سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :58

 

خواجه محمد حسن (شاهه مدني)

لواريءَ وارا

ولادت: 1235هه - 1819ع وفات: 1298هه - 1880ع

خواجه محمد حسن عرف شاهه مدني، خواجه محمد زمان ثاني (غوث عالم) جا صاحبزاده آهن. پاڻ ننڍي هوندي کان ڄمندي ڄام هئا، گهريلو ديني ماحول ته کين ورثي ۾ مليو هو، تعليم به پنهنجي ئي درگاهه تي ورتائون. ظاهري تعليم کان باطني تعليم ڏانهن سندن زياده ميلان هو. حضرت خواجه محمد زمان ثاني (غوث عالم) کين مرض موت ۾ گهرائي پنهنجو جاءِ نشين مقرر فرمايو. ان وقت هن ڀلاري نينگر جي عمر رڳو 11 سال هئي. ننڍي عمر هوندي به پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ انتظام ۽ ذڪر اذڪار ۾ خلل اچڻ نه ڏنائون. هوڏانهن سندس چاچا پڻ مخالف هئا. هن بزرگ کي حج ڪرڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. عبادت جا به ڏاڍا شائق هئا، نماز باجماعت جو ڏاڍو خيال ڪندا هئا ۽ نفلي عبادت به گهڻي انداز ۾ ڪندا هئا. رات جو ننڊ تمام ٿوري ڪندا هئا، رمضان مهيني ۾ اعتڪاف جو التزام ڪندا هئا، صبح جو ذڪر، اذڪارن ۽ مراقبي مان فارغ ٿي وعظ و نصيحت جي محفل گرم ڪندا هئا. پاڻ ڇهه ڀيرا حج ڪيائون، ان دور ۾ حرمين جو سفر وڏو خطرناڪ هوندو هو. اهي حج ترتيبوار هنن سالن ۾  ٿيا: پهريون حج سن1255هه، ٻيو حج سن1266هه، ٽيون حج سن1276هه، چوٿون حج سن1286هه، پنجون حج سن 1292هه ۽ ڇهون آخري حج سن1297هه ۾ ڪيائون ۽ انهيءَ ئي سفر ۾ 7 صفر سن1298هه ۾ مديني طيبه ۾ پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿيا ۽ جنت البقيع ۾ خواجه محمد پارسا جي قبر جي ڀر ۾ دفن ٿيا. مخدوم محمد ابراهيم خليل، خواجه محمد حسن جي وفات تي مختلف ماده تاريخ لکيا آهن، جن مان ٻه مختصر هيٺ ڏجن ٿا:

ارتحال آن فروغ خاندان

دل بدل داده است هر جا آه آه

جان محزونم بگفتا سال وي

”واي واويلا دريعا آه آه“

- - - - - -

اين گل شدن چراغ بزم خواص

بروانگي غم از عموم غل شد

دل گفت بسال انتقالش هي هي

افسوس که مشعل لواري گل شد

شاهه مدني جي وفات کان پوءِ سندن عالم ۽ صالح فرزند خواجه محمد سعيد مسند تي ويٺا، سندن وقت ۾ باطني فيض جا درياهه وهي هليا ۽ ان سان گڏ ظاهري علم کي به ڏاڍو زور وٺايائون، نادر ڪتابن جو وڏو ذخيرو گڏ ڪيائون ۽ سنڌ جي وڏي محدث مخدوم عبدالڪريم مٽياري وارن جي خاص شاگرد محمد عيسيٰ سنڌيءَ کي پنهنجي مدرسي جو شيخ الحديث مقرر ڪيائون. سنڌ جا اڪثر ديني مدرسا سندن امداد تي هلنا هئا، اتر سنڌ ۾ شهدادڪوٽ جو  عظيم مدرسو، جنهن مان سوين عالم فارغ ٿي نڪتا، تنهن مدرسي کي پڻ امداد ڏيندا هئا. استاد العلماءَ مولانا علامہ غلام صديق شهدادڪوٽي به ڳوٺان ڪهي لواريءَ ۾ خواجه محمد سعيد جي زيارت لاءِ ايندا هئا. مون کي مولانا عبدالله کڏهر وارن ٻڌايو ته آئون پنهنجي والد مولانا محمد عمر سان لواري ويو هوس، ان موقعي تي خواجه محمد سعيد جن وٽ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي آيا هئا ۽ ياد آهي ته پاڻ اهو احوال ڪيائون ته قلندر شهباز جي زيارت لاءِ آيا هئاسون، اتان وري اوهان جي زيارت لاءِ آيا آهيون ۽ ڪجهه وقت اتي رهي طوالع الانوار تاليف شيخ محمد عابد جو به مطالعو ڪيائون.

