سياحت
وطن ڇڏڻ کان پوءِ پهريائين پاڪ پتڻ شريف پهتو ۽
اتي شيخ فريدالدين گنج شڪر جي مزار تي 50 ڏينهن
قيام ڪيائين. اتان جوڌپور آيو ۽ اتي 10 مهينا درس
و تدريس ۾ مشغول رهيو. 4 ربيع الثاني 1207هه تي
اجمير شريف پهتو ۽ هڪ مسجد ۾ رهيو، جيڪا درگاهه
کان ٻاهر آهي. محمد حنيف نالي هڪ مجذوب جي خدمت ۾
ڪجهه وقت رهيو. 3 مهينا ات رهي ريواڙيءَ آيو، جت
درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. اتي به 4 مهينا
رهي جيپور ۽ الور کان ٿيندو دهليءَ آيو، اتي 3
مهينا حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، ڏهه
ڏينهن مخدوم نصير الدين چراغ دهلوي ۽ هڪ سال 3
مهينا حضرت محبوب الاهي سلطان المشائخ شيخ نظام
الدين اولياءَ جي درگاهه تي قيام ڪيائين. دهليءَ ۾
مولانا فخر الدين نظاميءَ جي خليفي شاهه محمد عظيم
صاحب کان فيض پرائي سلسلي نظاميه چشتيه فخريه ۾
اجازت ۽ خلافت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ گنگوهه
آيو ۽ حضرت قطب العالم جي مزار جي زيارت ڪيائين.
درگاهه جي سجاده نشين عمار الاسلام ۽ شاهه قطب
الدين علي سان خصوصي تعلقات پيدا ٿيس. شاهه قطب
علي ته کانئس فيض به حاصل ڪيو. گنگوهه جي
پسگردائيءَ ۾ انبيٺ، ڪڙهام، ٺسڪه، ڪرنال ۽ ٿانيسر
وڃي بزرگن جون زيارتون ڪيائين. پوءِ منگلور ضلع
سهارنپور ۾ آيو، جتي مفتي محمد سليم جي خليفي شاهه
نور الهدي کان قادريه چشتيه صابريه سلسلي ۾ اجازت
۽ خلافت حاصل ڪيائين. اتان ٿي ديوبند ۽ سهارنپور
کان ٿيندو ڪلير شريف آيو، جتي حضرت سيد علاؤالدين
احمد جي درگاهه تي چاليهه ڏينهن قيام ڪيائين. ان
کان پوءِ پاڻيپٽ آيو، جتي حضرت شاهه شرف الدين بو
علي قلندر جي زيارت ڪيائين. اتان ٿي نهٽور ضلع
بجنور آيو، جتي شاهه بلاقي مراد آبادي جي خليفي
حافظ محمد امين صاحب قادري جي مزار جي زيارت
ڪيائين. اتان امروهه آيو ۽ شاهه عبدالباري صاحب
چشتي نقشبندي مجدديءَ وٽ ڇهه مهينا رهي فيض حاصل
ڪيائين ۽ کانئس نقشبنديه مجدديه جي سلسلي ۾ اجازت
۽ بيعت حاصل ڪيائين. اتي شاهه حنيف الله چشتي
نقشبندي مجددي سان به ملاقات ڪيائين. اتان ٿي مراد
آباد ۽ ڪاشي پور جي رستي سان ڀڙائچ آيو ۽ حضرت سيد
مسعود سالار غازيءَ جي مزار جي زيارت ڪيائين. ان
کان پوءِ بانسه آيو، جتي حضرت سيد شاهه عبدالرزاق
صاحب قادري جي مزار جي زيارت ڪيائين ۽ ان بزرگ جي
ڏوهٽي غلام علي کان قادريه رزاقيه سلسلي ۾ خلافت ۽
اجازت حاصل ڪيائين. هتان ٿي ردولي آيو، جتي مخدوم
عبدالحق جي درگاهه ۾ ڪجهه وقت قيام ڪيائين. هن کان
پوءِ اوڌ ۾ آيو، جتي شاهه جمال گوجرهه جي زيارت
ڪيائين. هتان ٿي ٽانڊهه جي بزرگن جي اچي زيارت
ڪيائين. اتان ٿي فيض آباد کان ٿيندو ڪڇوڇه پهتو،
جتي سيد اشرف جهانگير جي مزار جي زيارت ڪيائين.
اتان ٿي سلون آيو ۽ ڪريم عطا جي خانقاهه ۾ ڪجهه
وقت قيام ڪيائين. اتان مانڪپور پهچي مخدوم حسام
الحق ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪيائين. ان کان پوءِ
ڪڙهه کان ٿيندو الهه آباد آيو۽ شاهه محمد اجمل جي
خانقاهه ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو. ان کان پوءِ راءِ
بريلي آيو، جتي شاهه عليم جي خانقاهه ۾ ڪجهه وقت
قيام ڪيائين.
لکنو ۾ قيام
آخر نواب سعادت علي خان جي زماني ۾ 1214هه ۾ لکنو
۾ آيو. 3 ڏينهن شاهه پير محمد صاحب قادريءَ جي
مزار تي رهي، حضرت مخدوم شاهه مينا جي مسجد ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪيائين ۽ ست ورهيه اتي رهيو. 7 محرم
1222هه تي مسجد پنڊائن ۾ اچي قيام ڪيائين ۽ آخري
عمر تائين اتي ئي رهيو. 6 ذوالقعد 1245هه تي سندس
وفات ٿي. مسجد جي سامهون کيس مدفون ڪيو ويو، جتي
هينئر سندس درگاهه آهي.
مولانا صاحب ڪيترن ئي طالبانِ حق کي فيض پهچايو.
مولانا امير علي لکنوي شهيد به سندس ئي خليفو هو.
