پير روضي ڌڻيءَ جا خط
حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي فيض کان سڄي سنڌ سيراب
ٿي. سوئي، ڀرچونڊي، دين پور، امروٽ، بائيجي،
هاليجي، ٿريچاڻي، لاهور ۽ ٻيا فيض الاهي جا اڪيچار
مرڪز، سڀ روضي ڌڻيءَ جي رشد و هدايت جو نتيجو آهن.
روضي ڌڻيءَ ۾ جيڪو سنت جو اتباع هو، اهو ورلي ڪنهن ٻئي ۾ لڀي.
اهوئي سبب آهي جو سندن طريقي ۾ اڄ تائين اها پيروي
هلي اچي. باطني فيض سان گڏ ظاهري دين ۽ شريعت جي
پيروي ۽ اشاعت تي هن طريقي ۾ خاص زور ڏنو ويندو
آهي.
حضرت پير محمد راشد رحه وقت بوقت پنهنجي مريدن کي جيڪي نصيحتون
فرمائيندا هئا يا وعظ و نصيحت ڪندا هئا، ان کي
ملفوظات چيو وڃي ٿو، جنهن کي سندن هڪ وڏي خليفي ۽
بزرگ ميان محمود نظاماڻيءَ فارسيءَ ۾ گڏ ڪيو هيو،
انهيءَ ملفوظات کان سواءِ حضرت پير روضي ڌڻي رح جي
خطن مبارڪن جو به هڪ مجموعو آهي، جو وعظ، نصيحت ۽
طريقت جي نڪتن سان ڀرپور آهي.
اسان کي خطن جو اهو مجموعو بائيجي واري نوجوان بزرگ الحاج ميان
عبدالستار کان مليو، جو تحرير ۽ صحت جي خيال کان
ته چڱو نسخو آهي، پر افسوس جو ناقص نسخو آهي. هن
کان پوءِ محترم سيد حسام الدين شاه راشديءَ کان
معلوم ٿيو ته سندن علمي لائبريريءَ ۾ روضي ڌڻي جي
خطوط جا ٻه ڪامل نسخا آهن، جن مان هڪ نهايت صحيح ۽
ٻيو اغلاط وارو آهي.
اسان جي هن عظيم مؤرخ ۽ اديب، عنايت فرمائي خطن جو هڪ نسخو
مطالعي لاءِ ڏيڻ فرمايو، مگر اسان جي نصيب ۾ اعليٰ
نسخو نه هو، جو گهڻي تلاش کان پوءِ به هٿ نه آيو،
نيٺ ٻئي نسخي کي به غنيمت ڄاڻي، ڏسڻ شروع ڪيم. خطن
جو هيءُ مجموعو جملہ ايڪيتاليهن فارسي خطن تي
مشتمل آهي، اهي خط، سندن معتقدن مريدن ۽ عالمن
ڏانهن آهن، جن مان گهڻا ته انهن جي طرفان شريعت ۽
طريقت جي ڪن مسئلن بابت پڇيل سوالن جا جواب آهن.
هنن ايڪيتاليهن خطن مان ست خط اهڙا آهن، جو ڪنهن نامعلوم سائل
جي سوالن جا جواب آهن، باقي خطوط هيٺين ماڻهن
ڏانهن لکيا ويا آهن:
(1) ميان غلام محمد ساڪن لکئري (ٻه خط)
(2) مخدوم ميان پير محمد ويٺل ڏيپارچا (ڏهه خط)
(3) غلام علي کٽياڻ (چار خط)
(4) محمد صالح طالب علم (هڪ خط)
(5) ميان عبدالرحمٰن ويٺل کونيهره (پنج خط)
(6) مخدوم ميان احمد نصرپور وارو (ٻه خط)
(7) خليفه محمد حسين ويٺل ناڙي (پنج خط)
(8) ميان عبدالحميد ويٺل ديهه کوکر (هڪ خط)
(9) سيد مرتضيٰ علي شاه روضي ڌڻيءَ جو ننڌو ڀاءُ (ٻه خط)
(10) خليفه علي محمد (هڪ خط)
(11) مير سهراب خان ٽالپر (هڪ خط)
هتي اسين انهن مان ڪن ننڍن خطن جو ترجمو ڏئي رهيا آهيون، خدا
گهريو ته اهڙي طرح قسطوار سڄي ڪتاب جو ترجمو اچي
ويندو.
