قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير
مخدرات سرا پرد هائي قرآني
چہ دلبر اند که دل مي برند پنهائي
اسلام جي اوائلي دور ۾ قرآن شريف جو خطاب جڏهن ته اهڙن ماڻهن
سان هو، جن جي مادري زبان عربي هئي، ان ڪري قرآن
مقدس کي سمجهڻ لاءِ کين ڪنهن به ٻئي علم يا عربي
کان سواءِ ٻي ڪنهن ٻولي ڄاڻڻ جي ضرورت محسوس نه
ٿي. ويتر جو پيغمبر عليہ السلام جي کين صحبت ۽
زيارت نصيب ٿي، تنهن ته کين قرآن پاڪ جي سمجهڻ ۾
سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. کين هن سلسلي ۾ ڪا
اوکائي آڏو ايندي هئي، ته آنحضرت صلي الله عليہ
وسلم کان پڇي وٺندا هئا، پر جيئن جيئن اسلام جو
پيغام عرب جون حدون لتاڙي اڳتي وڌڻ لڳو ته عجمي يا
غير عربي ذهنيت لاءِ قرآن مجيد جي تعليمات: (1)
اصول عقائد (2) قانون (3) اصول اخلاق کي سمجهڻ
اوکو ٿي پيو. تڏهن اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته
انهن ٽنهي تعليمن کي الڳ الڳ ڪري فني حيثيت ڏئي
ماڻهن کي قرآن پاڪ سمجهايو وڃي. ان خدمت لاءِ الله
تعاليٰ مجتهدن کي ئي منتخب فرمايو، جن جو سرگروهه
عجمي نسل مان هڪ امام ابو حنيفہ آهي.
امام ابو حنيفہ جو ڏاڏو، اسلام کان اڳ واري سنڌ جي نقشي جي خيال
کان سنڌي هو، شير خدا حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي
هٿ تي اسلام آندائين، امام ابو حنيفہ امت محمدي
لاءِ الله جي آيتن مان هڪ وڏي آيت ثابت ٿيو ۽ غير
عرب ذهنتين کي پنهنجي خداداد قابليت ۽ ذهانت سان
بدلائي ڇڏيو، ويتر جو ان قرآن پاڪ کي فارسي ٻوليءَ
۾ ترجمو ڪرڻ جي فتويٰ ۽ اجازت ڏني، تنهن تي عوام
لاءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمن ذريعي قرآن پاڪ کي سمجهڻ
لاءِ وڏي آساني پيدا ڪئي. بدقسمتيءَ سان اهو مسئلو
عالمن ۾ گهڻي زماني تائين اختلاف جو باعث بڻيو ته
قرآن مجيد جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جائز آهي يا
نه، پر نيٺ اڳتي هلي امام ابو حنيفہ جي راءِ وڏي
مقبوليت حاصل ڪئي.
جڏهن ته سنڌ ۾ اسلام، وليد بن عبدالملڪ جي دور کان اڳ ئي پهچي
چڪو هو ۽ سنڌ جي فتح غازي محمد بن قاسم جي سپهه
سالاريءَ هيٺ وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ پهرين صدي
هجري جي آخر ۾ ٿي. تڏهن ٿي سگهي ٿو ته ان وقت سنڌي
نون مسلمانن کي دين سيکارڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾
ضرور ڪي اسلامي ڪتاب لکيا ويا هجن، جن ۾ قرآن مجيد
جو سنڌي ترجمو به اچي وڃي ٿو، پر تاريخي لحاظ سان
اها پڪي پختي ثابتي ملي ٿي ته دنيا جي ٻين سڀني
ٻولين کان اڳ قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾
ٿيو ۽ اهو يارنهن سؤ سال اڳ جو ترجمو آهي، جو
مهروڪ بن رائق راجه جي استدعا تي منصوره سنڌ جي
عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي لاءِ هڪ عراقي
عالم لکيو، اهو عالم سنڌ ۾ رهي سنڌي زبان چڱيءَ
طرح سکي چڪو هو ۽ هتان جي ٻولين جو وڏو ڄاڻو ۽
شاعر پڻ هو.
انهيءَ راجه تي هن ترجمي ايڏو ته اثر ڪيو جو سورت ياسين جي هڪ
آيت ”مِن يحي الُعِظَام وَهِي رَمِيمُٗ“ جو سنڌي ۾
ترجمو ۽ تفسير ٻڌندي تخت تان لهي اچي پٽ پيو ۽ خدا
جي خوف کان اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي روئڻ لڳو.
قديم دور جي سنڌي ۾ هاڻوڪي سنڌي وانگر عربي ۽ فارسي لفظن جي
آميزش گهٽ هئي ۽ ان جي عربي رسم الخط به نه هئي،
ان ڪري قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ڪوبه قديم سنڌي ترجمو
يا ٻيا اسلامي ڪتاب هتي جا مسلمان وڃائي ويٺا.
