محمد حيات سنڌي مدني ۽ سندس خاندان
بارهين صديءَ جو هي سنڌي محدث، جنهن جي علمي فيض کان نه رڳو سنڌ
۽ هند سيراب ٿيا، پر حجاز، نجد، يمن، مصر، شام،
الجزائر ۽ مغرب اقصيٰ جي عالمن پڻ هن جي علمي آب
حيات مان سرڪيون ڀريون، تنهن سنڌ جي هيري بابت
افسوس ته هتي جي تذڪرن ۾ سواءِ چند سرسري سٽن جي
ٻيو ڪجهه به نه ٿو ملي.
هن بزرگ عالم بابت جو ڪجهه احوال ملي رهيو آهي، اهو سڀ عربي ۽
فارسي تذڪرن ۽ فهارس ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. جنهن
کي اسين هتي نهايت تفتيش ۽ تحقيق سان جمع ڪري رهيا
آهيون. ان سان گڏ هن سنڌي محدث جي اولاد وٽان (جي
مدينہ منوره ۾ پشت به پشت هليا اچن ٿا) اسان کي
جيڪو زباني احوال مليو آهي، سوپڻ هتي سمويو ويو
آهي.
حسب و نسب
اسان کي شروع ۾ اهو ڏسڻو آهي ته محدث محمد حيات سنڌي پنهنجي اصل
۽ نسب بابت پاڻ به ڪجهه لکي ويو آهي يا نه؟ جي ها
ته اهو خود سوختہ سندس سوانح جو بنيادي پٿر ليکيو
ويندو.
اسان کي هن سوال جو جواب سندس خاص شاگرد ۽ معتقد سيد غلام علي
آزاد بلگراميءَ جي ڪتابن مان ملي ٿو. اهو لکي ٿو
ته:
هڪ ڏينهن مان شيخ (يعني استاد) کان سندن اصل ۽ نسب بابت پڇيو،
جنهن تي انهن هڪ پني جي ٽڪر تي هن طرح لکي منهنجي
حوالي ڪيو: ”ولد الفقير محمد حيات السندي المدني
اسمہ ملا ’فلاريتہ‘ من قبيلة چاچر الساکن في اطراف
عادلپور والسيد موسيٰ القادري الساکن في کوتہ
يعرفہ اهه.“
يعني فقير محمد حيات سنڌي مدنيءَ جي پيءُ جو نالو ملا ڦلاريو
ذات جو چاچڙ آهي، جيڪو عادلپور جي اطراف جو ويٺل
آهي ۽ ڪوته جو سيد موسيٰ قادري کيس سڃاڻي ٿو.
بلگرامي پنهنجي استاد جي اها عبارت لکي اڳتي انهن لفظن جي تشريح
هن طرح ڪري رهيو آهي ته فلاريہ ”في“ جي زير سان
سنڌي نالو آهي چاچڙ سنڌ جي هڪ قوم آهي ۽ عادلپور
بکر پرڳڻي جو هڪ ننڍو شهر آهي ۽ لکي ٿو ته مان
جڏهن 1147هه ۾ سنڌ ۾ آيو هوس ته عادلپور به آيو
هوس. سيد موسيٰ قادري بکر پرڳڻي جو هڪ بزرگ آهي
”گهوٽه“ ڳوٺ يا قريہ جي معنيءِ لاءِ اچي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ڪوته جي تشريح ۾ سيد غلام علي کان غلطي ٿي آهي ته
ڪوته ۽ گوڻهه هندي برابر هڪ جهڙا لفظ آهن. اتان
شايد بلگرامي صاحب ڪوته کي گوڻهه ڄاڻي قريه معنيٰ
ڪئي آهي ته اصل ۾ اهو لفظ گوٽه يعني گهوٽن جو ڳوٺ
آهي، جو اڳتي هلي گهوٽڪيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو،
جتي سيد موسيٰ قادري رح جي قبر پڻ آهي ۽ ان جو
خاندان اڃان تائين گهوٽڪيءَ ۾ هليو اچي.