پنجون خط: غلام علي کٽياڻ، حضرت جن کان هيءُ بيت فارسي پڇيو هو:
من ز قرآن مغز را برداشتم
استخوان پش سگان انداختم
ان جي جواب ۾ بسم الله کان پوءِ لکن ٿا:
قرآن جي مغز مان مراد آهي، الله پاڪ جي اخلاقن سان پاڻ کي
آراستو ڪرڻ، هيءُ جو (هڪ حديث ۾) آيو آهي ته
پيغمبر عليہ السلام جو خُلق قرآن هو، اهو ان ڏانهن
اشارو آهي. استخوان (هڏي) کان مراد آهي، دنيا جو
نفعو جيڪو ڍونڍ وانگر آهي. جيئن قرآن پاڪ جي اجرت
وٺڻ ۽ ان جي تعليم جي اجرت وٺڻ وغيره.
ڪُتن مان مراد آهي دنيا جو طالبو. ڇوته ”دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جا
ڳولائو ڪتا آهن.“
”ملا ڪاري ڪلنڊ، ڀڄ ڦاڙيندءِ ڪپڙا،
ورد وظيفي ونڊ، ڌڻي ڌتاري ڇڏيا.“
ڇهون خط: مخدوم پير محمد ڏانهن، بدعتي امام جي پويان نماز پڙهڻ
جي بيان ۾. هن ۾ سندس سوال جو جواب ڏنو ويو آهي.
سوال: مشڪواة شريف ۾ آيو آهي: ”صلوا خلف کل بر و فاجر.“ يعني سڀ
ڪنهن چڱي ۽ بڇڙي جي پويان نماز پڙهو. اها حديث
صحيح آهي يا نه؟ هتي چون ٿا ته جيڪو ماڻهو نڪ ۾
ناس ڏيندو هجي، ان جي امامت ڪرڻ روا نه آهي ۽ سخت
مڪروهه آهي. هن جي پوري وضاحت فرمائيندا.
جواب: مخدوم! علم حديث جي ماهر کي اها ڳالهه معلوم هوندي ته ناس
۽ تماڪ نه ته پيغمبر عليہ السلام جي دور ۾ هئا ۽
نڪي صحابين جي زماني ۾، تڏهن بيشڪ بدعت آهي.
رشيدي (ڪتاب) ۾ آيو آهي ته بدعت فقيهن جي اصطلاح ۾ اها آهي،
جيڪا آنحضرت عليہ السلام جي زماني ۾ نه هئي ۽ ان
کان پوءِ پيدا ٿي هجي.
ڪشف الرمز ۽ خزانة العلماءَ ۾ آيو آهي ته ”بدعت“ ”ابتدع الامر“
جي عربي محاوري کان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي:
ڪا نئين ڳالهه پيدا ٿي. ان کان پوءِ عام طرح دين ۾
ڪنهن شيءِ جي وڌائڻ يا گهٽائڻ جو نالو بدعت رکيو
ويو آهي. ڪتاب مواهب لدنيءَ ۾ اچي ٿو: پيغمبر عليہ
السلام فرمايو ته سڀ کان بهتر هدايت محمد صلي الله
عليہ وسلم جي هدايت آهي ۽ سڀني شين کان بڇڙي شيءِ
نئين گهڙيل شيءِ (بدعت) آهي. پاڻ کي انهن نئين
گهڙيل شين (بدعتن) کان بچايو، ڇوته (دين ۾) هر هڪ
نئين گهڙيل شيءِ بدعت آهي ۽ سڀ ڪا بدعت گمراهي
آهي، جيڪا اوڙڪ باهه ۾ پهچائيندي.