اسان وٽ جيڪي به قديم ديني ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، سي ٽي
سؤ سال اڳ جا آهن. انهن جو سلسلو ابوالحسن ٺٽويءَ
جي سنڌي رسم الخط مقرر ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽
پهريون ڪتاب ميون ابوالحسن ٺٽوي جو جوڙيل ”مقدمة
الصلواة“ يا ”سنڌي ابوالحسن جي“ آهي، جو جهوني
سنڌي نظم ۾ لکيل آهي. ان کان پوءِ مخدوم ضياءُ
الدين ٺٽوي ۽ ٻين بزرگن به هن ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم
ڪيو. اڳتي هلي مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي جي شاگرد،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1184هه) ڌڙاڌڙ ديني
ڪتاب لکيا، جن مان سندس جوڙيل قرآن مجيد جي 1 ۽ 30
پاري جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير هاشمي پڻ آهي، جو
اڳوڻي سنڌي نظم ۾ لکيو ويو آهي، قرآن مجيد جي ڪجهه
حصي جو سڀ کان آڳاٽو سنڌي ترجمو اهوئي موجود آهي.
هتي اسين سڀني سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جي تعارف لاءِ
ٿوري اپٽار ڪريون ٿا، جي هن وقت تائين لکجي اسان
جي آڏو آيا آهن.
(1) قرآن مجيد، مترجم قاضي عزيزالله مٽياروي
قرآن مجيد جو هي سنڌي ترجمو، سڀ کان آڳاٽو آهي، جو تيرهين صدي
جي شروع ۾ لکيو ويو، هن جو مترجم قاضي عزيزالله
مٽياري ضلع حيدرآباد جو رهاڪو هو. سندس پٽ قاضي
علي محمد به پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ خطاط ٿي
گذريو آهي.
هي ترجمو بمبئي جي ڪريمي پريس وارن طرفان گهڻا ڀيرا ڇپجندو رهيو
آهي، هن جو هڪ ايڊيشن 1320هه ۾ ستر سال اڳ جو
ڇپايل وڏي سائز ۾ آهي، جنهن ۾ ٻه ترجما ڏنل آهن.
پهريون سنڌي ۾ قاضي عزيزالله رحه جو ۽ ٻيو ترجمو
فارسي ۾ حضرت شاه ولي الله محدث دهلويءَ جو، حاشيي
تي شان نزول، جو شيخ سعدي شيرازي ڏانهن منسوب آهي
۽ فارسي ۾ فتح الرحمٰن (تفسيري نوٽ) حضرت شاه ولي
الله جا پڻ چڙهيل آهن، هي قرآن مجيد وڏي سائز جي
800 صفحن تي ڇپيل آهي. سنڌي زبان جي بيهڪ بنهه
نرالي آهي، نموني لاءِ ڏسو سورت فاتحہ جو ڪجهه
ترجمو:
”سڀ ڪا ساراهه جڳائي الله کي جو آهه مالڪ مڙن عالمن جو، جو صاحب
آهه رحمت جو دنيا ۽ آخرت ۾.“
هن ڇاپي جي آخر ۾ هي نوٽ پڻ لڳل آهي: ”مڙن پڙهندڙن ۽ مطالعي
ڪندڙن تي ته هي قرآن مترجم مرادي نه تحت لفظ، سبب
هن جو (هي آهي) ته سنڌي جي ترڪيب، ڪلام جي سين
موافق نه آهي، پوءِ جي تحت لفظي هئي ته هوند سمجهڻ
اڄاڻن کي تمام (اوکي) تڏهن مراد ڪلام جي آندي ته
سڀ ڪنهن عام خاص کي سمجهه ۾ اچي، پر تڏهن به جڏهن
ڪلام آهي رب جو (ڀريل) رمزن سين تنهن کي سمجهڻ
سواءِ گهڻي علم جي گهڻو مشڪل آهي، تڏهن جيڪي اڻ
ڄاڻ آهن سي استاد کان پڙهي مطلب پروڙين (ڪنهن)
پڙهڻ ۽ پڇڻ ۾ ڪي عيب نه آهي، بلڪ مرڪ ۽ عادت نيڪن
جي آهي، تنهن ڪري پڙهڻ جي ڪما حقہ سکي ياد ڪن، هن
اشاعت جي ماده تاريخ بابت هن طرح لکيو ويو آهي:
ماده تاريخ نتائج قلم، معجز رقم حاجي الحرمين سيد تجمل حسين
”تجمل“ جلال پوري.
مطبع نامي کريمي هست در آفاقها
انتخاب ولا جواب و بي مثال و بي نظير
مالک آن قاضي عبدالڪريم نامور
محو فرمان پيمبر ذاکر ذکر قدير
اين کلام الله چہ با دو ترجمہ
در همہ اوصاف خوبي دلپسند و دلپذير
گر بچشم غور بيني صفحه حرف حرف
در صفا آيد نظر يکسان ز اول تا اخير
بشنو از طبع ”تجمل“ مصرع تاريخ سال
باد و معنيٰ فارسي و سنڌي قرآن منير
(1320هه)
قاضي عزيز الله مرحوم مٽياروي جو اهو ڪيل سنڌي ترجمو فارسي
ترجمي کان الڳ به ڇپيل آهي، جنهن ۾ قرآن پاڪ جي
متن هيٺان سنڌي ترجمو آيل حاشيي تي سنڌيءَ ۾ مختصر
نوٽ چڙهيل آهي، هي خالص سنڌي ترجمي وارو قرآن پاڪ
گهڻائي ڀيرا ڇپجندو رهيو آهي.
