(4) ديوان فقير: تصنيف ميان غلام سرور، تخلص فقير.
ميان غلام سرور مرحوم ميان محمد صالح قادري رح جو پوٽو ۽ مرحوم
غلام محمد گدا جو ڀائيٽو آهي. شاعري ته هن خاندان
سان ڪا اصل کان لازم، ملزوم ورثي ۾ رهي آهي. فقير
مرحوم جو ديوان حروف تهجي جي ترتيب سان فل اسڪيپ
ڪاغذ جي 176 صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ جدا جدا ۽
نئين رنگ ۾ ڪلام چيل آهي:
ديوان جي ابتدا الله پاڪ جي تعريف سان شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾
درگاهه درازن جي فڪر وحدت الوجود جي چڱي جهلڪ نظر
اچي ٿي:
جبل جهنگل بيابان ۾ تو هي تو آءِ تو اي مولا،
سمنڊ ۽ بحر طوفان ۾ تو هي تو آءِ اي مولا.
تون فصلِ گل ۾ ۽ بادِ صبا ۽ رنگِ گلشن ۾،
بهاري ابرِ نيسان ۾ تو هي تو آءِ تو اي مولا.
صفحہ 10 تي هڪ غزل جو نمونو ملاحظه فرمايو. فني لحاظ کان اهو
غزل نهايت اعليٰ نظر اچي ٿو:
ڪئي مون بي وفا توسان وفا ڇا،
ڪيو مون ساڻ تو جور و وفا ڇا.
هميشه درد ۽ غم ۾ آهي دل،
محبت جي ملي آهي سزا ڇا.
شهيدن جي آ رت قاتل جي هٿ تي،
ٺهي ٿي سا عوض رنگِ حنا ڇا. الخ
(5) ”ديوان صائب“ حاشيه تي ”ديوان آشڪار“
قلمي ڪتابن کي اٿلائيندي، جڏهن ”ديوان صائب“ نظر مان گذريو،
تڏهن اهو معلوم ڪري ڏاڍي خوشي ٿي، جو ان جي حاشيه
تي سچل سرمست جو ”ديوان آشڪار“ پڻ نظر آيو. ٻئي
ڪتاب هڪ ئي ڪاتب جا لکيل آهن، خط صاف ۽ سهڻو هو.
”ديوان آشڪار“ جيڪو ٻه ڀيرا ڇاپي هيٺ به اچي چڪو آهي، پر انهن
ڇاپي نسخن کي ڏسندي معلوم ٿو ٿئي ته ڇپائيندڙن کي
ڪوبه صحيح نسخو هٿ نه اچي سگهيو آهي، انهيءَ ڪري
ان ۾ تمام گهڻيون غلطيون آهن، ڪيترين جاين تي لفظن
جي تقديم، تاخير ڪري اوزان به ڊانوان ڊول ٿي ويل
آهن. هن نسخي کي وقت جي ڪمي ڪري پوريءَ ريت پڙهي
ته نه سگهيس، پر نموني طور هڪ ٻن غزلن جي پڙهڻ مان
اهو قلمي نسخو صحيح نظر آيو. ٻيو ته ڪتابت جي خيال
کان به نسخو قديم آهي. جڏهن ته ”ديوان صائب“
سن1274هه ۽ ”ديوان آشڪار“ 1275هه ۾ لکجي پورو ٿيو
آهي ۽ لطف اهو آهي جو انهن جو ڪاتب ميان غلام محمد
جهڙو فارسي ۽ عربيءَ جو ڄاڻو ۽ شاعر پاڻ آهي، جو
خود درازن جي طريقه جو طالب آهي. ٻنهي ڪتابن جي
آخر ۾ ڪاتب طرفان هن طرح نوٽ هنيو ويو آهي:
ديوان صائب تي لکيل نوٽ: ”تمت تمام شد کار نظام شد بروز شنبہ
وقت عصر ماه ذوالقعد سن1274هه از به حقير پر تقصير
غلام محمد فقير عفي عنہ سکنہ لاڙڪاڻہ جهت شوق ديدن
خويش تحرير نموده شد.“
ديوان آشڪار جي آخر ۾ هن طرح تحرير موجود آهي:
”تمت تمام شد کارمن نظام شد روئي شيطان سياه شد- الحمد لله، خوب
شد بعون الله الملک الوهاب مستطاب نسخه ”ديوان
آشڪار“ تصنيف حضرت مولانا خليفه صاحب فيض مناقب
عاشق العاشقين عمدة الواصلين يطانہ هو الله خليفہ
سچيڏنه درويش فاروقي قدس الله سره، عليہ الرحمة
والغفران ساکن شهر دراز از دست فقير حقير مسکين
غلام محمد فقير عفي عنہ من مقام لاڙڪاڻه 9 ماه
محرم سن1275هه تحرير يافت فقط زياده عشق باد.