ساڳي ڪتاب جي جمعه واري باب ۾ اچي ٿو: ابن ابي شيبہ، حضرت
عبدالله بن عمر رضي الله عنهما کان روايت بيان ڪئي
آهي، ان فرمايو: جمعي جي پهرين ٻانگ ڏيڻ بدعت آهي.
ان مان حضرت ابن عمر رضي الله عنهما جي انهيءَ فرمودي جا ٻه
مطلب ٿي سگهن ٿا يا ته ان مان سندن مطلب آهي،
انهيءَ ٻانگ جو انڪار ڪرڻ يا وري اهو ٻڌائڻ ته اها
شيءِ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي زماني ۾ نه
هئي، تنهن ڪري ان کي بدعت سڏبو، پر انهن مان ڪا
چڱي هوندي ته ڪا بڇڙي هوندي.
جڏهن ته (مٿئين تحقيق جي روشنيءَ ۾) ناس، تماڪ بدعت چئجي، تڏهن
بدعتي جي پويان نماز پڙهڻ مڪروهه آهي. ڇوته
”البرهان شرح مواهب الرحمٰن“ ۾ اچي ٿو ته ”اسان جا
عالم ۽ (امام) شافعي رح، فاسق ماڻهوءَ جي امامت ۽
جيڪو اهڙو بدعتي هجي، جو ان بدعت ڪري کيس ڪافر نه
سڏيو ويو هجي، تنهن جي امامت مڪروه چئبي، فاسد نه
چئبي، جيئن امام مالڪ، انهن جي امامت ناجائز قرار
ڏني آهي. سندس اهو دليل آهي ته اهڙا ماڻهو خواري ۽
اهانت جي لائق آهن، تڏهن انهن جي امامت درست نه
ٿيندي.“
اسان وٽ انهيءَ دليل جو جواب هي آهي ته پيغمبر عليہ السلام
فرمايو آهي: ”سڀ ڪنهن چڱي ۽ بڇڙي ماڻهوءَ جي پويان
نماز پڙهو ۽ هر هڪ چڱي ۽ بڇڙي سان گڏجي جهاد
ڪريو.“ هن حديث کي دارقطني، معاويہ بن صالح کان
روايت ڪيو، ان علاءَ بن حارث کان، علاءَ مڪحول کان
۽ مڪحول حضرت ابوهريره رضي الله عنہ کان روايت ڪئي
هن حديث بابت اهو اعتراض ڪيو ويندو آهي ته مڪحول
راوي، حضرت ابوهريره صحابي کان ڪجهه به نه ٻڌو
آهي، هن حديث کي امام ابو دائود ”ڪتاب الجهاد“ ۾
روايت ڪيو آهي ۽ جڏهن مڪحول جو حضرت ابوهريره کان
سماع يا ٻڌڻ نه ٿيو آهي، ان ڪري هن کي ضعيف قرار
ڏنو اٿس. ابودائود واري روايت جا الفاظ هي آهن:
اوهان تي جهاد واجب آهي، هر امير سان گڏ، پوءِ اهو
نيڪ هجي يا بڇڙو هجي، توڻيڪ ڪبيرا گناهه ڪندو هجي
۽ هر مسلمان پويان اوهان تي نماز واجب آهي، چڱو
هجي يا بڇڙو هجي، جيتوڻيڪ وڏا گناهه ڪندو هجي.“
امام دارقطنيءَ وٽ هيءَ حديث (مڪحول کي ڇڏي) ٻيءُ واٽ سان به
آئي آهي، جا هيءَ آهي: روايت آهي عبدالله بن محمد
بن يحيي بن عروة کان، اهو هشام بن عروة کان، هشام
ابو صالح سمان کان، اهو (حضرت) ابوهريره رضي الله
عنہ کان ته فرمايو پيغمبر عليہ السلام ته مون کان
پوءِ اوهان جا ڪيئي حاڪم ٿيندا، جن مان ڪي چڱا ته
ڪي بڇڙا هوندا. اوهان انهن جي انهن ڳالهين ۾ اطاعت
ڪجو، جيڪي حق هجن ۽ انهن جي پويان نماز پڙهندا
رهجو، پوءِ جيڪڏهن نيڪي ڪيائون ته ان ۾ اوهان ۽
انهن جو فائدو آهي ۽ جي فسق ڪيائون ته انهن تي
وبال آهي، اوهان کي ڪو ڀؤ نه آهي.“ هن حديث تي ابو
حاتم محدث اها تنقيد ڪئي آهي ته هن جو راوي
عبدالله متروڪ الحديث (جنهن کان حديث نه ورتي وڃي)
آهي. ابن حبان محدث، عبدالله بابت چيو آهي ته ان
جي حديث لکڻ جائز نه آهي.