(2) قرآن مجيد مترجم، سنڌي ترجمو، مولانا صديق
قرآن پاڪ جو هيءُ سنڌي ترجمو گهڻو آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو، ترجمي جي
ٻولي ڏکڻ سنڌ واري ڪتب آندي ويئي آهي، جا نهايت
ميٺاج واري آهي ۽ ترجمي جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي
ته هڪ سنڌي پڙهيل لاءِ عربي لفظن جي معنيٰ، ترجمي
ڏيڻ سان پڻ آسان ٿيو پئي، ڇوته ترجمو تحت لفظي ۾
نهايت وڻندڙ ۽ لطيف آهي، سورت فاتحه جي پهرين سٽ
جو ترجمو اجهو هن طرح ڪيل آهي:
”سڀ واکاڻ جڳائي ڌڻي کي، جو پاليندڙ جهانن جو، ٻاجهيندڙ ۽ ٻاجهه
وارو.“
مولانا محمد صديق مترجم لاءِ اسان کي اڃان معلوم نه ٿي سگهيو
آهي ته اهو بزرگ ڪير هو؟ ۽ ڪٿي جو ويٺل هو؟
فاضل مترجم رڳو ترجمي تي اڪتفا نه ڪئي آهي، پر حاشيي تي سنڌي
ٻوليءَ ۾ تفسيري نوٽ پڻ پڙهايا چاڙهيا، جيڪي گهڻو
ڪري ملا حسين ڪاشفي جي تفسير حسيني، ٻيو تفسير
رؤفي تان ترجمو ڪيا ويا آهن.
هڪ سنڌي سڄڻ سُڌ ڏني ته سيٺ سکديو سابق ايم ايل اي ڪراچي واري
جو ڏاڏو هڪ صوفي منش انسان هو، تنهن هڪ مولوي صديق
نالي عالم کان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ڪرائي، چمن
پريس مان ڇپرايو، جو مفت تقسيم ڪندو هو ۽ خاص طرح
جيڪي حاجي سڳورا حج تي ويندا هئا، تن کي ڏيندو هو.
اسان جڏهن مٿين ترجمي ۽ مٿين سيٺ سکديو جي عمر
بابت ويهي ويچار ڪيو ته وسهڻ ۾ ويرم نه ٿي، اهو
ترجمو اهوئي هوندو، جنهن جو هتي بيان ڪري رهيا
آهيون.
مولوي مرزا منير الدين جبلپوري فارسي زبان ۾ هن ترجمي جي اشاعت
بابت ماده تاريخ لکيو آهي، هتي ان جو بيان ضروري
ڄاڻون ٿا، ڇوته ان مان ئي مترجم جي علمي پايي ۽
سال جو پتو پوي ٿو:
زمطلعش شده طالع چو ماه برکت و خير
شده فروغ شده صبح دهر شام سندهه
زجود و همت فيض محمد صديق
پرست از مئي عيش و سرور جام سندهه
چوديده حضرت ممدوح از نگاه کرم
ز قصر چرخ برين شد بلند بام سندهه
هميکه به ممدوح ما خدا بخشد
نمود بذل توجہ سوئي نظام سندهه
ز خرچ درهم و دينار کرد قرآن چاب
بلند گشت ز فيضش بدهر نام سندهه
برائي مصرعہ تاريخ او نظامي گفت
کلام پاک مترجم بحرف عام سندهه
(1317هه)
مولانا سليم الله وري عربي نثر ۾ تقريظ لکي آهي، جنهن ۾ مترجم
ممدوح جي ڏاڍي ساراهه ڪيل آهي. هن مترجم قرآن پاڪ
جي آخر ۾ هڪ رسالو تجويد ۽ اوقاف بابت سنڌي زبان ۾
پڻ ڏنو ويو آهي، جو ڪارآمد آهي.
مولانا محمد صديق واري ترجمي جو پهريون ايڊيشن اسان کي ملي نه
سگهيو آهي، تنهن ڪري اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته
اهو ڪٿي ڇپيو، باقي اها تقريظ اسان کي تازي ايڊيشن
۾ نظر آئي، جيڪا اڳئين ڇاپي تان ورتل آهي. ٻي
اشاعت حاجي ملڪ دين محمد لاهور واري طرفان ٿي آهي،
جيڪا وڏي سائز ۾ 536 صفحن تي مشتمل آهي.
