امير خسرو ۽ حضرت محبوب الاهي
جڏهن حضرت امير خسرو جو نالو زبان تي اچي ٿو ته ان
سان گڏوگڏ برصغير جي وچين دور جي تهذيب جو شاندار
عڪس به آڏو اچي وڃي ٿو. امير خسرو ان دور جي واحد
شخصيت آهي، جو هڪ ئي وقت فارسي ۽ هنديءَ جو عظيم
شاعر، بهادر، سپاهي، انتظامي امور جو وڏو ماهر،
موسيقيءَ جو دلدادو ۽ موجد، تصوف ۽ طريقت جو بزرگ
۽ صوفي نظر اچي رهيو آهي. اسان کي هن صحبت ۾ حضرت
امير خسرو جي هن پوئين حيثيت بابت مختصر وقت ۾
مختصر عرض رکڻو آهي ۽ اهو به ٻڌائڻو آهي ته هن
نادر روزگار شخصيت جا وقت جي وڏي ولي ۽ طريقت جي
شيخ، محبوب الاهي حضرت نظام الدين اولياءَ سان هڪ
با اخلاص مريد ۽ معتقد جي حيثيت ۾ ڪهڙا لاڳاپا
هئا؟
خسرو سن1254ع ۾ پٽيالي ۾ پيدا ٿيو هو. سندس پيءُ
تُرڪ هو ۽ والده مقامي رهواسي هئي. خسرو جو والد
جيتوڻيڪ پاڻ پڙهيل نه هو، پر ان کي تعليم جو وڏو
شوق هو. هن پنهنجي پٽ خسرو لاءِ تعليم ۾ وڏي
دلچسپي ورتي. امير خسرو چوندوهو:
در آب و گل من اين همه کاشتهائي اوست که بَرمي دهد
مطلب ته منهنجي طبيعت ۾ والد جو ئي ٻج پوکيل آهي،
جو ڦر ڏئي رهيو آهي. امير خسرو ۾ هڪ بهادر سپاهيءَ
واري حيثيت ته کيس پيءُ کان ورثي ۾ ملي ۽ نظر و
نگاهه جي پاڪيزگي، تصوف ۽ طريقت ۾ اعليٰ مقام ۽
مرتبو حضرت محبوب الاهي جي صحبت ۽ خدمت جي برڪت
سان کيس نصيب ٿيو، جنهن ان کي فرش کان عرش تي
پهچائي ڇڏيو.
خسرو اڃا نون سالن جي ڄمار جو مَس ٿيو ته سندس
پيءُ امير سيف الدين محمود ڪنهن معرڪي ۽ لڙائيءَ ۾
شهيد ٿي ويو. هن اندوهناڪ خبر ٻڌڻ تي انهيءَ عمر ۾
هي شعر پڙهيو:
سيف از سرم گذشت و دل من دونيم ماند
دريائ من وان شد و در يتيم ماند
ان کان پوءِ سندس والده خسرو جي تربيت ڪئي. 12
ورهين جي ڄمار ۾ هن بيت ۽ رباعي چوڻ شروع ڪيو ۽ ان
سان گڏ ڪنهن رهبر ۽ ڪامل مرشد جي تلاش به انهيءَ
عمر ۾ شروع ڪري ڏني. نيٺ هو محبوب الاهي حضرت نظام
الدين اولياءَ جي فيض واري چشمي تي پهچي ويو، جنهن
جو اظهار خسرو هنن لفظن سان ڪري رهيو آهي: ”مرده
بسر چشمئه حيوان رسيد“ مطلب ته هڪ مئل ماڻهو آبِ
حيات جي چشمي تي پهچي ويو آهي.
حضرت محبوب الاهي، شيخ الاسلام خواجہ فريد گنج شڪر
جي خاص مقربن ۽ خليفن مان هو. جنهن جي رشد و هدايت
وارو سج اڌ صديءَ تائين برابر برصغير ۾ چمڪندو ۽
ضياپاشي ڪندو رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت جي وڏي
ڳالهه اها هوندي هئي ته اهي ڪنهن جي به شخصيت کي
دٻائي مجبور ڪري يا ان جي حقيقي صلاحيتن کي فنا
ڪري تربيت نه ڏيندا هئا، پر اهي هڪ مريد ۽ معتقد
جي فڪر ۽ عمل جي سرچشمن کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ کان
پوءِ ان شخص جي ذاتي ۽ خداداد صلاحيتن کي پنهنجو
پاڻ ان طرف ڏانهن هلڻ ڏيندا هئا، جنهن سان انساني
شخصيت پنهنجي ڪمال کي پهچي سگهندي هئي.
خسرو جي ڄمار 9 سالن کان به گهٽ هئي، جو سندس والد
کيس خوشخطريءَ لاءِ قاضي سعد الدين محمد وٽ
موڪليو. خسرو جو طبعي ميلان هن طرح جو هو جو
تختيءَ تي مشق ڪرڻ جي جاءِ تي انهيءَ عمر ۾ ئي
اشعار جهونگارڻ لڳو. پر حضرت محبوب الاهيءَ جي
تربيت ۾ اچڻ کان پوءِ ان پنهنجي جذبات کي اهڙو رنگ
ڏيڻ گهريو، جيڪو سندس طبيعت جو حقيقي رنگ نه هو.
حضرت محبوب الاهي ان زماني ۾ امير خسرو جي ناننگ ۾
منده جي پُل جي دروازي وٽ رهندو هو. ان جي دوربين
نگاهه اهو محسوس ڪيو ته ان ڪشمڪش ۾ خسرو جي شاعري
واري صلاحيت ختم ٿي ويندي، ان ڪري هڪ ڏينهن کيس
فرمايائين ته ”خسرو صفاهانين جي نموني تي ڪو غزل
لک، جنهن ۾ عاشقانه ۽ درد انگيز اشعار هجن ۽ محبوب
جي زلف ۽ تير جو ذڪر هجي.“
خسرو جي بند صلاحيتن لاءِ اهو ڄڻ آزاديءَ جو منشور
هو. مير خورد جو بيان آهي ته حضرت محبوب الاهي جي
هن فرمان کان پوءِ امير خسرو محبوب جي زلف، تير،
استعارن ۽ ڪناين ۾ محو ٿي ويو. هڪ ڏينهن حضرت
محبوب الاهي خسرو جي انهيءَ شاعرانه انهماڪ کي
ڏسندي کيس فرمايو: خسرو! تون مٿي کان وٺي پير
تائين معانيءَ جي درياءَ ۾ غرق رهين ٿو ۽ ڪهڙا
ناياب گوهر ڪڍي اچين ٿو. خسرو پنهنجي شيخ طرفان هن
همت افزائيءَ تي اهڙو خوش ٿيو جو حضرت محبوب
الاهيءَ کي خطاب ڪندي عرض ڪرڻ لڳو ته: ”اين همه
معاني که در فهم اين بيچاره بخاطر جائي مي دهد از
برکت قوتِ اکرام مخدوم عالميان است که بنظر مبارک
اين بيچاره را پرورش مي دهد.“ مطلب ته هن غريب جي
سمجهه ۾ جيڪي معنائون اچن ٿيون، سي سڀ جهانن جي
مخدوم جي تعظيم واري قوت جي برڪت سان آهن، جو
پنهنجي برڪت ڀري نظر سان هن غريب جي تربيت ڪري
رهيا آهن.