اڳتي هلي لکي ٿو ته منهنجو مامو سيد محمد انهن ڏينهن ۾ سنڌ اندر
شاهي خدمت ۽ نوڪري ڪري رهيو هو، مون کي منهنجي
استاد (شيخ حيات محمد سنڌي) حڪم فرمايو ته مان
پنهنجي مامي کي لکان ته هو استاد جي پيءُ جي خبر
چار لهي ۽ سيد موسيٰ جو به پتو لکي ڏيو ته جيئن
مامو ان کان شيخ جي والد جو گهر معلوم ڪري.(1)
هن مٿين سرگذشت مان اسان کي شيخ محمد حيات جي پيءُ جو نالو،
قوميت ۽ ڳوٺ جو پتو پئي ٿو. باقي سيد محمد بلگرامي
سيد موسيٰ قادري سان مليو يا نه؟ ۽ ڪهڙي خبرچار
لڌائين؟ ان بابت بلگرامي صاحب خاموش آهي.
اعليٰ تعليم لاءِ حرمين شريفين جو سفر:
سيد غلام علي آزاد جڏهن پنهنجي هن بزرگ جو تذڪرو شروع ڪيو آهي
ته ان کي هنن لقبن سان ياد ڪري ٿو: مولانا شيخ
محمد حيات سنڌي، مدني قدس سره رباني عالمن ۽ وڏن
محدثن مان هو، علم ۽ عمل جو جامع، ظاهري صورت ۽
باطني سيرت جو مالڪ هو، سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ڦوهه
جوانيءَ ۾ پنهنجي وطن کان نڪتو ۽ قدمن ۽ پيرن
بدران مٿي تي سفر اختيار ڪيائين. حرمين جي برڪتن ۽
سعادتن ماڻڻ لاءِ تيزيءَ سان وک وڌائيندي اچي منزل
مقصود تي پهتو. پهريائين حج ڪيائين، جنهن کان پوءِ
نبي صلي الله عليہ وسلم جي شهر مديني کي پنهنجو
وطن بنائي ويهي رهيو. الله تعاليٰ تي توڪل رکي
دنياوي اسبابن کان پاسو ڪري علم پرائڻ ۾ لڳي ويو ۽
علامہ، فهامہ، مفڪر، مولانا شيخ ابوالحسن سنڌي
مدنيءَ جي شاگردي اختيار ڪري استاد جي علمي امانتن
جو مالڪ بڻجي علم حديث ۾ فائق ٿيو ۽ حديث جي درس
ڏيڻ ۾ به يڪتا ثابت ٿيو. کيس خاتمة المحدثين شيخ
عبدالله بن سالم البصري کان پڻ علم حديث جي اجازت
ملي، ان کان پوءِ حيث محمديءَ جي پڙهائڻ لاءِ
سندرو ٻڌي ويٺو ۽ سڄي عمر علم حديث جي خدمت ڪندي
گذاريائين. سندس اهو روزانو جو دستور هوندو هو ته
صبح جي نمازکان اڳ مسجد ۾ وعظ فرمائيندو هو، جنهن
۾ ان وقت جي ڪيترن سعادتمند ماڻهن جو اجتماع ٿيندو
هو، شيخ جي علم مان عرب ۽ عجم جي گهڻي مخلوق نفعو
پرايو سندس فيض واري چشمي مان ڪيترا باهمت اڃايل
انسان سيراب ٿيا. حرمين شريفين، مصر، شام، روم ۽
هندستان جا ڪيترا رهاڪو وڏي اعتقاد مان شيخ جي
خدمت ۾ اچي ان جي فيض ۽ برڪتن کان مالا مال ٿيندا
رهيا.(1)
جڏهن ته سيد غلام علي آزاد بلگرامي، محمد حيات سنڌي محدث جو
شاگرد آهي، تڏهن سندس تحرير سند جو درجو رکي ٿي.
