مولانا دين محمد وفائي
مولانا دين محمد وفائي مرحوم (جنهن کي علامه دائود
پوٽي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سنڌي زبان جي چرندڙ پرندڙ
ڊڪشنري سڏيو آهي) وطن عزيز جي انهن عالمن، اديبن،
صحافين ۽ مؤرخن مان آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري
نٿو سگهجي. مولانا دين محمد وفائي جي پيدائش ڳڙهي
ياسين تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نبي آباد ۾ ماه رمضان
1311هه ۾ ٿي. سندس والد جو نالو حڪيم مولوي گل
محمد هو. جڏهن نون ورهين جي ڄمار جا مسَ ٿيا ته
سندن سر تان والد جو سايو لهي ويو. پاڻ فارسيءَ جي
تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرايائون. ان کان پوءِ ڳڙهي
ياسين ۾ علامه محمد قاسم وٽ جيڪو سنڌ بلوچستان جي
مفتي هئڻ سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو
اديب ۽ شاعر هو، عربي تعليم پرائڻ آيا. ڪجهه ڪتاب
اتي پڙهي منطق، فلسفي ۽ ٻين فنون جي ڪتابن پڙهڻ
لاءِ اوستي ڀليڏنه آباد ۾ سنڌ جي مشهور منطقي عالم
مولانا خادم حسين جتوئي جي خدمت ۾ پهتا، اتان به
چڱو فيض پرائي علامه حاجي حسن الله پاٽائي جي
شاگرد خاص جيد عالم مولانا غلام عمر سوني جتوئي
وارن وٽ پهچي تحصيل نصاب سيالڪوٽيءَ کان فراغت
لهي، فراغت جي سند حاصل ڪيائون. اهو ته مختصر خاڪو
آهي مولانا وفائي جي تعليم پرائڻ جو. ان کان پوءِ
کين راڻي پور جي گادي نشين جيلاني پيرن پنهنجي
صاحبزادن جي تعليم لاءِ پاڻ وٽ رکيو. اهڙيءَ طرح
ٺلاه جي راشدي پيرن وٽ به تعليم وٺڻ لاءِ رهيا ۽
اتان هنن جو لاڳاپو سيد رشد الله شاهه جهنڊي وارن
جهڙي محدثن سان ٿيو. پير جهنڊي ضلع حيدرآباد ۾
جناب پير رشد الله صاحب العلم جي ڪوشش سان هڪ وڏو
عربي مدرسو قائم ڪيو هو، جتي پير صاحب هڪ وڏو علمي
ڪتب خانو به قائم ڪيو هو ۽ هزارين ڪتاب ته مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪتب خاني جا هئا، جيڪي ٺٽي
مان حاصل ڪيا ويا هئا. مولانا وفائيءَ کي انهيءَ
علمي لائبريري جي مطالعي مان فائدو ۽ فيض حاصل
ٿيو. ان وقت ۾ آريا سماجن طرفان سنڌ جي سنجوڳي
شيخن کي شدي مرتد بنائڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ان کي
ڏسي مولانا وفائي مرحوم کي حجرن جي گوشائتي زندگي
گهارڻ ڏکي ٿي پئي ۽ انهيءَ فتني کي منهن ڏيڻ لاءِ
سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ جو دورو ڪري، مخالفن جي ناپاڪ
ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن ڪم ۾ مولانا تاج
محمد امروٽي، مولانا محمد صادق کڏي وارا ۽ شيخ
عبدالمجيد صاحب سان به ملندا رهندا هئا ۽ انهن جي
صلاح مشوري سان شديءَ جي فتني کي ختم ڪري ڇڏيائون.
ان وچ ۾ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ هتي
خلافت جو مسئلو کڙو ٿيو ۽ سنڌ ئي ان مسئلي جو وڏو
مرڪز هو. ملڪ ۽ قوم جي سڌاري ۽ مسئله خلافت جي
سمجهائڻ ۽ عوام کي ان لاءِ اڀارڻ ۽ اٿارڻ جي غرض
سان الوحيد اخبار وجود ۾ آئي. سڄا سارا ٻاويهه سال
الوحيد اخبار جي ايڊيٽريءَ جا فرائض مولانا وفائي
مرحوم سنڀاليندا رهيا. جڏهن ته کين خداداد قابليت
اڳ ئي حاصل هئي. مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارن
وٽ علمي تحريرن لکڻ جي مشق کين سوني تي سهاڳي جو
ڪم ڏنو. هاڻي الوحيد ۾ کين پنهنجي علمي معلومات ۽
زور قلم جا جوهر ڏيکارڻ جو چڱو موقعو ملي ويو.
الوحيد جا فائل اڄ به شاهد آهن ته ان ۾ مولانا
وفائيءَ جا علمي مضمون ڪيڏي نه تحقيق ۽ علمي
مطالعي جو نتيجو آهن. 1919ع کان اهو سلسلو شروع
ٿيو ۽ 1946ع تائين هليو. الوحيد سان گڏ ”توحيد“
نالي پهرين پندرهن روزه رسالو ۽ ان کان پوءِ
ماهوار رسالو به ڪڍندا رهيا، جو خالص علمي، ديني ۽
تبليغي رسالو هو. هن رسالي جو پهريون پرچو بروز
جمع 15 ربيع الاول سن1342هه مطابق 1922ع تي نڪتو ۽
ايڊيٽر جي نوٽ جو عنوان هو ”عرض حال“ جو اڳتي هلي
ملاحظات جي عنوان ۾ بدلجي ويو. ان کان اڳ ٺلاه جي
سڪونت واري زماني ۾ الڪاشف نالي هڪ سنڌي رسالو به
ڪڍيو هئائون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو غالباً
سنڌ جو پهريون ئي رسالو هو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽
تمدن تي معياري مضمون شايع ٿيا. 1926ع ۾ ”الحزب“
نالي هڪ نهايت خوبصورت سنڌي هفتيوار اخبار به
ڪڍيائون.