(7) رساله پنج گنج
تصنيف ”بيدل“ فقير هيءُ رسالو تصوف ۾ آهي. پڇاڙيءَ کان هڪ ٻه
ورق غائب نظر آيا. ڪتاب جي پاسي تي هيءَ عبارت نظر
آئي:
”رسالہ پنج گنج تصنيف مولانا مرشد فقير صاحب ميان بيدل، برائي
سيد السادات ميان الهه اوڀايو شاه بکاري نوشتہ
شد.“
(8) ”انوار الرمل“
فارسي- تاليف شيرواني، ڪتاب خوشخط وڏي سائيز ۾ علم رمل اندر
آهي.
(9) رباعيات ابو سعيد ابوالخير
هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ ڇاپي ۾ به آيل آهي، پر هن قلمي نسخي جي اها
خوبي آهي جو خط نهايت عمدو ۽ ان سان گڏ قواعد جو
به اپٽار ڪيو ويو آهي.
(10) گلشن توحيد
تاليف نظام الدين ضياءَ الحق
(11) تذڪره سيد محمد مڪي
هيءُ قلمي تذڪره نهايت ناياب ذخيرو آهي، جنهن ۾ سيد محمد مڪي ۽
ان جي متعلقين لڪياري سادات جو چڱو احوال آيل آهي،
ڪتاب جي اهميت هيٺين عنوانن مان معلوم ٿي سگهندي:
نسخہ اول در بيان تشريف فرمودن امير المؤمنين سيد محمد مڪي ولد
امير السادات سيد الموحدين سيد مير محمد شجاع در
ملک سندهه و سکونت گرفتن در بلده بکهر.
حقيقت جواب سوال اقرباءَ شيخ شهاب الدين سهروردي در بغداد و
روانہ شدن امير در حضور مدينہ منوره و حاصل نمودن
جواب باصواب.
حقيقت نسبت نمودن امير سيد صدر الدين بخانہ برادر کلان سيد امير
محمد مکي کہ اسم شريفش سيد احمد ولد سيد محمد شجاع
بخانہ سيد علي لکعلوي.
حقيقت در وجہ تسميہ قلعہ بکهر نام نهادند، الخ حقيقت رحلت
فرمودن سيد محمد مکي درسن شش صد و نود يک سال.
مردم همرکاب وغيره کہ بشرف اسلام مشرف شده بودند برائي سکونت
آنها شمال رو به قلع بکهر شکر نام کرده شهر آباد
ساختند. حقيقت وجہ تسميہ نام عليواهن.
حقيقت مقرر شدن سلطان علاءَ الدين خلجي بادشاه و دران ايام
سلطان العارفين سيد صدر الدين محمد حيات بود.
حقيقت عقد نکاح نمودن نصرت خان عاجزه خود به مخدوم
سيد بدرالدين محمد، سلطان علاءَ الدين خلجي در سنه
1017هه فوت شده دران ايام سيد تاج الدين محمد حيات
بود. حقيقت بنائي قلع بکهر کہ مردم سومره در همين
سنه درست کناينده اندر الخ.
مطلب ته اهو تاريخي ڪتاب هڪ نهايت نادر قلمي ذخيرو آهي.
(12) انشاءَ فارسي
هن جو ڪاتب سنڌ جو هڪ هندو سلامت مل آهي، جنهن سن1216هه ۾ اهو
ڪتاب لکي پورو ڪيو. هن عبارت کي ملاحظه فرمايو:
دستخط حقير پر تقصير مهته سلامت ولد مهته ودهن مل
ساکن قصبه لوهري قوم کوکريجه تحرير يافت ماه رجب
سن1216هه (سلامت 1216هه) اهو مهر جو نشان آهي.
5- سيوهاڻي قاضين جو ڪتاب خانو
سيوهڻ کي سنڌ جي قدامت ۽ علمي مرڪز هجڻ ڪري هميشه وڏي اهميت رهي
آهي، جنهن لاءِ اڄ به اتي جا قديم آثار زبان حال
سان شهادت ڏئي رهيا آهن. علم ۽ عرفان جي خيال کان
به هتي سوين عالم، عارف شهرِ خموشان ۾ آرامي آهن.