خواجه محمد سعيد صاحب پنهنجي والد جي احوال بابت ”صقال الضمائر“ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. وڌيڪ احوال اتي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتاب ”لواريءَ جا لال“ ۾ ڏسڻ گهرجي.

سيد ثابت علي شاهه

(ولادت: 1153هه - 1749ع وفات: 1225هه - 1810ع)

سيد ثابت علي شاهه ابن سيد امداد علي شاهه ابن نور محمد شاهه ابن سيد عيسيٰ ملتاني سن1153هه ۾ سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر سيوهڻ ۾ ڄائو. سادات جو اهو خاندان اصل ۾ ملتان جو رهاڪو هو، جيئن مٿئين نسب نامه مان پڻ پڌرو ٿئي ٿو، هن بزرگ جو ڏاڏو سيد نور محمد شاهه معروف ثابت علي شاهه ٺٽي جي صوبيدار نواب اعظم خان سان گڏجي سن 1128هه ۾ ملتان کان سنڌ ۾ وارد ٿيو، اتفاق اهڙو ٿيو جو 1131هه نواب اعظم خان معزول ٿي ويو، نور محمد شاهه ملتانيءَ کي سنڌ ۾ سڪونت ڪري ايڏو ته سواد ملي ويو جو موٽي ملتان وڃڻ کي ئي وساري ويٺا. سندس پوٽي تي ڏاڏي جو نالو ثابت علي شاهه رکيو ويو، سيد صاحب ان دور جي دستور مطابق مدرسن ۾ تعليم ورتي، گهرو ماحول به علمي هو، جنهن سندس علمي اوثر ۾ وڏي مدد ڪئي. هڪ پاسي نورالحق مشتاق ولد ملا دائود سيوهاڻي جهڙو عربي فارسيءَ جو وڏو عالم کيس استاد مليو ته ٻئي پاسي ميان غلام علي مداح بن محمد حسن ٺٽويءَ جهڙي شاعر کان به تعليم پرايائين. شعر و ادب سان وابستگي ۽ طبع جي رواني ته سندس قدرتي ڏات هئي. هوش سنڀالڻ سان شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ جلدي سنڌيءَ ٻوليءَ جي صنف مرثيه نويسي ۽ مرثيه خوانيءَ جي اعليٰ مسند تي پهچي ويو. هڪ ته هو پاڻ به سيد هو ۽ ويتر اهل بيت تان گهور ٿيندو هو. ان عقيدت ڪري سندس مرثين ۾ اهو سوز و گداز سمايل آهي، جنهن انهن کي هميشه لاءِ امر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي موزون شاعريءَ جو به کيس اڳواڻ ۽ سرخيل سڏجي ته ان ۾ وڌاءُ نه آهي. مير خليل ٺٽوي کيس نازڪ بيانيءَ جو سمنڊ سڏيو آهي. سيد ثابت علي شاهه جن نه رڳو سنڌي ڪلام چيو آهي،پر کين فارسيءَ ۾ به دسترس ۽ قابليت هئي، مرثين ۽ مناقبن کان سواءِ سندن ٻي تصنيف ”جنگ نامه ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙه باعزت خان“ آهي.