الوحيد کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ روزانه آزاد جا به
ايڊيٽر رهيا. مگر مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي
شاگردي اختيار ڪرڻ کان پوءِ سندن گهڻو ميلان تاليف
ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ علمي ادبي ڪتابن جي مطالعي لاءِ
وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳا. مولانا وفائيءَ جي عمر جو وڏو
حصو صحافت ۾ گذريو. صحافتي مشغوليءَ ۾ تاليف تصنيف
لاءِ وقت بچائڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي، پر سندن محنت
۽ اوچائي جو هيءُ عالم هو جو پنهنجي پويان 50-60
تصنيفون ڇڏي ويا، جن مان ڪي مشهور هيٺيان ڪتاب
آهن:
1- الهام الباري سنڌي ترجمه تجويد البخاري چئن
جلدن ۾ 2- محمد عربي صه 3- صديق ابڪر رضه 4- فاروق
اعظم رضه 5- سيدنا عثمان رضه 6- حيدر ڪرار رضه 7-
غوثِ اعظم رح 8- خاتون جنت 9- نو مسلم هندو راڻيون
10- زندگيءَ جو مقصد 11- قرآني صداقت (آريه جي رد
۾) 12- هنڌو ڌرم ۽ قرباني 13- يادِ جانان (مرحوم
جان محمد جوڻيجو بئرسٽر مهاجر جو تذڪرو) 14- لطف
اللطيف 15- شاهه جو مطالعو 16- تذڪره مشاهير سنڌ ۽
ٻيا.
مولانا وفائيءَ جي تحرير ۽ سنڌي لکڻيءَ جي ڪهڙي
ساراهه ڪجي! هڪ عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ٿي ڪري
اهڙي زبان لکندو هو جو ان مان هر ڪو فائدو پرائي ۽
سمجهي سگهندو هو. عربي فارسي الفاظ به موقعي تي
اهڙي سولائيءَ سان آڻي ويندا هئا، جو انهن سان
سنڌي ٻوليءَ جي سونهن دوبالا ٿي ويندي هئي.
مولانا وفائي مرحوم جي صورت، سيرت ۽ قلمي قابليت
جنهن ڏٺي هوندي، سو پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهندو.
باقي جن مولانا مرحوم کي نه ڏٺو آهي، انهن لاءِ
اسين آخر ۾ سنڌ جي هڪ وڏي اديب ۽ مؤرخ سيد حسام
الدين راشديءَ جي تحرير مان ڪجهه اقتباس پيش ڪريون
ٿا:
ميندي رتل سونهاري، اکيون روشن، پيشاني ڪشادي، نڪ
نقشو سهڻو، منهن جي تختي نه ڊگهي نه گول، بلڪ
درمياني بيضوي، رنگ کليل، ڪڻڪ ونون، قد متوسط،
هاٺي ۽ هڏ ڪاٺ بالڪل مضبوط، پوشاڪ سادي پائيندڙ،
علم جو اڪبر هو. فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانون سندس
ٻانهيون هيون. هوش سنڀالڻ شرط قلم هٿ ۾ کنيائين.
ڪڏهن اخبار لکيائين، ڪڏهن رسالو ڪڍيائين. تاريخ
سنڌ جو امام هو. حافظو پڇاڙيءَ تائين غضب جو هوس.
سنڌ جي تاريخ برزبان ياد، مشاهيرن جون حياتون ياد،
انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخ تائين به ياد
ٻڌائيندو هو.
افسوس جو بي وقتي موت کين پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي
وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ اهو عالم، اديب،
صحابي ۽ مؤرخ 18 اپريل 1950ع ۾ اسان کان وڇڙي ويو.
ايران جو هڪ وڏو فيلسوف ۽
طبيب محمد بن زڪريا رازي
]خانه فرهنگ! ايران
حيدرآباد طرفان ان جي ڊائريڪٽر آقا يوسف ڪيوان
شڪوهي جي تحريڪ ۽ ڪوشش سان، دنيا جي نامور طبيب ۽
فيلسوف ابوبڪر محمد بن زڪريا رازيءَ جي هزار ساله
ورسيءَ جي سلسلي ۾ هڪ عظيم سيمينار سيپٽمبر جي وچ
ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو، ان لاءِ مون فارسيءَ ۾ مقالو
لکيو. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو هتي پيش
ڪجي ٿو.[
فارس جي ڌرتي دنيا جو اهو ڀاڳ ڀريو ڀاڱو آهي، جنهن
يارهين صدي عيسويءَ کان وٺي اڄ تائين اتي جي علم ۽
حڪمت جي اهڃاڻن کي ساهه سان سانڍي رکيو آهي.
تاريخي خيال کان ڏٺو وڃي ته هن ولايت ۾ ان علم جي
بازار جي رونق ۽ سونهن گهڻو ڪري ساساني دور
(226-652ع) سان لاڳاپو رکي ٿي.
انهيءَ دور ۾ رياضي ۽ علم نجوم ڏانهن گهڻو ڌيان
رهيو آهي. دنيا جي جن دانشورن علوم ۽ علماءَ جي
تاريخ ۾ ڪتاب لکيا آهن، جيئن صاعد اندلسي طبقات
الامم ڪتاب ۾ ايرانين جو لاڙو طب، نجوم ۽ رياضيات
ڏانهن ٻڌايو آهي، اسلامي تمدن ۾ گهڻا رياضيءَ جا
ڄاڻو عالم ايران جي انهن اهڃاڻن مان فائدو پرائي،
انهن نمونن کي پنهنجن ڪتابن ۽ رصدگاهن ۾ ڪم آندو
آهي.
طب جا ڪيترا ڪتاب جيڪي عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا
آهن، سي سرياني يا ايراني عالمن جي پهلوي ڪتابن
تان ٿيا آهن. ابن نديم جي فهرست ۾ طبي ڪتابن کان
سواءِ ڪيترن ٻين علمي ڪتابن جي اپٽار ڪيل آهي.
