سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :36

 

مخدوم محمد معين ٺٽوي

هن بزرگ عالم ۽ پنهنجي وقت جي عظيم محقق جي سوانح حيات، علم ۽ عقائد تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي.ا سان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي لائبريريءَ ۾ هن محقق عالم جو هڪ لکيل رسالو نالي ”ايقاظ الوسنان في بطلان الکفاة لاهل بيت الرضوان“ نظر مان گذريو. هن رسالي جي مقدمي ۾ مخدوم محمد معين رح پيغمبر عليہ السلام جي چئن بزرگن ۽ اسلام جي عادل خليفن جي هن طرح ترتيب سان تعريف فرمائي رهيو آهي:

واصحابک الغر باق فضلهم ابدا- وفضل امتک الباقون لم يزل صديق امتک الزهراءَ، ثم ابو حفص- وعثمان ذوالنورين، ثم علي و اهل بيتک.

انهيءَ رسالي ۾ مخدوم صاحب اهو فقهي مسئلو ڇيڙيو آهي ته نڪاح جي معاملي ۾ اهل بيت جو ڪو ٻيو ڪفو نه ٿو ٿي سگهي.

مخدوم محمد عثمان متعلوي:

مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارو پنهنجي وقت جو وڏو محدث ۽ فقهه عالم ٿي گذريو آهي. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي ۽ مخدوم ابراهيم ٺٽويءَ سان هن بزرگ جا تحريري مناظرا به ٿيندا رهيا، ان دور ۾ کوسه بلوچن جي سنڌ جي ڀر واري رياست جوڌپور ۾ لٽ مار ڪرڻ ۽ اتي جي عورتن کي زوري کڻي اچڻ ۽ غلام بنائڻ بابت وقت جي عالمن ۾ انهيءَ مسئلي ڪري وڏو تحريري طوفان کڙو ٿي ويو، هڪ پاسي هو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جن جو پوٽو مخدوم ابراهيم ٺٽوي ته ٻئي پاسي هو مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارو- مخدوم عثمان کوسن جي انهيءَ فعل کي شريعت ۾ حرام ۽ ناجائز ٿي سڏيو ۽ انهن عورتن کي ٻانهي بنائي انهن جي ويجهو وڃڻ کي حرام ٿي سڏيو، پر ٻئي پاسي مخدوم ابراهيم ٺٽوي انهن کي حربي سڏي ڦر مار کي نه رڳو جائز پر جهاد سڏي رهيو هو.

مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي هن بابت عربي ۾ هڪ فقهي رسالو لکيو، جنهن جو نالو آهي ”دمام المغنم“ هن رسالي جي شروع ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ لکي ٿو ته مون کان اهو سوال پڇيو ويو ته کوسه بلوچ ۽ انهن جا سنگتي جوڌپور ۽ ان جي آس پاس وارن ماڻهن جو مال ملڪيت ڦر ڪن ٿا ۽ انهن تي اوچتو حملو ڪري مردن کي قتل ۽ عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪري سنڌ ڏانهن آڻين ٿا ۽ مال، ملڪيت به ڦري آڻين ٿا. ڇا اهو انهن لاءِ مباح آهي يا نه ۽ اهڙين عورتن جي ويجهو وڃڻ انهن لاءِ جائز ٿي سگهي ٿو؟ ۽ انهن جي اولاد کي غلام بنائي سگهجي ٿو ۽ انهن جو مال پنهنجي ملڪ دارالاسلام (سنڌ) ۾ آڻي قبضو ڪري سگهجي ٿو؟ مخدوم ابراهيم ٺٽوي فرمائي ٿو ته انهن سڀني سوالن جو مون هاڪاري ۾ جواب ڏنو ۽ انهن جي سوالن جي جواب ۾ قلم هلايم ۽ ان رسالي جو نالو ”دمام المغنم“ رکيم. هن جو ابجد جي حساب سان 1209هه ساڪ نڪري ٿو.

اي عثمان! تنهنجا ڪافر ۽ مسلمان ابا، ڏاڏا هڪ هڪ ڪري اٿي ويا ۽ تون به نه رهندين.

هيءَ دنيا فاني آهي، ان مان چکندين ته مرندين، جيڪي هتي توکي پاڪ صاف ۽ مٺو ملي، ان کي وٺ!