جن مان مخدوم عثمان عرف قلندر شهباز جهڙي اهل الله
هن سرزمين ۾ سڪونت اختيار ڪري، ان کي هميشه لاءِ
امر ڪري ورتو آهي. هتي اسين جنهن علمي خاندان جي
ڪتاب خاني جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون، سو پڻ انهيءَ
سونهاري شهر جو مشهور صديقي خاندان آهي.
سيوهڻ ۾ هن صديقي خاندان جو مؤسس اعليٰ مخدوم دين محمد
(1113-1192) آهي. اهو بزرگ عالم سنڌ جي حاڪم خدا
يار خان ثاني ڪلهوڙي جو (شرعي امورن) ۾ وزير هو.
تذڪره ڪرسي نامه فارسي تاليف مخدوم حبيب الله
صديقي ۾ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو تعارف
ڪرائيندي لکي ٿو:
حضرت نعمان صاحب البياض عبدالواحد صغير ابن مخدوم دين محمد وزير
نيڪ نظر خدا يار خان ثاني ڪلهوڙه حاڪم سندهه...
الخ. اسان جي سدا جيئري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جا سنڌ جي عالمن مان به وڏا دوست ۽ معتقد هئا، جن
ڏانهن شاهه صاحب گهڻو ايندو ويندو هو، انهن مان هڪ
ڏکڻ سنڌ ۾ مخدوم محمد معين ٺٽوي هو ته ٻيو اتر سنڌ
۾ مخدوم دين محمد سيوهاڻي هو.
هيءُ بزرگ اصل ۾ پاٽ شهر جو هو، پر ملازمت سانگي اچي سيوهڻ ۾
سڪونت پذير ٿيو، جو پوءِ هميشه اتيئي رهيو پيو.
ڪرسي نامہ جو صاحب مخدوم دين محمد لاءِ لکي ٿو:
”اين مفتي اسلام شاهي فخر الدين عبدالواحد ڪبير
پاتري صاحب کشف الاسرار زائر روضه جدي مسيح
الاولياءَ دربرهان پور و مقرب سلطان اورنگزيب....
الخ.“
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته برهان پوري سنڌي سونهارا ۽ هي بزرگ
خاندان اصل ۾ هڪ خاندان آهن. ”برهان پور کي سندهي
اولياءَ“ جي مصنف جيتوڻيڪ انهيءَ رشتي کي بي اصل
ثابت ڪيو آهي، پر اهو غلط آهي. اصل ۾ شيخ يوسف،
جنهن هتان پاٽ کان اسري وڃي هندستان جا وٿاڻ
وسايا، تنهن هتي جيڪي ڀائر ڀائيٽا يا عزيز اقارب
ڇڏيا، اهو خاندان صديقي آهي، نه ته ڪهڙي ضروري پئي
هئي مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي (1047-1123) کي،
جو تڪليف وٺي وڃي برهان پور پهتو. ڪرسي نامه ڪتاب
جو مؤلف مخدوم عبدالواحد ڪبير کي سلطان اورنگزيب
عالمگير جو مقرب سڏيو آهي ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته مسيح
الاولياءَ جي اولاد هجڻ ڪري، کيس پاٽ ۾ ڏهه هزار
جريب جي جاگير مليل هئي، جا حضرت شيخ عبدالله
پاٽائي صديقي سهرورديءَ جي جاگير جي ويجهو رسول
آباد ڳوٺ ۾ آهي. مخدوم عبدالواحد جي ڏاڏي جو نالو
پڻ شيخ عيسيٰ جي نالي تي رکيو ويو ۽ کيس شيخ عيسيٰ
ثاني سڏيو ويندو هو. مخدوم عبدالواحد ڪبير کان مٿي
هن طرح نسب بيان ٿيل آهي. مخدوم عبدالواحد ڪبير
(1047-1123هه) مخدوم عبدالرحمٰن ابن مولانا محمود
سهروردي (1019-1085) ابن شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي
(1004-1070) ابن مخدوم حسن قاري (990-1082) ابن
شهر الله رمضان (976-1017) کان مٿي هلي اختلاف
پيدا ٿئي ٿو، ڇوته شهر الله رمضان کي ڪرسي نامه
واري شيخ عيسيٰ مسيح الاولياءَ پاتري برهان پوري
(962-1031) جو پٽ ڄاڻايو آهي ۽ انهيءَ جو ثبوت
هندستاني عالمن جي تذڪرن ۾ نٿو ملي. اصل ۾ شيخ
يوسف جو والد شيخ رڪن الدين (875-952) انهن ٻنهيءَ
خاندانن جو مورث اعليٰ آهي، جنهن جي قبر اڄ به
قديم پاٽ ۾ معروف ۽ مشهور آهي. شيخ رڪن الدين جي
والد جو نالو شيخ معروف (844-907) آهي، جنهن جي
نالي اڄ به پاٽ جي پاسي ۾ معروفاڻي تلاءَ مشهور
آهي. ڪرسي نامه جي لکڻ موجب حضرت مسيح الاولياءَ
عين المعاني ڪتاب ص426 ۾ شيخ معروف جي والد شيخ
شهاب الدين صديقي سهرورديءَ کي پاٽ شهر جو باني
سڏيو آهي.