حضرت محبوب الاهي جو هڪ اصول اهو به هو ته جنهن
مخلص مريد کي خلافت ڏيندا هئا ته ان کي درٻار
شاهيءَ کان پري رهڻ جي به تلقين ڪندا هئا. سندن
خيال هوندو هو ته شاهي درٻار ۾ رهڻ واري زندگي
روحاني ذميداري کي پوري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي، پر
پاڻ امير خسرو جي صلاحيتن جو خيال رکي، کيس شاهي
درٻار جي قرب ۽ ملازمت کان نه روڪيو. ڇاڪاڻ ته
خسرو جي شاعرانه صلاحيتن لاءِ اهو درباري ميدان به
ضروري هو. پر ان سان گڏوگڏ حضرت محبوب الاهي خسرو
تي ٻين مريدن جي روحاني تربيت جو بار به نه وڌو.
خسرو جي زندگيءَ جي حالات کي غور سان ڏٺو ويندو ته
ان جي شخصيت جي تعمير ۽ ترقي حضرت محبوب الاهي جي
تربيت سان ٿي هئي. خواجه نظام الدين اولياءَ محبوب
الاهي گهڻو ڪري فرمائيندا هئا ته مون لاءِ ڪو وقت
اهڙو به هوندو آهي جو آئون سڀ کان گهٻرائجي ويندو
آهيان ۽ کائن پري رهڻ گهرندو آهيان، ايتري قدر جو
پاڻ کان به تنگ ٿي ويندو آهيان، پر خسرو کان ڪڏهن
به تنگ نه ٿيندو آهيان. جيستائين خسرو دهليءَ ۾
هوندو هو ته روزانو سومهڻيءَ کان پوءِ حضرت محبوب
الاهيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو. اهو وقت اهڙو
هوندو هو جو خواجه صاحب جن ملاقاتين کان فارغ ٿي
اڪيلائيءَ ۾ هليا ويندا هئا ۽ خسرو کان سواءِ وٽن
ڪو وڃي نه سگهندو هو. خواجہ صاحب کانئس هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون پڇندو هو ۽ خسرو دهليءَ جون
سڀ خبرون سندن آڏو بيان ڪندو هو.
ڏٺو وڃي ته جڏهن حضرت محبوب الاهيءَ جي جماعت ۾ ڪو
وڏو واقعو پيش ايندو هو ۽ خواجه صاحب ڪنهن مريد
کان ناراض ٿيندا هئا ته خسرو کان سواءِ ڪنهن به
ٻئي مخلص مريد کي حضرت محبوب الاهي وٽ عرض ڪرڻ جي
جرءَت نه ٿيندي هئي. هڪ ڀيري خواجه حضرت محبوب
الاهيءَ کي خبر ملي ته سندن لنگر خاني جو منتظم
مولانا برهان الدين غريب“ ٽيڪ لڳائي پير ڊگها ڪري
اتي ويٺو آهي. خواجه صاحب کي ان جي ان طرح ويهڻ
مان وڏائيءَ جي بوءِ آئي، جا فقيري جي بنهه ابتڙ
آهي. تڏهن خادم کي حڪم ڏئي موڪليائون ته وڃي برهان
الدين کي چئو ته هو هڪدم گهر هليو وڃي. پوڙهي
برهان الدين کي جڏهن اهو حڪم پهتو ته اچي روئڻ
شروع ڪيائين. کائڻ پيئڻ ان کان ڇڏائجي ويو. لنگر
خاني ۽ جماعت کي ڇڏي محلي جي هڪ الڳ جاءِ ۾ رهڻ
لڳو. جيڪو به سندس حالت کي ڏسندو هو ته اهو به
روئي ڏيندو هو. گهڻن ماڻهن خواجه صاحب کي راضي ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، پر سڀ اڪارتي ويئي. نيٺ امير خسرو وچ
۾ پيو، ڏوهين وانگر دستار ڪنڌ ۾ وجهي حضرت محبوب
الاهيءَ جي آڏو حاضر ٿيو.
خواجه صاحب خسرو کي ان حالت ۾ ڏسي گهٻرائجي ويو ۽
کانئس پڇيائين ته ترڪ! ڇا ٿو گهرين؟ هن عرض ڪيو ته
”برهان الدين جي معافي!“ خواجه صاحب وٽ خسرو جي
سوال تي ”ها“ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هو ۽
ايتري ساري ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي.
امير خسرو جي زندگيءَ جي احوال پڙهڻ مان ائين ٿو
معلوم ٿئي ته ان جي بدن جي هڪ هڪ رڳ ۾ حضرت محبوب
الاهيءَ جي محبت ائين سمائجي ويئي هئي، جيئن گل جي
پن ۾ صبح جي ٿڌڙي هوا جي نمي يا آلاڻ سمائجي ويندي
آهي. خسرو جڏهن به پنهنجي مربي ۽ شيخ جي خدمت ۾
ايندو هو، ته مٿي کان پيرن تائين محبت جو پتلو نظر
ايندو هو، ته مٿي کان پيرن تائين محبت جو پتلو نظر
ايندو هو. جڏهن حضرت محبوب الاهي جو بيان ڪندو هو
ته مٿس عجيب حالت طاري ٿي ويندي هئي، پاڻ به رقص
ڪندو هو ۽ ٻين کي به رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو.
خسرو حضرت محبوب الاهي کي خطاب ڪندي چوي ٿو:
اي چهره زيبزئي تو رشک بتان آزري
هر چند وصفت مي کنم ليکن ازان بالاتري
آفاقها گرديدام مهر بتان ورزيده ام
بسيار خوبان ديده ام اما تو چيزي ديگري
امير خسرو کي حضرت محبوب الاهيءَ سان جيڪو والهانه
عشق ۽ محبت هئي، ان جو اندازو هڪ واقعي مان ٿي
سگهي ٿو، جنهن کي شهزاده دارا شڪوه سندس تاليف
سفينة الاولياءَ ۾ آندو آهي ته هڪ سيلاني فقير
حضرت محبوب الاهي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي
احتياجي ۽ ضرورت کي سندن آڏو رکيائين. اتفاق اهڙو
جو ان موقعي تي خواجه صاحب وٽ ڪجهه به نه هو.