اسان جو چوڻ آهي ته هن حديث جو ماقبل يا اڳ اها گواهي ٿو ڏئي ته
هن حديث جو ڪو اصل يا بنياد ضرور آهي، تنهن ڪري ان
کي ”حسن“ چئبو ۽ حديث دليل جي لائق سڏبي. خلاصو
مطلب ته جيڪو قبلي جو اهل هجي ۽ ان جي بدعت به
اهڙي نه هجي جو کيس ڪافر سڏجي ته ان جي پويان نماز
درست آهي. باقي اها مڪروه سڏبي، پوري ٿي تحقيق
ڪتاب ”برهان“ جي.
ڪنهن جماعت کي اها ڳالهه زيب نه ٿي ڏئي جو انهن جو امام بدعتي
هجي. ڪتاب شرح عقائد ۾ اچي ٿو: هيءُ جو سلف (اڳين
بزرگن) کان منقول آهي، ته فاسق ۽ بدعتيءَ جي پويان
نماز نه پڙهجي، اهو تڏهن آهي، جڏهن ان جو فسق ڪفر
جي حد کي پهچي. ”شيخ الاسلام حاشيہ شرح وقايہ“ ۾
لکي ٿو: ”جنهن ماڻهوءَ ڪنهن فاسق يا بدعتيءَ جي
پويان نماز پڙهي ته ان کي جماعت جو ثواب ملندو، پر
امام ابو يوسف رح فرمايو آهي ته متڪلم (علم ڪلام
واري) جي پويان نماز جائز نه آهي، جيتوڻيڪ اهو ڪا
حق ڳالهه ڇونه چئي، ڇوته اهو (فن) بدعت آهي ۽
بدعتيءَ جي پويان نماز جائز نه آهي. ”شيخ الاسلام“
جيڪو ماڻهو علم ڪلام ۾ غور ۽ خوض ڪري ٿو ۽ بد خيال
وارن سان مناظرا به ڪندو رهي ٿو، تڏهن به ان جي
پويان نماز نه پڙهي. (برهان) جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو،
بدعتي يا فاسق جي پويان نماز پڙهي، ته ان کي جماعت
جو ثواب ته ملندو، پر کيس اهو ثواب نه ملندو، جيڪو
هڪ پرهيزگار ماڻهوءَ جي پويان پڙهڻ ڪري ملندو آهي.
”خزانة العلماءَ“، ”خلاصہ“ ڪتاب ۾ به ائين ئي آيو
آهي.
جيڪڏهن فاسق ماڻهو امام هجي ته ان حالت ۾ جماعت ان جي پويان
نماز پڙهي، ته ان جو ڇا حڪم آهي؟
هن بابت گهڻو ئي ڪلام آهي. بعض (محققن) فرمايو آهي ته جمعي جي
نماز نه ڇڏي، باقي ٻين ۾ جيڪڏهن ان فاسق کي ڇڏي،
ڪنهن ٻي مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو ته گنهگار نه ٿيندو.