جيڪي پهلوي ٻوليءَ مان عربيءَ ۾ آندا ويا ۽ اهي
چوٿين صدي هجريءَ تائين رواج ۾ هئا. انهن مان
جانورن جا علاج، پوک جي حفاظت ۽ سنڀال ۽ شڪاري
پکين جي دوا درمل، ٻارن جي تعليم ۽ پرورش، جنگ ڪرڻ
جو دستور ۽ ٻيا ڪم اچي وڃن ٿا.
منهنجو چوڻ آهي ته فارس ۽ ايران جي ماڻهن لاءِ اهو
فخر بس آهي جو حضرت پيغمبر عليہ السلام فرمايو
آهي: ”لو کان العلم بالثريا لنالہ رجال من فارس.“
مطلب ته جيڪڏهن علم ۽ دانائي آسمان جي ڪَتيءَ سان
لڙڪيل هجي ها ته فارس (ايران) وارن جو هٿ اتي به
پهچي وڃي ها.
مسلمانن مان پهريون عالم جنهن علم طب ۾ پهريون
جامع ڪتاب لکيو آهي، سو ايراني هو، جنهن جو نالو
علي بن ربن طبري آهي. هن پنهنجو مشهور ڪتاب ”فردوس
الحڪمة“ لکيو، جنهن ۾ ان سرياني، يوناني، هندي
(سنڌي) علمي سرچشمن مان فائدو پرايو. اهو پهريون
موقعو هو، جو ترجمي جي ذريعي مسلمانن جي تمدن ۽
ڪلچر ۾ جدا جدا علمي سرچشمن جي هڪ ڪتاب رواج ورتو.
ابن ربن کان پوءِ ايران جي ٻئي فيلسوف، ڪيميادان ۽
طبيب محمد بن زڪريا رازي علم طب ۾ ننڍا وڏا اڪيچار
ڪتاب لکيا، جن مان طب منصوري ۽ حاويءَ جي علمي
دنيا ۾ وڏي شهرت آهي.
ابوبڪر محمد بن زڪريا رازي ايران جي ”ري“ شهر ۾
ڄائو. هي شهر تذڪرن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ وڏي شهرت
رکي ٿو، جو هتي وڏا محدث، مفسر ۽ دانشور پيدا ٿيا.
جهڙوڪ ابو عبدالله جرير بن عبدالحميد، جنهن کان
امام عبدالله بن مبارڪ دائود طيالسي، سليمان بن
حرب، امام احمد بن حنبل، يحيٰ بن معين ۽ علي بن
مديني جيڪو امام اسماعيل بخاري جو استاد آهي، تن
روايت ڪئي آهي ۽ جيئن ابو زرعہ عبدالله بن
عبدالڪريم بن فروح رازي جيڪو ڪتاب صحيح مسلم جي
صاحب مسلم بن حجاج نيشاپوري جو استاد آهي، ۽ ان جو
ڀاڻيجو ابو محمد عبدالرحمٰن بن ابي حاتم رازي ۽ ان
جو ڀائيٽو ابوالقاسم عبدالله بن عبدالڪريم رازي ۽
تفسير ڪبير جو مصنف امام فخر الدين رازي ۽ ٻيا.
ڪتاب ”نڪت الهميان في نڪت العميان“ جو مؤلف علامه
صلاح الدين صفدي لکي ٿو ته: محمد بن زڪريا رازي
ننڍي عمر ۾ سرود جو دلدادو هو، بانسري وڄائيندو
هو. جڏهن هو ڏاڙهيءَ سان ٿيو ته چوڻ لڳو ته جيڪو
سرود ڏاڙهي ۽ مڇن جي وچ مان نڪري، تنهن ۾ ڪو مزو
نه هوندو آهي. ان کان پوءِ انهيءَ شوق کي ڇڏي طب ۽
فلسفي جي ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
سندس زماني ۾ بغداد شهر دنيا جو هڪ وڏو علمي مرڪز
هو. رازي ”ري“ کان ڪهي بغداد پهتو. ان وقت سندس
عمر 33 سال هئي. فيلسوف رازيءَ کي جوانيءَ کان ئي
عقلي علمن ۽ ادب جي پرائڻ جو شوق هو ۽ شعر به
چوندو هو. پر ان سان گڏ طب جو به وڏو دلدادو هو ۽
هن علم ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪيو جو قاضي ابن خلڪان
پنهنجي جڳ مشهور تاليف ”وفيات الاعيان“ ۾ کيس ”فنِ
طب جو اڳواڻ“، ”حاذق“، ”عارف“ ۽ ”برجستو“ جهڙن
لقبن سان ياد ڪري ٿو.
ابو سعيد زاهد العلماءِ رازي بابت علم طب کي پرائڻ
جو هڪ وڏو ڪارڻ بيان ڪيو آهي ته: ”رازي جڏهن بغداد
۾ وارد ٿيو ته عضديءَ جي جوڙايل اسپتال کي ڏسڻ جي
لاءِ اتي ويو ۽ اتفاق اهڙو ٿيو جو اتي دوا فروش
(دوائون وڪڻندڙ) سان هن جي ملاقات ٿي ۽ ان کان اهو
پڇيائين ته دوائن جو اثر ڪيترن قسمن جو آهي ۽
پهريون ڪير هو، جنهن انهن جي اثرن ۽ خاصيتن کي
معلوم ڪيو ۽ اها ڪهڙي دوا آهي، جيڪا سڀ کان پهرين
دريافت ٿي؟
پنساريءَ کيس جواب ڏنو ته جنهن دوا جو سڀ کان اڳ
اثر ڄاڻڻ ۾ آيو، سا آهي ”حي عالم“، جهان جو جياپو
دوا ۽ جنهن ماڻهوءَ ان جو پهريون پتو ڏنو سو آهي
افلولن، جيڪو اسقلبيوس جي اولاد ۽ خاندان مان آهي.
