هن ڪتب خاني جي خطي ۽ قلمي ڪتابن مان سنن ترمذيءَ جو هڪ نسخو
صاحبدل ۽ عالم، سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪتب
خاني ۾ موجود آهي، هن نسخي جي اها خصوصيت آهي جو
اهو ڪعبة الله جي حرم ۾ لکيو ويو هو ۽ ان تي ڪيترن
عالمن طرفان قراءَت جون سندون ۽ اجازت ناما لکيل
آهن. شاهه فقيرالله جو سنڌ ۾ وڏن معتقدن مان (روضي
ڌڻي) سيد محمد راشد بن سيد محمد بقا (1170-1233هه)
به هو. ڳالهه ٿا ڪن ته روضي ڌڻيءَ جو اولاد به هن
بزرگ ۾ وڏو اعتقاد رکندو هو. جڏهن حاجي صاحب جي
ڪتب خاني مان صحيح بخاريءَ جو هڪ نسخو پير ڳوٺ
آندو ويو، تڏهن حضرت پير سيد صبغت الله شاهه،
پنهنجي هزارن معتقدن سان هن مبارڪ ڪتاب جي استقبال
لاءِ اٿي آيو. مولانا مير علي نواز علوي، جنهن جي
ڏينهن ۾ شڪارپور جي علويہ لائبريري اوج تي پهتي،
هڪ نهايت حاذق حڪيم ۽ جيد عالم هو، سندس عربي يا
فارسي تحرير ۾ بيحد رواني آهي، هو عربي، فارسي ۽
سنڌي جو چڱو شاعر به هو، اهوئي سبب آهي جو دنيوي
ڪاروبار جي خيال کان جيتوڻيڪ هو هڪ وڏو سياسي
ماڻهو هو، پر تڏهن به هن علمي مذاق ۽ علمي مسائل
جي جستجو ۽ جاکوڙ کي هٿان نه ڇڏيو ۽ سندس ئي وقت ۾
سوين نادر ڪتاب ڪٺا ٿيا، جن جي ڏسڻ لاءِڏورانهن
ڏيهن کان عالم ايندا هئا، پر هن خاندان جو اهو
علمي اوج مولانا مير علي نواز تي ئي ختم ٿيو. اڳتي
هلي مشرقي علمن جو رواج ۽ مذاق گهٽجي ويو. ۽ اُهي
موتين جهڙا مہ پارا ڪتاب ڪجهه ته همايون ڳوٺ پهتا
۽ ڪجهه وري ڳڙهي ياسين جي علمي ڪتاب خاني ڏانهن
منتقل ٿي ويا ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته اڃان به
اُتي شڪارپور ۾ علوي خاندان وٽ ڪافي ڪتاب موجود
آهن، جي پيتين ۾ مقفل رهي زبان حال سان علمي ڪساد
بازاريءَ تي ارمان جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب خاني جي ڪتابن بابت اسان کي تفصيلي ڄاڻ نه ٿي
آهي ته ڪل ڪيترا ڪتاب هئا ۽ ڪهڙن فنن ۾ هئا يا
ڇپايل ڪتاب ڪيترا هئا ۽ قلمي ڪيترا هئا، مگر اسان
کي مولانا مير علي نواز صاحب (رح) جي پنهنجي
تحريرن مان هن ڪتاب خاني ۾، جن نادر ڪتابن جي
موجودگيءَ بابت ڄاڻ ٿي آهي، هتي رڳو انهن جو تذڪرو
ڪريون ٿا.
افانستان ۾ فقہ حنفيءَ جو نهايت زور رهيو آهي. ”خلاصہ ڪيداني“
فقہ جو هڪ مختصر ۽ غير معتبر ڪتاب آهي، جنهن ۾
نماز جي مسئلن ۾ لکيو ويو آهي ته ”التحيات“ ۾ هيءُ
جو آڱر سان اشارو ڪيو ويندو آهي سو نه ڪيو وڃي،
انهيءَ مسئلي تي افغانستان ۾ ڏاڍو زور رهيو آهي.
ڪنهن دور ۾ ته ائين به هو ته جيڪو اشارو ڪندو هو،
تنهن کي سخت سزا ڏني ويندي هئي. ويتر جو امام
رباني مجدد الف ثانيءَ جهڙو ولي ۽ عالم به اشاري
خلاف لکي ويو، تنهن ته انهن کي هٿي ڏيئي ڇڏي.