بلگرامي پنهنجي شاگرديءَ جو هن طرح پنهنجي ئي
ترجمي هيٺ اعتراف ڪري رهيو آهي. لکي ٿو: ”مدينہ
منوره ۾ اقامت جي زماني ۾ پنهنجي استاد ۽ سائين،
وڏي مرتبي جي مالڪ شيخ محمد حيات سنڌي مدني وٽ
صحيح بخاري پڙهيم ۽ کانئس حديث جي ڇهن صحيح ڪتابن
۽ ٻين ڪتابن جي اجازت ورتم ۽ سندس برڪتن واري باغ
جي ٽارين مان پڪل ميوا چونڊيم.“(2)
هي جو ڪتاب سلڪ الدرر جي صاحب علامہ مرادي، محمد حيات سنڌيءَ کي
ابراهيم سنڌيءَ جو پٽ لکيو آهي ۽ ان جي ٻين پوين
عالمن جهڙوڪ فهرس الفهارس جي صاحب ڪتاني فاسي
مغربي ۽ ٻين پوئلڳي ڪئي آهي، سا ائين پئي معلوم
ٿئي ته اهو نالو پوءِ جو رکيل آهي، ٿي سگهي ٿو ته
”ڦليارو“ يعني گلن ڦلن وارو جي تعريب ابراهيم سان
ڪئي وئي هجي، ڇوته ابراهيم عليہ السلام تي باه به
باغ ٿي پئي هئي، تڏهن عَلم ابراهيم ۽ گل و گلزار
پاڻ ۾ لازم و ملزوم چئبا.
بلگرامي جي تحرير مان اسان کي هن سنڌي محدث جي سنڌ ۾ تعليم
پرائڻ بابت ڪابه روشني نه ٿي پوي، ڦوهه جوانيءَ ۾
برابر مدينہ منوره پهتو، پر ان کان اڳ پنهنجي ديس
۾ به ڪجهه پڙهيو يا نه؟
ان جي جواب لاءِ اسان وٽ ٻه سندون آهن هڪ ته محمد حيات سنڌيءَ
جا اهي بعض رسالا، جيڪي مخدوم محمد معين جي رد ۾
لکيا اٿس، جن ۾ هو مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي بيحد
عزت ۽ احترام ڪري ٿو ۽ کيس پنهنجو استاد ۽ شيخ سڏي
ٿو، ليڪن ڪن علمي مسئلن ۾ ان سان اختلاف رکندي ان
جي بعض تاليفات تي رد به لکي ٿو.
ٻي ثابتي آهي ٻارهينءَ صديءَ جي عالمن جو تذڪرو، جنهن ۾ علامہ
مرادي سلڪ الدرر جي نالي سان چئن جلدن ۾ ڪتاب تيار
ڪيو، جيڪو ايترو ته مستند ۽ مقبول ليکيو وڃي ٿو جو
پوين تذڪره نگارن لاءِ سند جو درجو رکي ٿو. علامہ
مرادي هن طرح رقمطراز آهي: ”محمد حياث پٽ ابراهيم
اصل ۽ پيدائش ڪري سنڌي ۽ سڪونت ڪري مدني، حنفي
مذهب، علامه، محدث، فهامہ، سيد الانس والجن نبي
صلي الله عليہ وسلم جي شهر مدينہ ۾ حديث ۽ سنت جو
علمبردار، سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ اتي
ئي پڙهڻ لاءِ ويٺو. پوءِ اتان سنڌ جي مرڪزي شهر
ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو، جتي محمد معين ابن محمد امين
وٽ پڙهندو رهيو، اتان هجرت ڪري حرمين شريفين پهتو.