(خزانة الروايات)
جيڪڏهن اهو سوال اٿارين ته تماڪ ڦوڪڻ (يا وات ۾ وجهڻ) جيتوڻيڪ
بدعت آهي، پر ان کي فسق ۽ گناهه ته نه چئبو.
اسين انهيءَ سوال جو هيئن جواب ڏينداسين ته شريعت جي سڀني متن
جي ڪتابن ۾ بدعتيءَ کي فاسق جي مقابلي آندو اٿن،
اتان اهو معلوم ٿيو ته بدعت کڻي گناهه ۽ فسق جي
درجي کي نه پهتي هجي، تڏهن به ڪراهت آهي، نه ته
بدعت جي آڻڻ جو فائدو ئي ڇا هو، جيئن فاضل عصام
شرح وقايہ جي حاشيي ۾ فرمايو آهي: ”بدعت کي فسق جي
مقابلي ۾ آڻڻ پوشيدگي آهي، ڇوته ان مان اهڙي بدعت
جو پتو پئي ٿو، جيڪا گناهه نه هجي. شيخ الاسلام،
شرح وقايہ جي حاشيي ۾ لکي ٿو: بدعت ڪڏهن مباح ته
ڪڏهن واجب ۽ ڪڏهن مڪروهه ته ڪڏهن حرام هوندي آهي.
پوءِ اها ڪفر جو ڪارڻ هجي يا نه هجي. تڏهن فسق جي
مقابلي ۾ جنهن بدعت کي آندو ويو آهي، ان مان مراد
آهي ان جا بعض قسم، جن لاءِ شريعت ۾ ڪو اصل نه هجي
۽ ان جي صاحب کي ڪافر يا گنهگار نه چئبو.
خط 32: ڪنهن سائل مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي هڪ مصرع بابت ڪو
سوال ڪيو هو، ان جي جواب ۾ لکن ٿا:
سوال: عبدالرحيم مڱريه شهيد فرمايو آهي: هردم حج پڙهي، ڪعبو پسن
نه ڪاپڙي.
جواب: ڪاپڙي مان مطلب آهي عارف انسان، جنهن دنيا کي سڃاڻي ان
سان دشمني رکي هجي ۽ خدا کي سڃاڻي ان کي دوست وٺي.
عارفن جي نگاهه رڳو خدا پاڪ تي هوندي آهي. تذڪره
اولياءَ ۾ آيو آهي ته شيخ بايزيد فرمايو ته پهريون
ڀيرو جڏهن حج تي ويس ته خاني ڪعبي کي ڏٺم، ٻئي
ڀيري ويس ته خاني ڪعبي جي مالڪ (خدا) کي ڏٺم، ٽئين
ڀيري نه گهر ڏٺم ۽ نه نڪي گهر جو مالڪ ڏٺم. يعني
حق پاڪ ۾ اهڙو گم ٿي ويس جو ڪجهه به نه ٿي ڏٺم،
جيڪڏهن ڪجهه ڏٺم ته حق تعاليٰ کي ئي ڏٺم.
توحيد چئبو آهي نسبتن جو ڪيرائڻ. جڏهن ته گهر جي مالڪ کي گهر
سان لاڳاپو ۽ نسبت آهي ۽ توحيد ۾ نسبت نه رهندي
آهي، تڏهن خداوند يا مالڪ نه رهيو، هو رڳو ”خدا“
کي ڄاڻندو.