خواجه صاحب فقير کي پنهنجي جتي عنايت ڪئي، جنهن کي
فقير به خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ دهليءَ مان روانو
ٿي ويو. ان زماني ۾ امير خسرو شهزاده محمد سان
ملتان ۾ رهندو هو ۽ هر سال هڪ ڀيرو امير محمد سان
گڏجي دهلي ايندو هو. اتفاق سان واٽ تي ان جي
ملاقات ان فقير کان ٿي، ان سان پنهنجي پير مرشد جو
احوال معلوم ڪيائين. فقير پنهنجو سارو واقعو کيس
ٻڌايو ۽ خواجه صاحب جي جتي ڏيکاري. امير خسرو ان
جتيءَ کي پنج لک ٽڪن ۾ خريد ڪيو ۽ وٽس اها ئي رقم
هئي، جا کيس ڏنائين نه ته اڃان به کيس وڌيڪ ڏئي ها
۽ زبان حال سان هي شعر پڙهندو رهيو:
چه بود متاع خسرو که کند نثار جانان
حضرت محبوب الاهي بابت خسرو ڪيترين جاين تي لکي
چڪو آهي ته اهي دل جي بيماريءَ جا طبيب هئا.
”ما از پئي بيمار دلها طبيب.“
خسرو جي دل جي دنيا به انهن ئي سنواري هئي. خسرو
جي وقتي جذبن ۽ امنگن کي جيڪي فنا ٿي وڃن ٿا،
خواجه صاحب انهن کي روشن ڪري اعليٰ مقصد لاءِ خرچ
ڪرائي خسرو کي هميشه لاءِ لافاني شخصيت بنائي
ڇڏيو.
طريقت جي پهرين ۽ آخري منزل عشق جي جذبي کي قرار
ڏنو ويو آهي. اهو دنيا جي مادي ۽ ظاهري دلفريبيءَ
جو نالو آهي، اها انساني دل جي اها ڪيفيت آهي،
جيڪا ڪائنات جي راز کي پروڙي ۽ ان جي خالق سان
پنهنجو لاڳاپو جوڙي ٿي. چشتي سلسلي جا مشائخ
پنهنجي مريدن ۽ معتقدن ۾ عشق جي انهيءَ چڻنگ کي
روشن ڪندا هئا. خواجه محبوب الاهيءَ جو مرشد حضرت
بابا فريد گنج شڪر جڏهن ڪنهن مخلص مريد کان راضي
ٿيندا هئا ته کيس اها دعا ڪندا هئا ته الله توکي
”درد“ عطا ڪري. مطلب ته توکي اهڙي دل ڏئي، جيڪا
حقيقت عشق جي باهه ۾ هميشه سڙندي رهي.
حضرت محبوب الاهي جي صحبت ۾ به امير خسرو عشق جي
انهيءَ اهميت ۽ مقام کي ڄاڻي ورتو ۽ ان تي ئي
پنهنجي شخصيت جي بلند ماڙي تعمير ڪئي. فطرت طرفان
ان کي سوز و گداز گهڻو ئي عطا ٿيل هو. حضرت محبوب
الاهي جي اثر هيٺ سندس اهو حال ٿي ويو جو عشق و
محبت جي بجلي سندس رڳ رڳ ۾ چمڪڻ لڳي، تڏهن ان وڏي
واڪي ان ڪيفيت جو هن طرح اظهار ڪيو:
کافر عشقم مسلماني مرادر کارنيست
هر رگ من تار گشته حاجت زنار نيست
حضرت امير خسرو اهو ٻڌايو ته جنهن انسان جي دل
(حقيقي) عشق لاءِ تيار نه آهي ته اها مٽيءَ جو هڪ
ڍير آهي، ان کي نباتات ۽ جمادات ۾ ڳڻن گهرجي. مطلع
الانوار ۾ فرمائي ٿو:
آدمي آن است که دروي دل است
ورنه علف خانه آب و گل است
دل نه همان قطره خون است تو بس
کز خورد آشام بر آرد نفس
دل اگراي مهره آب و گل است
خرهم از قبال تو صاحب دل است
امير خسرو جي درٻاري تعلق ۽ عاشقانه شاعريءَ کي
ڏسندي اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته هو عبادت ۽ رياضت ۾
خاص دلچسپي نه وٺندو هو. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي،
سندس هڪ معاصر مير خورد جو چوڻ آهي ته خسرو هر رات
تهجد وقت قرآن مجيد جا ست پارا نهايت خوش الحان
سان پڙهندو هو. خسرو جو اهو عقيدو هو انسان جي
پيدائش جو مقصد عبادت آهي. فرمائي ٿو:
هر چه بدهر آمدمي و پري
نيست مگر بهر پرستش گري
مطلب ته انسان يا جن جيڪي به هتي پيدا ٿيا آهن، سي
سڀ عبادت لاءِ آهن.
حضرت محبوب الاهي اڌ صدي تائين دهليءَ ۾ رهي اها
ڪوشش ڪئي ته انسان ۾ انسايت جو احترام پيدا ڪيو
وڃي، ان کان سواءِ انساني سماج جي ڪاميابي نه ٿي
سگهندي. خسرو پنهنجي پير و مرشد جي انهيءَ تعليم
کي پوري طرح آڏو رکيو. ان وٽ آدميت نالو آهي
انسانيت جي احترام جو. اهو فڪر سندس ڪيترن اشعارن
۾ پڌرو نظر اچي ٿو.
(ريڊيو پاڪستان جي شڪريي سان)
سيوهاڻي شهباز ۽ سندس هم عصر
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته برصغير پاڪ و هند ۾
اسلام جي آمد، عرب فاتحن جي اچڻ کان گهڻو اڳ شروع
ٿي. اسلام جي ظهور کان اڳ ئي هن خطي جو عام طرح ۽
وادي سنڌ جو خاص طرح يمن جي رستي عرب ۽ ٻين ملڪن
سان واپار هلندڙ هو. قرآن مجيد ۾ جنهن ريشمي ململ
”سُندس“ جو ذڪر آهي، دور جديد ۽ عصر حاضر جي
لسانيات جا ڪي ماهر ان کي سنڌڻ يا سنڌ جي ململ
سڏين ٿا، اهڙي طرح پيغمبر عليہ السلام جي لاءِ هڪ
صحيح حديث ۾ ”حلة حمراءُ“ يمن جي ڳاڙهي پوشاڪ جو
بيان آيل آهي، اها به اصل ۾ سنڌ جي ساختہ هئي، جو
يمن ۾ پهچي ان کي يمني سڏيو ويندو هو.
انسانيت جي آخري مذهب اسلام جي ظهور کان پوءِ پاڻ
انهيءَ تجارتي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيو، اسلام هڪ
تبليغي مذهب آهي ۽ قديم دور ۾ هر مسلمان پاڻ کي
مبلغ سمجهندو هو، ان ڪري اسلام کان پوءِ عرب
واپاري هتي واپار سان گڏ بنا ڪنهن زور، زبردستي ۽
جهيڙي جهٽي جي اسلام جي اشاعت ڪري رهيا هئا، انهن
سان خدا پرست ۽ صوفي بزرگ به هوندا هئا ۽ انهن
لاءِ هتي مسجدون ۽ تبليغي مرڪز بنائي، کين تبليغ
لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو.