مدينه منوره کي پنهنجو وطن بنايائين. شيخ ابوالحسن
بن عبدالهادي سنڌيءَ جي درس ۽ صحبت کي پاڻ لاءِ
لازم قرار ڏنائين. کيس شيخ عبدالله بن سالم بصري،
شيخ محمد ابو طاهر بن ابراهيم ڪوراني ۽ ابوالاسرار
حسن بن علي عجمي کان پڻ اجازت ملي.(1)
هن عبارت مان اسان کي محمد حيات سنڌيءَ جي سنڌ ۾ تعليم پرائڻ
بابت ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون: 1- پنهنجي ڳوٺ ۾
ابتدائي ڪتاب پڙهائين. باقي ڪنهن وٽ پڙهيو ان وقت
عادلپور ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ڪهڙو مدرسو هو، جتي هن محدث
ابتدائي تعليم پرائي، سا ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي.
2- ٻي ڳالهه واضح طور معلوم ٿي ته ٺٽي ۾ پنهنجي
وقت جي وڏي محقق، متڪلم، فلسفي، اديب ۽ صوفي مخدوم
محمد معين وٽ محمد حيات سنڌي پنهنجي علمي عمارت جي
پيڙهه پڪي ڪئي.
علامہ مرادي، سنڌ جي هن محدث جو ڪريڪٽر هن طرح بيان ڪري رهيو
آهي: ”هو هڪ پرهيزگار انسان هو. درس، تدريس کان
سواءِ ٻين وقتن ۾ ماڻهن کان الڳ رهندو هو، سندس
اهو دستور هوندو هو جو مسجد نبويءَ ۾ جماعت سان
پهرئين صف ۾ نماز ادا ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو
هئائين.“(1)
علامہ عبدالحي ڪتاني فاسي به محمد حيات کي محدث الحجاز، شيخ،
حافظ جهڙن لقبن سان ياد ڪري ٿو. ڪتاني جي ڪلام مان
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته علامه ابوالحسن سنڌي جي
وفات کان پوءِ، ان جي مسند تي محمد حيات سنڌي
برابر 24 سال درس ڏيندو رهيو.(2)
اسان هن محدث جي اساتذه ۽ شاگردن جو تفصيلي جائزو هن ئي مقالي
جي آخري قسط ۾ بيان ڪنداسون، هتي اڳ ۾ سندس
تاليفات جو بيان عرض رکجي ٿو:
تصنيف و تاليفات
عام طرح ائين ڏٺو ويو آهي ته اهي علماءَ، جي سڄي عمر درس تدريس
۾ گذاري انهن کان تصنيف، تاليف جو ڪم گهٽ ٿيو آهي.
ٻنهي فنن ۾ جامعيت وارا انسان ڪي ٿورا ملندا. شيخ
محمد حيات جي استاد ابوالحسن ڪبير سنڌيءَ بابت ته
سڀني عالمن جي اها متفقہ راءِ آهي ته جيئن هو
لاجواب استاد ۽ مدرس هو، جنهن جي فيض کان سوين
هزارين اڃايل سيراب ٿي نڪتا، اهڙيءَ طرح هو تصنيف،
تاليف ۾ به بي نظير هو، ان لاءِ سندس ڪتاب شهادت
لاءِ ڪافي آهي. الله پاڪ طرفان هن جي تحرير ۾ اهو
ته زور ۽ قوت سمايل آهي، جو مختصر عبارت ۾ به
باريڪ نڪتا بيان ڪندو آهي، جي اسان کي ٻين ڪتابن ۾
نٿا ملن. مطلب ته ابوالحسن سنڌي ڪبير قلم جو
شهسوار هو ۽ درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ وارو هو.