سندس ٻيو وڏو خليفو شاهه حسين بخش فرخ آبادي هو.
انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سندس فيض مان
مستفيض ٿيا. انهن جو تفصيل مولانا صاحب جي سوانح
عمر ”انوار الرحمٰن“ ۾ موجود آهي. هي ڪتاب مولانا
صاحب جي مريد مولانا نورالله اعظم پوري (بڇرايوني)
مولانا صاحب جي وفات کان به سال اڳ 1243هه ۾
فارسيءَ ۾ لکيو. مولانا نورالله صاحب جا پويان هي
ڪتاب هر پنجين ڏهين سال کان پوءِ ڇپائي مفت تقسيم
ڪندا آهن.
مولانا صاحب جون ڪجهه تصنيفون ۽ تاليفون به يادگار
آهن. ڪتاب ”ڪلمة الحق“ عربي ۾ آهي ۽ نولڪشور وارن
ڇپايو هو، هينئر ڪمياب آهي ”ڪلمة الحق“ جو هڪ
اقتباس جو اردو ترجمو ”وحدت الوجود“ نالي سان
لاهور مان ”الله والي ڪي قومي دڪان“ وارن ڇپايو
هو. هن ترجمي جا ٻه حصا مولوي حافظ غياث الدين
صاحب جا ۽ هڪ حصو عرفان احمد انصاريءَ جو ترجمو
ٿيل آهي، جيڪو مولانا عبدالرحمٰن صاحب جي سلسلي جو
مريد هو. هي اردو ترجمو 1339 هه ۾ ٿيو.
هي ڪتاب مولانا صاحب 1335هه ۾ تصنيف ڪيو. هن ۾
وحدت الوجود کي نهايت وضاحت سان ۽ فلسفيانه نوع ۾
سجهايو ويو آهي. ڪلمي جي معنيٰ تي به وڏو بحث آهي
۽ عالمن جي ڪلمي جي ڪيل معنيٰ تي سخت تنقيد آهي.
ان وقت جي عالمن ۾ هن ڪتاب تي وڏو چوٻول پيدا ٿيو.
حضرت مولانا عبدالعزيز محدث دهلويءَ ڪتاب تي تنقيد
ڪندي، ڪتاب جي بحث کي غلط ٺهرايو.
ان کان سواءِ مولانا صاحب جون ٻيون به تصنيفون ۽
تاليفون آهن: جهڙوڪ: سرالانسان وغيره. اهي قلمي
حالت ۾ آهن ۽ لکنو ۾ سندس درگاهه تي محفوظ آهن.
مولانا صاحب جيتوڻيڪ وجودي مشرب جو هو، تڏهن به
شريعت جي اتباع ۾ ڪوتاهي نه ڪندو هو. فرمائيندو
هو: ”من مقتدي فعل رسول الله صلي الله عليہ وسلم و
عمل آنحضرت صلي الله عليہ وسلم همين بود.“ آخري
عمر تائين توحيد وجوديءَ جو غلبو رهيس. پر جڏهن به
هوش غالب ايندو هوس ته پنهنجي همعصر مولانا نياز
احمد جو هي شعر پڙهندو هو:
شهود حق طلبي از وجودِ خود نگزر
که جز وجود تو او را حجابِ ديگر نيست
هي شعر وحدت الشهود جو ترجمان آهي.
(هي مضمون محمد خصلت حسين صابري جي مضمون شايع ٿيل
ماهنامه تاج جون 1960ع ”الله والي ڪي دڪان“ وارن
طرفان ڇپايل ”وحدت الوجود“ ۽ شاهه عبدالرحمٰن صاحب
جي سلسلي جي مريد انيس الرحمٰن طرفان موڪليل
معلومات جي بنا تي لکيو ويو. پر ان سموري معلومات
۾ مولانا صاحب جو سنڌ وارو ڳوٺ صاف طرح سان ڄاڻايل
ڪونهي. تحقيق کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو
آهيان ته مولانا صاحب جو اصلي ڳوٺ تعلقي ”پنو
عاقل“ ۾ مخدومن جو ڪوٽ يا ڳوٺ هو، جيڪو هينئر به
موجود آهي ۽ ان ۾ مخدومن جا پونير رهن ٿا، پر انهن
۾ علم جو سوجهرو ڪونهي.)
قاضي محمد عاقل سنڌي
(وفات: 1230هه - 1815ع)
شيخ عالم صالح محمد عاقل بن محمد شريف بن محمد
يعقوب بن نور محمد بن محمد ذڪريا عمري سنڌي، چشتي
طريقت جو شيخ هو. سنڌ جي ڳوٺ مٺڻ ڪوٽ ۾ ڄائو (سنڌ
۽ بهاولپور جي سرحد وٽ هن جي پيدائش ٿي هوندي ۽
ڪوٽ مٺڻ ۾ وڃي رهيا هوندا، ان ڪري کين سنڌي سڏيو
ويو هوندو) شروع ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين ۽ فن قرات
به حاصل ڪيائين. درسي ڪتاب وڏي خبرداريءَ سان
پنهنجي والد وٽ پڙهي فراغت لڌائين ۽ ان کان پوءِ
مٺڻ ڪوٽ ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين ۽ گهڻو زمانو
پڙهڻ پڙهائڻ جو شغل جاري رکندو آيو، ان کان پوءِ
شيخ نور محمد چشتي مهاروني جي صحبت اختيار ڪيائين
۽ ان کان طريقت جو علم به ورتائين، مرشد جي
زندگيءَ ۾ پاڻ وڏو بزرگ بڻجي ويو. هن کان ڪيترن ئي
عالمن ۽ مشائخن فيض پرايو.