برصغير پاڪ و هند جي اتر واري ڀاڱي ۾ مسلمانن جي
باقاعده آمد، اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق
رضي الله عنہ جي خلافت ۾ ئي شروع ٿي وئي هئي، اهي
اترين ساحل تي برابر آباد ٿيندا ويا. انهيءَ دور ۾
جڏهن بحرين ۽ عمان جو گورنر عثمان ثقفي هو ته ان
هڪ دريائي فوج حملي لاءِ موڪلي. جڏهن فاروق اعظم
رضي الله عنہ کي ان حملي جي سُڌ پئي ته پاڻ ان کي
پسند نه ڪيائون، کين سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏنائون. ساڳي
وقت بهروچ ۽ ديبل سنڌ ڏانهن به ڪجهه لشڪر موڪليو
ويو، پر حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ جي منع ڪرڻ
تي انهيءَ مهم کي روڪيو ويو. مسلمانن جو اهو
پهريون ٻيڙو هو، جيڪو سن638ع ۾ برصغير پاڪ و هند
جي سمنڊ ۾ نمودار يو. هتي جو خشڪي رستو به انهيءَ
دور ۾ معلوم ڪيو ويو، جنهن مان مسلمانن کي مفيد
معلومات حاصل ٿي. انهيءَ صدي عيسويءَ ۾ حجاج بن
يوسف، ڪنهن بني هاشم کي جلا وطن ڪيو، انهن مان ڪي
برصغير جي اولهه ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪي وري راس
ڪماري جي اوڀر ڏانهن هليا ويا، هتي جي ماڻهن انهن
جي چڱي مرحبا ڪئي. نيٺ اڳتي هلي اٺين صديءَ ۾ ئي
محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو ۽ سنڌ اسلام جو
دروازو بڻيو ۽ هتي عالمن، اديبن، صوفين ۽ خدا
پرستن جي آمد شروع ٿي ويئي، ڇوته انهيءَ دور جو
اهو دستور هو ته جتي مسلمانن جو لشڪر يا مسلمان
تاجر پهچندا هئا، ته اتي صوفي ۽ مشائخ به پهچي
ويندا هئا. اٺين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جو هڪ وڏو
محدث ۽ پهريون مولف امام ابو جعفر بصري سنڌ ۾
تبليغ جي اشاعت اسلام لاءِ آيو ۽ هتي ئي 160هه ۾
هن پاڪ خاڪ ۾ مدفون ٿيو. اهو سلسلو برابر هلندو
رهيو، ڏهين صديءَ ۾ منصور حلاج، برصغير پاڪ و هند
جو دريائي سفر ڪيو ۽ واپسيءَ ۾ خشڪيءَ رستي هن
پاسي کان ئي وطن واپس وريو. اهوئي سبب آهي جو هن
خطي ۾ وحدت وجود ۽ تون ئي تون تن جي هونگار اصل
کان هلندي اچي. يارهين صدي ۾ بابا ريحان، درويشن
جي هڪ جماعت سان گڏجي بغداد کان بهروچ ۾ آيو ۽ اتي
جي هڪ راجا جي پٽ کي مسلمان ڪيو. 1076ع ۾ بوهره
اسماعيلين جي مذهبي اڳواڻ يمن کان هلي گجرات ۾
رهائش اختيار ڪري تبليغ شروع ڪئي ۽ بوهرن کي
مسلمان بنايو.
سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ته ڪيترائي
عالم ۽ درويش برصغير ۾ اچڻ لڳا، جن مان تصوف جي
ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ جو مصنف سيد علي بن عثمان عرف
داتا گنج بخش خاص طرح قابل ذڪر آهي، جو اسلامي
ملڪن جو سير ڪندي لاهور پهتو ۽ لاهور کي ئي تبليغي
مرڪزي بنائي رشد و هدايت جو فيض جاري ڪيو. سندس
وفات سن415 يا 469هه ۾ ٿي. منطق الطير ۽ تذڪره
الاولياءَ جو مصنف شيخ فريد الدين عطار پڻ 12 صدي
عيسويءَ ۾ برصغير جي تبليغي سياحت ڪري واپس وريو.
1197ع ۾ خواجہ معين الدين چشتي اجمير پهچي ان کي
تبليغ لاءِ مرڪز بنايو ۽ اتي ئي 1234ع ۾ وفات ڪئي.
تيرهين صدي عيسويءَ ۾ شهاب الدين سهرورديءَ جو
مريد شيخ جلال الدين تبريزي، بنگال ويو ۽ ساڳي وقت
شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي هڪ ٻئي خليفي مخدوم
نوح بکريءَ سنڌي، بکر سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ باطني
فيض جي پالوٽ لاءِ وڏو مرڪز بنايو. مخدوم نوح
بکريءَ جو مقبرو، روهڙي کان سکر ڏانهن ويندي بکر
قلعي ۾ ريلوي بند جي اوڀر ۾ هڪ ننڍي قبي جي حيثيت
۾ اڳين اهڃاڻن جو ڏس ڏئي رهيو آهي. 1244ع سيد جلال
الدين بخاري بکر کان اُچ پهتو ۽ شيخ مسعود شڪر گنج
عرف بابا فريد پاڪ پتن کي پنهنجي فيض لاءِ مستقل
مرڪز قرار ڏنو ۽ اهوئي روشن دور آهي، جو اسان جو
سيوهاڻي شهباز مخدوم سيد عثمان قلندر لعل، سيوهڻ
جهڙي تاريخي ۽ قديمي شهر کي پنهنجي سڪونت جو شرف
بخشي، سنڌڙي جو سرتاج بڻيو. 1388ع ۾ شيخ ابن عربي
جي فلسفي جو شارح ۽ جڳ مشهور ڪتاب ”انسان ڪامل“ جو
مصنف سيد عبدالڪريم جيلي جهيڙو وحدت وجودي صوفي
هتي آيو ۽ سياحت ڪندي فيض جي پالوٽ سان هن ملڪ کي
سيراب ڪري واپس وريو، ان کان سواءِ اسماعيلي خوجہ
فرقي جو باني پير صدر الدين بن شهاب الدين بن نصير
الدين بن شمس الدين سبزواري 1290-1409ع هت آيو،
جنهن هزارن غير مسلمانن کي اسلام ۾ آندو. ڪشمير ۾
بلبل شاهه درويش جي برڪت سان اسلام ڦهليو. 1388ع ۾
سيد علي همداني به ڪشمير ويو، جنهن به اتي اسلام
جي وڏي اشاعت ڪئي، ان کان اڳ بو علي قلندر، پاني
پت کي تبليغ جو مرڪز بنايو ۽ ٽن سون راجپوتن کي
اسلام جي دائري ۾ داخل ڪيو.(1)
سيوهاڻي لعل جي سوانح جا تاريخي ماخذ:
برصغير پاڪ و هند جي تاريخ ۽ اولياءَ الله جي
تذڪرن ۾ قلندر لعل سيوهاڻي جو جيڪو مختصر احوال
معلوم ٿئي ٿو، انهن ڪتابن مان تاريخ معصومي ۽
حديقة الاولياءَ قديمي ماخذ آهن. پويون ڪتاب، سيد
عبدالقادر بن سيد هاشم ٺٽويءَ جو لکيل ”اولياءَ
الله جو تذڪرو“ آهي، هن جي تاليف جو سن1016هه آهي.