هن جو قصو هن طرح آهي ته افلولن کي ٻانهن ۾ گرم
سوڄ ٿي پئي، جنهن ڪري ڏاڍو بيتاب ۽ درد ۾ گهاريندو
هو. اها تڪليف کيس ان حد تائين پهتي جو چڱڀلائيءَ
کان نراس ٿي ويو ۽ پاڻ کي هڪ نديءَ جي ڪناري تي
کڻائي ويندو هو ۽ ان جي ديدار کان کيس ڪجهه راحت ۽
آرام ملندو هوس. هڪ ڏينهن نوڪرن کي فرمايائين ته
کيس نديءَ جي ڪپ ڏانهن کڻي هلن. سوڄ کان ٺار لاءِ
اهو گاهه (جهان جو جياپو) کنيو هئائين ۽ ڇا ڪيائين
جو ان ٻوٽي جي پنن کي سوڄ تي مهٽيندو رهيو ۽ ٿورن
ڏينهن ۾ هن دوا سان چڱو ڀلو ٿي ويو.
ماڻهن جڏهن کيس نوبنو ڏٺو ۽ کين اها به سڌ پيئي ته
اها ساري برڪت ۽ خاصيت انهيءَ گاهه جي آهي، تڏهن
ان جو نالو ”حيات عالم“ (جهان جو جياپو) رکيائون،
جيڪو اڳتي هلي گهڻي استعمال جي ڪري ماڻهن جي زبانن
تي ”حي عالم“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. رازيءَ
جڏهن اهو جواب ٻڌو ته کيس ڏاڍو عجب وٺي ويو.
هڪ ٻئي ڀيري به رازي انهيءَ اسپتال ويو ۽ هڪ نئين
ڄاول ٻارَ کي ڏٺائين، جنهن کي هڪ مٿو ۽ ٻه منهن
هئا. طبيبن کان ان جو ڪارڻ پڇيائين، کيس جيڪو جواب
مليو، ان کان ڏاڍو حيران ٿيو. رازي هميشه پچا ڳاڇا
ڪندو هو ۽ شين جي کوجنا سان سندس پيار وڌندو هو ۽
انهن کوجنائن کي دل ۾ سانڍيندو هو، ايستائين جو
علم طب کي پرائڻ لڳو ۽ انهيءَ ڪمال کي پهتو جو کيس
طبي ۽ علمي دنيا ۾ عرب (مسلمانن) جو جالينوس سڏيو
وڃي ٿو.
هڪ ٻي تاريخي روايت به آهي ته رازي انهن ماڻهن مان
آهي، جنهن کي عضدي جي اسپتال جي تعمير لاءِ گهرايو
ويو هو. عضدالدولہ رازيءَ کان صلاح ورتي هئي ته هو
بغداد ۾ ڪهڙي جاءِ تي اسپتال ٺهرائي؟ رازيءَ ڪن
نوڪرن کي فرمايو ته بغداد جي هر ٻنهي پاسن ۾ گوشت
جو هڪ هڪ ٽڪر ٽنگي ڇڏين. جنهن پاسي وارو گوشت جو
ٽڪر دير سان خراب ٿيو، ان پاسي اسپتال ٺاهڻ جو
مشورو ڏنائين ۽ اسپتال ٺهرائي وئي.
ڪمال الدين ابوالقاسم بن ابي تراب بغدادي ڳالهه ٿو
ڪري ته جڏهن عضدالدولہ اسپتال ٺهرائي ته ان اهو
پڪو پهه ڪيو ته اتي ملڪ جا نامور طبيب ۽ دانشور
آندا وڃن. حڪم ڏنائين ته بغداد ۾ جيڪي مشهور طبيب
آهن، انهن کي انهيءَ اسپتال ۾ رکيو وڃي. اهڙا طبيب
هڪ سؤ کان به مٿي هئا. انهن مان جن کي طب ۾ وڏي
مهارت هئي، اهڙا پنجاهه طبيب چونڊيا ويا ۽ فيلسوف
رازي به انهن مان هو. ان کان پوءِ پنجاهن مان ڏهن
طبيبن کي منتخب ڪيو ويو ۽ عضدالدولہ تي اهو واضح
ٿي ويو ته رازي انهن سڀني طبيبن کان هوشيار ۽ حاذق
آهي، تنهن ڪري ان کي سڀني طبيبن جو هيڊ ۽ اڳواڻ
مقرر ڪيو ويو.
علامہ ابن ابي اصيبعہ سندس جڳ مشهور تاليف عيون
الانباءِ ۾ لکي ٿو ته هن متعلق جيڪا ڳالهه مون کي
صحيح طرح معلوم آهي سا هيءَ آهي ته: رازي
عضدالدولہ بن بويہ کان اڳ اتي پهتل آهي ۽ بغدادي
واري اسپتال عضدالدولہ کان اڳ جي آهي، جنهن ۾ رازي
ايندو ويندو هو. عضدالدولہ رڳو ان جي تجديد ڪئي
آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ سڌارا آندا آهن. ”عيون الانباءِ“
۾ اهو به آيل آهي ته رازي وڏو سمجهدار، بيمارن تي
مهربان ۽ سندن علاج ۽ تندرستيءَ لاءِ ڏاڍو پاڻ
پتوڙيندو هو ۽ هميشه طب جي اوکن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽
طبي کوجنائن ۾ مشغول رهندو هو.
رازيءَ بابت گهڻيون خبرون ۽ متفرق فائدا بيان ٿيل
آهن، خاص طرح علم طب ۾ هو وڏي مهارت ۽ قابليت جو
مالڪ هو ۽ بيمارن جي پرگهور لهڻ ۽ انهن جي علاج ۾
منفرد هو. بيمارن جا احوال معلوم ڪندو هو ۽ دوائن
جي تاثير ۽ خاصيتن جو ايڏو ڄاڻو هو جو اهي ڳالهيون
گهڻن طبيبن کان اوجهل رهيون آهن ۽ انهن جو گهڻو
ڀاڱو سندس ڪتاب ”الحاوي“ ۽ ”سر الطب“ ۾ آيل آهي.