سنڌ جي هن عظيم مرثيه گو شاعر جي وفات سن1225هه ۾ ٿي ۽ سيوهڻ ۾ ئي دفن ٿيا، اڃان تائين سندن قبر انهن جي عقيدتمندن لاءِ زيارت گاهه آهي. سندن وفات تي مير غلام علي مائل ٺٽوي هيٺيئن ريت تاريخ وفات چئي آهي:

چون محب شاه دين مداح آلِ مصطفيٰ

آنکه از صدق و عقيدت در محبت داشت جوش

رفت از دنيا بجنت، گشت هم بزم علي

گفت هم بزم علي ثابت عليٰ بادا سروش

1225هه

سيد ثابت علي شاهه پنهنجي پويان ٻه پٽ ڇڏيا: سيد احسان علي شاهه ۽ سيد امداد علي شاهه. سيد احسان علي شاهه به پيءُ وانگر سنڌيءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. 1842ع ۾ ٽالپرن ۽ سر چارلس نيپئر جي جيڪا مياڻي واري لڙائي لڳي هئي، ان جي احوال بابت جنگ نامه لکيو اٿس. هي بزرگ بغير اولاد جي گذاري ويو، باقي ٻيو فرزند سيد امداد علي شاهه اولاد وارو هو، جنهن جو اڄ تائين اولاد هلندو اچي. هاڻوڪو نوجوان اديب سيد احسان علي شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد ثابت علي شاهه پڻ هن ئي خاندان جا چشم و چراغ آهن، جو سرڪاري ملازمت ۾ هڪ چڱي عهدي تي فائز آهن.

نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري

ولادت: 1165هه - 1772ع وفات: 1247هه - 1832ع

ساڻيهه سنڌ ۾ علمي مذاق ۽ علم و ادب سان دلچسپي نه رڳو عوام ۾ هئي، پر اڳوڻي دور جا امير پڻ عالم، شاعر ۽ علم پرور هئا. انهن مان نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري به اهڪ اهم ۽ وڏي رتبي جو مالڪ هو. هن جي ولادت 1165هه ۾  ٿي، سندس والد جو نالو غلام محمد خان ”نگار“ هو. خانداني روايتن موافق وقت جي وڏن عالمن ۽ اديبن کان تعليم پرايائين. شعر گوئي سان به سندن ڏاڍو چاهه هو. پنهنجي خداداد قابليت سان ٽالپرن جي دور ۾ هن وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا، سنڌي فوج جو عظيم سپهه سالار ۽ وزير مملڪت هو، کيس اپر سنڌ (سيوهڻ کان وٺي جيڪب آباد تائين) جو حاڪم بڻايو ويو هو. هن هڪ ئي وقت سياست، حڪومت ۽ لڙائي ۾ لازوال نالو پيدا ڪيو. افغانستان ۽ سنڌ جي معاملن ۾ يا فرنگين ۽ ملڪي مسئلن ۾ سندس راءِ ۽ مشوري کي وڏي اهميت حاصل هئي. اهي سڀ ڪم سندس ئي سپرد هئا، جن کي ان تمام سهڻي نموني نباهيو، طب، شعر ۽ ٻين سڀني علمن ۾ کيس وڏو ملڪو حاصل هو. پاڻ علم پرور ۽ علم وارن جو دوست هوندو هو.

نواب ولي محمد خان کي چار پٽ هئا: نواب الهداد (وفات 1300هه) هن جو تخلص صوفي هو، فارسيءَ جو سٺو شاعر ۽ ديوان جو مالڪ هو. (2) احمد خان (وفات 1870ع) هن جو پٽ نواب ولي محمد ثاني (1295هه - 1332هه) پنهنجي ڏاڏي وانگر شاعر هو ۽ ديوان جو صاحب هو. (3) غلام حيدر خان (4) محمد خان.

نواب صاحب 1247هه ۾ وفات ڪئي ۽ هيٺيان ڪتاب سندس تاليف مان يادگار ڳڻيا وڃن ٿا: (1) ديوان ولي فارسي (2) نزهة الابدان طب فارسي، هن ۾ نواب صاحب پنهنجا طبي نسخا ڏنا آهن. (3) ساقي نامہ (4) موعظت نامہ فارسي (5) مثنوي هير و رانجها فارسي (مطبوعہ).