اها هڪ ڏات آهي جا سڀ ڪنهن کي حاصل نه آهي. محمد
حيات سنڌي به پنهنجي پويان تصنيفي سرمايو يادگار
ڇڏي ويو، پر هن بزرگ جي قلم ۾ اهو زور نه آهي جيڪو
سندس شيخ ابوالحسن سنڌي جي قلم ۾ آهي، بيشڪ محمد
حيات جي درس مان سوين شاگرد علامہ ۽ وڏي شهرت جا
ٿي نڪتا، مگر ٻئي پاسي اسان کي سندس تاليف اهڙي
نٿي ملي، پر ان جي اها معنيٰ نه آهي ته ڪو هو هن
فن کان بي بهره هو. درس و تدريس جي بيحد مشغولي
هوندي به ڪي ڪتاب لکي ويو آهي. تذڪرن، فهارس ۽
معاجم ۾ هيٺين ڪتابن جا نالا سندس تاليف ۾ اچن ٿا:
1- شرح علي الترغيب والترهيب للمنذري 2 جلد 2- شرح علي الاربعين
النودية 3- مختصر الزواجر 4- شرح الاربعين حديثا
من جميع الملا علي القاري 5- الايقاف علي سبب
الاختلاف 6- تحفة الانام في العمل بحديث النبي
عليہ الصلواة والسلام 7- ارشاد النقاد اليٰ تيسير
الاجتهاد 8- شرح الحڪم العطائية 9- شرح حڪم
الهدادية(1)
10- رسالہ رد توابيت(1)
11- فتح الغفور رسالہ النهي عن عشق المرءِ
والنسوان(2)
۽ ٻيا رسائل. هنن ڪتابن مان شرح الاحاديث الاربعين
النودية هن ناقص جي نظر مان گذريو، جڏهن آئون تازو
حج جي موقعي تي مدينہ منوره زادها الله شرفا و
تعظيما جي زيارت لاءِ اتي ويل هئس.
مدينہ منوره ۾ مڪتبہ شيخ الاسلام عارف حڪمت هڪ وڏو ڪتب خانو
آهي، جنهن ۾ خطي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي.
اتي ويهي سنڌ عالمن جي ڪتابن جي تفتيش ۽ زيارت
ڪندو رهيس. جتي شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي، شيخ
ابوالطيب سنڌي، ابوالحسن صغير سنڌي، شيخ رحمت الله
سنڌي جي تصنيفات جي زيارت ڪيم. اميد ته ان جو
تفصيل پنهنجي سفرنامي ۾ پيش ڪندس. محمد حيات سنڌي
جي ڪتابن مان اتي رڳو اهو مٿيون ڪتاب شرح اربعين
نظرن مان گذريو، جو خط نسخ ۾ لکيل آهي. هر صفحي
جون سٽون 19 اٿس. اوراق 32، سنهري چٽسالي سان
سينگاريل، سن ڪتابت 1144هه ڪاتب جو نالو نامعلوم.
انهيءَ ڪتابت واري سن مان اهو پتو پوي ٿو ته مصنف اهو ابتدائي
دور ۾ ڪتاب لکيو آهي، ڇوته مصنف جي وفات جو سال
1163هه آهي. اها ڪتابت يا ته مصنف جي پنهنجي آهي
يا ڪنهن کان لکايو اٿس. والله اعلم بالصواب. انهن
ڪتابن مان ايقاف تازو لاهور مان سلفيہ وارن اردو
ترجمي سميت شايع ڪيو آهي.
مسلڪ
عربي ۽ فارسيءَ جا جمله سوانح نگار شيخ محمد حيات سنڌي کي حنفي
مذهب، مسلڪ جو لکي ويا آهن، اسان کي پڻ انهن سان
اتفاق آهي، پر ان جي رسائل ۽ شاگردن جي روش کي ڏسي
ايترو چوڻو پوي ٿو ته هو جامد مقلد ڪونه هو، پر
محقق ۽ مصنف هو. جتي کيس مخالفن جا دلائل قوي نظر
آيا آهن، اتي انهن کي ترجيح ڏني اٿس. عام طرح گهڻن
حنفي مذهب جي محقق عالمن جو اهوئي دستور رهيو آهي.