هڪ ڳالهه جيڪا سندس چڱي واقفيت ۽ طبيعت جا اهڃاڻ
ڏسي ٿي، سا هيءَ آهي ته قاضي ابو علي محسن بن علي
بن ابي جهم تنوخي ڪتاب ”الفرح بعد الشدة“ ۾ آڻندي
آهي ته مون کي محمد بن علي بن خلال بصري ڳالهه
ٻڌائي ته مون کي هڪ معتبر طبيب ٻڌايو ته هڪ ماڻهو
بغداد کان ري شهر ۾ آيو ۽ ان جي وات مان رت وهي
رهيو هو. اها بيماري کيس واٽ تي لڳي هئي. ان ”ري“
۾ پهچي طبيب ابوبڪر محمد بن زڪريا رازي کي پنهنجي
علاج لاءِ پاڻ وٽ گهرايو. رازي جيڪو طب ۾ ماهر هو،
تنهن ڇا ڪيو جو جيڪي ان بيمار جي وات مان نڪري
رهيو هو، تنهن جو معائنو ڪندو رهيو. بيمار جي نبض
کي چڱيءَ طرح ڏٺائين ۽ قاروره به چڪاس ڪيائين. ان
کان سواءِ بيمار کان سندس حال جي پوري حقيقت چڱيءَ
طرح پڇي احوال معلوم ڪيائين. پر انهيءَ سموري
تشخيص مان کيس بيمار جي سلهه يا اندر جي زخم بابت
ڪو اهڃاڻ نه مليو ۽ هو بيماري کي سڃاڻي نه سگهيو ۽
بيمار کي انتظار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ته جيئن مرض ۽
بيماريءَ کي پوري طرح پروڙي سگهي ۽ ان جو ڪارڻ
ڄاڻي. بيمار جڏهن اهو ٻڌو ته ان لاءِ قيامت قائم
ٿي وئي ۽ پنهنجي جياپي کان نراس ۽ نا اميد ٿي ويو.
حڪيم محمد بن زڪريا رازي ٻيهر ڳوڙهو ويچار ڪيو ۽
بيمار کان وري پڇا ڳاڇا ڪئي ته سفر ۾ واٽ تي ان ڇا
پيتو آهي ۽ ڪهڙو پاڻي کيس پيئڻ لاءِ مليو؟ بيمار
ٻڌايو ته ان واٽ تي دُٻَن ۽ تلائن جو پاڻي پيتو
آهي. رازي جڏهن اهو ٻڌو ته بلند سمجهه ۽ ذهانت سان
سمجهي ويو ته ٿي سگهي ٿو ته دُٻن ۽ تلائن مان پاڻي
پيئڻ سبب ڪا ڄور پاڻيءَ ۾ هجي، جا هن جي معدي ۾
گهڙي وئي هجي ۽ اهو رت ان ڪري ئي ايندو هجي؟
رازيءَ بيمار کي چيو ته تون سڀاڻي اچجانءِ ته
تنهنجو علاج ڪندس، پر هن شرط سان ته جيڪي مان چوان
ان کي تنهنجا نوڪر مڃيندا ۽ فرمانبرداري ڪندا.
بيمار چيو ته آئون اوهان جو وڏو ٿورائتو آهيان،
جيڪي اوهان چوندؤ، ان کي پورو ڪيو ويندو.
سڀاڻي تي رازيءَ ڇا ڪيو جو کوهه جي سائي سينور جون
وڏيون پاٽيون ڀرائي رکيون ۽ بيمار کي حڪم ڪيائين
ته هن کي کاءُ. بيمار ڪجهه کاڌو ۽ وڌيڪ کائڻ کان
گهٻرائڻ لڳو ۽ چيائينس ته وڌيڪ نٿو کائي سگهان.
رازيءَ نوڪرن کي حڪم ڪيو ته هن کي پُٺيءَ تي
سمهاريو ۽ سندس وات کي کوليو. نوڪرن حڪم بجا آندو
۽ رازي سينور کي ان جي وات ۾ گوهيندو ويو ۽ کيس
چوندو رهيو ته تون راضي هجين يا ناراض اسين ته
ائين ڪندا رهنداسون ۽ کيس ڌمڪي به ڏنائين ته ان کي
ڳهندو وڃ، نه ته توکي ڪُٽ ڪڍنداسين. نيٺ هڪ پاٽ
سينور کائي ويو. الٽيءَ جا اهڃاڻ نظر آيا ۽ الٽي
ڪيائين. رازيءَ الٽيءَ واري مواد کي چڱيءَ طرح ڏٺو
ته اها ڄور ٻاهر اچي ويئي هئي. ٿيو ڇا جو جڏهن
سينور اندر ويو ته ڄورَ گوشت کي ڇڏي سينور تي اچي
ويئي ۽ الٽي ڪرڻ سان اها به ٻاهر اچي وئي.