نواب الهداد خان لغاري ”صوفي“

(وفات: 1300هه - 1882ع)

نواب الهداد خان لغاري ”صوفي“ تخلص پنهنجي والد بزرگوار نواب ولي محمد خان ”ولي“ وانگر وڏو علم پرور  شاعر هو. سندس نيڪي، اخلاق ۽ پرهيزگاريءَ جي ساک ان جي تخلص ”صوفي“ مان ئي پڌري آهي، طريقت ۽ سلوڪ ۾ نقشبندي ٿو معلوم ٿئي، اهوئي سبب آهي جو هن طريقي جي هن ريت وصف ڪئي اٿس:

جرعہ مي نوشيده ام اي دل، زجام نقشبند

زان سبب جان مي کنم، قربان نامِ نقشبند

کيست کو! بانقشبندان همسري سازد، نگر

جاودان باشد ڙصائي حق بکلامِ نقشبند

طعنہ دارد از شريعت، هر طريقه بيش و کم

بر طريقِ احمدي، دائم قيامِ نقشبند

آخري بيت هن طرح آهي:

پير گشتي در ثنا خواني تو ”صوفي“ گفت دل

گفتمش، نوشيده ام يک جرعہ جامِ نقشبند

نواب الهداد خان ڪنهن کان تعليم پرائي ۽ ڪيترو پڙهيو، ان جا ڪي به تفصيل معلوم نه ٿي سگهيا آهن. سندس شعر مان ان جي مهارت ۽ قابليت واضح طور تي معلوم ٿئي ٿي، سندس فارسيءَ جو ديوان پڻ موجود آهي، جنهن مان تڪمله مقالات ۾ چڱو انتخاب ڏنو ويو آهي. شهر حيدرآباد جي وصف ۾ هيٺيان بيت نواب ”صوفي“ جا چيل آهن، جيڪي نهايت عمدا معلوم ٿين ٿا:

دوش آن گل، چهره گلگون نمايا کرد و گفت

خوش گلي از گلستانِ حيدرآباد توام

ديده ام صوفي“ بجز گريہ نماند هيچ ذم

در فراقِ سروانِ حيدرآباد فلک

مؤذن در کمانِ صبح بانگ صبح بردارد

چون ناگه آن مہ من، در شبِ مهتاب برخيزد

ته تنها حسرت ڪشمير شهرِ حيدرآباد است

زبحرش موج، رشک اندر دلِ پنجاب برخيزد.

نواب الهداد خان ”صوفي“ سن1300هه (29 نومبر 1882ع) ۾ وفات ڪئي، نواب ”صوفي“ جا ٻه لائق فرزند نواب حسين علي ”حسين“ ۽ نواب محمد علي ”علي“ پڻ فارسيءَ جا وڏا شاعر هئا. (ڏسو تڪملہ مقالات ص457-463).

نواب علي محمد خان لغاري ”علي“

ولادت: 1162هه - 1749ع - وفات: 1250هه - 1834ع

نواب علي محمد خان لغاري، نواب ولي محمد ”ولي“ جو وڏو ڀاءُ ۽ غلام محمد خان”نگار“ شهيد جو فرزند هو. هن خاندان کي علم و ادب ۽ شعر و شاعري ڪا ورثي ۾ مليل هئي، هيءُ به فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. ”انيس السالڪين“ ڪتاب سندس تصنيف آهي ۽ هڪ بياض به گڏ ڪيل اٿس، ”مير خليل“ هن جي خوش خطيءَ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. نواب علي محمد خان ”علي“ 1250هه ۾ وفات ڪئي.

هنن نوابن جو اولاد اڃان تائين تاجپور ۾ موجود آهي ۽ انهن ۾ به وڏن جي پيروي ۾ علم و ادب ۽ شعر سان وابستگي هلندي اچي.