پٺاڻ، امام رباني جا ڏاڍا معتقد رهيا آهن، ڇوته
امام رباني به اصل ۾ ڪابلي آهي، پر جڏهن ته اهو
مسئلو حنفي فقہ جي ظاهر روايت وارن ڪتابن ۾
جيتوڻيڪ نه آيو آهي، مگر امام ابو حنيفہ جي شاگرد
امام محمد بن حسن پنهنجي ڪتاب مؤطا ۾ التحيات ۾
اشاري کي حديث سان ثابت ڪندي لکيو آهي ته اهوئي
امام ابو حنيفہ جو قول آهي، تڏهن اڪثر حنفين
انهيءَ قول تي فتويٰ ڏني آهي ۽ انهن جو عمل به
انهيءَ تي رهيو آهي.
مولانا مير علي نواز شڪارپوري انهيءَ مسئلي بابت هڪ ضخيم ڪتاب
”البشارة لاهل الاشارة“ نالي تصنيف فرمايو آهي،
جنهن ۾ ظاهري طرح ته اشاري جي مسئلي کي عالمانہ
تحقيق سان ثابت ڪيو اٿس، پر ايڏي تصنيف مان سندس
مقصد آهي رڳو تحقيق ۽ تدقيق جي ميدان ۾ وسيع
معلومات ۽ قوت تحرير جو مظاهرو ڪري، هن کان اڳ هن
مسئلي بابت ٿيل تحقيقن کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي پوئتي ڦٽو
ڪرڻ ۽ تحقيق، سندس قلم اها جولاني ڏيکاري جو اڄ
تائين انهيءَ مسئلي ۾ ان جو نظير نٿو ملي. فاضل
مصنف ڪتاب کي هڪ مقدمہ، ٻن بابن ۽ ٽن فصلن ۾
ورهايو آهي. مقدمي ۾ عمل بالحديث بابت تفصيلي بحث
ٿيل آهي. پهرئين باب ۾ 3 فصل رکي، پهرئين فصل ۾
اُهي حديثون آنديون اٿس، جيڪي آنحضرت صلي الله
عليہ وسلم کان اشاري بابت ثابت آهن، ٻئي فصل ۾
صحابين جا اثر آندا اٿس ۽ ٽئين فصل ۾ تابعي يا
انهن جي ويجهو جيڪي عالم ٿي گذريا آهن، تن جا رايا
۽ اقوال لکيا اٿس. ٻئي باب ۾ انهن فقهي روايتن جي
اپٽار ڪئي اٿس، جن ۾ اشاري ڪرڻ جو ثبوت ملي ٿو.
خاتمي ۾ انهن عالمن جا دليل آندا اٿس، جيڪي اشاري
ڪرڻ لاءِ روڪين ٿا ۽ انهن جي دليلن جا جواب به
بيان ڪيا اٿس. ڪتاب 346 صفحن ۾
20x30=8
سائيز تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ هزارن ڪتابن جا حوالا
موجود آهن. جيئن ته وٽس شهره آفاق لائبريري هئي،
تنهن ڪري مير علي نواز (رح) جو اهوئي دستور هوندو
هو ته جڏهن ڪنهن به مسئلي بابت هو تحقيق فرمائيندو
هو ته اڪيچار عالمن جون تحقيقون ۽ هزارن ڪتابن جا
حوالا پيش ڪندو هو. هن مان اوهان کي، ان جي تحقيق
جو اندازو ٿيندو، جو انهيءَ ڪتاب ۾ ملا علي قاري،
نواب صديق حسن خان ڀوپاليءَ تي پڻ چوٽون ڪيون اٿس
۽ سنڌ جو وڏو محقق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس
تنقيد کان بچي نه سگهيو آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ ان
دور جي هيٺين سنڌي محقق عالمن جون ڪتاب بابت
تقريظون موجود آهن:
مولانا عبدالغفور همايوني، استاذ العلماءَ مولانا غلام صديق
شهدادڪوٽي، مولانا محمد هاشم ياسيني ۽ سندس محقق
فرزند مولانا محمد قاسم ياسيني، مولوي محمد عاقل
عاقلي، مخدوم عطا محمد کهڙن وارو، مولانا الهه
جوايو، مولانا حسن الله پاٽائي، مولوي قاضي بهادر
علي شاهه شڪارپوري ۽ مولوي محمد صديق شڪارپوري.
