سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :2

 

علم تجويد

 

تجويد لفظ جي معنيٰ آهي ڪنهن ڪم کي چڱي نموني پورو ڪرڻ. قارين سڳورن وٽ تجويد نالو آهي حرفن کي انهن جي اصلي مخرج مان صحيح طرح ڪڍندي انهن کي سڀني صفتن سان ادا ڪرڻ. عربيءَ جا اصلي حرف 29 آهن. انهن مان هرهڪ حرف جي نڪرڻ جي پنهنجي جاءِ آهي. ان ڪري ان کي مخرج سڏبو آهي. جمهور جي مذهب تي اهي مخرجون سترهن آهن.

حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم عرب جا سڀ کان وڏا فصيح هئا ۽ قرآن کي سڀ کان وڌيڪ تجويد سان پڙهندڙ هئا.

قرآن مجيد 23 سالن جي مدت ۾ لٿو. جيئن جيئن قرآن لهندو هو، ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم ان کي پاڻ ياد رکندا هئا ۽ پنهنجن صحابن کي به ياد ڪرائيندا هئا. قرآن مجيد جي معنيءِ تي عمل سان گڏ لفظن جي حفاظت ۽ تجويد جو به خاص خيال رکيو ويندو هو، ڇوته الله تعاليٰ پاڻ اهو حڪم فرمايو آهي:

ورتل القرآن ترتيلا. ۽ قرآن کي تجويد سان ٺاهي پڙهه.

رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي صحابين سڳورن حضور صلي الله عليہ وسلم کان تواتر سان قرآن کي حاصل ڪيو ۽ اصحابن کان تابعين ان کي پڙهيو. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو اڄ تائين امت محمديءَ ۾ هلندو اچي ٿو. تڏهن هرهڪ مسلمان کي گهرجي ته اهو قرآن پاڪ کي تجويد سان پڙهي. جيڪو ماڻهو ائين نه ٿو ڪري اهو قرآن کي غلط پڙهندو ۽ ان جي تلاوت، نبوي تلاوت جي نموني جي خلاف چئبي، ڇوته قرآن مجيد جو نزول ئي تجويد سان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ان علم جي حيثيت پوءِ ورتي آهي، جيئن ٻيا اسلامي علوم آهن.

علم تجويد کي سکڻ ۽ ان سان قرآن مجيد کي پڙهڻ واجب ڪفايه آهي، جنهن جو اهو مطلب آهي ته مسلمانن مان ڪي هن علم کي پوري طرح پرائيندا ۽ ان تي عمل ڪندا ته ٻين تان اهو گناهه لهي پوندو. پر هر مسلمان تي ڏينهن ۽ رات ۾ پنج نمازون فرض آهن، انهن ۾ قرآن جي تلاوت به فرض آهي. ان حالت ۾ ايترو قرآن پاڪ ياد رکڻ ضروري آهي جو ان سان نماز ادا ڪري سگهجي، مثال طور ڪو ماڻهو اَلحمد کي اِلحمد پڙهي ٿو ته عالمن وٽ اها قرآن پاڪ ۾ تبديلي ڳڻي ويندي.

تجويد کي سکڻ ۽ تجويد سان قرآن مجيد کي پڙهڻ سان هڪ پاسي مسلمان گناهه کان بچي ٿو، ٻئي پاسي تجويد جو اهو به فائدو آهي ته ان سان تلاوت ۾ حسن پيدا ٿئي ٿو ۽ قراءَت سهڻي معلوم ٿئي ٿي. قرآن شريف جي اصل زينت ۽ سينگار ۾ تجويد جي اصول ۽ فروع کي خيال ۾ رکڻ گهرجي. ان سان آواز جي سونهن کي به وساري نه ٿو سگهجي. پر آواز جو حسن پنهنجي وس جي شيءِ نه آهي ۽ تجويد پنهنجي اختيار جي شيءِ آهي، جو ان کي سکي سگهجي ٿو. صحابين سڳورن کان جن قارين تجويد کي پڙهيو ۽ سکيو، انهن مان مشهور ست قاري آهن، جن کي قراءَت ۽ تجويد جو امام سڏيو وڃي ٿو.