شيخ عبدالرحيم ٺٽوي

(1300هه)

شيخ فاضل عبدالرحيم ٺٽوي سنڌي، ٺٽي جي علمي گهراڻي جو هڪ فرد هو، سنڌ ۾ ڄائو نپيو، هتي جي استادن وٽ نحو، ادب، فقهه ۽ اصول وغيره جا ڪتاب پڙهيائين. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ”الهه آباد“ هندستان ۾ پهتو ۽ اتي شيخ غلام حسين الهه آبادي وٽ حڪمت ۽ فلسفي جا ڪتاب پڙهيائين، اتان فراغت حاصل ڪري فرخ آباد هليو ويو ۽ اتي سالن جا سال درس، تدريس جو ڪم ڪندو رهيو، جتان پوءِ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيو.(1) (هن بزرگ عالم تيرهين صدي هجريءَ ۾ وفات ڪئي، صحيح سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي)(2)

قاضي احمد علي سنڌي

(وفات: 1231هه)

شيخ عالم، صالح احمد علي بن محمد عاقل بن محمد شريف بن محمد يعقوب عمري سنڌي چشمي مشائخ جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، هن جي ولادت ۽ تربيت مٺڻ ڪوٽ ۾ ٿي، درسي ڪتاب پنهنجي والد بزرگوار وٽ پڙهيائين ۽ ان جي خدمت ۾ ڊگهي مدت رهيو، طريقت به ان کان حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي والد جي مرشد شيخ نور محمد بن بندال چشتيءَ کان به فيض پرايائين. جڏهن سندس والد وفات ڪري ويو ته هي ان جي ارشاد واري مسند تي ويٺو، سلوڪ سان گڏ تعليم جو ڪم به جاري رکيائين. شعبان مهيني سن1231هه ۾ وفات ڪيائين. هي احوال ”مناقب فريديہ“ ڪتاب ۾ آيل آهي.(1)

مولانا سعد الله سنڌي

(وفات: 1292هه)

شيخ عالم، سعد الله حنفي سنڌي هڪ رباني عالم هو، سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ هتي ئي تربيت لڌائين. علم لاءِ سفر اختيار ڪيائين ۽ پنهنجي دور جي استادن کان علم پرايائين، هتان پوءِ ”برار“ جي شهر ”امراوتي“ ڏانهن هليو ويو ۽ اتي جي وڏي جامع ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هو هڪ پرهيزگار بزرگ، پاڪ دامن، ڪريم النفس ۽ وڏو متوڪل انسان هو. هن جي ذريعي الله تعاليٰ پنهنجي گهڻن ٻانهن کي هدايت نصيب ڪئي. هن جي وفات سن1292هه ۾ ٿي. ”محبوب ذي المنن“ ڪتاب ۾ اهڙي طرح آيل آهي.(2)

شاهه عبدالرحمٰن سنڌي لکنوي

(ولادت: 1161هه)