(3) قرآن مجيد مترجم سنڌي، ترجمو حضرت مولانا تاج محمود شاهه
امروٽي رحه
مٿين ٻن سنڌي ترجمن کان پوءِ ٽين نمبر تي هي ترجمو آهي، جو
جيڪڏهن ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اعجازي ترجمو سڏجي ته
سونهين ٿو، ڇوته هن کان اڳ وارا ترجما با محاوره
ترجما نه هئا، پر گهڻي حد تائين تحت اللفظ ترجما
هئا ۽ انهن جي زبان به آڳاٽي هئي. هن ترجمي لکڻ
مهل حضرت امروٽي جيڪا ادبي جفاڪشي ۽ جاکوڙ ڪئي، ان
جو اوهان کي هن مان اندازو ٿي سگهندو ته جڏهن انهن
قرآن شريف جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو خيال فرمايو ته اڳ
۾ پاڻ وٽ هڪ وڏي ديني ڪتبخاني رکڻ جو خيال فرمايو.
حُسنِ اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ کين مولانا استاد
عبيدالله سنڌي، جو دارالعلوم ديوبند کان 1308هه ۾
نئون فارغ ٿي آيو هو، جهڙو جيد عالم ملي ويو ۽
امروٽ ۾ هڪ وڏو ديني مدرسو قائم ٿي ويو، جتي نه
رڳو مولانا عبدالوهاب ڪلاچي جهڙا مستعد طالب علم
پڙهڻ لاءِ آيا، پر ڪيترائي فارغ تحصيل عالم جهڙوڪ:
مولانا عبدالله کڏهر وارو، مولانا عبدالقادر دين
پوري ۽ ٻيا عالم به مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي
خدمت ۾ قرآن، حديث ۽ فلسفه ولي اللٰهي پرائڻ لاءِ
پهچي ويا. حضرت امروٽي پاڻ به هڪ مرشد ڪامل ۽ وڏو
عالم هو. مولانا عبدالقادر پهنوري وارن کان علم
پرايو هئائين ۽ ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
وڏو اديب ۽ شاعر پڻ هو، جنهن جي ثابتي لاءِ سندن
جوڙيل يوسف ۽ زليخا سنڌي (پريت نامو)، مولود ۽
ڪافيون واضح ثبوت آهن. سنڌ جي اڪثر عالمن جي جماعت
سندن مريديءَ ۾ داخل هئي، ان ڪري وٽن هميشه عالمن
جو انبوهه رهندو هو ۽ حضرت امروٽي جو دستور هوندو
هو ته ذڪر ۽ فڪر جي تلقين کان پوءِ جماعت آڏو قرآن
مجيد کڻي ويهندا هئا ۽ ويٺا سنڌي ۾ ترجمو ۽ تفسير
بيان ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو سندن خليفن جهڙوڪ
مولانا حمادالله هاليجي وارو، مولانا احمد علي
لاهوري ۽ ٻين ۾ به قرآن مجيد جو درس هلندو آيو.
حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحه جيڪي ڪتاب ڪٺا ڪيا هئا، اهي
هاڻي اندر حويلي ۾ رکيل آهن، موجوده سجاده نشين
سيد محمد شاهه امروٽي جي عنايت سان مون سڀ ڏٺا
آهن، سڄي ڪتاب خاني ۾ مون کي اها خاص ڳالهه نظر
آئي ته ڪتابن ۾ گهڻو انداز تفسيرن جو هو ۽ ايترا
تفسير سنڌ جي ڪنهن به ڪتاب خاني ۾ مون کي نظر نه
آيا. ان مان حضرت امروٽي جي علمي ذوق ۽ قرآن
دانيءَ جو اوهان کي پتو لڳي ويندو.
حضرت امروٽي ترجمي جو ڪم اٽڪل روءِ 1312هه کان شروع ڪيو ۽ مرحوم
منشي عبدالخالق شڪارپوري، جو سنڌي زبان جو هڪ وڏو
اديب هو، سو به حضرت امروٽي جي خدمت ۾ گهڻو رهندو
هو ۽ ترجمي جي ڪم ۾ حضرت امروٽي جو صلاحڪار هو.
انهيءَ علم ۽ علمي ماحول ۾ مولانا امروٽي رحه جيڪو
سنڌي ترجمو فرمايو، سو ايڏو ته مستند، بامحاوره ۽
عمدو ترجمو ثابت ٿيو، جو جهڙي طرح فارسيءَ ۾ شاهه
ولي الله دهلوي جو ترجمو اعجاز جو درجو رکي ٿو،
اهڙي طرح مولانا امروٽيءَ رحه جو ڪيل سنڌي ترجمو
به اهائي حيثيت رکي ٿو.