(1) عبدالله پٽ ڪثير داري وفات 120هه- هن صحابين مان حضرت انس بن مالڪ، حضرت عبدالله بن زبير ۽ ابو ايوب انصاري رضي الله عنهم جي زيارت ڪئي هئي، هن قاري جي روايت ۽ قراءَت مڪه مڪرمه ۾ مشهور ٿي ۽ ان جا راوي بزي ۽ قنبل مشهور آهن.

(2) نافع بن عبدالرحمٰن (وفات 129هه): هن اهڙن ستر استادن کان قراءَت کي سکيو، جن سنئون سڌو حضرت ابي بن ڪعب، حضرت عبدالله بن عباس ۽ حضرت ابوهريره - رضي الله عنهم - کان تجويد کي پڙهيو ۽ سکيو. قاري امام نافع جي روايت مدينه منوره ۾ وڌيڪ مشهور ٿي ۽ ان جا راوي قالون ۽ ورش وڌيڪ مشهور آهن.

(3) عبدالله حصبي رحه جيڪو ابن عامر سان مشهور آهي، ان جي وفات 118هه ۾ ٿي. هن امام قراءَت جي فن کي مغيره بن شهاب کان پرايو، جيڪو حضرت عثمان رضي الله عنہ جو شاگرد هو. امام عبدالله جا حضرت نعمان بن بشير ۽ حضرت واثله ٻه اصحابي سڳورا پڻ استاد آهن، هن قاري جي قراءَت شام ۾ وڌيڪ رواج لڌو، ان جا راوي هشام ۽ زڪوان وڌيڪ مشهور آهن.

(4) حمزه بن حبيب (وفات 188هه) هن جي شاگرديءَ جو سلسلو حضرت عثمان غني، حضرت علي ڪرم الله وجهہ ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنهم تي پهچي ٿو.

(5) ابو عمر مر زيان (وفات 154هه) هي حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهه جي شاگردن جو شاگرد آهي. هن جي قراءَت بصره ۾ وڌيڪ مشهور ٿي. هن جي قراءَت جو راوي ابو عمرو دوري ۽ ابو شعيب وڌيڪ مشهور آهن.

(6) عاصم (وفات 127هه) هي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي شاگرد ابو عبدالرحمٰن سلمي جو شاگرد ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنهما جي شاگرد زر بن حبيش جو پڻ شاگرد آهي. هن جي روايتن مان شعبه ۽ حفص وڌيڪ مشهور آهن. اڄ ڪلهه عام قراءَت حفص جي روايت جي مطابق هوندي آهي.

(7) علي بن حمزه ڪسائي (وفات 189هه) هن جي روايتن مان مروزي ۽ ابو عمرو دوري وڌيڪ مشهور آهن. انهن جون قراءَتون ڪوفي ۾ مشهور ٿيون. علم تجويد ۾ قراءَت جا ٽي طريقا آيا آهن:

(1) ترتيل: ڍرو ڍرو اطمينان سان پڙهڻ، هن کي امام عاصم ۽ ورش اختيار ڪيو آهي.

(2) حدر: جلدي جلدي پڙهڻ، پر ضروري آهي ته انهن ۾ مخرجن ۽ صفتن جو خيال رکيو وڃي. هن قانون کي ابن ڪثير ۽ ابن عمرو اختيار ڪيو آهي.

(3) تدوير: ترتيل ۽ حدر جي وچ تي پڙهڻ، هن کي ابن عامر ۽ ڪسائي اختيار ڪيو آهي. هنن ٽنهي طريقن ۾ حرفن جي ادائگي ۽ مخارج جو خيال رکڻ ضروري آهي. علم تجويد ۾ حرفن جي مخرجن ۽ صفتن جي مفصل سمجهائڻ سان گڏ تلاوت جي خوبين ۽ برائين جي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي، جن جو هڪ قاريءَ کي خيال رکڻ ضروري آهي. تلاوت جون خوبيون ڇهه ٻڌايون ويون آهن:

(1) ترتيل: مڙني تجويد جي قاعدن جو خيال رکي قرآن مجيد کي آرام ۽ اطمينان سان پڙهڻ.

(2) تجويد: قرآني حرفن کي صحيح طرح سان مخرجن مان ادا ڪرڻ ۽ لازمي ۽ عارضي صفتن جو خيال رکڻ.

(3) تبيين: هر حرف کي صاف ۽ چٽو ادا ڪرڻ.