”عيون الانباءِ“ جو صاحب لکي ٿو ته مون کي ابوبڪر
محمد بن عبدالله بن زڪريا رازي جيڪو ”ابن حمدون“
ڪنيت سان مشهور آهي، تنهن خبر ڪئي، ان چيو ته مون
کي خبر ڏني ابوبڪر احمد بن علي رازي فقيهه، ان چيو
ته مون کي ابوبڪر بن قارون رازي طبيب کان خبر
پهتي، جو هو ابوبڪر محمد بن زڪريا رازيءَ جو شاگرد
رهيو آهي، ان چيو ته جڏهن حڪيم رازي خراسان جي
امير جي علاج ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي رهيو هو ته
سندس لنگهه ”بقام جاد“ کان ٿيو. اها جاءِ نيشاپور
۽ ري شهر کان هڪ جيترو پري هئي. رازيءَ چيو ته
جڏهن مان اتي پهتس ته ڳوٺ جو رئيس منهنجي آجيان
لاءِ آيو ۽ مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ گهڻي خدمت
۽ آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ مون کي درخواست ڪيائين ته
منهنجو پٽ جلنڌر جي بيماريءَ ۾ ڦاٿل آهي، مان ان
جي علاج لاءِ ترسي پوان. آئون سندس جاءِ تي ويس
بيمار کي ڏٺم ۽ مون کي ان جي بچڻ جي ڪابه اميد نظر
نه آئي. بيمار جي سامهون ته کليل ڳالهه ڪري نه
سگهيس، جڏهن سندس پيءُ سان اڪيلو ٿيس ۽ ان صحيح
ڳالهه جي گهر ڪئي ته مان کيس چيو ته حياتي سندس
ساٿ نه ڏيندي، ان ڪري چڱو آهي ته مٿس عيش عشرت جا
دروازا کوليا وڃن. جڏهن خراسان ۾ ٻارهن مهينا
گذاري واپس ٿيس ته وري به ان ڳوٺ ۾ اڳوڻي رئيس سان
مليس. مون کي سندس پٽ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان
شرم اچي رهيو هو. اهو مون کي پنهنجي جاءِ تي وٺي
ويو. مون کي ان ۾ ڪنهن به ڏک جا اهڃان نظر نٿي
آيا، ان ڪري مان حيران ٿي ويس. نيٺ ان رئيس چيو ته
هن جوان شخص کي ڄاڻين ٿو؟ جنهن ٻين جوانن سان گڏجي
اسان جي خدمت ڪئي. مون ناڪاريءَ ۾ جواب ڏنو. رئيس
چيو ته هي اهو نوجوان آهي، جو تو مون کي ان جي
جياپي کان نراس ڪري ڇڏيو هو. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
هن کي پڪ ٿي وئي هئي ته تو جهڙي ڏاهي طبيب به سندس
چڱڀلائيءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مون کي چوڻ لڳو
ته هي نوجوان جيڪي منهنجي خدمت لاءِ رکيا ويا آهن،
انهن کي حڪم ڪريو ته هتان هليا وڃن، ڇوته جڏهن مان
کين تندرست ۽ صحتمند ڏسان ٿو ته بخار اچي وڃي ٿو،
ان ڪري منهنجي خدمت لاءِ هڪ ٻانهيءَ کي مقرر
فرمايو. مون اها ڳالهه قبول ڪئي، تڏهن هڪ نوڪرياڻي
ذريعي ان ڏانهن کاڌو پهچايو ويندو هو، جنهن مان
پاڻ به کائيندي هئي ۽ نينگر کي به کارائيندي هئي.
هڪ ڏينهن انهيءَ ڏانهن حلوو موڪليو ويو، ان ڇا ڪيو
ته ٿانوَ کي هن ڪري کولي هلي ويئي ته جيئن نينگر
جي ان تي نظرپوي ۽ حلوو کائي. جڏهن اها واپس پهتي
ته ڇا ڏٺائين ته ٿانوَ وارو حلوو گهڻي ڀاڱي کاڌل
آهي ۽ جيڪي بچيل آهي سو بگڙي ويو آهي. خادمه کانئس
پڇا ڳاڇا ڪئي ته هي ڇا آهي؟ ان چيو ته متان حلوو
کائين. اهو چئي ٿانءُ پاڻ ڏانهن سوري چوڻ لڳو ته
هڪ وڏو نانگ هتان نڪتو ۽ پيالي ۾ گهڙي ويو. اتان
ڪجهه حلوو کاڌائين ۽ وات مان ڪجهه زهر پيالي ۾
هاري ويو. ان ڪري کاڌو بگڙيل آهي. مان جڏهن ته
پنهنجي جياپي کان نا اميد هئس، ان ڪري جڏهن ڏٺم ته
موقعي کي هٿ کان وڃڻ نه ڏنم ۽ دل ۾ خيال ڪيم ته
ڇونه ان زهر کي واپرائي هنن ڏکن ڏاکڙن کان ڇٽي
پوان ۽ وڃي ٻي دنيا ۾ پهچان؟ ان ڪري اهو زهر وارو
حلوو کائي ويس، هاڻي جيڪي بچيل آهي ان کي ڪٿي پوري
ڇڏ، متان ڪو انسان ان کي کائي ۽ مري وڃي يا ڪو
حيوان نه کائي. ٻانهيءَ ائين ئي ڪيو ۽ اچي سندس
والد کي پنهنجي پٽ جي خبر ڏني. پڻس ڀڄندو اتي
پهتو، ڇا ڏسي ته اهو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي.
والد هن کي ننڊ مان نه جاڳايو ۽ اهو ڏينهن جي
پوئين پهر ۾ سجاڳ ٿيو. کيس ڏاڍو پگهر نڪتو هو، غسل
جو ارادو ڪري اٿيو ته ايتري ۾ ان جو پيٽ وهڻ شروع
ٿيو ۽ ساري رات ان اسهال ۾ گذاري ۽ ڪجهه ڏينهن
کائڻ پيئڻ به گهٽ ڪري ڇڏيائين. ايڏو ڪمزور ٿي ويو
جو سندس والد ان جي حياتيءَ کان مايوس ۽ نراس ٿي
ويو، پر پوءِ ان جي حالت سڌرڻ لڳي. چوزن کائڻ جي
فرمائش ڪيائين. ان طرح ان جي قوت بحال ٿي وئي ۽
سندس والد، حڪيم رازيءَ کي چيو ته هاڻي سندس قوت،
تندرستي ۽ حالت اها آهي جنهن کي تون ڏسي رهيو
آهين. اهو ٻڌي رازيءَ کي عجب وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو ته
اڳين حڪيمن فرمايو آهي ته جلندر وارو بيمار جيڪڏهن
وڏي عمر واري نانگ جو زهر کائيندو ته چڱو ڀلو ٿي
ويندو ۽ جيڪڏهن مان اهو علاج ٻڌايان ها ته اوهان
چئو ها ته رازي اسان کي ٽاري رهيو آهي ۽ ٻيو وري
اسان کي نانگ جي عمر جي ڪيئن سَڌ پوي ها.