ڪرسي نامه واري هن سلسلي کي اڳتي هن طرح بيان ڪيو آهي. مخدوم
شيخ شهاب الدين صديقي (803-894) ابن شيخ نور الدين
(726-949) ابن شيخ سراج الدين (736-811) ابن شيخ
وجيہ الدين (699-780) هن خاندان جي انهيءَ مختصر
تذڪره سان گڏ مناسب آهي ته پاٽ جي به ڪجهه اپٽار
ڪجي. هن شهر کي قديم تذڪرن ۾ ”قبة الاسلام“ سڏيو
ويو آهي، قديم الايام کان هتي علوم جا وڏا وڏا
مدرسا رهيا آهن ۽ اڪابر اولياءَ جا قدم پهتا آهن.
مهراڻ درياءَ جي ڪناري تي آباد هجڻ ڪري هتي جا باغ
۽ پوکون ملڪان ملڪ مشهور هيون. مفتي اسلام مخدوم
عبدالواحد ڪبير پاٽائي کي دهليءَ جي سلاطين کان
محصول ۾ معافي لاءِ جيڪا سند ۽ راهداري ملي هئي،
ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته پاٽ کان ٺٽي ڏانهن جيڪي
ڏاڙهون جي ڪڻ ۽ کل کلون وڃن، ان تان رستي جو محصول
معاف آهي. اتان معلوم ٿئي ٿو ته پاٽ جا ڏاڙهون ان
دور ۾ ڏاڍا مشهور هئا. مرزا شاهه حسن ته ويتر هن
شهر جي آبادي وڌائي کيس رونق بخشي ۽ ڪرسي نامه جي
لکڻ موجب مرزا شاهه حسن پنهنجي نياڻيءَ جو نڪاح
مرزا ڪامران سان اتي پاٽ ۾ ئي ڪرايو ۽ ان فراريءَ
مهل به پاٽ ۾ ئي پناهه ورتي. پر هاڻي اهو شهر
ويران نظر اچي ٿو، جتي ڪن مسجدن جا نشان موجود
آهن، جن مان هڪ مسجد مخدوم حسن قاري جي آهي ۽
مخدوم اسماعيل اولياءَ پنهور جو قبو به آهي. هن
شهر تي مغلن ۽ قلاتي ماڻهن جا ڏاڍا حملا رهيا،
جنهن ڪري اتي جا ماڻهو ڀڳل جهاز جي مسافرن وانگر
غوطا کائيندا رهيا. هتي جي هڪ وڏيري اڀوري نالي جي
اولاد مان فيض محدم ۽ رياض محمد مشهور ماڻهو ٿي
گذريا آهن، جي ان پُر آشوب دور ۾ ڀاڄ کائي چانڊڪا
(لاڙڪاڻي) ۾ غلام علي نوطقاڻي وٽ وڃي نوڪر بيٺا،
اتان هنن چڱي دولت ڪمائي. واپسيءَ ۾ مخدوم مفتي
عليہ الرحمة جي ڏاڙهن واري باغ جي جاءِ تي قديم
پاٽ جي نالي تي 1203هه ۾ هڪ ٻئي ڳوٺ پاٽ جو بنياد
وڌائون. انهن جي اولاد مان وڏيرو محب النبي وڏو
پئسي وارو ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي، جنهن جو مسافرن
لاءِ هر وقت مهمان خانو کليل هو، ان ڪري پاٽ جو
نئون ڳوٺ ان جي نالي تي مشهور ٿي ويو، پاٽ ڪهڙي؟
چي: وڏيري محب النبي واري. هن ڳوٺ ۾ جوڻيجن
انصارين ۽ قاضين سڪونت اختيار ڪئي. اهي قاضي مفتي
محمود جي اولاد مان هئا. ميان سرفراز خان ڪلهوڙي
قضا جي منصب تي به انهن ئي قاضين کي مقرر ڪيو.