(4) ترسيل: لفظن کي لطافت سان پڙهڻ ۽ هر حرف کي ائين پورو پڙهڻ، جيئن ان جو حق هجي ۽ حرفن کي چٻاڙي پڙهڻ کان پاسو ڪرڻ.

(5) تحسين: تجويد جو خيال رکي عرب جي آواز موافق خوش آوازي سان پڙهڻ.

(6) توقير: عاجزيءَ سان باوقار نموني پڙهڻ.

علم تجويد جي مطابق قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ سورنهن عيب ڳڻيا ويا آهن، انهن کان بچڻ گهرجي. جيڪي هي آهن:

(1) تهميز: جتي همزه نه هجي، اتي همزه جو آواز ڪڍڻ.

(2) عنعنہ: همزه يا ڪنهن ٻي حرف جي آواز ۾ عين جو آواز ملائڻ.

(3) تعجيل: ايترو تڪڙو پڙهڻ جو حرف ڪپجي وڃن يا هڪ ٻئي کان جداٿين.

(4) تطويل: مد کي مقدارکان وڌيڪ ڇڪڻ.

(5) تطين: جتي غنو نه هجي، اتي غنو ڪرڻ.

(6) ترجيع: آواز کي نڙي ۾ ڦيرائڻ، جيئن تڪرار وارو حرف ٿي پئي.

(7) تعويق: ڪلمي جي وچ تي وقف ڪري ان کي ما بعد کان شروع ڪرڻ.

(8) ترعيد: آواز ۾ رعشو ۽ ڏڪڻي پيدا ڪرڻ.

(9) تمطيط: ترتيل سان پڙهڻ وقت مدن ۽ ساڪنن ۾ حد کان وڌيڪ دير ڪرڻ.

(10) تمضيغ: حرفن کي چٻاڙي پڙهڻ.

(11) حرڪتن کي پورو ادا نه ڪرڻ.

(12) وثبا: پهرين حرف کي اڻپورو ڇڏي ٻئي حرف کي شروع ڪرڻ.

(13) رڪزه: بي جاءِ ادغام ڪرڻ.

(14) همهمہ: تحفيف واري حرف تي شد پڙهڻ.

(15) زمزمہ: ڳائڻ وانگر پڙهڻ.

(16) تحزين: ائين آواز ڪڍڻ، جيئن ڪو روئي ٿو.

 

 

صبح صادق جي تحقيق

تعارف مضمون: تازو نامور اخبار توحيد ۾ جناب حاجي جان محمد خان طرفان صبح صادق جي قدر بابت استفتاءَ پڌري ٿي هئي، ان ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته علامه ابن حزم اندلسي عام فقهاءِ جي برخلاف بگرمي جي موسم ۾ ننڍي رات جي صورت ۾ صبح صادق جي مقدار کي وڏو چوي ٿو ۽ سردي جي زماني ۾ وڏين راتين ۾ ننڍي هجڻ جو قائل آهي. ٻئي طرف کان فقہ جي عبارتن مان ان جي ابتڙ معلوم ٿئي ٿو. يعني وڏين راتين ۾ صبح صادق جو مقدار وڏو ۽ ننڍين راتين ۾ ننڍو ٿيندو آهي. ان باري ۾ پوين عالمن جي ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن. ساڳيءَ استفتاءَ ۾ ائين به ڄاڻايل آهي ته هيئت وارا صبح صادق کي هميشه هڪ انداز ڏيڍ گهنٽو مقرر ڪندا آهن. هي مسئلو جنهن صورت ۾ اهم ۽ مشڪل آهي. رمضان شريف جي روزن ۾ ته خاص طرح صبح صادق جي تحقيق لاءِ ضرورت ٿئي ٿي، تنهن ڪري اسان ان مسئلي تي ناقص فهم مطابق ٿوري روشني وجهون ٿا.