منهنجا دوست! حج ٻن قسمن جو ٿيندو آهي: (1) دوست جي ڳليءَ جو
قصد ڪرڻ، اهو عام ماڻهن جو حج آهي. (2) دوست ڏانهن
مائل ٿيڻ. اهو خاص ماڻهن جو حج آهي، جيئن ظاهري
ڪعبو آهي خلق جو قبلو، جيڪو پٿر ۽ مٽيءَ مان جڙيل
آهي، تيئن اندر ۾ ڪعبو آهي: حق تعاليٰ جو منظور
نظر ۽ اها ”دل“ ئي آهي. جيڪڏهن ظاهري ڪعبو مخلوق
لاءِ طواف جي جاءِ آهي ته دل وارو ڪعبو خالق جي
مهربانين جو لانگاهه آهي. هو زيارت ڪندڙ جو مقصد
آهي ته هيءُ انوار الاهيءَ جي پوڻ جي جاءِ آهي. هت
گهر ته اتي گهر جو مالڪ، جيئن مولوي فرمائي ٿو
(ترجمہ رباعي): اي حج تي ويل قوم ڪٿي آهيو؟ ڪٿي
آهيو؟ معشوق هتي آهي، اچو اچو. سؤ ڀيرا هن گهر کان
ويا ۽ ويا، هڪ ڀيرو هن واٽ کان هن گهر ڏانهن اچو!
هن کان پوءِ مثنويءَ جا گهڻائي بيت انهيءَ مقصد لاءِ آندا ويا
آهن.
چوٿون خط: ميان محمد حسن نالي ڪنهن معتقد، روضي ڌڻيءَ کي پنهنجي
مشڪل جي حل بابت سوال ڪيو هو، ان جي جواب ۾ لکن
ٿا:
حقيقت ۽ عرفان جا واقف! يقين جي واٽ جا طالب ۽ معرفت جي شراب جا
مزو وٺندڙ ميان محمد حسين چيو زيد عمره و توفيقہ.
دعا سلامن کان پوءِ واضح ته هتي جا احوال، الله جي عنايت سان
ڌڻي تعاليٰ جي بي پايان تعريف جو باعث آهن. اوهان
جهڙي پختي يقين رکندڙ متعقد جي سلامتي الله پاڪ جي
درگاهه مان هميشه لاءِ گهربل آهي. مطلب ته اوهان
مشڪلاتن جي حل لاءِ استدعا ڪئي آهي. (ان بابت لکجي
ٿو ته) اوهان کي کپي ته ”سلام قولا من رب رحيم“ هڪ
لک ڀيرا پڙهو. انشاءَ الله سڀ مشڪلاتون آسان ٿي
پونديون. فقراءَ به چڱي دعا ۾ لڳل آهن. اميد ته
اوهان جون ظاهري ۽ باطني مرادون سڀ پوريون ٿي
وينديون. وڌيڪ اوهان سان توفيق، رفيق هجي.
چوڏهون خط: خليفي محمد حسين ويٺل ناڙي ڏانهن. هن ۾ کيس رياضت تي
رغبت ڏياري وئي آهي انهيءَ رياضت کي سعادت جي هٿ
ڪرڻ لاءِ سرمايو سڏيو ويو آهي:
الله پاڪ جي تعريف ٿا ڪريون ۽ ان جي پيغمبر تي صلواة ٿا پڙهون.
السلام عليکم ورحمة الله وبرکاتہ. غني ڪريم ڏانهن
محتاج، فقير طرفان، محب مخلص محمد حسين ڏانهن.
الله تعاليٰ سندن خُلق ۽ عادت کي سهڻو ڪري جيئن
سندس صورت کي سهڻو ڪيو اٿس.