هيءُ بزرگ انهن سنڌي عالمن مان آهي، جن وطن جا وڻ ڇڏي ٻاهر سڪونت اختيار ڪئي. سندس نسب هن طرح آهي: عبدالرحمٰن بن محمد حسن بن علم الهدي بن حسن محمد بن دين محمد بن عرب شاه سنڌي. پاڻ هندستان جي مشهور مشائخن مان آهن. هي اصل ۾ ڳوٺ روپاهه (شڪارپور) ۾ سن1161هه ۾ پيدا ٿيو. علم و نحو، صرف، فقهه ۽ اصول جا ڪتاب پنهنجي ڀاءُ علامه عبدالحڪيم وٽ پڙهيائين. هتان وڌيڪ علم پرائڻ جي توهه، طلب ۾ ”مهارون“ پهتو ۽ اتي سارو سال شيخ اسدالله وٽ رهي ان کان منطق، حڪمت پڙهندو رهيو. اتان پوءِ انگه بلاول ڳوٺ ۾ ويو. اهو اودية الجبال پهاڙي واديءَ جو هڪ ڳوٺ آهي، اتي ڪي درسي ڪتاب شيخ ڪليم الله وٽ پڙهيائين ۽ سڄا سارا چار سال ان جي صحبت ۾ رهيو. اتان وري رامپور هليو ويو. شيخ محمود کان حڪمت رياضي ۽ طبعيءَ جي فنون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ڪن عالمن کان حديث جي سند پڻ ورتائين. هتان پوءِ ”بهار“ هليو ويو، جتان بحر العلوم عبدالعلي ابن استاد العلماءِ نظام الدين لکنويءَ جي درس ۾ شامل ٿيو ۽ علمي فراغت اتي ئي لڌائين. ڪجهه ڏينهن ”ميدني پور“ ۾ رهي پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو رهيو، جتان وري ”حيدرآباد دکن“ هليو ويو ۽ چار سال اتي رهي وڏي شوق ۽ ذوق سان خلق خدا کي تعليم جي ذريعي فائدو ڏيندو رهيو ۽ اتان ئي سن ٻارهن سؤ پنج يا ڇهه ۾ حرمين شريفين ڏانهن حج تي هليو ويو، اتان موٽي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آيو، پنهنجي ڀاءُ علامه عبدالحڪيم کان طريقت جي فضيلت لڌائين، ڇهه مهينا اتي رهي اجوڌن ڏانهن اسريو ۽ اتي پهچي چڱي مدت شيخ فريد الدين مسعود (بابا فريد) جي قبر تي مجاور ٿي رهيو، جتان وري اجمير هليو ويو. اجمير ۾ خواجه معين الدين سجنزيءَ جي قبر تي به چڱا چلا ڪڍيائين. اجمير کان دهليءَ آيو ۽ شيخ محمد عظيم دهلويءَ کان به طريقت کي هٿ ڪيائين. اتان پوءِ سياحت تي نڪتو. سن1214هه ۾ لکنو پهتو، جتي شيخ محمد مينا جي قبر تي ست ورهيه رهيو، اتان پوءِ مسجد پنڊائن ڏانهن هليو ويو ۽ آخري گهڙيءَ تائين اتي ئي رهيو. هي بزرگ عالم ٻين عالمن کان نرالي طبيعت جو ماڻهو هو، مسجد جي صحن ۾ ساز و سرود تي راڳ ٻڌندو هو ۽ عالمن جي شديد روڪ هوندي به وجد ڪندو هو. سيدن ۽ عالمن جي بي انتها عزت ڪندو هو. امام حسن ۽ امام حسين جي نالي تي جيڪي تابوت ٺاهيا ويندا هئا، انهن جي تعظيم جو قائل هو ۽ چوندو هو ته انهن جي اهانت نه ڪئي وڃي، ڇوته انهن کي حسنين رضي الله  عنهما جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن سنڌي عالم جون توحيد بابت تحقيقون اُهي آهن، جيڪي پوين ۽ اڳين عالمن جي تحقيقن جي سراسر خلاف آهن. هن بابت ان جون هي تصنيفون آهن: مفتاح التوحيد، جهد المقل، کلمة الحق ۽ ڪاسرة الاسنان.

”ڪلمة الحق“ عربي ۾ آهي ۽ اردو ترجمي سان لاهور مان الهه وارن ڇپايو آهي، جيڪو ملي رهيو آهي. شيخ عبدالحڪيم لاهوري هڪ رسالو لکي علامه عبدالرحمٰن سنڌيءَ جي توحيد واري فڪر تي رد ڪيو آهي ۽ مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني آهي. شاهه اسماعيل شهيد ابن شيخ عبدالغني دهلوي هنن ٻنهي عالمن جي وچ ۾ پئي فيصلو ڪيو آهي. حضرت شاهه عبدالعزيز بن شاهه ولي الله محدث دهلوي پڻ هن سنڌي عالم جي رد ۾ رسالو لکيو آهي.(1)

نوٽ: شاهه عبدالرحمٰن سنڌي بابت مٿيون احوال نزهة الخواطر مان ورتو ويو آهي. پروفيسر عبدالمجيد ميمڻ، ٻن مضمونن تان شاهه عبدالرحمٰن سنڌيءَ جو احوال وٺي موڪليو آهي، اهوهيٺ ڏجي ٿو:

نسب و وطن:

هي بزرگ اصل سنڌي هو ۽ سکر ضلعي جي پنو عاقل تعلقي جي هڪ ڳوٺ جو ويٺل هو، جو ”مخدومن جو ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس وڏا اصل عرب هئا. سندس وڏو ڏاڏو عرب شاهه عرب مان سنڌ ۾ اچي متوطن ٿيو. شاهه عبدالرحمٰن جي نسب جو سلسلو عرب شاهه تائين هن طرح ملي ٿو: شاهه عبدالرحمٰن بن سيد محمد حسن بن علم الهديٰ بن دين محمد.