علامہ ڪمال الدين ابن همام فتح القدير جو صاحب
حنفي مذهب جو هڪ وڏو محقق عالم ٿي گذريو آهي، سندس
دستور به اهو رهيو ته پنهنجي تحقيق ۽ غور، خوض کي
به ان هٿان نه ڇڏيو. ابوالحسن صغير جي سوانح ۾ اچي
ٿو ته هو پنهنجي استاد محمد حيات وانگر مصنف ۽
محقق حنفي هو. محمد عابد سنڌي، جنهن کي نواب حسن
پويالي ”ابجد العلوم“ ۾ متعصب سڏيو آهي، سو خود
پنهنجي نادر روزگار تاليف ”المواهب اللطيفة شرح
مسند الامام ابي حنيفة“ ۾ قرائة الفاتحة جهڙي وڏي
اختلافي مسئلي ۾ نرم ٿي ويو آهي.
محمد حيات سنڌي جو اهو مسلڪ آهي تقليد جي باري ۾. باقي بدعت ۽
شرڪ جي رد ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم جي سنت جي
جيارڻ ۾ ڏاڍو سرگرم رهندو هو، جتي ڪو معمولي شرڪ
جو شائبو ڏسندو هو، اتي ان کي ناجائز سڏيندو هو.
جيئن سيد غلام علي آزاد بلگرامي لکي ٿو: ”جڏهن مان
مدينہ منوره کان مڪي معظمه پهتس ته شيخ محمد حيات
تغمده الله بغفرانہ مون ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ منهنجي
نالي جي شروع مان ”غلام“ جو لفظ ڪاٽي ڇڏيو ۽ هي جو
حديث شريف ۾ اچي ٿو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي
ڪنهن ڏانهن بندگيءَ جي نسبت نه ڪريو. ان حديث تي
عمل ڪندي ”السيد علي“ لکيائين. مان واضح دليل ڏسي
ماٺ ٿي ويس ۽ ان نقصان جي تلافي ۾ حيران رهيس. نيٺ
جواب هٿ اچي ويو ۽ هن بابت صحيح بخاريءَ جي اها
حديث پنهنجي نالي جي جواز لاءِ پيش ڪيم، جنهن ۾
اچي ٿو ته اوهان مان ڪوبه ”عبدي يا امتي“ جو لفظ
استعمال نه ڪري، باقي فتاي، فتاني ۽ غلامي جو لفظ
ڳالهائي. اهڙي طرح صحيح مسلم ۾ به هڪ حديث آئي
آهي. اهي ٻئي حديثون پنهنجي استاد (محمد حيات
سنڌي) ڏانهن لکي موڪليم ۽ کيس اهو به لکيم ته
”غلام“ لفظ جي اصل ۾ معنيٰ آهي ڇوڪرو، جيستائين
وڃي وڏو ٿئي. ابن فارض جي هڪ شعر ۾ انهيءَ معنيٰ
لاءِ استعمال ٿيو آهي ۽ جي منهنجي نالي ۾ غلام
کان ولد مراد ورتو وڃي تڏهن به علي ڏانهن اها
معنيٰ صحيح نڪري ٿي، ڇوته مان سيد گهراڻي جو فرد
آهيان ۽ جي نالي رکندڙ ان مان ”عبد“ جي معنيٰ به
ورتي هجي ته هاڻي ڳالهائيندڙ کي کپي ته اها معنيٰ
نه وٺي، پر ولد واري معنيٰ وٺي، سڀ ڪنهن کي نيت جو
ڦل ملندو.“ بلگرامي وڌيڪ لکي ٿو: ”منهنجو استاد
(محمد حيات سنڌي) انهيءَ جواب تي خوش ٿيو ۽ (تائيد
۾) فرمائڻ لڳو، يا بشريٰ هذا غلام (هن آيت ۾ غلام
ولد جي معنيٰ ۾ ڪتب آندل آهي) ۽ منهنجو نالو
لکيائون.“(1)
هن واقعي مان به سندس انصاف پسندي جو پتو پئي ٿو.