الجواب هو الملهم للصواب

هن مسئلي جي تحقيق ۾ جيتري قدر ڏٺو ويو آهي ته اسان جي فقيهن تخميني کان ڪم ورتو آهي. ان ڪري سندن ڪلام ۾ جدا جدا تخمينا موجود آهن. عام طور تي ان تخميني ۾ غلطي کان ڪم ورتو ويو آهي. جن فقهائن رات جي گهٽجڻ سان صبح جي مقدار کي گهٽ رکيو آهي ۽ رات جي وڌڻ سان صبح جي مقدار کي وڌايو آهي، اها سندن غلطي آهي. ان طرح جو اندازو مولانا ٿانوي به پيش ڪيو آهي ته سڄي رات کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائجي. پهرين ڇهن ڀاڱن ۾ سحري کائي سگهجي ٿي. درمختار کان به اهڙو نقل پيش ڪيو ويندو آهي، ليڪن اهو سڀ علم هيئت کان بيخبري ڪري لکيو ويو آهي. اصل ۾ ان غلطي جو ڪارڻ هي آهي ته صبح صادق کي رات جو حصو گمان ڪري، ان جي وڌڻ گهٽجڻ کي رات جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ جو تابع ڪيو ويو آهي، يعني جيئن رات گهٽ ٿيندي، تيئن صبح صادق جو مقدار به گهٽ ٿيندو ۽ جيئن رات وڌندي، تيئن صبح صادق جو مقدار به وڌندو. اهڙيءَ طرح جن ماڻهن صبح صادق کي ڏينهن جو ڀاڱو قرار ڏنو آهي، اهي مٿين قول جي بلڪل ابتڙ جا قائل آهن، جيئن علامه ابن حزم اندلسي هو.

اسان جي نظر ۾ علامه ابن حزم جو قول علم هيئت جي اصولن مطابق قدري صحيح نظر اچي ٿو. اگرچه 23 جون ۾ ان جي ڳالهه به صحيح نه ٿي بيهي، ڇوته صبح صادق جي مقدار جو سمورو مدار سبل شمس تي آهي، ان ڪري اسان تمهيد طور تي صبح صادق جي حقيقت ۽ صبح ڪاذب کان امتياز ۽ ميل جو ٻڌائڻ ضروري ڄاڻون ٿا. هي جو استفتاءَ ۾ ٻڌايل آهي ته رياضي وارا صبح صادق جو مقدار هميشه ڏيڍ گهنٽو رکندا آهن، اها ڳالهه صحيح نه آهي. علم هيئت جي ڪتابن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه آهي.

علم اجرام کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته صاحب تذڪره جي حساب سان سج زمين کان 166 دفعا وڏو آهي. ان سان گڏ ڪسر   زمين جي به گڏ ڪئي وئي آهي. غياث الدين جمشيد 326 مثل لکيو آهي. هن تحقيق کي برجندي آندو آهي. جڏهن سج جو نور زمين تي پوي ٿو ته ان صورت ۾ زمين جو اهو ڀاڱو جيڪو سج جي سامهون آهي، اهو روشن ٿئي ٿو اهو ڀاڱو علم مناظر جي برهان مطابق ضرور وڏو هوندو. بحث جي طوالت ڪري اسان ان تي نه ٿا لکون. زمين ڪثيف جسم آهي. ڪثيف جسم روشني کي قبول ڪندي آهي، پر اها روشني ان جي آر پار نه ٿيندي. ان ڪري ان زمين جو پاڇو سج جي ڪرڻ جي مقابل پاسي ڏانهن هوندو. ظل جو قاعدو اهوئي آهي ته سج جي ٻئي پاسي ڏانهن هوندو آهي. هاڻي ڏينهن رات جي معنيٰ واضح ٿي پئي ته سج جڏهن هن زمين جي مٿان هوندو ۽ ان کي روشن ڪندو ته اهو ڏينهن آهي، پر جڏهن سج اسان جي نظر کان غائب ٿي هيٺيون دورو پورو ڪري ٿو ته ان وقت زمين جو سايو مٿان اچي ٿو ته رات ٿئي ٿي. زمين جو ظل مخروطي گول شڪل تي آهي. مخروطي جسم ان کي چيو ويندو آهي، جنهن کي هڪ گول ليڪو گهيرو ڪري جنهن کي ان جسم لاءِ قاعده سڏيو آهي. ٻيو گول سطح جيڪا دائره گول کان شروع ٿئي ٿي ۽ جيئن مٿي وڌندي ويندي، تيئن تنگ ٿيندي ويندي ۽ ان جي پڄاڻي هڪ نقطي تي ٿئي ٿي، جنهن کي راس مخروط چيو ويندو آهي.