شاهه عبدالرحمٰن جو پڦاٽ مولانا عبدالحڪيم بن شيخ محمد وڏو عالم، عالم فاضل ۽ بزرگ هو. سندس علم ۽ فضل جي شهرت پري پري تائين پهتل هئي. ڪابل جي بادشاهه سندس نالو ٻڌي، کيس قضا جي سند ۽ پنج ڳوٺ هديہ طور ڏيڻ گهريا؛ پر اها ڳالهه پنهنجي توڪل جي خلاف سمجهي ۽ قبول نه ڪيائين.

ولادت ۽ ننڍپڻ

حضرت شاهه عبدالرحمٰن جي ولادت پنهنجي ڳوٺ ۾ 1161هه ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين، نيڪ ۽ پرهيزگار هو. سندس هم سبق عبدالخالق ۽ ٻيا طالب ڪيڏي به محنت ڪندا هئا، پر تڏهن به ساڻس پڄي نه سگهندا هئا. خود سندس استاد مولوي عبدالحڪيم کي به سندس غير معمولي ذهانت تي عجب لڳندو هو. شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي مامي آخوند هدايت الله وٽ پڙهيو ۽ صرف، نحو، فقهه ۽ عقائد جا ڪتاب پنهنجي پڦاٽ مولانا عبدالحڪيم صاحب وٽ پڙهيا.

شاهه صاحب ننڍي هوندي خانداني طريقي مطابق سيد محمد صالح جو مريد ٿيو. محمد صالح سيد محسن شاهه جو ڏهٽو هو، جيڪو حضرت سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هو. بلوغت کان پوءِ مخدوم عبدالحڪيم کان اويسي نسبت حاصل ٿيس.

علم جي تحصيل لاءِ سفر

کيس علم پرائڻ جو ڏاڍو شوق هو. انهيءَ خيال کان 19 سالن جي عمر ۾ 1180هه ۾ والدين ۽ مخدوم عبدالحڪيم کان اجازت وٺي وطن جا وڻ ڇڏي نڪري پيو. پهريائين پنجاب جي شهر خيرپور ۾ آيو، جتي حافظ محمد فاضل وڏو عالم هو، ان کان چار سال درميانه درجي جا ڪتاب پڙهيائين. اتان مهارون ويون ۽ مولانا اسدالله وٽ سال پڙهيائين. اتان ”انگهه شاهه“ نالي ڳوٺ ۾ ويو، جتي مولانا ڪريم الله جي خدمت ۾ چار سال رهيو.

انهن ڏينهن ۾ ”مهارون“ ۾ شاهه محمد نذير وڏو بزرگ رهندو هو،  ان کان صلاح پڇيائين ته علم جي تحصيل لاءِ جيڪڏهن بخارا جو سفر اختيار ڪيو وڃي ته اهو ڪيئن رهندو؟ شاهه صاحب کيس صلاح ڏني ته تنهنجي لاءِ شاهه جهان آباد وڃڻ بهتر آهي. وڌيڪ چيائين ته جيڪڏهن اتي سٺا استاد نه هجن ته پوءِ رامپور وڃجانءِ. بزرگ جي مشوري موجب شاهجهان آباد آيو ۽ مولانا فخر الدين چشتي نظامي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت بعد مولانا فخر الدين جي صلاح موجب رامپور آيو ۽ مولانا محمود صاحب ۽ مولوي شير محمد کان علم حاصل ڪندو رهيو. هتي چار سال چار مهينا رهي صدرا شمس بازغه تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ حديث جي علم ۾ سند حاصل ڪيائين. رحمت بخش هتان کان ساٿي ٿي رهيو. انهن ڏينهن ۾ ”بهار“ جي مولانا عبدالعليءَ جي علم ۽ فضل جي پري پري تائين شهرت هئي. ”بهار“ ڪلڪتي جي لڳ ضلع بردوان ۾ هو. شاه صاحب تعريف ٻڌي اوڏانهن رخ رکيو ۽ صفر 1199هه ۾ ”بهار“ ۾ پهتو. مولانا عبدالعلي صاحب جنهن مدرسي ۾ پڙهائيندو هو، ان جو نالو ”مدرسہ منشي صدر الدين“ هو. شاهه صاحب مولانا عبدالعلي صاحب جي خدمت ۾  هڪ سال رهيو. تحصيل علم کان پوءِ مولانا عبدالعلي صاحب سندس دستاربندي ڪرڻ گهري؛ پر شاهه صاحب انڪار ڪيو. ان مدرسي ۾ دستاربنديءَ وقت سند به ڏني ويندي هئي، ته خلعت ۾ ٻه سؤ روپيه نقد به مدرسي طرفان ڏنا ويندا هئا. سند واري کي انگريزي حڪومت ۾ نوڪري به ملي سگهندي هئي. پر شاهه صاحب انهن ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو ته ”مون کي خلعت ۽ دنيا جي لالچ ڪانهي ۽ نه نوڪريءَ جي ئي حوس آهي. انهيءَ ڪري دستابنديءَ جي ضرورت ئي نه آهي.“