”ڪرسي نامہ“ جي لکڻ موجب هي نئون ڳوٺ به حملن کان
بچي نه سگهيو. چانڊين جي قوم هن شهر تي ڏاڍي شورش
رهي ۽ انهن جي ڪري هڪ وقت ته اهڙي اچي باهه لڳي،
جو ان ۾ ڪتب قاسمي، يوسفي مسيح الاوليائي ۽ ٻيا
فرمان شاهي سڙي خاڪ ٿي ويا. حضرت نعمان ثاني مخدوم
عبدالواحد صغير جي جڏهن علمي شهرت ۽ برڪت ظاهر ٿي،
تڏهن مفتي محمود بن مفتي ڪبير جو اولاد، قوم
جوڻيجه ۽ ٻين، ان جي برڪت ڪري آرام لڌو ۽ وڃايل حق
حاڪمن کان وري واپس ورتا. هن حالت جي شهادت لاءِ
انشاءَ واحدي ۽ مخزن الڪرامت ۾ چند مڪتوب موجود
آهن. مخدوم عبدالواحد، جيتوڻيڪ رهيو سيوهڻ ۾، پر
پنهنجي قديم شهر پاٽ ۽ اتي جي عزيزن سان سندس تعلق
هليو آيو. صديقي خاندان جو آخري جيد عالم اهوئي
ٿيو. فقہ ۾ سندس اهو پايو هو جو مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ تي به سندس تحريرن ۾ بلند پايه رد موجود
آهن. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وفات وقت هو 25
سالن جو نوجوان هو ۽ سنڌ ۾ علمي تحقيق ۽ تدريس جو
مرڪز به سندس ئي مدرسو رهيو.
هن بزرگ، خواجہ صفي الله نقشبنديءَ کان فيض پرايو ۽ تصوف جو
ڏاڍو دلداده هو، سندس هڪ همعصر عالم، قاضي محمد
شڪارپوري هو، جو مخدوم عبدالواحد کي پيريءَ
فقيريءَ جي ڳالهين تي ٽوڪيندو هو. هڪ وقت قاضي
محمد صاحب، مخدوم عبدالواحد ڏانهن هن طرح خطاب
ڪندي خط لکيو: ”يا عابد الاوثان قاضي محمد احسان“
(مخدوم عبدالواحد کي مفتي عبدالواحد ڪبير جي ادب
ڪري محمد احسان سڏيندا هئا) انهيءَ خط ۾ مخدوم
صاحب کي بتن جو پوڄاري سڏيو ويو. ان جي جواب ۾
مخدوم صاحب رڳو هيٺيون بيت لکيو:
نه تو پيتي سرڪ نه تو آئي چٽ،
کهين ٿو انهن سان جنين پيتا مٽ.
استاذي روايت آهي ته قاضي محمد کي جڏهن اهو بيت پهتو، تڏهن زارو
زار رنو ۽ اڳتي اهڙي گستاخيءَ کان توبهه ڪري
ڇڏيائين.
سيوهڻ ۾ جيڪا بصر الدين (رح) جي اوطاق جي پاسي ۾ قاضين جي مسجد
آهي، ان جي اندر رنگين سر تي مخدوم عبدالواحد جي
تاريخ وفات تي هن طرح عبارت ۽ ابيات لکيل آهن:
”سال تاريخ وفات حضرت محمد احسان نقشبندي صاحب البياض بن مرحوم
مخدوم مفتي دين محمد سيوستاني مرحوم مولانا جامع
العلوم مفتي شيخ عبدالواحد پاٽائي نبيرسهائي شيخ
عيسيٰ پاٽائي شاه عبدالله صديقي برهانپوري.