هي ترجمو پهريون ڀيرو حضرت امروٽيءَ جي زندگيءَ ۾ جڏهن ڇپجي
نروار ٿيو ته قرآن پاڪ جي متن کان الڳ، خالص سنڌي
زبان ۾ ٽن ڀاڱن ۾ (هرهڪ ڀاڱو ڏهن پارن جو هو)
”الحق پريس“ سکر مان ٽائيپ ۾ ڇپيو، جو نهايت سهڻو
دلڪش هو (هن جي هڪ ڪاپي منهنجي ذاتي ڪتاب خاني ۾
موجود آهي) جڏهن ته هن ترجمي ۾ قرآن جو متن موجود
نه هو. رڳو آيتن جا نمبر ڏئي، خالص سنڌي ترجمو
ڇپايو ويو هو. تنهن ڪري ان دؤر ۾ سنڌ جو هڪ وڏو
منطقي عالم استاد العلماءَ مولانا قمر الدين انڍڙ
پني عاقل وارو جو اڳ ئي حضرت امروٽيءَ سان ڪن
عقيدن ۾ اختلاف رکندو هو، تنهن حضرت امروٽيءَ جي
خلاف وڏي فتويٰ لکي، جنهن ۾ ان نموني متن کان
سواءِ ترجمي ڇپائڻ کي ڪفر جو ڪم سڏيو ۽ امروٽيءَ
سان مناظره بحث ڪرڻ لاءِ امروٽ پهچي ويو. حضرت
امروٽي عالم هئڻ سان گڏ هڪ وڏو مدبر ۽ سياستدان پڻ
هو. حڪمت عملي ۽ سياست کان ڪم وٺي مولانا قمر
الدين صاحب کي هيئن چئي واپس ڪري ڇڏيو ته هن ڀيري
غلطي ٿي وئي آهي، هن کان پوءِ متن کان سواءِ ترجمو
نه ڇپايو ويندو.
هي ترجمو قرآن مجيد سان گڏ به ڪيترائي ڀيرا مولانا احمد علي
لاهوريءَ جي ڪوشش سان ڇپجي عام ۽ خاص ماڻهن جي هٿن
تائين پهچي، وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ اها
حقيقت آهي ته اهو ترجمو ايڏو ته مقبول ۽ مستند
آهي، جو هن کان پوءِ ڪنهن به ديني عالم قرآن مجيد
جي سنڌي ترجمي جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جي آڏو
مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو اهو ترجمو ضرور رهيو
آهي.
(4) قرآن مجيد، مقتدر و مستند جماعت علماءِ سنڌ
قرآن مجيد جو هي ترجمو ۽ حاشيه تي تفسيري نوٽ، وڏي سائز تي
1351هه ۾ عباسي ليٿو آرٽ پريس ڪراچي ۾ ڇپيو، اهو
ترجمو ڪنهن ڪيو؟ ان بابت ڪجهه به لکيل نه آهي، رڳو
ايترو لکيو ويو آهي ته سنڌ جي مستند عالمن ترجمو
ڪيو آهي. هن ترجمي شايع ٿيڻ کان پوءِ شيخ
عبدالعزيز ايڊيٽر ”الحق“ ۽ عباسي پريس وارن جو حق
ملڪيت تي ايڏو ته اختلاف پيدا ٿيو، جو معاملو وڃي
مقدمه بازي تي پهتو، ان ڪري مترجم جو نالو به نه
اچي سگهيو ۽ ٻيهر ان طرز تي نه ڇپجي سگهيو. هن ۾
سنڌيءَ کان سواءِ ٻه ترجما ٻيا به ڏنل آهن، جن مان
پهريون ترجمو فارسيءَ ۾ حضرت شاه ولي الله محدث
دهلويءَ جو ۽ ٻيو شاهه ولي الله جي فرزند جو اردو
ترجمو، حاشيي تي شاهه عبدالقادر دهلوي جي تفسير
موضح القرآن جو سنڌي ترجمو آندو ويو آهي.
جڏهن منهنجي، عباسي ڪتب خاني جي مالڪ مولوي عبدالرسول صاحب سان
هن ترجمي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، تڏهن هن ٻڌايو ته
اهو ترجمو اصل ۾ مرحوم مولوي عبدالرحيم صاحب منگسي
سابق معلم الفقہ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ کان ڪرايو
ويو هو. هن ڳالهه جي قاضي عبدالرزاق صاحب به تصديق
فرمائي هئي.
(5) قرآن مجيد، مترجم قاضي عبدالرزاق، ڇپايل عباسي ڪتب خانو
قرآن پاڪ جو هي ترجمو، بامحاوره لکيو ويو ۽ عباسي ڪتب خاني
طرفان سال 1948ع ۾ هڪ هزار صفحن تي ڇپجي شايع ٿيو
آهي، ترجمي سان گڏ حاشيي تي تفسيري نوٽ به آهن، جن
سان قرآن پاڪ جي مطلب سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
هن جو مترجم قاضي مولوي عبدالرزق صاحب روهڙي وارو آهي، جيڪو سنڌ
مدرسة الاسلام ۾ سالن جا سال استاد ٿي رهيو آهي.
هن بزرگ ٻيا به گهڻائي سنڌي ڪتاب لکيا آهن. ڪجهه
وقت ”الوحيد“ اخبار جي عملي ۾ پڻ شامل هو، سنڌي ۽
عربيءَ جو ڪاتب پڻ هو، منهنجو ذاتي طرح بزرگ دوست
هو، هن ترجمي بابت سندس چوڻ آهي ته هن ترجمي ۽
حاشيي تي ڏاڍي محنت ڪئي آهي.