نبي صلي الله عليہ وسلم جي تابعداريءَ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ شيرين نه آهي. اخلاص ۽ محبت سان تون صاف ٿيندين!

اهڙيءَ طرح هڪ وڏو قصيدو آهي، جو اسان کي پنهنجي محب صميم مولانا فتح الرسول نظاماڻي کان مليو. رڳو ڪن بيتن تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي.

مولانا علامه گل محمد شهداد ڪوٽي

مولانا الحاج الحافظ گل محمد صاحب رح شهدادڪوٽي جي تعليمي برڪت سان ساري سنڌي ۾ علم پکڙجي ويو. هن ملڪ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه هو، جتي سندن ڪو شاگرد يا شاگرد جو شاگرد نه هجي. استادي روايت آهي ته کانئن 486 عالم پڙهي فارغ ٿي نڪتا، جيڪي سڀ پنهنجي وقت جا وڏا مدرس ۽ علامه هئا، سندن شاگردن مان مولانا الحاج غلام صديق شهدادڪوٽي جو سندن ننڍو ڀاءُ هو، تنهن وڏي شهرت حاصل ڪئي. مولانا غلام صديق رح جو ذهن و ذڪاءَ بيمثال هو. استادي روايت آهي ته جنهن زماني ۾ هو پنهنجي ڀاءُ وٽ حاشيه عبدالغفور پڙهندو هو ته اڃان ننڍو هو ۽ ٻارن سان راند ڪندو هو ۽ کيس وڏو ڀاءُ راند مان وٺي اچي سبق پڙهائيندو هو. استاد وٽ حاشيه عبدالغفور سان گڏ حاشيه مدقق جون تقريرون ٻڌي، اتي جو اتي دهرائي ويندو هو. مولانا غلام صديق رح وٽان 23 عالم فارغ تحصيل ٿي نڪتا، جن مان هر هڪ وقت جو علامه هو. هن حقير جي والد به مولانا غلام صديق جن وٽ قرآن حفظ ڪيو ۽ ٻي تعليم پرائي.

مولانا گل محمد صاحب جن پنهنجي والد بزرگوار مولانا نور محمد صاحب رح جن وٽ پڙهيا، مولانا نور محمد صاحب پنهنجي وقت جا علامه ۽ استاد العلماءَ ليکيا ويندا هئا، وٽن 52 عالم فارغ ٿي نڪتا. مولانا نور محمد صاحب سموري تعليم مولانا حافظ عبدالحليم ڪنڊوي (روهڙي وارن) وٽ حاصل ڪئي. علامه عبدالحليم ڪنڊوي سموري زندگي مجرد رهيا ۽ سڄي ڄمار تدريس جو شغل جاري رکيائون. سندن سوين شاگرد هئا، جن مان خليفه محمد يعقوب همايوني (مولانا مفتي عبدالغفور همايوني جو والد) ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي وڏي شهرت جا مالڪ هئا.

مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ٻن استادن کان پڙهيو، هڪ مولانا نور محمد ڀاڳ ناڙي وارا، ٻيو مولانا سيد محمد عاقل حسيني هالاڻي وارا. مولانا سيد محمد عاقل شاه، مولانا مخدوم محمد آريجي جا شاگرد هئا. مولانا محمد شهر آريجه تعلقه ڏوڪري جا ويٺل هئا ۽ اڄ تائين اتي سندن مزار زيارت گاهه خلائق آهي.

مولانا محمد آريجا وري مولانا محمد دائود آگره کان پڙهيا ۽ اهي مولانا قل احمد جا شاگرد هئا، مولانا قل احمد پنهنجي والد مولانا عبدالله لبيب وٽ پڙهيو ۽ مولانا عبدالله لبيب پنهنجي والد علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ کان پڙهيو. علامه سيالڪوٽي حديث ۾ شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ قدس الله اسرارهم جا شاگرد هئا.

شيخ سيد صبغت الله سنڌي

مولانا عبدالحي صاحب لکنوي ڪتاب طرب الاماثل ۾ شيخ احمد بن علي بن عبدالقدوس شناوي مصريءَ جي ترجمي هيٺ سيد صبغت الله سنڌي (مدني) جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته شناوي مصري مصر ۾ شيخ رملي کان پڙهيو ۽ مديني ۾ سيد صبغت الله سنڌي وٽ پڙهيو، اهو سنڌي بزرگ ڏهين صدي هجريءَ جو ٿي گذريو آهي. علامه شناوي سن1028هه ۾ وفات ڪئي.