مولانا مير علي نواز (رح) پنهنجي مٿئين ڪتاب ۾ انهن ڪتابن جا
حوالا آندا آهن، جيڪي انهيءَ مسئلي سان تعلق رکن
ٿا ۽ اهي ڪتاب وٽس موجود هئا. هتي انهيءَ علمي
لائبريريءَ جي اندازي لڳائڻ لاءِ انهن ڪتابن مان
نموني طور ڪجهه بيان ڪجن ٿا:
مصنف عبدالرزاق
مصنف ابو يعلي
سنن بيهقي
مصنف ابن ابي شيبة
مسند امام احمد
مرقاة المفاتيح (ملا علي قاري)
الدارمي
شرح المشڪواة (طيبي)
شرح المشڪواة (توربشتي)
ڪتاب الصلواة (سفيان بن عيينہ)
سنن سعيد بن منصور
سنن صغري (نسائي)
صحيح ابن خزيمہ
صحيح ابن حبان
مسند ابوبڪر
شرح السنة (بغوي)
طبراني
مسند امام شافعي (رح)
مؤطا امام محمد (رح)
شرح الترمذي (حافظ زين الدين عراقي)
عارضة الاحوذي شرح ترمذي (نجم الدين ابو عمرو)
شرح ترمذي (سراج احمد)
شرح ترمذي (ابن سيد الناس)
مسند بزار
الجامع الصغير (سيوطي)
زرقاني شرح مؤطا (زرقاني)
فتح المغطي (علي قاري)
مسوي (شاهه ولي الله)
مفتاح الحاجة شرح سنن ابن ماجة (محمد بن عبدالله علوي)
حاشية مشڪواة (سيد شريف جرجاني)
عمدة القاري شرح بخاري (عيني)
شرح مسلم (قرطبي)
شرح منهاج النووي
حاشيہ مواهب (شبراملسي)
السراج الوهاج من کشف مطالب صحيح مسلم بن الحجاج، نواب صديق حسن
خان
سبل السلام شرح بلوغ المرام (محمد بن اسماعيل)
المسک الختام (صديق حسن خان)
فتح العلام (نورالحسن بن نواب صديق حسن خان)
الذخيرة البرهانية (برهان الدين محمود البخاري)
البدائع (امام ابوبکر الکاساني)
النوازل (ابوالليث سمرقندي)
مختار النوازل (علي مرغيناني)
فتح القدير شرح الهداية (ابن همام)
النهاية (حسين بن علي السغناقي)
معراج الدراية (قوام الدين ڪاڪي)
العناية (محمد بن محمد بابرتي)
البناية (بدرالدين عيني)
الغاية (ابوالعباس سروجي)
الڪفاية (جلال الدين خوارزمي)
حاشية الهداية (محمد حسن سنڀلي)
فتوحات مڪيہ (ابن عربي)
تبيين الحقائق شرح ڪنز الدقائق (علامہ ابو محمد فخر الدين عثمان
زيلعي)
رمز الحقائق بدر الدين العيني)
البحر الرائق - شرح ڪنز الدقائق (زين الدين ابن نجيم المصري)
النهر الفائق (شيخ عمر ابن نجيم المصري)
معدن الحقائق (محمد بن حاجي سمرقندي)
ڪنز البيان (شيخ مصطفيٰ الطائي)
فتح المبين علي شرح الڪنز لملا مسکين (ابو القبول الحاتمي)
فتح الله المعين (سيد محمد ابو سعود المصري)
ڪشف الرمزعن جنايا الڪنز (سيد احمد الحموي)
المجبتيٰ شرح قدوري (مختار بن محمود الزاهدي)
الجوهرة النيرة (ابوبڪر بن علي الحداد اليمني)
منية المصلي (سيد الدين الڪاشغري)
شرح الصغري للمنية..... (محمد بن ابراهيم حلبي)
عنية المستملي شرح الڪبير
حلية الناجي علي شرح الحلبي (مصطفيٰ الحصاري)
حلية المحلي شرح درر البحار (شمس الدين محمد بن محمد البخاري)
در البحار (محمد بن يوسف القونوي)
غرر الاذڪار شرح درر البحار (شمس الدين محمد)
مواهب الرحمان (شيخ ابراهيم بن موسيٰ الطرابلي)
البرهان شرح مواهب الرحمان
شرعة الاسلام (امام زاده الچوغي)
مفاتيح الجنان شرح شرعة الاسلام (يعقوب بن سيد علي الرومي)
نور الايضاح (حسن بن علي الشرنبلالي)
مراقي الفلاح (حسن بن علي الشرنبلالي)
غنية ذوي الاحکام حاشية الدرر (حسن بن علي الشرنبلالي)
رسالہ در الڪنوز (حسن بن علي الشرنبلالي)
ڪمال الدراية شرح النقاية (تقي الدين الشمني)