سيد عبدالقادر ٺٽوي پنهنجي هن تاليف ۾ لعل سائين
جو جيڪو احوال آندو آهي، اهو بنهه مختصر آهي، جنهن
۾ آستانه قلندري تي بدڪار عورتن جو قديم اڏو ۽
قلندر جي خضر عليہ السلام وانگر هڪ ماڻهوءَ کي
مارڻ جو قصو لکيو آهي، اهو سارو احوال مثنوي جي
صورت ۾ منظوم ڪري 29 بيتن ۾ آندو ويو آهي، جنهن ۾
احوال گهٽ ۽ عقيدتمندي جو اظهار گهڻو ڪيل آهي.
نموني طور شروع جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
شاه باز نشيمن لاهوت |
- |
شاهِ اورنگ خطئه ملکوت |
اهلِ دل، عارفِ معارفِ حق |
- |
صاحبِ وجد و تارڪِ مطلق |
شاه عثمان، شاه باز لقب |
- |
اشرف الذات هم شريف نسب |
بحرِ عرفان، کنوزِ دانائي |
- |
مهرِ ايقان، چراغِ بينائي |
مستِ خم خانهءَ محبت و شوق |
- |
بلبلِ گلستانِ عالمِ ذوق |
صاحب حال و کاملِ ابدال |
- |
محرمِ خلوت و حريمِ وصال |
حبذا روضه اش بہ سيوستان |
- |
عطر افزان چو روضه رضوان |
آخر ۾ سال وفات هن طرح نثر ۾ لکيو اٿس:
بيست و يکم شهر شعبان المعظم در 673هه ازين دنيا
فاني رحمت نمود - آستانہ متبرکہ در بلده سيوستان
است.(1)
تاريخ معصومي ۾ به ڪو خاص احوال بيان نه ڪيو ويو
آهي. مختلف جاين تي ضمني تذڪرو ٿورن جملن ۾ آندو
اٿس ۽ هڪ هنڌ حضرت عثمان قلندر لعل لاءِ هيٺيان
القاب ”فارسِ مضمارِ حقيقت و يکه تاز ميدانِ
معرفت، واقف رموز لي مع الله، مفتاحِ کنوز سرائر
هو الله“ آڻي ٻڌايو اٿس ته پاڻ 662 هجريءَ ۾ ملتان
۾ تشريف فرما ٿيا.
هنن ٻن ڪتابن کان پوءِ سيوهاڻي شهباز جو مختصر
معتبر احوال، وادئ سنڌ جي هڪ وڏي اديب، محدث ۽
شاعر مولانا محب علي سنڌي ٺٽوي، وفات 1043هه جي هڪ
تحرير مان ملي ٿو. اها تحرير برصغير پاڪ و هند جي
عظيم مورخ، اديب ۽ شاعر مير غلام علي آزاد
بلگراميءَ کي هٿ آئي، جنهن جو ذڪر ماثر الکرام ۾
هن طرح ڪري رهيو آهي:
”راقم الحروف بخط مولانا محب علي تتوي کہ از
بزرگان عهد بود و ذکر او در شاهجهان نامہ و ديگر
کتب تاريخ مسطور است مشاهده کرد اين عبارت کہ:
حضرت مخدوم لعل شاه باز قدس سره اسم شريف وي عثمان
است- و فقير در لوح سنگي سياه ديده بود کہ باين
روشن کنده بود:
شيخ عثمان مرندي قطب دين باز سيد و مرند بفتح ميم
وراءِ مهملہ و سکون نون و دال مهملہ قريہ ايست
قرائي تبريز انتهيٰ.“
راقم حروف (مير غلام علي) مولانا محب علي ٺٽويءَ
جي هڪ تحرير ڏٺي. مولانا محب علي وقت جي وڏن بزرگن
مان هو، هن جو بيان شاهجهان نامو ۽ ٻين تاريخ جي
ڪتابن ۾ لکيل آهي. مولانا محب علي جي لکيل عبارت
هئي ته حضرت مخدوم لعل شهباز قدس سره، سندن نالو
عثمان آهي ۽ فقير (يعني مولانا محب علي) هڪ ڪاري
پٿر جي تختي تي هن طرح پٿر جي لکائي ڏٺي: شيخ
عثمان مرندي، دين جو قطب، باز لقب سان مشهور ۽
مرند ميم جي زبر ۽ ري بنا نقطي واري کي به زبر ۽
نون ساڪن ۽ دال بنا ٽٻڪي جي. اهو تبريز جي ڳوٺن
مان هڪ ڳوٺ آهي، پوري ٿي لکائي.
ماثر الڪرام جو مصنف، مٿئين تحرير کان پوءِ تاريخ
فيروز شاهي ۾ ضياءَ برني جو، قلندر شهباز بابت
احوال نقل ڪري ٿو ته جڏهن حضرت شهباز قلندر ملتان
پهتو ته خان شهيد يعني سلطان محمد خان، جنهن کي
حضرت شهباز ۾ گهڻو اعتقاد هو. ان تواضع بجا آندو ۽
گهڻي خدمت ڪئي ۽ وڏي ڪوشش ڪئي ته قلندر لعل ملتان
۾ رهي پوي ۽ ان لاءِ خانقاهه به ٺهرايائين، پر
حضرت عثمان اتي رهڻ ۾ راضي نه ٿيو. هڪ ڏينهن خان
شهيد حضرت شيخ صدر الدين عارف (ملتاني) ۽ شيخ
عثمان مروندي کي مجلس ۾ گهرايو ۽ عربي غزلن پڙهڻ
جي محفل شروع ٿي، مٿيان ٻيئي بزرگ ۽ ٻيا درويش
سماع ۽ رقص ۾ محو ٿي ويا. خان شهيد هٿ ٻڌيو بيٺو
هو ۽ زاروقطار روئي رهيو هو.(1)
هن حوالي کان پوءِ مير غلام علي آزاد بلگرامي 10
ربيع الاول 1143هه ۾ وقائع نگاري جي خدمت جي سلسلي
۾ پنهنجي سيوهڻ وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ساڻس،
سيوهاڻي شهباز جيڪا نوڪريءَ جي سلسلي ۾ روحاني مدد
ڪئي، ان جو ذڪر ڪري آخر ۾ لکي ٿو:
وفات آن جناب بيست و يکم شعبان 673 هجري ثلث و
سبعين و ست مائة واقع شد.(2)
اسان کي محب علي ٺٽويءَ جي مٿئين تحرير مان،
سيوهاڻي قلندر سائين جي اصلي ڳوٺ بابت اها پختگيءَ
سان راءِ قائم ڪرڻي پوي ٿي ته اهو ”مرند“ هو،
مرورِ ايام ۽ لا علمي ڪري ان کي ”مروند“ سڏيو وڃي
ٿو.