هي ڀلارو بزرگ وڏو محنتي ۽ عبادت گذار هو. راڳ روپ
۽ وجد سان چاهه گهٽ هيس. تاريخ 8 رجب سن1230هه ۾
وفات ڪري ويو. سندس ڪن عقيدتمندن هن مصرع مان ان
جي تاريخ وفات ڪڍي آهي:
روز هشتم بود از ماهِ رجب(1)
مولانا محمد علي سنڌي
(وفات: 1253هه - 1837ع)
محمد علي سنڌي، تخلص مولوي. انهيءَ بزرگ جو بيان
مولانا سيد صديق حسن خان فارسي شاعرن جي تذڪره
”روز روشن“ ۾ فرمايو آهي، مگر ان ۾ هي ڏيکاريل
ڪونه آهي ته سنڌ جي ڪهڙي شهر جو رهاڪو هو. تذڪره
”روز روشن“ ۾ آهي ته ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪري
ان کان پوءِ پشاور، لاهور ۽ دهليءَ ۾ تحصيل علم
لاءِ سفر ڪندو رهيو. ان کان پوءِ پنجاب جي مشهور
بزرگ خواجه محمد سليمان تونسوي جي بيعت ڪري تصوف
جو خرقو خلافت ڍڪيائين.
آخر مرشد جي حڪم موجب ئي سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ
مکڏ (پنجاب) ۾ ظاهري ۽ باطني فيض ڏيڻ ۾ مشغول ٿيو.
هن جي پرهيزگاري ۽ ڪمال هن حد کي پهتل هو جو 36
سال لڳولڳ عشاءَ جي وضوءَ سان فجر جي نماز ادا ڪئي
هئائين. مکڏ ۾ ئي 29 رمضان شريف سن1253هه ۾ وفات
ڪري ويو ۽ هڪ پورو ”ديوان“ غزليات جو يادگار ڇڏي
ويو. ڪلام ۾ مولوي تخلص ڪندو هو، سندس ڪلام جو
نمونو هي آهي:
شهيد تير آن ترکم که از ابرو کمان دارد
خدنگ از شست آن خوردم که از مزگان سنان دارد
ز چشمِ مست بيمارم چه بيماري فزود آخر
بهر سويش که مي بينم هزاران ڪشتگان دارد
حديثِ حسن يوسف را کجا دانند اخوانش
زليخا را بپرس ازوي که صد شرح و بيان دارد
خوش آن عاشق که از جانان رخ مهر و وفا بيند
ز يارِ خويش حيرانم نه اين دارد نه آن دارد
صبا با آن طبيب عشقِ حالِ مولوي بر گو
که بس عمر يست اين بيمار سر بر آستان دارد
(الوحيد آزاد نمبر)
مولانا الحاج احمد ابن الحاج اسماعيل
هي سنڌي بزرگ هن خطي جو وڏو خطاط ٿو ڏسجي، اسانکي
هن بابت ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪو وڌيڪ احوال نه ٿو ملي،
باقي هن جي هٿ جو لکيل تفسير ”جلالين“ جنهن کي هن
1216هه ۾ لکيو اٿس، اکر به اهڙا اٿس جهڙا موتي.
قرآن شريف ڳاڙهي مس سان، تفسير ڪاري مس سان لکيو
اٿس. هي متبرڪ نسخو اسان کي مولوي عبدالوهاب صاحب
چاچڙ مدرس مدرسہ قاسم العلوم گهوٽڪيءَ واري وٽ نظر
آيو، جو موصوف جي ذاتي ڪتب خاني جو ڪتاب آهي ۽ وٽس
ٻيا به ڪيترائي قلمي شه پارا موجود آهن، جي سندس
جد امجد مولانا نور محمد صاحب چاچڙ جي ڪتابن مان
کيس ورثي ۾ مليا آهن.
مولانا حڪيم محمد جعفر
هيءُ بزرگ عالم ۽ حڪيم ڪراچيءَ جو ويٺل هو ۽ ذات
جو چوڙائي هو. ڪتاب مفيد الخلق طب منظوم سنڌي هن
جي تصنيف آهي. سندس ايترو ئي احوال اسان کي معلوم
ٿي سگهيو آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ لکي ٿو:
هي ڪتاب مفيد الخلق اچي ٿئو تماما
منجهه ماه مبارڪ رمضان جي ايڪيهي تاريخا
روز ايڪيهه پور هئا ٻاويهون شروعا
اچي ات تمام ٿئو هي نسخو سنڌيئا
سن آهي ٻارهن سؤ چوهٺ لکن ٿا
هجرت پڄاڻا نبي جي جو اسان نبي آه
۽ ڪراچي منجهه تمام ٿئو منجهه مسجد چوڙايا
۽ آئون پڻ چوڙائي آهيان چوڙاين وياءُ
مائٽ اڀرا مون سندا آئون پڻ اڀرو ان منجهان
سڪ سيد جي آهه مون اندر دل منجها
هيءُ ڪتاب طب جعفري نالي بمبئي مان قاضي فتح محمد
۽ قاضي عبدالڪريم جن سن1303هه ۾ ڇاپي شايع ڪيو.
مولانا الهڏوايو چاچڙ
مولانا الهڏوايو چاچڙ راڄپور تعلقه اوٻاوڙي جو
مشهور عالم ٿي گذريو آهي، هن جي خاندان مان پشت به
پشت عالم رهندا آيا آهن. هن طرف جا وڏا وڏا عالم
سندن شاگرد آهن. حضرت حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊي
وارا به سندس شاگرد آهن، کانئن تعليم پرايائون،
مولانا علي شير صاحب لکپوري تعلقي اوٻاوڙي وارو
جيڪو مشهور عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي، سو سندن خاص
شاگرد هو ۽ مولوي خدا بخش صاحب ڀٽو عيدن ڀٽي جي
ڳوٺ وارو تعلقو اوٻاوڙو پڻ هن بزرگ جو شاگرد هو.