علامه رحمت الله سنڌي

طرب الاماثل ڪتاب ۾ مولانا عبدالحي صاحب لکنوي لکي ٿو ته علامه رحمت الله بن عبدالله فقيہ سنڌي حنفي نزيل مدينہ منوره، مڪي مڪرمہ ۾ سن990هه ۾ فوت ٿيو، هو عامل عالمن ۽ الله جي صالح ٻانهن مان هو. ڪن فاضلن ابجد جي حساب موجب ان جو ماده تاريخ وفات هن مان ڪڍيو آهي: ”فجاءَ رحمت الله قد نال مراده“ هن ۾ ٻن جو عدد وڌي ويو آهي، جو هن فن وارا ان کي برداشت ڪندا آهن، خاص طرح جڏهن اها تاريخ مقام جي مناسب هوندي آهي.

طرب الاماثل ۾ 220 ۾ اهو احوال النور السافر في اخبار القرن العاشر تان ورتل آهي.

ڪي نادر قلمي ڪتاب

اٽڪل چار سال ٿيا ته ڳڙهي ياسين ۾ فقيهه سنڌ مولانا حافظ محمد ابراهيم جن جي علمي ڪتب خاني ڏسڻ لاءِ وڃڻ ٿيو هو، مولانا محمد ابراهيم صاحب پاڻ ته بستري ۾ داخل هئا، سندن ڀاڻيجي مولانا نجم الدين صاحب مهرباني فرمائي، ڪتابن جي کلي دل سان زيارت ڪرائي، هيٺيان نادر قلمي ڪتاب نظر مان ڪڍيم:

تصانيف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

(1) جنة النعيم في فضائل القرآن العظيم

(2) شد النطاق فيما يلحق من الطلاق

(3) کشف الغطاءِ عما يحل و يحرم من النوح والبکاءِ

(4) تمام العناية في الفرق بين الطلاق والکناية

(5) رفع النصب لتکثيرات التشهدات في المغرب

(6) التحفة المرغوبة في عدم کراهة الدعاءِ بعد المکتوبة

(7) حلاوة الفم بذکر جوامع الکلم

(8) فرائض الاسلام

(9) وسيلة الفقير بشرح اسماءَ الرسول

(10) فتح الکلام في کيفية اسقاط الصلواة والصيام

(11) رشف الزلال بتحقيق في الزوال

(12) تحفة الاخوان في منع شرب الدخان

(13) نفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة

(14) فيض الغني في تقدير صاع النبي

(15) وسيلة الغريب الي جناب الحبيب

(16) بياض هاشمي ضخيم ٻن جلدن ۾

(17) القصائد العربية.

هنن ڪتابن کان سواءِ اتي بياض واحدي ڪامل تاليف نعمان ثاني مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، جو به عمدو نسخو موجود هو. هڪ رسالو علامه محمد عابد سنڌي جو نالي منال الرجاءِ في شروط الاستنجاءِ موجود هو. فقهه جي مشهور ڪتاب عمدة الاحڪام جي نهايت مصحح ۽ قلمي نسخي جي به زيارت ڪيم، هن ڪتاب ۾ مفتي ۽ افتاءَ بابت نهايت ضروري اصول لکيا ويا آهن.

مجموعہ الفتاوي لعلماءِ السند

جهڙي طرح فتاويٰ عالمگيري کي ڪن عالمن گڏجي لکيو ۽ عهد عالمگيريءَ جو اهو قانون شريعت جو وڏو ڪتاب هو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ اهڙو ڪتاب لکيو ويو، جنهن جو نالو ”سنڌي عالمن جي فتوائن جو مجموعو“ فتاويٰ عالمگيريءَ جي لکڻ تي سلطان عالمگير اورنگزيب هزارين روپيا خرچ ڪيا، باقي مجموعہ الفتاويٰ هن طرح لکي ويئي جو هن تي سواءِ لئي جي ٻيو ڪجهه به خرچ نه آيو، جنهن جي هيءَ صورت هئي جو موري جي هڪ عالم وٽ سنڌي عالمن جون فتوائون تقريظن، تصحيحن ۽ مهرن سميت موجود هيون. اهو بزرگ ڇا ڪندو ويو جو اصلي تحريرن کي هر باب ۾ ان جي مناسب رکي لئي سان صفحو بنائيندو، ملائيندو ويو. ايستائين جو اهو ڪتاب ٻن ضخيم جلدن ۾ تيار ٿي ويو، جنهن ۾ سون سنڌي عالمن جون اصلي شڪل ۾ تحريرون ۽ سندن جون مهرون موجود آهن، اسان کي ان ۾ سرسري نظر سان هيٺين سنڌي عالمن جا نالا رڳو هڪ صفحي 3 تي مليا:

(1) قاضي محمد اڪرم نصرپوري (2) مخدوم احمد نوشهرائي (3) مخدوم احمد بختيارپوري (4) مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي (5) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (6) مخدوم دائود (7) مخدوم محمد خلف مخدوم احمد (8) مخدوم سائيڏنه (9) سليمان (10) محمد صادق (11) محمد عارف سيوهاڻي (12) محمد ڪامل (13) دين محمد (14) محمد باقي (15) محمد اريس (16) مخدوم محمدي (17) قاضي لقمان (18) محمد افضل (19) فتح محمد (20) ابوالمعالي (21) محب السبطين محمد حسن (22) محمد شجاع (23) عبدالڪريم (24) قاضي موليڏنه خيرپوري.

تذڪره سيد محمد مڪي

اهو تذڪره دوست مڪرم پروفيسر اياز حسين صاحب قادريءَ جي علمي لائبريريءَ ۾ ڏٺو هوم، جو نهايت قديم نسخو هو. قادري صاحب منهنجي مشوري سان اهو ڪتاب ۽ ڪجهه ٻيا قلمي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنا. هن تذڪري ۾ جيڪي عنوان آيل آهن، انهن کي سرسري طور ڊائريءَ ۾ نقل ڪيو ويو هو، جي هي آهن:

(ترجمه) پهريون نسخو امير المؤمنين سيد محمد مڪيءَ ولد امير السادات سيد الموحدين سيد مير محمد شجاع جي سنڌ ۾ تشريف آوريءَ ۽ بکر ۾ سڪونت ڪرڻ.

(2) شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي بغداد ۾ مٽن مائٽن بابت سوال جي جواب جي حقيقت ۽ امير جو مديني منوره ڏانهن روانو ٿ يڻ ۽ صحيح جواب هٿ ڪرڻ.

(3) سيد صدر الدين جو سيد امير محمد مڪيءَ جي وڏي ڀاءُ سيد احمد ولد سيد محمد شجاع جي گهران رشتو ڪرڻ.

(4) سيد صدر الدين جو سنڌ ۾ سيد علي لڪعلويءَ گهران ٻيو رشتو. حقيقت هن بيان ۾ ته قلعي بکر جو اهو نالو بکر ڇو رکيو ويو. حقيقت، سيد مڪيءَ جي 691هه ۾ رحلت ڪرڻ بابت.

(5) سيد صاحب جا ساٿي ۽ ٻيا جن سندن هٿ تي اسلام آڻدو، تن هن قلعي بکر جي اتر ۾ شکر نالي شهر آباد ڪيو هو، ان جو بيان.

(6) عليواهڻ جو اهو نالو عليواهڻ ڇو پيو؟

(7) سلطان علاءَ الدين خلجيءَ جو بادشاهه ٿيڻ ۽ انهن ڏينهن ۾ سلطان العارفين سيد صدر الدين محمد حال حيات هئا.

(8) سلطان علاءَ الدين 717هه ۾ فوت ٿيو ۽ انهن ڏينهن ۾ سيد تاج الدين محمد جيئرا هئا.

(9) حقيقت هن باري ۾ ته نصرت خان سندن نياڻيءَ جو نڪاح مخدوم سيد بدر الدين محمد سان ڪري ڏنو.

(10) قلعي بکر جي ٺهرائڻ جي حقيقت.ن سومرن انهيءَ سن ۾ قلعي کي درست ڪيو.

(11) سيد بدر الدين محمد جو ناراض ٿيڻ ۽ ملتان ڏانهن منهن ڪرڻ، عليواهڻ مان ڍل وصول ڪرڻ ڪري.

(12) سيد جلال جي بکر ۾ پهچڻ جي حقيقت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com