شرح مختصر الوقاية (ابوالمکارم بن عبدالله)
شرح مختصر الوقاية (عبدالعلي البرجندي)
جامع الرموز (شمس الدين محمد الخراساني القهستاني)
شرح مختصر الوقاية (محمود بن الياس الرومي)
الاختيارات شرح انتقايہ (ملا واجد الحنفي)
شرح الوقاية (صدر الشريعة عبيدالله)
حاشية شرح الوقاية (عصام الدين لاسفرائيني)
حاشيہ شرح الوقاية (علامہ يعقوب باشا بن خضر بيک)
الغاية حاشية (ملا عنايت الله لاهوري)
السعاية (مولانا عبدالحي لکنوي)
الايضاح شرح الاصلاح (ابن ڪمال باشا)
شرح مختصر الوقاية (مولانا عبدالرحمٰن الجامي)
شرح الملتقي (محمد البهنيسي)
الدر المختار (علاءُ الدين حصڪفي)
رد المختار (محمد امين ابن عابدين)
تحفة الاخيار شرح الدر المختار (علامہ محمد ابراهيم بن محمد بن
ابراهيم)
الفتاويٰ الظهيرية (علامہ ناصر الدين ابوالقاسم محمد بن يوسف
الحسيني)
الفتاويٰ الخانية (امام فخر الدين ابوالمفاخر حسن بن منصور ابن
محمود الاوزجندي الفرغاني- مشهور قاضي خان)
الفتاويٰ (يوسف بن احمد الخاصي)
تحفة المبتدي (شيخ ابراهيم بن حسن الاحصائي)
الفتح الصمدي لتحفة المبتدي (محمد بن ابراهيم)
الطريقة المحمدية (محمد آفندي برڪلي رومي)
الحديقة الندية شرح الطريقة المحمدية (شيخ عبدالغني نابلسي)
وظائف النبي (عبدالنبي بن احمد الحنفي)
تحفة الملوڪ (زين الدين محمد بن ابي بڪر الرازي)
المخة السلوڪ شرح تحفة الملوڪ (علامہ بدر الدين العيني)
فتاويٰ جواهر الاخلاطي (علامہ برهان الدين ابراهيم الحسيني
الاخلاطي)
شرح خلاصة اليڪداني (محمد حسن السنڀلي)
شرح الخلاصة الڪيداني (شمس الدين محمد القهستاني)
عوارف المعارف (شيخ شهاب الدين سهروردي)
اتحاف السادة شرح احياءُ العلوم (سيد مرتضيٰ زبيدي)
رسالہ (شيخ علي منتقي)
تزيين العبارة في تحسين الاشارة (ملا علي قاري)
رفع التردد في عقد الاصابع عند التشهد (ابن عابدين)
الايضاح المبين (سيد عبدالله ميرغني الحسني)
الصراط المستقيم شرح سفر السعادت (شيخ عبدالحق)
اشعة اللمعات شرح مشڪواة (شيخ عبدالحق)
اشارة المستمرة (شاه عبدالعزيز محدث دهلوي)
مڪتوبات (مرزا مظهر جان جانان رح)
قطب الارشاد (شاهه فقير الله علوي شڪارپوري)
ڪشف غطاءَ العين لرؤية الاشارة في التشهدين (شاهه
فقير الله علوي شڪارپوري)
المتانة في مرمة الخزانة (مخدوم محمد جعفر بوبڪائي السندي)
نور العين في اثبات الاشارة (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)
بياض (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)
بياض (مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي)
معدن السائل (مخدوم عبدالخالق کهڙن وارو)
مطالب المؤمنين (شيخ بدر الدين لاهوري)
رسائل الارڪان (بحر العلوم لکنوي)
هداية السائل (نواب صديق حسن خان)
العرف الجادي من جنان هدي الهادي (نور الحسن بن نواب صديق حسن
قنوجي)
الفيوضات الالاهيہ (شاه فقيرالله علوي شڪارپوري)
تفسير ابن جرير.
انهن ڪتابن کان سواءِ ٻين ڪتابن جا پڻ حوالا موجود آهن، ان مان
اوهان کي سڄي لائبريري جو اندازو ٿي ويندو ته هن
ڪتب خاني جا ڪتاب سون ۾ نه پر هزارن جي تعداد ۾
هئا، جو هندستان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جا محقق عالم
ڪهي اچي شڪارپور جي انهيءَ شهره آفاق لائبريريءَ
جو مطالعو ڪندا هئا.