درس و تدريس

1200هه ۾ مولانا عبدالعلي صاحب کان موڪلائي، ڪن دوستن جي مشوري تي مدني پور صوبه بنگال ۾ قيام ڪيائين ۽ طالبن کي درس ڏيڻ شروع ڪيائين. هتي ڏهه مهينا رهي طالبن کي درسي ڪتاب پڙهايائين. ان کان پوءِ موٽي پنهنجي وطن سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه سال درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. هڪ ڏينهن جيئن سبق پڙهائي رهيو هو ته غلام محمد نالي هڪ درويش مجذوب صفت اچي سندس ڀرسان ويهي رهيو۽ کيس چوڻ لڳو: ”مولوي! ظاهري علم جو درس گهڻو ڏنئي، هاڻي اسان جي حصي ۾ اچ.“ شاهه صاحب کيس ڪوبه جواب نه ڏنو، ڪجهه مهينن کان پوءِ اهو درويش وري آيو ۽ ڪيتري دير تائين مولانا ۾ نظر وجهي ڏسندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ وري اهي الفاظ چيائين، جيڪي پهرين ڀيري چيا هئائين. مولانا صاحب هن ڀيري به خاموش رهيو، پر دل ۾ هڪ اثر پيدا ٿيس. ان جو اهو نتيجو نڪتو جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولانا صاحب جن پاڻ پڇيو ته اهو مجذوب ڪٿي آهي؟ کين معلوم ٿيو ته درويش وفات ڪري ويو. اهو ٻڌڻ سان بيقرار ٿي ويو ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو شغل ختم ڪري، خانه ڪعبه جو احرام ٻڌائين ۽ سفر حجاز تي نڪتو.

سفر حجاز

1205هه ۾ حيدرآباد کان سورت بندر تي پهتو ۽ جهاز ”رحمان بخش“ ۾ 20 رجب تي چڙهيو. 9 رمضان تي جدي پهتو ۽ اٺ جي ذريعي 12 رمضان تي مڪي شريف پهتو. اتي 3 مهينا رهي حج ادا ڪري 15 ذوالحج تي مديني منوره لاءِ روانو ٿيو ۽ 2 محرم 1206هه اتي پهتو. موٽ تي ڪڇ ڀڄ جي بندر تي لهي پنهنجي وطن سنڌ آيو. ان سفر ۾ حاجي غلام محمد ۽ مولوي رحمت بخش ساڻس گڏ هئا. گهر پهچڻ تي کيس معلوم ٿيو ته سندس والده جي وفات ٿي چڪي آهي ۽ سندس والد کيس ڳولهڻ لاءِ هندستان ويو هو. عزيزن کيس شاديءَ لاءِ چيو، پر نه مڃيائين.


(1)  ”تاريخ فرخ آباد“

(2)  (نزهة الخواطر ج7 ص260)

(1)  (نزهة الخواطر ج7 ص45.)

(2)  (نزهة الخواطر ج7 ص200)

(1)  (نزهة الخواخر ج7)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com