(6) قرآن مجيد، ترجمو قاضي عبدالرزاق، ڇپايل ڏيپلائي صاحب جو
قاضي عبدالرزاق صاحب، هي ترجمو نئين ڍنگ ۾ جناب محمد عثمان
ڏيپلائيءَ لاءِ لکيو ۽ عباسي واري ترجمي کان مختلف
صورت ۾ آهي. ڏيپلائي صاحب پاڻ ٻڌايو ته قاضي صاحب
پهرين پندرهن پارن جو سنڌي ترجمو ڪري ڏنو ۽ پويان
پندرهن پارا جناب محمد بخش صاحب واصف جا ترجمو ڪيل
آهن، واصف مرحوم، مولانا امروٽيءَ واري ترجمي کي
آڏو رکي اهو ترجمو لکيو هو.
هن مترجم قرآن پاڪ جي ڇپائيءَ ۾ اها جدت ڪئي جو هر صفحي ۾ ٻه
ڪالم رکيا، هڪ ڪالم ۾ بلاڪن تي قرآن مجيد جو متن
آهي ۽ ٻئي ڪالم تي ٽائيپ ۾ متن جي سامهون سنڌي
ترجمو ڏنو ويو آهي. هن جدت ڪري اهو ترجمو به چڱو
مقبول رهيو.
(7) قرآن مجيد، مترجم شيخ عبدالعزيز عرب
هن ترجمي جو لکندڙ شيخ عبدالعزيز عرب، اصل ۾ نجد جو رهاڪو هو ۽
تبليغ يا ڪن ٻين اسبابن جي ڪري وطن ڇڏي، اچي
حيدرآباد سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ هتي مختلف
رنگن ۾ تبليغي ڪم ڪندو رهيو. ڪنهن دؤر ۾ ته اهو
بزرگ عرب غير مقلد ۽ حديث نبوي جو وڏو حامي رهيو ۽
اڳتي هلي وري قرآن پاڪ سان لنؤ لاتائين ۽ اهل قرآن
بنجي ويو. اسان سان هميشه ملندو رهندو هو. عربي
سان گڏ سنڌي به سٺي ڳالهائيندو هو، کيس اهو خيال
جاڳيو ته قرآ مجيد جو سنڌي ترجمو اهڙو ڪجي، جو
قرآن پاڪ جي لفظن جي ترجمي کان سواءِ ٻيو ڪوبه
زائد لفظ وچ ۾ نه اچي، مطلب ته ترجمي جي وضاحت
لاءِ بين القوسين عبارت جي به ضرورت نه رهي.
انهيءَ نظريي موافق ان سنڌي ترجمو ڪيو ۽ ڪن عالمن
کي ڏيکاري ان کي شايع ڪري ڇڏيو.
(8) قرآن مجيد، مترجم، مولانا محمد مدني صاحب
مولانا محمد مدني صاحب(1)
قرآن، حديث ۽ علوم عربيه جو هڪ نهايت مستند ۽ وڏو
عالم آهي ۽ سندس تعليم مدينه منوره ۽ مڪي مڪرمه ۾
ٿي. فراغت کان پوءِ سالن جا سال بيت الله شريف،
مسجد الحرام مڪي ۾ تعليم ڏيندو رهيو. حضرت استاد
علامه عبيدالله سنڌي جي حڪم سان سنڌ ۾ آيو، ڇوته
سندس اصلي وطن به معروف ڀنڀرو تعلقو هالا هو ۽
تيرنهن ورهين جي ڄمار ۾ مشرف به اسلام ٿي، هتان
بمبئي جي رستي مدينه منوره هليو ويو. اهو ترڪي
حڪومت جو دور هو، مڪي جي شيخ الاسلام وٽ سندس
تربيت ٿي. هتي پهچي پهرين دارالرشاد پير جهنڊي
تعلقي هالا ۾ تعليم ڏنائون ۽ ان کان پوءِ سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جا استاد ٿيا ۽
اتي ئي قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو کين شوق
پيدا ٿيو. سالن جا سال هن ترجمي تي محنت ڪندا
رهيا. ڪيترائي عربي تفسير ۽ قرآن جون لغتون مطالعو
ڪيائون. مون کين ذاتي طرح ڏٺو ته ڪڏهن اهو ترجمو
لکندي سڄي رات گذري ويندي هين ۽ ويٺا ترجمي جو ڪم
ڪندا هئا.
هن ترجمي جي اها خوبي آهي جو محاوري جي رعايت سان گڏ قرآن پاڪ
جو ڪوبه اکر ترجمي کان خالي نه ڇڏيو ويو آهي ۽
ڪيترين جايتن تي ترجمي جي مدد سان ڪن مشڪل تفسيري
مسئلن جو حل به ڪيو ويو آهي. هن مترجم قرآن پاڪ جي
ٻي خوبي اها آهي جو حاشيي تي حضرت شاهه ولي الله
محدث دهلويءَ رحه جي تفسيري نوٽن، فوائد فتح
الرحمٰن فارسي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري رکيو ويو آهي ۽
انهن ۾ ادبي چاشني پڻ پيدا ڪئي وئي آهي. حواشي جو
ترجمو احقر راقم جو ڪيل آهي. شاهه ولي الله صاحب
جو اهو ڪمال آهي جو مختصر فارسي نوٽن ۾ قرآني مطلب
کي حل ڪيو ويو آهي. رڳو ڪجهه ڳوڙهو ويچار کپي.