پير عبدالواحد ثاني نعمان در جهان
جنت الفردوس باد جائي او اندر بهشت
چون جنيد اندر طريقت، و چون نعمان بشرع
چاردهم ماه رمضان دار دنيا را بهشت
او مجدد مائة ثاني واين بود ثاني عشر
فقہ را تعمير کرده چون دُر در سلک سفت
جستم از هاتف که تان تاريخ رحلتش رابگو
آفتاب دين بود و باد با رحمت بگفت (1224هه)
ختم العلماءَ بود 1224هه
مخدوم بصر الدين ۽ مخدوم نضر الدين سيوهاڻي جو سڄيءَ سنڌ ۾
مشهور بزرگ هئا، سي پڻ انهيءَ صديقي خاندان جا چشم
و چراغ هئا. اڄ به انهن جي اولاد ۾ علم ۽ حڪمت جو
ڌنڌو هليو اچي، انهن ٻنهي بزرگن جو نسب هن طرح مٿي
وڃي ٿو:
(1) مخدوم نصير الدين بن مخدوم مدد الله بن مخدوم عبدالواسع بن
مخدوم محمد حسن بن مخدوم دين محمد والد مخدوم
عبدالواحد صاحب البياض.
(2) مخدوم بصر الدين (رح) بن مخدوم احمد بن مخدوم محمد بن مخدوم
محمد عارف بن مخدوم محمد حسن بن مخدوم دين محمد.
مطلب ته اهي ٻئي خاندان مخدوم عبدالواحد صاحب
البياض جي ڀاءُ جو اولاد آهن.
هن قديم ڪٽنب جي ڪتب خاني جي زيارت لاءِ سڪ ته گهڻن ايامن کان
هئي، پر قسمت جو ڪاڍو جون 1960ع جي گرمين ۾ ٿيو.
مون سان منهنجو فرزند سعيد احمد به ساڻ هيو.
گرميءَ جو اهو عالم هو جو ڏينهن ته ٺهيو پر رات به
گرم شعلا اڇلائي رهي هئي. جناب قاضي محمد مراد
صاحب جي اوطاق تي وڃي آرامي ٿياسين، قاضي صاحب جي
قربن جي ڪهڙي تعريف ڪجي، سڀ کان وڏي ڳالهه جنهن
پاڻ کي خوشي پهچائي، سا هئي ته قاضي صاحب عربي
زبان جو عالم ۽ آسان عربي ٻولي ڇوٽ سان ڳالهائي
رهيو هو ۽ ٻيو ته هن نهايت فراخدليءَ سان ڪتابن
ڏيکارڻ جو وعدو فرمايو.
قاضي صاحب انهيءَ صديقي خاندان جو چشم و چراغ آهي، جنهن جو ذڪر
خير مٿي ڪري آيا آهيون، سندن وڏو علمي ڪتب خانو
آهي، جنهن ۾ ڇپايل ڪتاب ته ڏاڍي صفائي ۽ سليقه سان
رکيل هئا، باقي خطي يا قلمي ڪتابن جا جڏهن کوکا
کڻائي اسان جي آڏو رکيائون، تڏهن اڌ مٽي ته اڌ
ڪتاب، پوءِ ته اچي ويٺاسين پهريون صفائي ۾، ڪيترا
ڪتاب ته اهڙا به هئا، جي منتشر اوراقن جي حالت ۾
هئا، جن کي گڏي ڪتابي شڪل ڏني وئي ۽ هرهڪ ڪتاب جي
پاسي تي هڪ مختصر نوٽ هڻي، جناب قاضي صاحب جي
حوالي ڪيو ويو. هتي اسين ڇپايل ڪتابن جو ذڪر ڇڏي،
قلمي ڪتابن بابت ڪجهه مختصر معلومات آڏو رکون ٿا:
(1) تحفة الاخيار علي الدر المختار
هي ڪتاب شيخ ابراهيم حلبي جي مشهور تصنيف آهي، جو علامہ حصڪفيءَ
جي درمختار جو حاشيه آهي. ڪتاب ٻن جلدن ۾ لکيل
آهي. پهريون جلد ڪتاب الطلاق تي پورو ٿئي ٿو ۽ ٻيو
جلد ڪتاب الطلاق کان شروع ٿي باب الجنايات جي ڪن
بابن تي پورو ٿئي ٿو.
