباد جي اجلاس جمعيت
العلماءَ جو موقعو وٺي پنهنجن ٻن رفيقن هرهڪ قاضي
عزيزالله ۽ ميان عبيدالله لاڙڪاڻوي کي برانگيخته
ڪيم ته اوهان اسٽوڊنٽ فيڊريش برپا ڪريو. جمعيت
الطلبہ جي سموري ڪارروائي هڪ ٽريڪٽ جي شڪل ۾ شايع
ٿيل آهي، مولانا مرحوم بيحد مسرور ٿيا. بيماري جي
حالت ۾ به مدرسہ دارالسعادت ۾ تشريف فرمائي، برابر
8 ڏينهن اسان جو ڪم ڏسندا رهيا.
انتقال کان ٿورو اڳ
15 شعبان جي شهدادڪوٽ ۾ هڪ جلسه جمعيت الطلبہ جو رٿيو ويو،
مولانا مرحوم کي صدارت لاءِ عرض ڪيو ويو، مولانا
مرحوم ڪراچي مدرسہ مظهر العلوم ۾ مقيم هئا ۽ سخت
عليل هئا، تاهم لکندا رهيا ته آئون ٿوري صحت ٿي ته
ايندس، ٻي صورت ۾ مولوي غلام مصطفيٰ ڪم هلائي. آخر
۾ تار پهتي ته اسان ڍُرڪندا ٿا وڃون، جلسه لاءِ
خطبه صدارت ڇپائي محمد يوسف هٿان موڪليون ٿا، پر
افسوس جو گاڏين جي ليٽ سبب عين موقعي تي خطبو پهچي
نه سگهيو، جلسو ختم ٿيڻ شرط مولوي قاضي عزيزالله و
نور چشمي بسيب مولانا جي خدمت لاءِ ڪراچي روانا ٿي
وياسين. مولانا نهايت ضعيف هجڻ جي باوجود خبر ٻڌڻ
شرط فورا گهرائي ورتو. آهستہ ڳالهيون ڪرڻ لڳا،
اتان حضرت مولانا کي دار الرشاد جهنڊه آندو ويو،
اسان به خدمت ۾ دارالرشاد آياسون. مولوي عزيزالله
۽ مولانا وفائي صاحب هر وقت خدمت لاءِ بيتاب نظر
پئي آيا. اهڙي وقت ۾ پنهنجن خادمن کي (آئون به
انهن مان هڪ هوس) ارشاد فرمايائون ته منهنجي حالت
هيءَ آهي جو آئون بستري کان اٿي ڪم نه ڪري سگهندس،
باقي ويٺي ويٺي اوهان کي مشورو ڏيندو رهندس ته
اوهان کي هي ڪم ڪرڻو آهي. الخ.
ان وچ ۾ مولانا جي ڪيترين ڪرامتن ۽ خرق عادات جو مشاهدو به حاصل
ٿيو. دارالرشاد کان ٿوري صحبت بعد مولانا ظهور
الحق دين پوري ۽ ٻين جي رفاقت سان دين پور شريف
روانا ٿيا. احقر راقم ۽ مولوي عبدالمجيد خادم کي
سڪرنڊ کان اجازت ڏنائون. مولوي عزيزالله خدمت ۾
هو، اوچتو الم رسان خبر پهتي ته مولانا 2 رمضان تي
دار فاني کان رحلت فرمائي، اسان خادمن کي يتيم ڪري
دار جاوداني ۾ آرامي ٿيا. انا لله وانا اليہ
راجعون.
اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟
مولانا وفائي جي مشوره سان شهدادڪوٽ ۾ هڪ مشاورتي ميٽنگ ڪرڻي
آهي، اتي ئي سڀ ڪجهه فيصلو ڪيو ويندو، بهرحال اسان
کي حضرت امام جو ڪم ڪرڻو آهي، کڻي ڪيتريون تڪليفون
ڏسڻيون ڇونه پون. |