تيرهين صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪيائين. مولانا
الهڏوايو جو ڀاءُ مولانا قاضي محمد عثمان به وڏو
عالم ٿي گذريو آهي. هي صادق آباد رياست بهاولپور ۾
حڪومت جي طرفان قاضي مقرر ٿيل هئا. جمع جمع تي اتي
وڃي فيصلا نبيري هليا ايندا هئا. هن کي ٻه نياڻيون
هيون، جيڪي وڏيون اهل دل ۽ اهل الله ٿي گذريون
آهن. هڪ بيبي غلام فاطمہ قرآن مجيد جي حافظه هئي،
ڪوٽ جي اندر هڪ مسجد اڏيل هئي. جنهن ۾ ڇوڪرين کي
قرآن پاڪ جو درس ڏيندي هئي ۽ تراويح پڙهائيندي هئي
۽ ساڳي وقت ذڪر جي مجلس به جاري رکندي هئي ۽ اها
مسجد اڃان تائين موجود آهي. ٻي نياڻي بيبي عظمت
نالي هئي، جا وڏي عالم ٿي گذري آهي.
مولانا احمد صاحب قريشي
مولانا احمد صاحب قريشي لوءَ شريف (گهوٽڪي) جو نيڪ
عالم ٿي گذريو آهي، گهوٽڪيءَ ۾ سندس سوٽ جي پوٽي
حافظ احمد صاحب کان اسان کي مولانا احمد بابت هيءَ
حقيقت معلوم ٿي ته اهي اصل ۾ سميجا قوم جا هئا ۽
سارو وقت درس ڏيندا رهيا. درازن ۾ درگاهه تي رهيا
۽ سخي قبول محمد صاحب جن به کانئس تعليم پرائي ۽
اتي ئي فوت ٿيا، سندس قبر به درازن ۾ آهي، جنهن تي
مولانا احمد قريشي لکيل آهي. پاڻ تيرهين صديءَ ۾
فوت ٿيا.
مفتي محمد صاحب ٻيرائي
(ولادت: 1158هه - 1745ع وفات: 1273هه - 1856ع)
مفتي محمد صاحب اتر سنڌ جي ڳوٺ ٻير تعلقه قنبر جا
مشهور مفتي ۽ قاضي ٿي گذريا آهن. هن جو والد
بزرگوار مولانا عبدالله قريشي صديقي پڻ هڪ وڏو اهل
دل عالم ٿي گذريو آهي. مولانا عبدالله اصل ۾
رتيديري تعلقي جا ويٺل هئا، اتي رتوديرو جي گرد و
نواح ۾ هڪ سيد سڳورو گامڻ شاهه نالي وڏو بزرگ هو،
مولانا عبدالله قريشي انهن جو معتقد هو، مولوي
صاحب کي ستر ورهين جي ڄمار کان پوءِ اچي شاديءَ جو
خيال ٿيو، سو سيد گامڻ شاهه کي عرض ڪيائين ته مون
کي مهرباني ڪري شادي ڪرايو. سيد صاحب راضي ٿي ويو
۽ کانئس پڇيائين ته ڪا عورت اوهان کي معلوم هجي ته
انهن جي وارثن کان سڱ گهرون. مولانا عبدالله
وراڻيو ته سائين! ”ممو جي ڳوٺ ۾ هڪ نو مسلم آهي،
جنهن جي ڌي ويٺي آهي، ان کي مون سان شادي ڪرايو.“
نومسلم، سيد صاحب جو مريد ۽ معتقد هو، سيد صاحب ان
وٽ لنگهي ويو ۽ کيس سڄي ماجرا کان واقف ڪيائين، نو
مسلم شيخ جي گهر واريءَ وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي ته اهو
وري ڪهڙو ٿا قهر ڪريو جو ستر ورهين جي ٻڍي کي ويهن
سالن جي ڪنواري ڇوڪريءَ سان ٿا پرڻايو!! سيد صاحب
کيس سمجهايو ته تون ائين ٿي چئين، پر هن اسرار جي
توکي ڪَلَ نه آهي ته هنن ٻنهينءَ مان هڪ اهڙو
خوشبودار گل پيدا ٿيندو، جنهن جي هٻڪار سڄي سنڌ کي
واسي ڇڏيندي. اهو ٻڌي ان ويچاريءَ به کڻي ماٺ ڪئي
۽ مولوي عبدالله صاحب جي ان ڪنواري ڇوڪريءَ سان
شادي ٿي ۽ مولوي صاحب گهر نياڻو ٿي اتي ئي رهي
پيو. ڌڻيءَ جي قدرت سان کيس هڪ فرزند عطا ٿيو،
جنهن جو نالو محمد رکيو ويو. هيءُ ننڍڙو ٻالڪ اڃان
ٻن سالن جو به نه هو ته سندس والد مولانا عبدالله
صاحب گذاري ويو ۽ هنن ننڍي نينگر جي تربيت جو سڄو
بار سندس ماءُ ۽ مامي تي پيو. والده ٻيو نڪاح نه
ڪيو، هن ئي نيڪ سيرت پٽ جي تربيت ڪندي رهي. جڏهن
هو وڏڀرو ٿيو ته کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو،
ابتدائي تعليم ڪٿي پرايائين؟ ان جي سُڌ نه پئجي
سگهي آهي. باقي ابتدائي تعليم کان پوءِ واري تعليم
لاءِ سندس مامو کيس استاد العلماءَ مولانا
عبدالحليم ڪنڊويءَ جي خدمت ۾ روهڙيءَ وٺي ويو، هن
اتي نه رڳو ظاهري علم کان فارغ ٿيڻ سان گڏوگڏ
باطني علم جون مڙئي منزلون به طي ڪري ڇڏيائين.