(2) الدر المختار
هي ڪتاب جيتوڻيڪ ڇپيل به ملي ٿو، پر هن قلمي نسخي جي اها خصوصيت
آهي جو اسان کي ان ۾ صحت چڱي نظر آئي. ٻن جلدن ۾
ورهايل آهي. پهرئين جلد جي ڪن ورقن تي، ڪتاب جي
ڪاتب فضل نامي جي والد عبدالوهاب جا ڪي حواشي به
آهن. جلد پهرئين جي آخر ۾ ڪاتب طرفان هڪ نوٽ به
آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو:
”قد وقع الفراغ من تحرير من نصف الاول من کتاب المسميٰ بالدر
المختار شرح تنوير الابصار علي يد المفتقر الي
الودود التواب فضل بن عبدالوهاب بتاريخ 30 من شهر
ربيع الاخر سنہ 1245هه وکان وقت شروعہ 19 من شهر
ذوالحج سن1222هه والفراغ من الجزءِ الثاني
سن1245هه.“
(3) الدر المختار قلمي جلد اول
هن علمي ڪتب خاني جي زيارت لاءِ جيڪو وڌيڪ شوق هو، سو رڳو هن
ڪري ته مخدوم عبدالواحد سيوستاني صاحب البياض جي
تذڪره ۾ سندس تصنيفات جي سلسلي ۾ ”رش الانوار
حاشيہ الدر المختار“ جو ذڪر ايندو آهي، تنهن ڪتاب
جو قلمي نسخو به نظر نه ٿو اچي. خيال هو ته سندس
خاندان جي لائبريريءَ ۾ اهو نادر علمي تحفو ملي
وڃي، افسوس جو اها سڌ ته پوري نه ٿي، باقي در
مختار جو هي جو نسخو هٿ آيو، تنهن پڻ قدري خوشي
پهچائي، ڇوته هن جي حاشيہ تي رش الانوار ۽ تحفة
الاخيار حلبيءَ تان حواشي ورتل آهن ۽ ڪجهه اختصار
اچي وڃي ٿو. اهو هڪ جلد به ٻن ٽن حصن ۾ ٽڙيل پکڙيل
هو، جنهن کي گڏ ڪري مڪمل بنايو ويو ۽ قاضي صاحب جي
اجازت سان ان مان ڪجهه استفاده لاءِ ڪتاب پاڻ سان
عاريت طور کڻي آيو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ طرفان جو
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جو ڪتاب المتانة في مرمة
الخزانة منهنجي ايڊٽ هيٺ چپجي رهيو آهي، ان جي
حاشية تي مناسب جاين تي اهي رش الانوار جا منتشر
جواهر پارا آڻي ڇڏيا اٿم ته جيئن گم ٿيڻ کان بچي
وڃن.
(4) جامع الفصولين
هي علامہ محمود بن اسرائيل مشهور ابن قاضي سهاوانہ جو ڪتاب آهي.
خط نهايت عمدو 20-26 جي پکيڙ جي 309 ورقن تي پکڙيل
هو.
(5) فصوص الحڪم (شيخ ابن عربي)
خط نهايت عمدو اٿس، ڪتاب جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي.
(6) تاج التراجم
هي هڪ ننڍو رسالو، جنهن ۾ حنفي عالمن جو تذڪرو آهي ۽ علامہ قاسم
بن قطلوبفا حنفيءَ جي تصنيف آهي، اهو ڪتاب اگرچه
ليدن ۾ ڇپجي چڪو آهي، پر هن وقت ناپيد آهي. هن جو
ڪاتب عبدالقادر بن حافظ محمود سيوهاڻي آهي. اهو
ڪتاب به قاضي صاحب عنايت فرمائي عاريت طور کڻي وڃڻ
ڏنو.
(7) حاشية الجامع الصحيح البخاري
هن ۾ صحيح بخاريءَ جي ڏکين لفظن جو شرح ڪيو ويو آهي ۽ هر باب ۾
الڳ لفظن جو شرح ڏنل آهي. خط عمدو اوراق 65 سائيز
وڏي مصنف جو نالو نامعلوم.
هن حاشيه جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي:
”اللهم الطف بي في تيسير کل عسير فان تيسير العسير عليک يسير.“
آخر ۾ لکيل آهي: تمت الحاشية يوم اثنين في وقت
الضحوات في اليوم العاشر. من شعبان سن1265هه.
الفاظ ڳاڙهيءَ مس سان ۽ شرح ڪاريءَ مس سان لکيو
ويو آهي.
(8) مختصر ڪشف الغطاءِ
هي ڪتاب شيخ حسين بن عبدالرحمٰن اهدل حسينيءَ جي تصنيف ڊيمي
سائيز جي اٽڪل هڪ سؤ پنن تي ڦهليل آهي. هن ۾ خدا
پاڪ لاءِ جسم ۽ تشبيهه جي نفي بابت تحقيق ڪيل آهي.