برصغير جي سڀني ٻولين مان اها سعادت رڳو سنڌي زبان
کي حاصل آهي جو ان ۾ اهو ترجمو ٿيو آهي. هيءُ
مترجم قرآن مجيد 11-12 ڀيرا ڇپجي هٿون هٿ وڪامي
ويو آهي ۽ هاڻي بلاڪن تي عڪسي ڇاپو به ٻه ٽي ڀيرا
ڇپيو آهي. آرٽ پيپر تي پڻ شايع ٿيو آهي.
مولانا محمد مدني صاحب جي همت کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي،
جو اهو قرآن مجيد هاڻي حمائل سائز تي فوٽو آفسيٽ ۾
به ڇپجي رهيو آهي، جو اميد ته ٻن ٽن مهينن اندر
شايع ٿيندو ۽ سنڌيءَ ۾ اها پهرين حمائل شريف مترجم
هوندي.
(9) قرآن مجيد مترجم، مولوي عبدالغفور کڏهه ڪراچي وارو
مولوي عبدالغفور صاحب، مولانا محمد صادق مرحوم کڏه وارن جو
قريبي رشتيدار نياڻو هو. کيس به حضرت استاد علامه
عبيدالله سنڌيرح جي صحبت جي سُتي مليل هئي. حضرت
مولانا کان شاهه ولي الله رحه جي فلسفي جا به ڪجهه
ڪتاب پڙهيو. قرآن مجيد جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو کيس
ڏاڍو شوق ۽ ذوق هوندو هو. سنڌ ماڊرن پبلشنگ هائوس
جو سابق مالڪ ميان بشير احمد مرحوم، قرآن مجيد
مترجم سنڌي کي عڪسي بلاڪن ۾ رنگين ڇپائڻ ٿي گهريو
۽ ان مقصد لاءِ ميان بشير احمد، مولوي عبدالغفور
صاحب کڏهه واري کي پاڻ وٽ پريس ۾ ان ڪم لاءِ رکيو.
مولوي صاحب بامحاوره ترجمو لکيو ۽ مختصر نوٽ به
لکيا. ترجمو ڏاڍو سليس ۽ عام فهم آهي. هن ترجمي کي
مولانا محمد مدني صاحب ۽ هن احقر راقم به نظر مان
ڪڍيو. پهريان ٻه اڍائي پارا مخدوم امير احمد صاحب
ڏٺا هئا. هن قرآن مجيد جا رڳو پنج پارا ئي شايع
ٿيا ته بشير احمد صاحب گذاري ويو ۽ اهو ڪم اڌورو
رهجي ويو. اهو سنڌي ترجمو مڪمل، بشير احمد صاحب
مرحوم جي پٽ عبدالستار صاحب وٽ محفوظ آهي.
(10) قرآن مجيد ترجمو قاضي عبدالرزاق صاحب ڇپايل شيخ غلام علي
لاهور وارن جو
قاضي عبدالرزاق مرحوم، هيءُ ٽيون ترجمو ڪيو ۽ مولانا اشرف علي
ٿانويءَ جي اردو ترجمي کي سنڌي ۾ آندو آهي، حاشيه
تي بيان القرآن تان مختصر نوٽ ورتل آهن، جن کي
سنڌي ڪيو ويو آهي. قاضي صاحب مرحوم مون کي ٻڌايو
ته هن اهو ترجمو ۽ حواشي رڳو ستن مهينن جي معمولي
عرصي ۾ لکيا آهن. نون اردو ترجمن ۾ خدا پاڪ کي جمع
سان تعبير ڪيو ويندو آهي ۽ سنڌي ۾ اڃان تائين
توحيد ۽ ترجمن جي مذهبي ٻولي جو خيال رکي واحد جو
صيغو استعمال ڪندا آهن. قاضي صاحب، اردو جي پيروي
ڪري، هن ترجمي ۾ جمع استعمال ڪئي آهي. هيءُ ترجمو
سفيد ڪاغذ تي، مڪتبه غلام علي لاهور وارن کان
ڪيترن سالن کان شايع ٿي چڪو آهي. شيخ غلام علي
وارن مون کان به بامحاوره ادبي رنگ ۾ قرآن مجيد جو
سنڌي ترجمو لکائڻ شروع ڪيو، تفسيري نوٽ به ان سان
گڏ هئا. 16 پارن تائين ڪم پورو ڪيم، جو اڳتي
تجارتي معاملو پورو ٿي نه سگهيو ۽ مون کي ڪم روڪڻو
پيو. اهي سورهن پاران اڃان تائين شيخ صاحب وٽ
محفوظ هوندا، مون کي پنهنجي محنت جو اڃان تائين
افسوس آهي.