4- لاڙڪاڻي جي قادرين جو ڪتب خانو
ائين ته سرزمين سنڌ جو هر شهر علم ۽ معرفت جي اهڃاڻن ۾ هڪ ٻئي
کان سرس پي رهيو آهي، پر پوري هڪ صديءَ کان
لاڙڪاڻي ۽ ان جي پسگردائي کي سڄي سنڌ ۾ جيڪا شهرت
اهميت نصيب ٿي آهي، سا ڪنهن به سنڌ واسيءَ کان
مخفي نه آهي. ظاهري علم جي خيال کان به پاٽ، فيروز
شاهه، سيتا، سيوهڻ، ٽکڙ، حيدرآباد ۽ لاڙ جي ديني
درسگاهن جي عالمن ۽ استادن جي اسناد ۽ شاگردي،
استاذي جي سلسلي کي ڏسبو ته سندن استاذي سلسلو
لاڙڪاڻي ضلعي جي عالمن تي وڃي پهچندو. وري جيڪڏهن
ڏسبو تصوف، باطني فيض ۽ عرفان کي ته ضلعو لاڙڪاڻو
ان ۾ به پوئتي پيل نه آهي. اڄ به اتي جي درگاهن جا
قديم اهڃاڻ انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏئي رهيا آهن.
شعر و شاعري ادبي شوق ذوق جو ته لاڙڪاڻو گهر رهيو
آهي. سياسي ميدان ۾ به لاڙڪاڻو سڄيءَ سنڌ جي
رهنمائي ڪندو رهيو آهي.
مرحوم جان محمد جوڻيجي بئرسٽر جهڙا آزاديءَ جا ڪوڏيا به انهيءَ
مردم خيز زمين جا سپوت آهن. هتي اسين جنهن ڪتب
خاني جو ذڪر خير ڪري رهيا آهيون، سو به انهيءَ سنڌ
جي سونهن شهر لاڙڪاڻي جي قديم فقير گهراڻي جو ڪتب
خانو آهي، جي سلسله قادريه جي نسبت ڪري ”قادري“
لقب سان مشهور آهن، نه ته اهي اصل ۾ سنڌ جي هڪ
خالص سنڌي نسل ”ڄام“ قبيلي مان آهن.
هن خاندان جو مؤسس اعليٰ ميان محمد صالح آهي، جو سچل سائين جو
پيرڀائي ۽ ميان عبدالحق درازيءَ جو خليفو آهي.
انهن فاروقي فقيرن جو سلسلو جڏهن ته قادري آهي،
انهيءَ نسبت ڪري ميان محمد صالح ۽ ان جي خاندان تي
”قادري“ نالو پئجي ويو، جو اڄ تائين هليو اچي.
ميان محمد صالح جي فرزندن مان ميان غلام محمد گدا
۽ ميان نور محمد قادري پنهنجي وقت جا وڏا درويش ۽
عالم ٿي گذريا آهن. هڪ پاسي ميان غلام محمد ”گدا“
جو مدرسو هوندو هو، جنهن ۾ ديني تعليم ڏيندو هو ته
ٻئي پاسي رشد و هدايت جي تعليم لاءِ درگاهه به
سنڀاليون ايندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي فيض جا طالب
کانئس روحاني علم پرائي اڇا، اجرا ٿي نڪرندا هئا.
پاڻ پنهنجي والد ميان محمد صالح کان فيض پرائي
خلافت هٿ ڪئي هئائين، جنهن بابت پنهنجي ڪتاب
”آئينہ سلوڪ- فارسي“ ۾ هن طرح رقمطراز آهي:
بدانکه اي دوست باصفا اين چند کلمہ غريب از مرشد مکمل حقيقي،
کعبہ تحقيقي کہ استاد علم ظاهري و باطني اين فقير
بود، حاصل نموده، بيان طراز ساختہ مي شود و اظهار
کردن اين کلمات ضرور نبود و ليکن موج قلزم معرفت
دارين کوزه سفال موج زن شده چند لولوئي ناسفته از
صدف سينه بيرون آورده بهر ديدن شائقان بکناره
رسانيده که از اين سخان ماهر شده قدم استقامت
خودرا از دائره ذوق و شوق موليٰ بيرون نيارند.