سيوهاڻي لعل شهباز جي سوانح جو چوٿون قديمي تاريخي
ماخذ معارج الولاية ڪتاب آهي. هي تذڪرو شاهجهاني
دور جو لکيل آهي ۽ هن جو مصنف غلام معين الدين
عبدالله قصور خليفة الخشوگي آهي، هن ۾ برصغير پاڪ
و هند جي مشائخن جو احوال بيان ڪيو ويو آهي. هن
کان پوءِ جيڪي تذڪرا برصغير جي مشائخن ۽ اوليائن
جي احوال ۽ سوانح بابت لکيا ويا آهن، انهن معارج
الولاية کان گهڻو ڪجهه ورتو آهي. هي ڪتاب هاڻي
ناياب آهي. مفتي غلام سرور لاهوري، خزينة
الاصفياءَ ۾ جيڪو اسان جي قلندر شهباز سيوهاڻيءَ
بابت احوال ڏنو آهي، سو سڀ معارج الولاية تان ورتل
آهي. جنهن ۾ ڪچو، ڦڪو احوال لکي قلندر لعل کي شرع
جي حد کان ٻاهر، ملامتي ۽ ڀنگ نوش ڪري پيش ڪيو ويو
آهي. هن لاءِ انهن وٽ ڪهڙو تاريخي ثبوت هو؟ ان کي
اهي ڪڏهن به پيش ڪري نٿا سگهن. ٻئي پاسي حضرت
مخدوم عثمان سيوهاڻي شهباز جا جيڪي گهاٽا يار ۽
رفيق ٻڌايا ويا آهن، سي آهن: شيخ الاسلام غوث
بهاءُ الحق ملتاني جهڙو متشرع بزرگ ولي، حضرت فريد
الدين شڪر گنج پاڪ پتن وارو ۽ مخدوم سيد جلال
الدين بخاري جهڙو محدث ۽ فقيهه عالم. ان ڪري انهن
تذڪرن جي اهڙين بي سند ڳالهين کي ڪابه اهميت نه
آهي.
سيوهاڻي لعل جي سوانح جو پنجون ۽ ڇهون ماخذ آهي،
وادئ سنڌ جي متاخر عظيم مورخ مير علي شير قانع
ٺٽويءَ جو ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراءَ“. هن
۾ لعل سائين جو جيڪو احوال آيل آهي، اهو گهڻي ڀاڱي
اڳين قديم ماخذن تان ورتل آهي. هن کان پوءِ جا
لکيل تذڪرا سڀ تحفة الڪرام جا طفيلي آهن.
هنن سڀني تاريخن ۽ اولياءَ الله جي تذڪرن مان حضرت
لعل شهباز قلندر جي خالص سوانح کي، ڪچين ڦڪين
ڳالهين ۽ عقيدت جي گلن ڦلن کان الڳ ڪري پيش ڪبو ته
ان جو خلاصو هيءُ نڪرندو ته، قلندر شهباز جو نالو
سيد عثمان هو. حضرت امام جعفر صادق جي وڏي
صاحبزادي حضرت اسماعيل سان سندس نسب ملي ٿو. پاڻ
تبريز جي هڪ ڳوٺ مرند جو ويٺل هو، سنِ بلوغت کي
پهچڻ کان پوءِ بابا ابراهيم جي خدمت ۾ پهچي ويو ۽
اتي ذڪر و فڪر کي لڳي ويو. هڪ سال بابا ابراهيم جي
خدمت ۾ رهي، فيض حاصل ڪري، برصغير پاڪ و هند جو رخ
رکيائين. شيخ بهاءُ الدين زڪريا غوث ملتاني، شيخ
فريد الدين مسعود شڪر گنج، سيد جلال الدين بخاري ۽
بو علي قلندر سان ريهاڻيون ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته
شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان فيض ياب
ٿيو. غوث زڪريا ملتاني جي صاحبزادي شيخ صدر الدين
عارف سان به سندس گهڻي صحبت ۽ ملاقات هوندي هئي،
ملتان کان پاني پت وڃي بو علي قلندر سان روحاني
رهاڻ به ڪيائين ۽ ان جي ارشاد ۽ مشوري سان وادئ
سنڌ ۾ سڪونت جو پڪو پهه ڪيائين. بلبن جو پٽ خان
شهيد، شهباز سائين جو وڏو معتقد هو ۽ ان وڏي ڪوشش
ڪئي ته جيئن قلندر شهباز ملتان ۾ رهي پئي ۽ ان
مقصد لاءِ هن هڪ خانقاهه به ٺهرائڻ شروع ڪئي، پر
قلندر نه مڃيو، باقي ڪڏهن ڪڏهن خان شهيد جي محفل ۾
ويندا هئا ۽ شيخ صدر الدين عارف سان گڏ سماع ۽ رقص
۾ حصو وٺندا هئا.
پاڻ سياحت ۽ سير و سفر جا شائق هوندا هئا. حضرت
شيخ بهاءُ الدين ملتاني سان گڏجي وادئ سنڌ ۾
سيوهڻ، ان جون ٽڪريون ۽ پيرپٺي جي آس پاس وارن
آستانن ۽ ماڳن جو سير ڪيائون. برصغير جي چڱي سياحت
ڪيائون ۽ ان کان پوءِ سنڌ ڏانهن موٽي هن سيوهڻ ۾
سڪونت اختيار ڪئي، پڇاڙي تائين اتي رهيا ۽ وفات به
اتي ڪيائون ۽ اتي ئي دفن ٿيا. پاڻ وڏا باوقار،
مجرد ۽ اڪيلي زندگي گهاريندڙ ۽ عورتن کان پري
رهندڙ هئا. سندن ڪشف ۽ ڪرامتن جون گهڻيون ئي
ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن. هن دور جي سلجهيل ۽
معتبر عربي تذڪير نزهة الخواطر ۾ به اهوئي مٿيون
سوانحي خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.
هسٽري آف سنڌ ۾ برٽن، لعل سائين جي علمي مهارت تي
هيٺيون اضافو ڪيو آهي ته قلندر وڏو عالم، ادب، صرف
۽ نحو ۾ وڏو ماهر هو. برٽن جي زماني سن1852ع ۾ سنڌ
جي عربي مدرسن ۾ صرف ۽ نحو جا جيڪي ڪتاب پڙهايا
ويندا هئا، انهن مان ميزان الصرف وغيره قلندر
شهباز جي تاليف هئا. اسان کي ٻئي ڪنهن به تذڪري ۽
تاريخ مان برٽن جي انهيءَ ڳالهه جي تصديق يا تائيد
نه ٿي سگهي آهي. ميزان الصرف اڄ به موجود آهي، جو
مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. هن جي مولانا عبدالحي صاحب
لکنوي مرحوم، تبان نالي شرح به لکي آهي، ساڳي ريت
هڪ ٻيو ڪتاب قلمي صورت ۾ وادئ سنڌ جي ڪتب خانن ۾
محفوظ آهي، جنهن کي عشقيہ سڏيو وڃي ٿو. هن جو سنڌي
۾ به ترجمو ڇپجي چڪو آهي. هن جو مصنف شيخ عثمان
انصاري آهي، جنهن کي ڪن مخطوطن ۾ مخدوم عثمان
مروندي لکيل آهي. اها به نالي جي اشتراڪ ڪري غلط
فهمي پيدا ٿي آهي، نه ته اصل ۾ اهو ڪتاب شيخ عثمان
جالندريءَ جو لکيل آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي پڙهڻ
سان اها ثابتي ملي ٿي ته ان ۾ جن ڪتابن جا حوالا
آيل آهن، تن جا مؤلف، لعل سائين جي دور کان گهڻو
پوءِ جا آهن. هن تي ماهنامه ”الرحيم“ اردو ۾ ڊاڪٽر
غلام مصطفيٰ صاحب صدر اردو شعبي جو تفصيلي مقالو
ڇپجي چڪو آهي.