ابن ابي اصيبعہ جڳ مشهور تاليف ”عيون الانباءِ“ ۾
اهو قصو نقل ڪري لکي ٿو ته حڪيم رازيءَ بابت
اهڙيون اڪيچار ڳالهيون آيل آهن، جن مان ان جي هن
فن ۾ مهارت جو پتو پوي ٿو ۽ انهن قصن کي مون هڪ
مستقل ڪتاب .حڪايات الاطباءِ في علاجات الادواءِ“
۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
رازيءَ جي سڪونت گهڻو ڪري عجم ۾ رهي، ڇوته اهوئي
سندس وطن هو. وقت جي وڏن وڏن بادشاهن جي طبي ڪتابن
جي تصنيفن سان ان وڏي خدمت ڪئي. جيئن هن ڪتاب
منصوري، خراسان ۽ ماوراءُ النهر جي حاڪم منصور بن
اسماعيل بن خاقان لاءِ لکيو. اهڙيءَ طرح هڪ ڪتاب
”ملوڪي“ نالي طبرستان جي حاڪم علي بن صاحب لاءِ
لکيائين. رازيءَ جو طب سان گڏ علم ڪيميا سان به
گهڻو شوق هو. ان ۾ به تاليفون ڪيائين ۽ سندس اهو
قول مشهور آهي ته ”مان ان کي فيلسوف سڏيندس، جيڪو
ڪيميا جي صنعت جو ڄاڻو هجي.“
اها حقيقت آهي ته رازي کان اڳ جيڪي به عملي طرح
طبيب هئا، سي سڀ غير مسلم هئا. ”طبقات الاطباءِ“ ۾
ابن ابي اصيبعہ اها چٽائي ڪئي آهي ته فارابي طبي
علوم ۾ وڏي مهارت رکندو هو، پر عملي طرح ان طبابت
نه ڪئي. عملي طرح ان زماني ۾ سڀ کان پهرين زڪريا
رازي شهرت حاصل ڪئي جو روايت جي اختلاف سان
سن236هه، سن240هه، سن250هه ۾ پيدا ٿيو. رازيءَ جي
طبي مهارت جو خلاصو رڳو هڪ فقري سان بيان ڪري
سگهجي ٿو جو دنيا ۾ مشهور آهي ته طب جو فن مري چڪو
هو، جنهن کي جالينوس جياريو. اهو منتشر هو، رازيءَ
ان کي هڪ لڙهيءَ ۾ پويو، اهو ناقص هو، ابن سينا ان
جي تڪميل ڪئي. طب جي انهن منتشر مسئلن جو سڀ کان
وڏو مجموعو رازيءَ جو ڪتاب حاوي آهي، جنهن ۾ ان
مرضن ۽ انهن جي علاجن بابت اڳين حيڪمن ۽ انهن کان
پوءِ سندس زماني تائين جيڪي طبيب پيدا ٿيا، انهن
جي ڪتابن ۾ جيڪي ٽڙيل پکڙيل هو، ان سڀ کي هڪ هنڌ
”حاوي“ ڪتاب لکي گڏ ڪيو آهي ۽ هر قول کي ان جي
چوندڙ جي حوالي سان يپش ڪيو آهي.
طبقات الاطباءِ ۾ لکي ٿو ته مسلمانن ۾ طب جو سلسلو
اسڪندريه شهر جي طبيبن جي ذريعي سان ڦهليو، جن کي
اسڪندراني چيو وڃي ٿو. اهي ست طبيب هئا، جن
اسڪندريه ۾ هڪ ڪاليج قائم ڪيو هو ۽ ان جي نصاب
تعليم ۾ رڳو جالينوس جا سورنهن ڪتاب شامل هئا، جن
کي آسانيءَ سان ياد ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ انهن ڪتابن
جا خلاصا تيار ڪيا ويا هئا. ان کان پوءِ انهن
ڪتابن جي انهن شرح لکي. يحيٰ نحوي انهن طبيبن ۾
شامل هو، جيڪو اسلام جي ابتدائي زماني تائين جيئرو
رهيو، پر انهن طبيبن کان سواءِ ٻيا به گهڻا طبيب
هئا، جيڪي اسڪندريه جي طبيبن جا همعصر يا انهن جي
ويجهو زماني وارا هئا ۽ انهن جا ڪتاب اسلام جي
زماني تائين موجود هئا. رازيءَ جو سڀ کان وڏو طبي
ڪارنامو اهو آهي ته ان طب جي انهن منتشر شهپارن کي
گڏ ڪيو. هن جو اهو مطلب نڪتو ته رازي نه رڳو
جالينوس جي سورنهن ڪتابن ۽ اسڪندريه جي طبيبن جي
شرحن تي قناعت ڪئي، پر ان کان سواءِ انهن جي همعصر
طبيبن جي ڪتابن جو پڻ مطالعو ڪيو ۽ انهن جا مطلبَ
مسئلا پنهنجي ڪتاب ”حاوي“ ۾ گڏ ڪيا.
ابوبڪر رازيءَ جي ڪتابن مان تحقيق سڀ کان وڏو ڪتاب
”الحاوي“ آهي. هي ڪتاب دائرة المعارف العثمانية
طرفان سالن کان ڇپائيءَ هيٺ هو، هن جا 14 جلد احقر
وٽ موجود آهن۽ ٻيا جلد جيڪي پوءِ ڇپيا، سي هندستان
۽ پاڪستان جي مسلسل باهمي جنگين ۽ اختلافن ڪري
ڏيتي ليتيءَ جي بند هجڻ ڪري گهرائي نه سگهيس. هن
ڪتاب جي مفصل هجڻ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو
ته گهڻو ڪري هڪ هڪ جلد هڪ هڪ بيماريءَ يا ٻن
بيمارين جي بيان ۾ آهي. انهن جلدن مان دل جي
بيمارين تي هڪ جلد آهي، جنهن کي مون پورو مطالعو
ڪيو آهي ۽ ٻيو بڪين ۽ پيشاب بابت آهي، اهو به
مطالعي هيٺ آيل آهي ۽ ان مان ڪيترا نسخا استعمال
هيٺ آندا اٿم. ڏهون جلد انهيءَ لاءِ مخصوص آهي. هن
ڪتاب ۾ رازيءَ جو اهو دستور آهي جو پاڻ کان اڳ
وارن حڪيمن جا نالا ڏئي بيمارين جي متعلق انهن جا
نالا وٺي، انهن جا ڏسيل نسخا لکندو ويو آهي ۽ ان
سان گڏ پنهنجا تجربا به بيان ڪندو ويو آهي. مثال
طور: ڏهين جلد جي شروع ۾ هڪ فهرست مرضن جي پيش ڪري
جالينوس جو قول نقل ڪري ٿو ته جيڪڏهن ٻڌايل جاين ۾
زخم هوندو ته انهن جي علاج لاءِ جيڪي دوائون
ڏينداسين، انهن ۾ ڪي اهڙيون دوائون ملائينداسون،
جيڪي پيشاب کي جالارو آڻين. جيڪڏهن گردن ۽ مثاني ۾
زخم هوندا ته اسان دوائن سان ڪجهه ماکي
ملائينداسون.