اڳتي هلي لکي ٿو:
آن هادي رهنمائ اين فقير در طريقه شريعہ قادري داخل بود از
مولانا صاحب قدوة السالکين عمدة الواصلين شمس
شريعت، بدر منير طريقت، کامل الحقيقت، شهاب رخسان
سماک معرفت، شهسوار عرصه لاهوت، قطب الزمان پير
عبدالحق قدس سره العزيز سجاده نشين حضرت درازان
جنت نشان الخ.
هي بزرگ فارسي، سنڌي سرائڪي ٻولين جو هڪ وڏو شاعر به هو، ان ڪري
سندس ڪتابن ۾ ڪيترا جواهر پارا اهي به مليا، جي
سندس تصنيف آهن. هن بزرگ جي وفات سن1301هه ۾ ٿي،
جنهن جي تاريخ وفات مولانا محمد عاقل عاقلي هن طرح
لکي آهي ۽ مولوي صاحب موصوف، ميان صاحب لاءِ جيڪي
القاب ڪتب آندا آهن، تن کي به ملاحظه فرمايو: قطعہ
تاريخ وفات فيض بخش، فيض رسان، بحر عرفان، واقف سر
صمد، کاشف رموز احد، حضرت ميان غلام محمد نور الله
مرقده:
صوفي و صافي و شاعر متخلص بگدا،
آنکه نامش ز غلامئ محمد پيدا.
غره ماه ششم وقت نمازِ ديگر،
اربعا بود که وي رفت بفردوسِ علا.
اندرين حادثہ شد روزِ محبان تاريک،
شام شد صبحِ مريدان هم ازين رنج و عنا.
سنبلِ باغ درين واقعه گيسو بکشاد.
قامتِ سرو هم از درد و الم گشت دوتا،
”عاقلي“ از پئي تاريخ وي اين مصرعه گفت،
”اي صد افسوس يکم ماه جمادي الاخريٰ“
ساڳي ريت مولانا عاقلي، ميان غلام محمد ”گدا“ جي ڀاءُ ميان نور
محمد قادري (وفات سن1314هه) جي انتقال تي پڻ قطعو
لکيو آهي.
هن خاندان جا پويان اڄ تائين وڏڙن جي نسبت ڪري قادري فقير سڏبا
اچن. جيتوڻيڪ زماني ڦيرو کاڌو آهي، نت نوان خيال،
نوان عقيدا نروار ٿي پيا آهن، جن کان اُهي به بچي
نه سگهيا آهن، پر ميان غلام محمد ”گدا“ جي ڀاءُ
ميان نور محمد جو پوٽو عزيزم اياز حسين قادري، جو
ظاهري طرح ته مغربي تعليم ورتي اٿس، پر پنهنجي
اسلاف جو صحيح طور جاءِ نشين نظر اچي ٿو. شاعري ته
سندس خانداني ورثو آهي ۽ تعصب ۽ ڪٽرپڻي کان بنهه
بيزار ۽ سنڌي صوفين جي عملي زندگيءَ جو هڪ نادر
نمونو آهي. اسين سندس ٿورائتا آهيون، جو تڪليف وٺي
جولاءِ مهيني جي جهنم جهڙي گرميءَ ۾ پنهنجي ڪتب
خاني جو هڪ هڪ ڪتاب اسان کي ڏيکاريائين. ڪتاب ته
گهڻا هئا، هتي انهن مان فقط قلمي ذخيره بابت ڪجهه
روشني وڌي وڃي ٿي:
(1) ”قصہ شيرين خسرو“ (سرائڪي ٻوليءَ ۾) جوڙيل ميان غلام محمد
”گدا“
هن ڪتاب جا ڪل 109 پنا آهن ۽ هر هڪ صفحي ۾ 13 سٽون رکيون ويون
آهن. ڪتاب جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي:
هي خداوند رب خالق بيمثالي
قادر بيچون لم يلد ذوالجلالي
ستون بن آسمان ڏيکو کڙايا
مثل گلشن ستاري خوش بڻايا
جيوين قنديل روشن هن نوراني،
ڏيکو قدرت بهرجائي الرحماني
ان پالڻهار جي تعريف ۾ چڱا بيت آندا ويا آهن، ان کان پوءِ
آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي تعريف لاءِ هڪ
داستان آندو ويو آهي، جو هن طرح شروع ٿئي ٿو:
ڪيتا سرور نبي روشن نظارا،
”گدا“ در جڳ تڏان زينت پسارا.
جنهين دي نور ڪنون اظهار هويا،
سماوات و ارض نروار هويا.