ڄاڻڻ گهرجي ته ان مخروطي جسم جي سايه جو قاعده روشني ۽ تاريڪي وچ ۾ فصل ڪندڙ ننڍو دائره سج ڏانهن هوندو ۽ ان جو مٿو سج جي مقابل طرف ڏانهن هوندو. جڏهن سج افق شرقيءَ جي قريب ٿئي ٿو، ان وقت مخروط جو مٿو افق غربيءَ ڏانهن ميلان ڪري ٿو. اهو ميل وڌندو ويندو، تانجو هڪ محيط روشني نظر ايندي. ان مان پهريون هڪ خط سمتي نظر ايندو. اهو خط مرڪز سج کان نڪري ٿو ۽ ڏسندڙ کي سڀ کان ويجهو خط نظر ايندو. هوا جيڪا زمين ۽ پاڻيءَ جي مجاور يعني ويجهي آهي، ان ۾ زمين جي پاڙيسري هجڻ جي ڪري ڪثافت اچي ٿي. ان ڊگهي روشنيءَکي صبح ڪاذب (ڪوڙي فجر) سڏيو ويندو آهي.

جڏهن سج افق شرقيءَ کي ويجهو هوندو آهي، ان وقت افق جي روشني پکڙيل نظر ايندي آهي، جنهن کي صبح صادق چيو ويندو آهي، ان وقت روزي جي سحري بند ٿي ويندي آهي، پوءِ افق ۾ سرخي نظر ايندي آهي، جنهن کي سج جي ابتڙ ڄاڻڻ گهرجي، يعني ان ۾ پهريائين سرخي پوءِ سفيدي نظر ايندي.

آمدم بر سر مطلب! اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته صبح صادق جي مقدار ۾ عام طرح رياضيءَ جي اصولن کان ناواقفيت سبب ڇا جو ڇا لکيو ويو آهي. اصل حقيقت هيءَ آهي ته صبح صادق جو قدر وڌندو ۽ جيئن ميل ڪلي گهٽ ٿيندو ويندو يا فنا ٿيندو ته صبح جو مقدار گهٽ ٿيندو. مثال طور ميل اعظم 11 جون ۽ 22 ڊسمبر تي ڪمال کي پهچي ٿو، تنهن ڪري انهن تاريخن ۾ صبح صادق جو مقدار وڏو هوندو ۽ 21 مارچ ۽ 22 سيپٽمبر تي ميل ڪلي جي گم ٿيڻ جون تاريخون آهن، تنهن ڪري انهن تاريخن ۾ صبح صادق جو مقدار گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. مطلب ته 21 مارچ ننڍي ۾ ننڍو صبح ٿيندو، ان کان پوءِ آهستي آهستي ميل وڌندو ويندو ته صبح جو مقدار به وڌندو ويندو. اهو وڌڻ جو سلسلو 21 جون تائين هلندو رهي ٿو. ان کان پوءِ وري صبح صادق جي گهٽجڻ جو سلسلو هلي ٿو ۽ 23 سيپٽمبر تي گهٽ مقدار جي فعاليت ٿئي ٿي. پوءِ وري اتان وڌڻ شروع ٿئي ٿو. اهو سلسلو 22 ڊسمبر تائين هلي ٿو.

ميل ڪليءَ جي سمجهاڻي

علم هيئت ۾ 10 وڏا دائرا مقرر ڪيا ويا آهن. انهن مان پهريون وڏو دائرو معدل النهار جو آهي. هن جا قطب عالم جا قطب آهن. ٻيو دائرو منطقة البروج جو آهي. هي دائرو پهرين دائري کان اعتدال جي ٻن نقطن اعتدال ربيعي ۽ خريفي تي ملي جدا ٿئي ٿو. هنن ٻنهي دائرن جي وڌ ۾ وڌ وڇوٽي پهرئين دائري کان ٻن نقطن انقلاب صيفي ۽ انقلاب شتوي تي ٿئي ٿي. ٽيون دائرو آهي المارة بالاقطاب الاربعة يعني پهرين ٻن دائرن جي ٻن قطبن ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان کي ميل ڪلي چيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر اسان اڳ ڪيو آهي.

اسان وڌيڪ سمجهاڻي لاءِ هيٺ هڪ نقشو ڏيون ٿا، ان کي ڏسڻ گهرجي. بهرحال اسا جي نظر ۾ علامه ابن حزم جو قول راجح ۽ علم هيئت جي اصلن کي ٿورو قريب آهي. والله اعلم بالصواب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com