(9) شرح رسالہ المغالطات
هي ننڍڙو 5 ورقن جو رسالو فن معقول ۾ آهي، جنهن جو متن محمود
بخاري جو آهي ته شرح وري سندس فرزند عصمت الله
بخاري جو آهي.
(10) رسالہ في رد الشيخ ابن عربي و امثالہ
هي ستن ورقن جو مختصر رسالو تاليف مفتي بدر الدين حسين بن
عبدالرحمٰن بن محمد بن علي الاهدل.
(11) رسالہ الغزالي
هي تصوف ۾ ننڍڙو رسالو آهي، جنهن جو ڪوبه نالو لکيل نه آهي، هن
جي آخر ۾ هيءَ مهر ملي: ”بهادر شيخ 1194هه“
(12) شرح الصغير للحلبي
خط عمدو شروع جا ورق غائب فقہ جو مشهور ڪتاب آهي، جو گهڻائي
ڀيرا ڇاپي هيٺ به آيو آهي.
(13) مجموعہ هداية الطالبين في الاوراد
(2) انسان ڪامل (3) نجم السلوڪ. هن مجموعہ ۾ مٿيان ٽي ڪتاب آهن،
جن مان پهريون ڪتاب شيخ محمد صالح ڪولابيءَ جي
تصنيف آهي ۽ ٻيو شيخ عبدالڪريم جيليءَ جو تصوف ۾
مشهور ڪتاب آهي، جو ڇاپي هيٺ آيل آهي.
(14) شرح العقائد نسفيہ
خط عمدو- ڪتابت جو سال 20 ربيع الاول سن1140هه- علم عقائد جو
مشهور ڪتاب علامہ تفتازاني جي تصنيف آهي، عربي
مدارس جي نصاب جو ڪتاب آهي.
(15) منهاج العابدين ۽ نسخہ خضريہ جا چند اوراق
هن نسخي جي اها خوبي آهي جو مخدوم دين محمد سيوهاڻي جي هٿ جو
لکيل آهي، باقي اصل ڪتاب ته ڇاپي هيٺ آيل آهي.
(16) فتح الفضل
تصوف- خط اعليٰ- تاريخ ڪتاب 1233هه هن جي آخر ۾ مخدوم محمد عارف
سيوهاڻي، مخدوم بصر الدين (رح) جي جد اعليٰ جو
عربيءَ ۾ هڪ نوٽ لڳل آهي، جو هن ريت آهي: بحمد
الله وحولہ قوتہ وهبني الله تعاليٰ هذا الکتاب
الشريف المسميٰ بفتح الفضل من يد حاجي ڪاغذي وهب
الله اياه خير النعم وانا الفقير الموهوب لہ محمد
عارف 1222هه. 24 شعبان المڪرم سن1238هه.“
مطلب ته الله جي اعانت سان هي ڪتاب حاجي ڪاغذيءَ جي هٿان مون کي
تحفي طور مليو، خدا کيس چڱي نعمت نصيب ڪري.
(17) نجوم الهدايت
هي ”هدايہ“ جو مختصر حاشيه آهي، خط نهايت عمدو اٿس. مخدوم محمد
عارف هن جي هيٺان هي نوٽ هنيو آهي، اختصار خاطر ان
عبارت جو ترجمو ڏيون ٿا: ”الله لاءِ تعريف آهي مون
تي هنن ٻن حاشين جي سوغات جو قاضي غلام محمد بن
لطف الله مرحوم جي هٿان احسان فرمايو، جڏهن هو
حرمين شريفين جي سفر لاءِ تيار هو.“ (مهر محمد
عارف 1222هه)
(18) المواهب اللدنية الجزءُ الاول
علامہ قسطلانيءَ جو سيرت ۾ مشهور ڪتاب آهي، خط عمدو اٿس، ڇاپي
هيٺ آيل آهي.
(19) فتاويٰ ابن نجيم (فقہ)
مشهور ڪتاب آهي، ڇاپي هيٺ آيل آهي.
(20) مستخلص
”فقہ حنفي“ جو مشهور ڪتاب آهي.
(21) شرح شاطبي (فارسي)
ابو عبدالله تبريزي
(22) زبده الحقائق في ڪشف الدقائق
عين القضاة همداني (فارسي)
(23) کتاب النصوص
شيخ صدر الدين قونوي
(24) ڪرسي نامہ (فارسي)
سيوهڻ جي صديقي خاندان جو مختصر تذڪره حبيب الله ولادت سن1264هه
بن مخدوم مريد الله صديقي. |