گهڻن بيتن کان پوءِ اڳتي هلي چئن يارن سڳورن جي تعريف فرمائي
ٿو:
هي شمعِ دين، چارئي يار سرور،
مقرب بارگاه روشن منور.
سچا صديق صادق يار اڪبر،
شامل وچ غار ها هر وقت حاضر.
ڏوجها فاروق وه فياض عادل،
شريعت دا ستون ڪامل مڪمل.
غني عثمان دريائي سخاوت،
جامع قرآن دا صاحب هدايت.
علي والي شهنشاهي ولايت،
بدر، خيبر، ڪيتا زيرِ شريعت.
”ڪرم الله“ حق مشڪل ڪشا هي،
”اسدالله“ اسي آکيا خدا هي.
هنن بيتن مان هن قادري خاندان جي وڏن بزگرن جي عقيدي بابت به
روشني پئي ٿي ته اهي عام مسلمانن وانگر اهل سنت
وارو عقيدو رکندا هئا ۽ وٽن سندن دلين ۾ چئن يارن
اصحابن لاءِ محبت هئي.
هن کان پوءِ انهيءَ درگاهه ۾ مناجات پيش ڪئي اٿس ۽ ان کان پوءِ
هڪ داستان حيرت، عبرت ۽ قصه بابت آندو اٿس، جنهن
جي ابتدا هن طرح آهي:
ويک بيرنگ دا سڀ رنگ زيبا،
عجب ويکو حسن صورت حبيبا.
جي وجہ الله ڄاڻيدا چوڌاري،
غلامي دي تو گهٽ وچ ڳل دي ڳاري.
جڏان هووين ذات ذاتي نال صادر،
تڏان هر شيءِ اتي ٿيوين تون قادر.
ان قسم جي گهڻن بيتن لکڻ کان پوءِ قصه بابت هن طرح رقمطراز آهي:
آکان هڻ حال اهين قصي دا ظاهر،
هويا جيوين فڪرو- بياض.....
شهر هي سنڌ وچ هڪ لاڙڪاڻا،
جهين وچ رب بخشا آشيانا.
ڏکيا هڪ ڏينهن مين وڃ سير گلشن،
کليا وهه وهه عجب گلزار روشن.
ڏيکيوسين سير خوش هر ايک گل دا،
معطر هوڳيا خوش غنچه دل دا.
آ خيرت خيال وچ ناگه بڻايا،
ڏکايا بس اهين قصه دا رايا.
آکيجي عشق دي وه وه ڪهاڻي،
حڪايت عاشقان دي دل نون ڀاڻي.
هوئي دل غرق وچ ذوق- الاهي،
مگر آ شوق ٿيا تنهن دم صلاحي.
آها اهو ڏينهن خاصا سعد ساعت،
”شيرين“ دي عشق دي آئي بشارت.
حڪايت عشق والياندي نهايت،
گهنيندي زندگي ول ول سعادت.
دردمندين دا قصا آک يارا،
پڙهيسن عشق والي ڏيک سارا.
ڇهاسي سال ٻاره سا دي اندر،
ڪيتوسي اهين قصه نون جوڙ اظهر.
پسند هووي نه هووي چاڪسي تون،
نڀاندي چاپلوسي ڪهه بندي نون
ڪو سالک حرف چا ويکي خطا دا،
ڪڄي چا عيب اهين مسڪين گدا دا.
الاهي بخش همت دل زبان نون،
آکي گوهر ڪنون گنجِ معانون.
هڪ عشق جو داستان آندو اٿس، جنهن جو آخري بيت ملاحظو فرمايو:
بڻيا ڪنون شوق دلدي نظم سنڌي،
ڪريسين شوق والي خوش پسندي.
ڪتاب جي آخر ۾ جيڪا فارسي عبارت آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته
اهو نسخو مصنف جي هٿ جو لکيل آهي. اها عبارت هيءَ
آهي:
”تمت تمام شد کارِ نظام شد کتاب شيرين خسرو ”تصنيف
مسڪين غلام محمد فقير عفي عنہ ساڪن لاڙڪاڻہ ملک
سنده. بتاريخ جمادي الثاني سن1299هه بروز جمعه11.“
ميان غلام محمد ”گدا“ پنهنجي هٿ سان جيڪي ٻيا ڪتاب لکيا آهن ۽
سندس تحرير اتي موجود آهي، انهن ۽ هن ڪتاب جي
تحرير بلڪل ساڳي آهي.