حاوي ۾ ڪن قديم ڪتابن جا حوالا ڏئي، انهن جا نسخا
به ڏنا ويا آهن. ص102 تي اچي ٿو: طلسمات ڪتاب مان-
جيڪڏهن وڇونءَ (جو ڪشتو) استعمال ڪجي ته پٿري ڀورا
ڀورا ٿي نڪري ويندي. اهڙيءَ طرح سانپا (ڇانوَ ۾
سُڪائي) سنهون پيهي رکجن ۽ مثاني جي پٿريءَ واري
کي کارائجن ته ان کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندا. روفس
حڪيم جو قول نقل ڪيو اٿس ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ
کي ڪنهن مرض ۽ درد کان سواءِ ڪاري رنگ ڏانهن مائل
پيشاب آيو ته اها هن ڳالهه جي علامت آهي ته ان کي
ٿوري زماني اندر بڪين ۾ پٿري پيدا ٿيندي. خاص طرح
پوڙهن ماڻهن ۾ ته اها پٿريءَ لاءِ پڪي علامت آهي.
ان کي جلد طبيب ڏانهن وڃڻ گهرجي ته اهو کيس ملين
(نرم) جلاب ڏي يا پيشاب کي جالارو آڻيندڙ دوائون
استعمال ڪرائي.
جراحت يا آپريشن هن دور ۾ جيڪو عروج حاصل ڪيو آهي،
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته
اڳيان حڪيم ان کان بنهه بيخبر هئا. حاويءَ ۾
ڪيترين جاين تي حڪيم ابوبڪر رازيءَ پنهنجي جراحت ۽
آپريشن جي تجربن جي خبر ٻڌائي آهي. پٿريءَ جي
آپريشن جو ذڪر به ڪيو اٿس. دل جي بيمارين ۾ هن
پنهنجا تجربا پڻ ٻڌايا آهن، جيڪي تشخيص لاءِ
جانورن، ڀولڙن ۽ ٻين تي ڪيا اٿس. هن ڪتاب ۾ ٻي اها
خوبي آهي ته بيمارين کان بچڻ لاءِ حفاظتي طور تي
صحت لاءِ قواعد به ٻڌائيندو ويو آهي، جيئن بُڪين
جي پٿرين کان بچڻ لاءِ لکي ٿو ته اهڙين شين جي
کائڻ کان پرهيز ڪجي، جيڪي پيشاب کي غليظ بنائين
ٿيون ۽ مثاني ۾ باهه جهڙي حرارت پيدا ڪن ٿيون.
ڇوته اهي ٻيئي پٿري پيدا ڪرڻ جا وڏا ڪارڻ آهن.
هميشه لطيف خوراڪ کائجي هضم جو گهڻو خيال رکجي،
ڇوته گهڻو ڍؤ ۽ بدهضمي هن مرض کي پيدا ڪن ٿا. غليظ
۽ چيڙهه واري غذائن کان پاسو ڪجي جهڙو کير، بائل
آنا، ميدي جي ماني، سيون، فالوده، وڏي مڇي ۽ ميون
مان دير هضم ميون کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، جهڙوڪ صوف
وغيره.
پيشاب جي سختي گهڻو ڪري پٿريءَ کان ٿيندي آهي، پر
ڪڏهن ڪڏهن مجاري پيشاب ۾ سخت ۽ گول گوشت جي وڌي
وڃڻ جي ڪري به پيشاب ۾ بندش ٿيندي آهي. رازيءَ جي
خيال ۾ اها پوئين بيماري ڇٽي نه ٿي سگهي. هن دور ۾
ته ان جو سڻائو ۽ ڪامياب آپريشن ٿي وڃي ٿو.
ڪتاب حاوي جي ڇپائي وارو نسخو ٽن نسخن تان تيار
ڪيو ويو آهي: هڪ اسڪوريال جو قلمي نسخو، جنهن جو
نمبر 183 آهي، ان کي ايڊٽ ۽ تصحيح لاءِ بنياد
بنايو ويو آهي. ٻيو لٽن لائبريري عليڳڙهه مسلم
يونيورسٽيءَ جو نسخو آهي ۽ ٽيون دهليءَ جي نيشنل
ميوزم جي لائبريري جو نسخو- ڪتاب جي ڇپائي ۽ صحت
معياري آهي ۽ هن کي طبي ذخيري ۽ طب جو
انسائيڪلوپيڊيا سڏڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ۽ مبالغو نه آهي،
پوءِ وارن طبيبن هن تصنيف مان گهڻو فائدو ورتو
آهي. حڪيم ابن سينا کڻي ان جو اقرار نه به ڪري،
جيئن سندس عادت آهي، پر تڏهن به ان جي ڪتاب
”قانون“ جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اهو به
هن ڪتاب کان مستغني ۽ بيپرواهه نه ٿيو آهي.
ماخذ وفيات العيون وانباءُ الزمان قاضي ابن خلڪان،
عربي مصري ڇاپو، تاريخ الحڪماءِ قفطي مصري ڇاپو-
عيون الانباءِ في طبقات الاطباءِ مصري- نڪت
الهميان في نڪت العميان مصري ڇاپو ۽ ٻيا. |