تلامذه: محمد حيات سنڌي جو فيض ايڏو ته عام هو جو ڪنهن به
اسلامي ملڪ جو ڪو اهڙو محدث ورلي ملندو، جنهن جي
سند جو سلسلو هن سنڌي محدث تي نه پهچندو هجي. اسان
هتي رڳو سندس وڏن شاگردن جا نالا لکون ٿا، جن جو
مفصل احوال اميد ته ٻي قسط ۾ اچي ويندو.
(1) ابوالحسن صغير سنڌي (2) علامہ محمد قائم سنڌي (3) سيد محمد
فاخرالہ آبادي (4) شيخ احمد بن عبدالرحمٰن سنڌي
(5) سيد غلام علي آزاد بلگرامي (6) شيخ محمد سعيد
صفر (7) شيخ عبدالقادر خليل ڪرڪ (8) سيد عبدالقادر
بن احمد بن عبدالقادر (9) شيخ عبدالڪريم بن
عبدالرحيم الداغستاني (10) شيخ علي بن صادق
الداغستاني (11) سيد علي بن ابراهيم بن جمعة
العبسي (12) شيخ عبدالڪريم بن احمد الشراباتي (13)
شيخ علي بن عبدالرحمٰن استنبولي (14) شيخ علي بن
محمد الزهري (15) مفتي محمد بن عبدالله الخليفتي
المدني (16) شيخ عليم الله بن عبدالرشيد لاهوري
(مدفون دمشق) (17) شيخ خير الدين بن محمد زاهد
السورتي (18) محمد بن عبدالوهاب نجدي.(2)
وفات: سنڌ جو هي محدث پنهنجي عمر جو سمورو سرمايو مديني منوره ۾
حديث جي خدمت ۾ صرف ڪندي اربع ڏينهن تاريخ 26 صفر
1163هه ۾ دارفاني کان رحلت فرمائي مديني منوره جي
جنت البقيع ۾ وڃي آرامي ٿيو. رحمة الله عليہ رحمة
واسعة. سندس شاگرد رشيد غلام علي آزاد بلگرامي
”رحلة شيخي“ مان اها تاريخ وفات ڪڍي آهي ۽ ”رحلة“
لفظ جي ”ت“ کي ”هه“ قرار ڏئي ان جا 5 عدد ورتا ويا
آهن. ان لاءِ سيد صاحب پنهنجي استاد عبدالجليل
بلگرامي جي هڪ رسالي جي عبارت سند طور ڪم آندي آهي
ته تانيث واري ”ت“ جيڪا ”هه“ جي شڪل ۾ لکي ويندي
آهي، تنهن کان صورتخطي جو خيال رکي 5 (پنج) وٺندا
آهن، 400 نه وٺندا آهن.(1)
اسان کي اهو ئي سن وفات صحيح نظر اچي ٿو. فهرس الخزانة
التيمورية وارو سلڪ الدرر جي حوالي سان هن سنڌي
محدث جي وفات جو سن1163هه لکندي وڌيڪ لکي ٿو ته
مجموعة التاجي(2)
۾ سن وفات 160هه ڄاڻايل آهي.(3)
محرم فقير چانڊيو
سچل سرمست جو صحبتي
هي درويش ديري غيبي خان جي ڀر سان جو هو، حسناڻي هو. چانڊين جي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٻارهين صدي ۾ ڄائو هو. سندس ولادت
جو پورو سال ۽ تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. فقير
قوم جو ڇتاڻي چانڊيو هو.
ننڍي هوندي ٿورو پارسي علم پرايائين، بلوچي روايات موافق جواني
جي حالت ۾ هڪ جنگي جوڌو هو. سندس پهلواني جي تعريف
اڄ تائين ان جي قومي ماڻهن ۾ مشهور آهي.