(2) ڪليات گدا:
هيءُ ڪتاب ”گدا“ جي فارسي ڪلام جو مجموعو آهي، جو وڏي سائيز جي
ڪيترن صفحن تي ڦهليل آهي. هن جي پڇاڙيءَ ۾ ميان
صاحب گدا جا هندي ۾ چيل غزل به درج ٿيل آهن. هن
فارسي ڪلام جي پڙهڻ سان ائين پيو معلوم ٿئي ته اهو
ڪلام ڪنهن اهل لسان جو لکيل آهي. ڪليات جي ابتدا
خالق جي حمد و ثنا سان هن طرح ٿئي ٿي:
خدايا جوهرِ توفيق ده تيغِ لسانم را،
فتح کشور تطلم بخش اسپِ خوش عنانم را،
ثنايت هر زمان ظاهر کند زالطاف بيچوني،
ز شکرِ پر شکر شيرين ملذ ذکن دهانم را.
زنعتِ سرورِ کونين، روشن کن ضميرِ من،
طراوت از ستايش او، بود سر دل و جانم را.
نطق دان هم پسند دارند خوش گفتار شيرينم،
ببازارِ خرد گيرند چون شکر پيانم را.
”گدا“ را قامتِ در عشق مثلِ تون گرديده،
چوتيرِ استواري ده دگربارِ کمانم را.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ حافظ خسرو ۽ جامي جي اشعار تي ”گدا“ صاحب
مخمس چيا آهن، جن جو ڪجهه نمونو هت آڻڻ دلچسپيءَ
کان خالي نه هوندو:
دو عشق کود بيخود، آن يار مست مارا،
صبرم ربود ناگہ، بنما رخِ نگارا.
شيطان خبال بلبل بر جلوه گلعذارا،
دل مي رود ز دستم صاحبدلان خدارا.
خسرو جي مشهور غزل تي مخمس جو نمونو:
درِ مدحتت شاهِ جهان، حيران خسرو انوري.
جامي زماجت مست شد، مدهوش، سرمد عنصري.
اي شاه کشور در جهان برتست زيبا سروري.
اي چهره زيبائي تو رشک بتانِ آزري.
هر چند و صفت مي کنم ليکن ازان بالاتري.
مولانا جامي جي غزل تي مخمس جو هڪ نمونو:
همچو برقِ ابر در زلفِ وخ آراسته اين،
يا تجلي شمع از دامن شبِ برخواسته اين.
ز حسن حور و پري بنگر کہ بي پرده ست اين،
عارضست اين يا قمر يا لالهء حمرست اين.
يا شعاعِ شمس يا آئينه دلها ست اين!
آخر ۾ هندي ۾ به غزلن جو ڪجهه مجموعو ڪليات ۾ موجود آهي.
(3) آئينه سلوڪ فارسي تصنيف گدا:
هيءُ ڪتاب تصوف ۾ آهي، جنهن جي نالي مان ئي پتو پئي ٿو، ڪتاب جي
عبارت ايڏي ته رنگين آهي جو استعارن ۽ تشبيهن سان
ڀرپور آهي. عبارت جي رواني سان فارسيءَ ۾ گدا
مرحوم جي اعليٰ مهارت ۽ علميت تي پوري روشني پوي
ٿي. هن ڪتاب مان ڪجهه اقتباس ته اڳ بيان ٿي چڪو
آهي. ڪتاب هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو:
”الحمدلله عز و جل کہ اين ناتوان بوتہ گل را از اربع عناصر
سرشتہ توانائي داده قطره نوراني بقدرة خويش محيط
نموده الخ.“
هن ڪتاب ۾ گدا مرحوم پنهنجي والد بزرگوار ميان محمد صالح خليفه
ارشد ميان عبدالحق شاهه درازن کان سلوڪ ۽ تصوف ۾
جيڪي علمي نقطا ٻڌا آهن، تن کي گڏ ڪري، ڪتابي شڪل
ڏني اٿس. هڪ مطالب عمدا، ٻيو وري عبارت جي رنگيني،
انهن لاءِ سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. درگاهه
درازن جي ڪيترن فدا ۽ سرگهور خليفن ۽ صوفي سرمستن
جي موجودگيءَ ۾ الائي ڇو اهو ڪتاب ڇاپي کان رهجي
ويو! ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو درازي دوست ”آئينه سلوڪ“
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش ڪري درازن جي قادري طريقي
کان سنڌ واسين کي روشناس ڪرائين. |