مولانا محمد روهڙيءَ مان فارغ ٿي ڳوٺ پهتو، اتفاق
اهڙُ ٿيو جو رتيديري تعلقي ۾ اچي ڏڪار منهن ڪڍيو،
جنهن ڪري مولانا محمد جو مامو اتان نڪري ٻيهر
تعلقي قنبر ۾ اچي رهيو. هتي مخدوم محمد عاقل کهڙن
وارن جي جاگير هئي ۽ سندس مريد به هئا، ان سانگي
مخدوم محمد عاقل ٻيهر شهر ۾ آيا. مولانا محمد صاحب
به ساڻن ملڻ آيو، پر عام ماڻهن وانگر هي به اچي
هيٺ ويهي رهيو، سندس علم جي عام ماڻهن ۾ اڃان شهرت
نه ٿي هئي.
مخدوم صاحب هن کي ملا شڪل ڏسي کانئس ڪي سوال ڪيا،
جن جا انهيءَ جواب باصواب ڏنا ۽ پوءِ وري مخدوم
صاحب کان هڪ علمي سوال ڪيائين، مخدوم صاحب ان جو
جواب ڏنو ته وري کانئس ٻيو سوال ڪيائين، ان سوال
کي حل ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب کي ڪتاب ڏسڻو پيو ۽ وري
کانئن ٽيون سوال به ٿيو، جنهن جي جواب لاءِ
فرمايائون ته ڪتاب ڏسي پوءِ ٻڌائينداسون ۽ اهو
ڪتاب ان مهل موجود نه هو، تنهن تي مولانا محمد
هيٺيون فارسي بيت پڙهيو:
علم همان است که در جلد خويش
علم همان نيست که در جلد ميش
مخدوم صاحب اهو ٻڌي اٿيا ۽ مولانا محمد کي اٿاري
کٽ تي سيرانديءَ کان پاڻ سان گڏ ويهاريائون ۽کين
ٻير جو قاضي مقرر ڪيائون. سندن فقهي تحريرن ۽
فيصلن جو هڪ وڏو مجموعو ۽ بياض اڃان تائين سندن
اولاد وٽ موجود آهي، جو ڪتاب مخزن الروايات جي
نالي سان مشهور آهي احقر راقم به ان جي زيارت ڪئي
آهي.
هن ڪتاب بابت مفتي محمد صاحب جي خاندان ۾ هڪ مشهور
روايت آهي ته مفتي صاحب جي گهر کي باهه لڳي هئي،
جنهن ۾ سندس سمورا ڪتاب سڙي ويا هئا، مفتي صاحب جي
والده جا جهور پوڙهي ٿي ويئي هئي، ان کي باهه کان
بچائي ٻاهر ڪڍي آيا ته سندس جهوليءَ ۾ هڪ وڏو ڪتاب
رلهيءَ ۾ ويڙهيل موجود هو، بي بي صاحبه کان ان
ڪتاب بابت پڇا ڪئي ويئي ته چوڻ لڳي ته آئون پنهنجي
پٽ جي هٿن ۾ انهيءَ ڪتاب کي گهڻو ڏسندي هيس، تنهن
ڪري ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيم.
روايت آهي ته مفتي محمد صاحب جا حضرت پير سيد محمد
بقا (وفات 1198هه) سان به عقيدتمندانه لاڳاپا هئا
۽ انهن کان پوءِ سيد محمد راشد روضي ڌڻي ۽ سندن
اولاد سان به آمد و رفت جو رستو جاري رهيو ۽ جڏهن
سن1273هه ۾ مفتي صاحب وفات ڪئي ته پير صاحب پاڳاره
(سيد حزب الله شاهه) ٻير ۾ آيا ۽ مفتي صاحب جي پٽ
مولانا محمد ڪامل سان عذر خواهي ڪيائون. ڳالهه ٿا
ڪن ته مولانا محمد ڪامل ڏهه روپيا نذراني طور پيش
ڪيا ته پير صاحب جن فرمايو ته اوهان سان اسان جو
اهو طريقو نه آهي، ان تي مولانا محمد ڪامل چيو ته
اسان کي به لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي، ان تي پير صاحب جن
رڳو هڪ رپئي وٺڻ جو حڪم ڪيو ۽ باقي رپيا واپس
ڪرايائون. مفتي محمد صاحب، مخدوم عبدالواحد
سيوهاڻي جو معاصر هو ۽ ساڻن تحريري مقابلا به
رهندا هئا. پاڻ وڏي عمر لڌائون هڪ سؤ پندرهن سالن
جي ڄمار ۾ سن1273هه مهيني جمادي الاول ۾ وفات
ڪيائين.