هن حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته جن بزرگن
قلندر جي عظيم منصب کي ماڻيو آهي، اهي سڀ ظاهري
علم جا به علامه هئا ۽ اسان جي سيوهاڻي شهباز
قلندر به ضرور شروع ۾ انهيءَ منزل کي طئي ڪيو
هوندو. سندس وقت جي عالمن، اديبن ۽ محدثن سان
ريهاڻ ۽ علمي مجسلون سندس علامه ظاهري علم جي هڪ
بحر بي ڪنار هجڻ لاءِ ڪافي اهڃاڻ آهن، پر قلندر
اصل ۾ علمي انسان هجڻ کان وڌيڪ عمل جو مجسمو هوندا
آهن. اهي گفتار جا غازي نه، پر ڪردار جا غازي
هوندا آن. انهن جي سموري زندگي بي غرضي ۽ خلق خدا
جي خدمت ۽ انهن کي فيض ۽ ڀلي پهچائڻ ۾ گذرندي آهي.
اهي گهڻو ڪري ماڻهن کي سرمايه ۽ دولت کان دور رهڻ
جي تعليم پنهنجي پاڪ زندگي ذريعي ڏيندا رهندا آهن،
ڇوته پاڻ وٽ اهي هڪ ڪوڏي رکڻ روا نه ڄاڻندا آهن.
سندن عملي زندگي سيدنا ابو ذر غفاري واري مجاهدانه
زندگي رهي آهي. جيڪڏهن انهيءَ ڪسوٽيءَ تي اسان جي
سيوهاڻي لعل سائين جي سوانح کي پرکبو ته اوليائن ۾
سندن مقام ۽ مرتبو ائين نظر ايندو، جيئن تارن ۾ سج
نظر اچي رهيو آهي. تاج الاسلام ابوبڪر محمد
الڪلابازي وفات 380هه پنهنجي مشهور عالم تصنيف
”التعرف لمذهب اهل التصوف“ ۾ لکي ٿو، سهل بن
عبدالله تستري کان پڇيو ويو ته صوفي ڪير ٿيندو
آهي؟ جواب ۾ فرمائڻ لڳو ته جيڪو ڪدورت کان صاف،
فڪر سان ڀريل، الله سان راغب هجي ۽ ان جي آڏو سون
۽ ڀتر هڪ سمان هجن. اهو مقولو، سيوهاڻي لعل تي سو
فيصد صحيح اچي ٿو. قلندر سان ڪدورت جو کوڙو ئي نه
ٿو لڳي، ان جو اندر الاهي نور سان اجريل هوندو آهي
۽ ان جي فڪر ۽ فنا في الله هجڻ جو ته ڪاٿو ئي
ڪونهي. هو ڌن، دولت، دنيا ۽ سرمايه داري کان بنهه
آجو رهي، ٻين کي پڻ پنهنجي عمل سان اهڙي تلقين
ڪندو آهي.
سهيوڳي ۽ همعصر
مخدوم قلندر شهباز جي سهيوڳن ۽ بزرگن رفيقن مان
چئن اوليائن جا نالا تاريخي تذڪرن ۾ گهڻي شهرت رکن
ٿا، جن مان سر فهرست شيخ الاسلام زڪريا بن محمد
معروف غوث بهاءُ الحق ملتاني جو نالو اچي ٿو. هن
بزرگ جي ولايت، تقويٰ ۽ علم تي سڀني جو اتفاق آهي.
غوث ملتاني جا وڏا اصل ۾ منصوره سنڌ جي هيبري عربن
جو اولاد آهن، جو اڳتي هلي هتان اسري ملتان ڏانهن
هليا ويا. غوث ملتاني، ملتان جي آس پاس ڪوٽ ڪرور ۾
566هه ۾ پيدا ٿيو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ هو جو سندس
والد وفات ڪري ويو. علم پرائڻ لاءِ بخارا هليو
ويو. اتي چڱو علم حاصل ڪري حج لاءِ حرمين ويو. پنج
سال مديني منوره ۾ رهي محدث ڪمال الدين محمد
يمانيءَ کان علم حديث پڙهيائين. ان کان پوءِ بيت
المقدس جي زيارت ڪري بغداد آيو ۽ شيخ شهاب الدين
عمر بن محمد سهروردي، شيخ طريقت سهرورديءَ کان
خلافت حاصل ڪري وطن وريو. کيس مرشد اها نصيحت ڪئي
هئي ته بکر سنڌ ۾ وڃي، مخدوم نوح بکري جي صحبت
ڪري، پر اتي پهچڻ کان اڳ ئي مخدوم نوح بکري وفات
ڪري چڪو هو، ان ڪري ملتان هليو ويو ۽ فيض جا دريا
وهايائين، کيس ولين جو سردار سڏيو ويندو آهي. اسان
جي لعل سيوهاڻي به ساڻس رهاڻيون ڪيون ۽ ساڻس گڏجي
سير و سياحت به ڪئي. مخدوم ملتاني بروز خميس 7 صفر
666هه قلندر شهباز کان 7 سال اڳ وفات ڪئي.(1)
شيخ فريد الدين
سهڻي سيوهاڻي جو ٻيو رفيق شيخ فريد الدين مسعود بن
سليمان (شڪر گنج) پاڪ پتن وارو چيو وڃي ٿو. شيخ
فريد بابا، جو برصغير پاڪ و هند جي اوليائن ۾
نهايت وڏو مقام آهي، خواجہ نظام الدين محمد
بدايوني (نظام الاولياءَ) شيخ علاءُ الدين علي
الصابر ڪلير جهڙا مشهور ولي به بابا فريد جا خليفا
آهن. شيخ جي ولادت 569هه ۾ ٿي، هن جو ڏاڏو شعيب
بالي تاتارين جي فتني دوران، هتي آيو ۽ کهتوال
ملتان ۾ قاضي ٿيو. شيخ فريد ملتان ۾ علم پرايو ۽
اتي ئي خواجہ قطب الدين بختيار اوشيءَ جي 584هه ۾
کيس زيارت نصيب ٿي ۽ ساڻن گڏجي دهلي ويو. گهڻي مدت
ساڻن گڏ رهي فيض ورتائين. شيخ فريد جي هيٺين بزرگن
سان پڻ ملاقات ٿي. شيخ شهاب الدين سهروردي، شيخ
سيف الدين باخري، شيخ سعد الدين حموي، شيخ بهاءُ
الدين ملتاني.