منهنجا پيارا دوست! پنهنجي پياري عمر کي غنيمت ڄاڻي، رياضت جي
تڪليف ۾ هٿ، پير هڻندا رهو، ڇوته عاشقن جي دلين کي
ماٺ ڪري ويهڻ حرام آهي. (فارسي بيت آهي):
راهه طلب منزل آرام ندارد
همسفر ايکه روان قافلئه پا
زياده والسلام
پندرهون خط: ميان عبدالرحمٰن ويٺل ڪونيهره ڏانهن: هن بابت ته
جهڙي طرح بدن جي ظاهري عضون کي اهو حڪم ڪيل آهي ته
اهي فرضي نمازون ۽ رمضان جا روزا رکن، اهڙي طرح
انسان جي اندر کي وري محبت الاهي جي فرض ادا ڪرڻ
جو پڪي طرح حڪم ڪيل آهي. انهيءَ محبت کان سواءِ
ظاهر بدن جون سڀ عبادتون اڪارت آهن، ڇوته ظاهري
عبادت جو سڄو دارومدار باطني محبت تي آهي. انهيءَ
محبت کي عشق جي باهه ڄاڻندا، جيستائين ڪو ماڻهو
انهيءَ باهه کان نه لنگهندو، تيستائين وصال وارو
بهشت نه ماڻيندو.
بسم الله الرحمٰن الرحيم - سڀ ڪا ساراهه الله پاڪ لاءِ ۽ سلام
رسول الله صلي الله عليہ وسلم تي هجي. حمد ۽ صلواة
کان پوءِ سلام جو تحفو اوهان کي پهچندو رهي. پيارا
دوست! جيئن ظاهر ۾ نماز ۽ روزو فرض آهي، تيئن اندر
۾ وري عشق ۽ محبت فرض آهي ۽ دل انهن ٻنهي جو مرڪز
آهي.
دم در کشم و جمله غمت نوش کنم
کز پس من بکس نماند غم تو
اهوئي سبب آهي، جو ساري جهان جا سردار عليہ الصلواة والسلام
هميشه غم ۽ فڪر ۾ هوندا هئا.
گدائي بادشاهي را بشوخي دوست مي دارد
نه با اومي توان گفتن نه بي اومي توان بودن
عشق بندي کي خدا تائين پهچائي ٿو، انهيءَ ڪري عشق (الٰهي) واٽ
لاءِ فرض آهي.
مجنون عشق را دگر امروز حالتست
کـا سلام دين ليليٰ ديگر ضلالتست
ڄاڻڻ گهرجي ته عاشقن جي لاءِ دوزخ، خدا تعاليٰ جو عشق آهي، جيڪو
انهيءَ دوزخ کان نه لنگهندو، ته اهو وصال جي بهشت
کي نه پهچندو. (قرآن مجيد ۾ اچي ٿو) ترجمو: ڪوبه
اهڙو نه آهي، جنهن جو لنگهه دوزخ کان نه ٿيندو
هجي.
هر که او در عشق چون آتش نشد
عيش او در عشق هر گز خوش نشد
منهنجا دوست! عشق ۽ محبت جو درد ان ماڻهو کي راس ايندو جنهن جي
دماغ ۽ توحيد جي باغ جي بوءِ پهتي هوندي، انهيءَ
بوءِ ڪري هو غفلت جي ننڊ کان سجاڳ ٿيندو ۽ جڏهن
سجاڳ ٿيندو ته سندس ڪن ۾ ”الست“ جو آواز پهچندو.
هن نغمي جي ٻڌڻ ڪري هن کي وجد اچي ويندو ۽ ان وجد
کان وجود رهندو ۽ انهيءَ آواز جي ذوق کان سندس سر
۾ شور ۽ ولولو اچي ويندو.
عشق شوري در نهاد ما نهاد
جان ما در بوتہ سودا نهاد
منهنجي سمجهه اهڙي عجيب ۽ ڊگهي خيال کي سمجهي رهي آهي، جيڪو
پورو ٿيڻ وارو نه آهي. خيال به عجيب آهي، جو ڪاغذ
ته پورو ٿي ويو، پر اسان جو خيال اڃان باقي آهي.
اوهان کي ۽ اوهان جي ڀر ۾ ويٺل دوستن کي سلام پهچن
۽ ان کي به جنهن هدايت جي پوئلڳي ڪئي مصطفيٰ صلي
الله عليہ سلم جي پيرويءَ کي لازم ڪري ورتو. |