انهيءَ عرصي ۾ هن جا خيال فقيريءَ ڏانهن وڌڻ لڳا، ۽ ڪنهن سچي
مرشد جي ڳولا ڪندي درازن ۾ پهتو ۽ اتي کيس گهڻو ئي
روحاني سرور ۽ آرام حاصل ٿيو، سچل فقير جي هٿ تي
بيعرت ڪري درويشيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهيو.
اڳتي هلي هڪ باخدا ”وحدت وجودي“ صوفي جو درجو حاصل
ڪيائين.
فقير جي زبان اهڙي سهڻي هئي جو خير پيو ٻولي. سندس هي قصو بلڪل
مشهور آهي ته هڪ دفعي ڪن ماڻهن کيس سندس پٽ جي
دانهن ڏني، فقير پنهنجي پٽ کي سمجهايو، پر هو باز
نه آيو، جنهن تي فقير ڪاوڙجي پٽ کي پاراتو ڏنو، جو
ٻن پهرن اندر مري ويو.
محرم فقير هڪ خدا پرست فقير هو، هميشه ٺوڪل تي گذاريندو هو ۽ هڪ
برجسته شاعر به هو، سندس ڪيترا شعر سنڌي ۽ بلوچي
ٻوليءَ ۾ اڄ تائين ڳائڻ ۾ اچن ٿا. جنهن جي ڏسڻ سان
معلوم ٿيندو ته هن فقير تي مرشد جي صحبت جو وحدت
وجود جي فڪر بابت ڪيترو نه اثر پيل آهي. اسان کي
بنگل فقير چانڊئي کان محرم فقير جا ڪي بيت هٿ آيا
آهن، سي ناظرين نئين زندگيءَ لاءِ پيش ڪجن ٿا:
(1) هوءَ هوا جڏان هوءِ آهي، رنگ نڪا ات روءِ آهي،
ملڪ نڪا ات جوءِ آهي، اها خراب خمارا.
(2) ڌرتي نا ميدان اها، قلم نڪو فرقان اها،
ملڪ نڪو آسمان اها، نڪو لکڻ وارا.
(3) آب نڪو ئي ٻج اها، چنڊ نڪوئي سج اها،
نور نبي دا نج اها، ٻيا سهل نڪو وت تارا.
(4) عشق اتاهين طبل وڄايا، مين ڪون اپڻا آپ لڪايا،
سئر ڪرڻ ٿيس، پڇي جوڙيس عرش منارا.
(5) ملڪ جوڙيونس چار وڏيري، عرش عظيم تي تنهن دي ديري،
عشق ڪريندا سوا لک ڀيري، پڇي ڪس آدم دا اشارا
(6) آدم دا بت بنايس، تنهن وچ ٻهه ڪر آپ الايس،
اٿاهين اپڻا ڳجهه لڪايس، اها نور نيارا.
(7) ڪنون آدم دي حوا ڄائي، اهندي سوزا ڪاڻ سمائي،
جنهن چشمان تي چم ڪر چائي، اهو اهس اختيارا.
(8) حوا آدم بهشتين وڙيا، داڻي خاطر ڏور سي تڙيا،
راتان ڏينهان رت پيئي رڙيان، برهه رکيون بارا.
(9) حوا آدم دا ٺاهه ٺهايس، وڇڙيان ڪون وت آڻ ملايس،
رونديان وت گڏ کلايس، ڪتيس نيڪم دا نروارا
(10) اولاد آدم دي گونا گوني، هڪڙي مهري هڪڙي خوني،
سڀ وچ اها بيچوني، ڪرندي ڪم قهارا.
(11) محرم دا مڪان هويا، ات بني انسان هويا،
سر اصل سلطان هويا، هئي نبي سونهارا، ڪلما ڪهو ڪرارا.
|