مفتي محمد صاحب کي چار پٽ هئا: (1) محمد ڪامل (2)
عبدالڪريم (3) حافظ محمود (4) احمد. محمد ڪامل
پنهنجي والد وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ وڏو عالم هو، هن
کي ٻه پٽ ٿيا: (1) ميان عبدالله (2) ميان پير
محمد. ميان پير محمد مجذوب هو، باقي ميان عبدالله
گلستان کان وٺي علمي فراغت تائين سمورا ڪتاب
مولانا نور محمد صاحب شهداد ڪوٽيءَ وٽ پڙهيو، ميان
نور محمد صاحب کيس صاحبزادو سڏيندو هو، مولانا
عبدالله صاحب جا علي خان قنبر جي علمي راشدي
خاندان سان گهرا تعلقات هئا. مولانا عبدالله کي هڪ
فرزند نالي محمد عالم ٿيو جو پڻ عالم ۽ نيڪ هو،
مولوي محمد عالم کي به هڪ پٽ نالي مولوي عبدالڪريم
آهي، جو هن وقت سلف جي پيروي ۾ ٻير شهر اندر وڏو
عربي مدرسو قائم ڪري سون علمي پياسن کي پنهنجي فيض
سان مستفيض ڪري رهيو آهي ۽ جامع العلوم هجڻ ۾ سنڌ
جي قديم عالمن جو هڪ نمونو آهي. تعريفات الاشياءَ
کان وٺي فراغت تائين سمورا ڪتاب هن حقير راقم وٽ
پڙهيو آهي. مولوي صاحب موصوف حج به ڪري آيو آهي ۽
ننڍي عمر ۾ حضرت مولانا حمادالله هاليجويءَ کان
باطني فيض پرائي خلافت به هٿ ڪئي اٿس جو ڪيترن
مشتاقن کي ذڪر الاهي ڏسيندو رهي ٿو ۽ سندس مريدن ۽
معتقدن جو حلقو وڌي رهيو آهي. (مولوي عبدالڪريم
ٻير شريف وارا تازو ئي 200 وفات ڪري ويا آهن)
مفتي محمد صاحب جو ٻيو پٽ لاولد فوت ٿي ويو. ٽيون
پٽ حافظ محمود به نيڪ ٿي گذريو آهي. قرآن مجيد جو
حافظ هو. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) ميان يار محمد (2)
ميان فيض محمد. ميان يار محمد صالح انسان هو، دين
جا ڪجهه ابتدائي ڪتاب به پڙهيل هو. ميان يار محمد
کي هڪ پٽ ميان عبدالقادر آهي، جنهن کي پڻ هڪ پٽ
نالي ميان عبدالهادي آهي ۽ ميان عبدالهادي جي پٽ
جو نالو حافظ عبدالستار آهي، جو ٻير جي عربي مدرسي
۾ قرآن مجيد جي حفظ کان پوءِ ڪتاب پڙهي رهيو آهي.
ميان يار محمد وفات ڪري ويا آهن.
ميان فيض محمدکي هڪ پٽ ميان جان محمد آهي ۽ ميان
جان محمد کي به هڪ پٽ نالي حافظ نور محمد آهي جو
ڏاڍو نيڪ ۽ مٿئين مدرسي جي ڪم ۾ ڏاڍو سرگرم آهي.
مفتي محمد صاحب جو چوٿون فرزند ڪيڏانهن نڪري هليو
ويو جو وري واپس نه آيو، روايت آهي ته مفتي صاحب
کانئس ناراض هو. ڳڙهي ياسين جي آس پاس ڪوٽ يوسف ۾
هڪ قريشي صديقي خاندان آهي، جن اندر ميان قادر بخش
قريشي جي اها روايت آهي ته اسين ٻير وارن قريشين
مان آهيون ۽ مفتي محمد صاحب جي چوٿين نمبر پٽ جو
اولاد آهيون. والله اعلم.
مولانا قاضي محمد ابراهيم ميرپوري
(وفات سن1250هه کان پوءِ)
مولانا قاضي محمد ابراهيم، ميرپور رياست قلات جا
مشهور قاضي ٿي گذريا آهن، هن بزرگ جو خاندان اصل ۾
عراق کان هت آيو، سڀ کان اڳ ۾ جيڪو بزرگ سنڌ ۾
پهتو، سو هو شيخ احمد شافعي، هي ڀلارو عالم عراق
جي شهر زبيد جو ويٺل هو، اتي ئي پيدا ٿيو ۽ تربيت
لڌائين، فقهي مذاهب ۾ شافعي المذهب هو ۽ اعتقاد ۾
امام ابوالحسن اشعريءَ جو پوئلڳ هو. مير نصير خان
بروهيءَ جو وڏو ڏاڏو مير عبدالله خان، هن کي عراق
مان هتي سنڌ ۾ وٺي آيو ۽ کيس قلات جو قاضي مقرر
ڪيائين. شيخ احمد شافعي، خان صاحب سان اهو عهد ڪيو
هو ته هو هتي حنفي فقهه موافق فيصلا نبيريندو، اهو
زمانو سن996هه جو هو.
مولانا قاضي محمد ابراهيم به هن ئي بزرگ جي اولاد
مان آهي. قاضي محمد ابراهيم صاحب ڪنهن کان علم
پرايو، ان بابت ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي،
سنڌ جو مشهور استاد مولانا عبدالحريم ڪنڊوي، هن
قاضي صاحب جي اوائلي شاگردن مان آهي.
خانداني روايت آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي شروع
کان ڪافيه ڪتاب تائين، قاضي محمد ابراهيم
ميرپوريءَ وٽ پڙهيو، ان کان پوءِ قاضي صاحب، کيس
لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ آريجا ڳوٺ ۾ مخدوم محمد آريجن
وارن ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪليو، مولانا عبدالحليم
جڏهن اتي پهتو ته مخدوم محمد هن کان ڪافيه ڪتاب جي
ابتدائي اوراقن ۾ ”غير منصرف للضرورة“ وارو مقام
پڇيو، ميان عبدالحليم اها ته تقرير ڪئي جو ان تي
مخدوم صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ روئندي افسوس ظاهر
ڪيائين ته ”آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان، پڙهائڻ جو نه
رهيو آهيان نه ته توکي مان پاڻ پڙهايان ها، هاڻي
آئون توکي پنهنجي شاگرد رشيد مولانا سيد عاقل شاهه
هالاڻي واري ڏانهن سفارشي خط لکي ٿو ڏيان تون ان
ڏانهن پڙهڻ وڃ.“ ميان عبدالحليم اڃان اوڏانهن وڃڻ
لاءِ تيار ٿي رهيو هو ته ان وچ ۾ مخدوم محمد وفات
ڪري ويا ۽ سيد عاقل شاهه استاد جي وفات جو ٻڌي
تعزيت لاءِ آريجن ۾ آيا ۽ جڏهن کين استاد جو
سفارشي خط ڏيکاريو ويو ته ان کي ڏسي ڏاڍو رنا ۽
استاد جي وصيت جو پورو حق ادا ڪندي، ميان
عبدالحليم کي ڳوٺ وٺي ويا ۽ کيس وڏي محنت سان
پڙهائي فارغ ڪيائون. فراغت کان پوءِ مولانا
عبدالحليم پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي جا قاضي مقرر ٿيا ۽ درس
به ڏيندا رهيا.