12 ورهيه هانسيءَ ۾ گذاريائين، آخر ۾ اجوڌن پاڪ
پتن کي پنهنجو آستان بنايائين ۽ اتي ئي 644هه ۾
وفات ڪيائون.(1)
سيد جلال الدين بخاري
سيوهاڻي شهباز جو ٽيون سهيوڳي ۽ سفر جو ساٿي سيد
جلال الدين بخاري چيو وڃي ٿو. هن بزرگ جو نالو ۽
نسب هن طرح آهي: جلال الدين حسين بن علي بن جعفر
بن محمد بن محمود بن احمد بن عبيدالله بن علي بن
جعفر بن علي بن محمد بن الامام علي الرضا. سيد
جلال الدين علم ۽ معرفت جو وڏو صاحب هو. بخارا ۾
پيدا ٿيو. پنهنجي والد کان علم پرايائين ۽ پنهنجي
ٻن پٽن علي ۽ جعفر سميت بخارا کان بکر سنڌ ۾ آيو،
کيس سيد بدر الدين حسيني بکري پنهنجي ڌيءَ بيبي
زهره سان شادي ڪرائي، اتان پوءِ ملتان ويو.
سن645هه ۾ غوث بهاءُ الدين ملتاني سان مليو ۽
کانئس فيض پرائي بکر سنڌ ڏانهن موٽيو. جڏهن سندس
گهر واري بيبي زهره فوت ٿي وئي ته پوءِ وري سيد
بدر الدين بکريءَ جي ٻي ڌيءَ بيبي فاطمہ سان شادي
ڪيائين، جڏهن ته بکر ۾ سندس مائٽن سان اڻ بڻت ٿي
پئي، ان ڪري اتان اچ لڏي ويو، پوئين بيبي مان کيس
ٻه پٽ پيدا ٿيا، سيد محمد سيد احمد. هن بزرگ 19
جمادي الاول 695هجري ۾ وفات ڪئي.(2)
پير پٺه
شيخ الشيوخ پير پٺو، قلندر شهباز جي خاص معتقدن ۽
هم عصرن مان هو، هيءُ سنڌي بزرگ اپلن قبيلي مان
هو. سندس نالو حسين بن راڄپر هو. سندس والده جو
نالو سلطاني ڌڻي مراد پٽ شرفو هو. هن بزرگ جڏهن
وحدت جو جام نوش ڪيو ته ڪونين جي هستيءَ کي وساري
ويٺو. هڪ جبل جي غار ۾ رهڻ لڳو. جيئن لعل سخت پٿر
۾ هوندو آهي. مخلوق کان پري رهي، حق جو حضور ساٿي
ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهڻ لڳو ۽ گاهه تي گذران
ڪندو هو. سڄو وقت الله جي عبادت ۽ رياضت ۾
گهاريندو هو. ڪيترائي مهينا کيس ان طرح لنگهي ويا،
ڪنهن کي به سندس حال ۽ حقيقت جي ڄاڻ نه هئي، اوچتو
مخدوم عثمان شهباز قلندر، شيخ بهاءُ الدين ملتاني
سان گڏ سياحت ڪندي اتان لانگهائو ٿيو، کين هن گوهر
بي بها جو دل جي صفائي سان پتو پئجي ويو ۽ ٻيئي ان
جي ملاقات جو قصد ڪري اوڏانهن هليا ۽ وڃي شيخ پٺي
سان مليا، شيخ پٺو غوث ملتاني جو مريد ٿيو ۽ ان
کان پوءِ ڳجهه ڳوهه کي ڇڏي فيض ڏيڻ لڳو ۽ سوين
ماڻهو سندس فيض مان سيراب ٿيا.(1)
حديقة الاولياءَ ڪتاب جي صاحب هن جي نظم ۾ وڏي
تعريف ڪئي آهي، جن مان شروع جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن
ٿا:
شيخ پته سرور سلطان ملن
فارسِ ميدانِ عرفان و يقين
واصلِ حق، صاحبِ صدق و صفا
پيشوائي اوليا و اذکيا
شاهبازِ آشيانِ لا مکان
در فضائي قربِ طيران کنان
هن 666هجريءَ ۾ قلندر شهباز کان ست سال اڳ وفات
ڪئي.
قاضي اسماعيل بن علي بن محمد موسيٰ بن يعقوب ثقفي
سنڌي:
هيءُ هڪ وڏو فقيهه ۽ خطيب هو، الور (اروڙ) جو قاضي
هو. پنهنجي ابن ڏاڏن کان قضا ۽ خطابت جو وارث
بنيو. ادب، فلسفه ۽ حڪمت جو امام هو. سندس پيشاني
تي قدسي انوار پيا بَکندا هئا. علي بن حامد ڪوفي،
سنڌي تاريخِ سنڌ (چچنامہ) ۾ هن جو بيان ڪيو آهي ۽
ٻڌايو اٿس ته مان ساڻس الور جي شهر ۾ مليس، وٽس
سنڌ جي تاريخ جون عربي ۾ ڪي جزون وڏن جون لکيل
موجود هيون، جن ۾ مسلمانن طرفان سنڌ تي حملي ۽
جنگين جو بيان هو. مون انهن کي قاضي صاحب کان هٿ
ڪري فارسيءَ ۾ نقل ڪيو. هي بزرگ عالم به قلندر
سائينءَ جو همعصر هو.(1)
سيد بدر الدين بکري
سيد بدر الدين محمد بن محمد بن محمد بن شجاع بن
ابراهيم الحسيني بکري سنڌي علم ۽ تقويٰ جو صاحب
هو. هن جي ولادت ماه شعبان 630هجري ۾ بکر شهر ۾ ٿي
۽ اتي ئي وڌيو ويجهيو، علم ۽ طريقت کي پنهنجي والد
کان پرايائين. سيد جلال الدين حسين بن علي بخاري،
بکري، اچي، هڪ ٻئي پٺيان هن جي ٻن ڌيئرن: زهره ۽
فاطمہ سان شادي ڪئي. هن سنڌي سيد جو هڪ پٽ علي بن
محمد پيءُ جي وفات کان پوءِ جهانسي هليو ويو ۽ اتي
ان جو گهڻو ئي اولاد آهي. سيد بدر الدين بکري
قلندر شهباز کان ست سال پوءِ بکر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي
ئي دفن ٿيو.(1)
سيد صدر الدين محمد بن محمد سنڌي:
سيد صدر الدين محمد بن محمد شجاع بن ابراهيم بن
قاسم بن زيد بن جعفر الحسيني بکري، پنهنجي وقت جي
اڪابرن مان هو ۽ رجب 609 هجريءَ ۾ بکر ۾ پيدا ٿيو
۽ سندس وفات محرم ۾ 669 هجري قلندر شهباز جي وفات
کان ڪجهه سال اڳ ٿي، سندس مزار بکر جي قلعي ۾ آهي.(2)
هن کان سواءِ سيوهاڻي لعل جا ڪي ٻيا به سهيوڳي ۽
همعصر آهن، جهڙوڪ بو علي قلندر پاني پتي، جنهن کيس
سنڌ ۾ رهڻ جي صلاح ڏني. شيخ محدث حسن بن محمد
صغاني لاهوري، وفات 650هه ۾ ۽ خواجہ نظام
الاولياءَ وغيره رحمهم الله تعاليٰ.
|