(11) قرآن مجيد، مترجم سنڌي- مقبول عام سکر وارن جو ڇپايل
هن قرآن مجيد، مترجم سنڌي تي ترجمي ڪندڙ جو نالو نه ڏنو ويو
آهي، پر ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته گهڻو ڪري شيخ
عبدالعزيز واري قرآن مجيد جي ترجمي تان ڪاپي ڪئي
وئي آهي.
(12) قرآن مجيد ۽ ان جو منظوم سنڌي ترجمو، نور القرآن مترجم
مولانا احمد ملاح
هي سنڌي ترجمو نئون آهي، ڪجهه ورهيه ٿيا، جو ڇپيو آهي. هن جو
مترجم مولانا احمد ملاح آهي، جيڪو سنڌ جو عظيم
شاعر ۽ عالم هو. تازو هن فاني دنيا مان وڏي عمر
لهي گذاري ويو. ترجمو قديم سنڌي نظم ۾ آهي. عبارت
۾ تمام رواني رکيل آهي. بيتن کي پڙهندي ڀٽائي صاحب
جي ٻوليءَ جي سڪ ٿي لهي. هي ترجمو 800 صفحن تي
مشتمل
20x30=8
سائز ۾ عمدي ڪاغذ تي حقي آفسيٽ پريس ۾ ڇپيو آهي ۽
ڇپائيندڙ الحاج ارباب الهه جڙيو خان، پوسٽ ڪلوئي
ضلعو ٿرپارڪر آهي.
هن جي ڪتابت سنڌ جي مشهور خطاط مولوي مشتاق احمد جي پٽ عبدالرؤف
صاحب ڪئي آهي. ٻه ڪالم رکيا ويا آهن، هر سٽ قرآن
مجيد جي آڏو هڪ سٽ منظوم ترجمي جي اچي وئي آهي، جو
اهو پڻ مترجم مرحوم جو شاعرانه ڪمال آهي.
(13) تفسير هاشمي
قرآن مجيد جي خالص ترجمن کان پوءِ سنڌي تفسيرن کي ڏسبو ته سڀني
تفسيرن کان هي تفسير آڳاٽو آهي. جو سن 1162هه ۾
لکيو ويو ۽ قديم سنڌي نظم ۾ آهي. هن جو هڪ پارو
ٽيهين پاري جو تفسير ۽ ترجمو بمبئيءَ جي ڪريمي
پريس مان ڊيمي سائز تي 503 صفحن ۾ ڦهليل ڇپجي چڪو
آهي. هي تفسير ڪڏهن لکيو ويو ۽ ڇو لکيو ويو، ان جو
جواب خود مترجم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن طرح ڏئي
رهيو آهي:
هاڻي سڻو مومناءِ هيئن ڪنن ساڻ
ته آگي صحي موڪليو سونهارو قرآن
مٿي پيغمبر پهجي جو سچو صحي سڃاڻ
جو سچيون رسائي خبرون جن ۾ ناهه گمان
وحي مڙئي واحد جو سندو نور شان
جيڪي پٺي لڳا ته جي، سچو تن ايمان
پر پوئين سيپاري ڏونہ تهجي گهڻو احتياج آهه
سڀ ڪو پڙهيس نماز ۾ سهکائي سببان
سورون تنهنجون آيتون آهن مختصر ٻئنا
ننڍو وڏو تهکي پڙهي ڪوڏ منجا
پر معنيٰ پروڙن تهجي، اهکي اٻوجهين لاءِ
تڏهن سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي عربيا
ڪئم شروع تهه ۾ سترهي تاريخا
ڪنا مهيني شعبان جي، سڻا ياد ڪجاه
تيئن اڪاره ساءِ ۽ ٻاهٺ هئا وره گذرئا
ڪنا هجرت حضرت حبيب جي جو مير محمد شاهه
نالو تفسير ”هاشمي“ رکئم تہ کا
سانيم ستر ڪربين تون فضل پهجي ساڻ.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جهڙو جليل القدر محقق هن ترجمي کي پورو
ڪري ها ته اهو ترجمو، سڀني ترجمن کان آڳاٽو ۽
مستند ليکيو وڃي ها، جيئن ساڳي صديءَ ۾ شاهه ولي
الله (رح) محدث دهلوي، قرآن پاڪ جو فارسي ۾ ترجمو
ڪيو، جو پوئين ترجمي ڪندڙ لاءِ مشعل راهه بڻيو.
(14) ارشاد الصديقين لهداية المتقين معروف بہ تفسير ڪوثر شاهه
مردان (ترجمو ۽ تفسير سنڌي)
اسان جي خيال ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مذڪوره تفسير ۽ ترجمي
کان پوءِ ٻين سڀني تفسيرن کان اهو آڳاٽو تفسير
آهي. جو 1290هه ۾ جڙي راس ٿيو ۽ مترجم مولانا محمد
صديق حيدرآبادي آهي. هي ترجمو، حضرت پير حزب الله
شاهه پاڳاري جي حڪم سان لکيو ويو. فاضل مترجم، هن
سنڌي ترجمي ۽ تفسير جو، پاڻ سنڌي نظم ۾ تعارف
ڪرائي رهيو آهي، جو هن طرح آهي:
|