مولانا قاضي محمد ابراهيم ميرپوريءَ جو اولاد به
سلف جي پيرويءَ ۾ عالم ۽ فاضل ٿيندا آيا آهن. اهو
خاندان اڳتي هلي شهدادڪوٽ ۽ ان جي آسپاس ڳوٺ ڪارڙن
۾ اچي رهيو، هن وقت هن خاندان اندر مولانا قاضي
حڪيم محمد ابراهيم صاحب پڻ پنهنجي پڙڏاڏي قاضي
محمد ابراهيم ميرپوريءَ وانگر هڪ وڏا عالم ۽
زبردست فقيهه ۽ شاعر آهن، حڪمت ته سندن آبائي فن
آهي، هن جو والد بزرگوار مولانا حڪيم قاضي خدا بخش
رحه به وڏو حڪيم ۽ عالم هو. هاڻوڪي قاضي محمد
ابراهيم، سموري تعليم استاد العلماءَ علامہ
عبدالڪريم ڪورائي جن کان حاصل ڪئي ۽ حضرت استاد
علامہ ڪورائي جي پهرين وڏن شاگردن مان آهن.
هن جو نسبي سلسلو قاضي محمد ابراهيم ميرپوريءَ سان
هن طرح پهچي ٿو: مولانا حڪيم قاضي محمد ابراهيم
ابن مولانا الحاج حڪيم قاضي خدا بخش ابن قاضي محمد
ابراهيم ابن قاضي محمد ابن مولانا قاضي محمد
ابراهيم ميرپوري. قاضي محمد ابراهيم صاحب جي تاريخ
وفات صحيح طور معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر خانداني
روايتن موافق 1250هه کان پوءِ وفات ڪئي اٿن.(1)
مفتي احمد ڀاڳ وارا
مفتي احمد ڀاڳ ناڙي وارا تيرهين صدي هجريءَ جا وڏا
فقيهه عالم ٿي گذريا آهن. ذات جا شيخ هئا. فتويٰ
جي ڪم سان گڏ تعليم به گهڻي ڏنائون. مولانا محمد
حيات سندس ڀائيٽيو به وٽن پڙهيو. سنڌ جو هڪ ٻيو
نامور عالم مولانا نبي بخش ڪلاچي پڻ مفتي احمد
صاحب جو شاگرد هو. شرح جامي وٽن پڙهيو. مولوي
عزيزالله مفتي احمد صاحب ڀاڳ وارن جو پوٽو هو ۽ هن
دارالعلوم ديوبند مان سند فراغت لڌي. مولوي
عزيزالله به رحلت فرمائي ويو آهي. مفتي احمد صاحب
جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي.
آخوند محمد قاسم ابن آخوند محمود هالائي
(وفات: 1248هه)
آخوند محمد قاسم ابن آخوند محمد هالائي، هالن جي
سانوڻي خاندان جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
هن جو به تخلص ”قاسم“ هو، ان ڪري ڪن عالمن محمد
قاسم ابن محمود ۽ آخوند محمد قاسم ابن نعمت الله
کي هڪ سمجهيو آهي، هوڏانهن آخوند محمد قاسم بن
آخوند محمد هالائي پنجاه سال اڳ ٿي چڪو آهي. هن
تعليم پنهنجي والد کان پرائي. سندس والد نصرپور ۾
مدرس هو ۽ جيد عالم هو ۽ اتي ئي درس ڏيندو رهيو.
سندس وفات به نصرپور ۾ 1172هه ۾ ٿي ۽ نصرپور ۾ ئي
دفن ٿيو.
آخوند محمد قاسم والد جي وفات کان پوءِ ان مدرسي ۾
ئي پڙهائي جو شغل جاري رکندو آيو، اتان پوءِ ٽنڊي
ڄام ۾ اچي رهيو، اتي به پڙهائي جو ڪم ڪندو هو.
آخوند محمد قاسم کي ٻه پٽ هئا، هڪ محمد حيات ٻيو
محمود. محمود جي ولادت جي تاريخ هن طرح لکي اٿس:
تاريخ تولدش خرد گفت - ”محمود“ زهي ببخت
محمود
1222هه
محمد حيات بابت هن طرح فرمائي رهيو آهي:
حرمت پير من شہ بغداد
باد فرزند من صلاح نشان
باد عمرش دراز از فضلش
همچو گل، دائما بود خندان
به ”محمد حيات“ يا ربي
دولت بيکران کني ارزان
صالحِ وقت باد نيکوکار
برسرِ راه مستقيم روان
هن بزرگ شاعر جو هڪ ديوان به آهي، جو حيدرآباد جي
مير صاحبن جي ڪتابن ۾ موجود آهي، هڪ جاءِ تي هاله
ڪنڊيءَ جي هن طرح وصف ڪري رهيو آهي:
شيرين خوشگواره، هست آب هاله کندي،
يادم دهدز کوثر کولاب هاله کندي.
هر باغ باغ رضوان، شريک درخت طوبيٰ،
باشدي دري ز جنت، هر باب هاله کندي.
يا رب دعائي ”قاسم“ کن مستجاب هر دم
باشند خوش هميشه، اصحاب هاله کندي.
(حاشيه تڪملہ مقالات ص475)
حافظ غلام محمد سانوڻي هالائي
(وفات: 1298هه - 1881ع)
حافظ غلام محمد هالن جي سانوڻي آخوندن جي مشهور
شاعر ۽ عالم آخوند احمد سانوڻيءَ جو پٽ آهي، جو
پنهنجي پيءُ کان اڳ جوانيءَ جي حالت ۾ عالم
جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪري ويو. هي عربي ۽ فارسي جو
وڏو ڄاڻو هو. شعر سان گڏ نثر نويسيءَ ۾ ته کيس وڏي
مهارت حاصل هئي. وڏو فصيح ۽ بليغ اديب هو. آخوند
محمد قاسم بن نعمت الله قريشي هالائي هن جي وفات
تي عربيءَ ۾ مرثيو چيو آهي. جنهن جي آخري مصرع
”محمد قاسم جناب مثواه“ مان تاريخ وفات ڪڍي آهي.
اهو عربي ڪلام مير خليل تڪملہ مقالات ۾ ذڪر ڪيو
آهي.(1)
آخوند محمد قاسم هالائي
(ولادت: 1221هه - 1806ع وفات: 1298هه - 1881ع)
آخوند محمد قاسم بن نعمت الله قريشي هالائي هن جي
ولادت سن1201هه ۾ ٿي. هالن ۾ ئي تعليم ورتائين،
علم جو اڪابر، عربي، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، انهن
ٻنهين ٻولين ۽ اردو ۾ شعر چوندو هو ۽ سنڌي جو عمدو
شاعر هو، سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ديوان جي شڪل ۾
موجود آهي. قصيدي گوئي جو ته ڪوڏيو هو. آخوند صاحب
پنهنجي شروعاتي دور ۾ انگريزي حڪومت جو منشي هو،
اڳتي هلي ان کي ڇڏي مير مراد علي خان ٽالپر والي
خيرپور جي درٻارين ۾ داخل ٿيو، اهڙيءَ طرح مير حسن
علي خان ٽالپر (حيدرآباد) جي درٻارين ۾ به هو. کيس
ٻنهين ميرن صاحبن کان پگهار ملندي هئي. آخوند صاحب
سن1298هه مطابق 18 جنوري 1881ع ۾ پنهنجي ڳوٺ هالن
۾ وفات ڪري ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. آخوند محمد قاسم
جو سنڌي ديوان، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي محسن ۽ اديب
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي مقدمي سان سال
1875ع ۾ ڇپيو آهي. آخوند صاحب جا اشعار سنڌ جي
جهوني فارسي اخبار مفرح القلوب ۾ به ڇپندا هئا. جن
جو انتخاب سيد حسام الدين راشدي صاحب تڪملہ مقالات
جي حواشيءَ ۾ ڏنو آهي.
آخوند اميد علي ”سها“ هالائي
آخوند اميد علي، تخلص ”سها“ پٽ حاجي عبدالله پٽ
حافظ نور محمد سانوڻي هالائي، خواجه عبدالقيوم
مجددي نقشبنديءَ جو مريد هو، وقت جو نهايت عمدو
شاعر هو، ماده تاريخ ۽ معما ۾ وڏي ڪمال وارو هو.
خوش نويس ۽ خطاط به هڪ هو. مير خليل ٺٽوي هن جي
خوش نويسيءَ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. مير حسين علي
خان ٽالپر ”حسينيءَ“ جو ملازم هو. آخوند سها، علم
۽ عمليات جو وڏو ماهر هو. قصيده برده جو شرح ۽
ترجمو نثر ۽ نظم ٻنهين ۾ ڪيو اٿس. هر هڪ شعر جو هڪ
شعر ۾ منظوم ترجمو ۽ وري هر هڪ مصرع جو جدا جدا
شعر ۾ ترجمو ڪيل آهي، مثال طور: قصيده برده جو
هيٺيون عربي شعر ۽ ان جو ترجمو ملاحظه ڪندا:
فما لعينيک ان قلت اکفا همتا
وما لقلبک ان قلت استفق بهم
ترجمو هڪ شعر ۾:
چيست پس چشمانت را گريند گر گوئي بيان
ور همي گوئي دلت را هوش کن گدد يهم (پريشان)
ان کان سواءِ هڪ ”ديوان“، ”انشاءَ“، ”سفر نامه
ڪلڪته“ ۽ ”ملفوظات“ به سندس تصنيف آهي. ملفوظات جي
تاليف ۾ مير خليل ٺٽوي به سندس مدد ڪئي آهي، جنهن
جو بيان تڪملہ مقالات ۾ آيو آهي. سندس ڪلام جو
ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
خداوند دلم را زندگي ده |
- |
بکار نيکوئي فرخندگي ده |
زبانم را بذکر خويش بکشائ |
- |
بکامم شکر شکرانه بفرسائ |
شب نوميديم را صبح گردان |
- |
بفيروزي چو خورشيد در خشان |
گل بزمرده از باد خزاني |
- |
بخند آن از نسيم جاوداني |
آخوند اميد علي ”سها“ اڱاري ڏينهن 15 ربيع الاول
سن1298هه ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.
آخوند احمد هالائي، آخوند ”سها“ جي وفات تي قطعه
وفات لکيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو:
(1) فرقت ياران جهان، داغ دهد بردلي
نيست کسي را گذاره خواه نبي و ولي
(2) عابد و ساجد نام، جاهد عقبيٰ مدام
خاص باخلاص حق اسم اميد علي
(3) بس دل او نقش بست، شاه قيوم از الست،
بود ز خيل کرام شيخ مجدد ولي
(4) مهک اجل چون رسيد، گوش دل او شنيد
فادخلوا جنات عدن شارب جام علي
1298هه
ماه ربيع الاول پانزدهم يوم ثلاث
بود هزار و دو صد و نود هشت
سال وصالش بگوش گفت با حمد سروش
عابد و حافظ ولي و اي اميد علي
1298هه
|