مٽياروي سيدن جو سنڌ ملڪ ۾ اچڻ جو احوال
تحقيقي خبرن ۾ آيو آهي ته هنن سڳورن سيدن جو ملڪ ۾ اچڻ جو اتفاق
هن طرح ٿيو ته جڏهن ته صاحب قران سلطان تيمور ملڪن
کي فتح ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ته هڪ مضبوط لشڪر ۽
گهڻيون فوجون، جن جو انگ ٻه لک، ٻاهٺ هزار ٽي سو ۽
ٻارهن جنگي سوار افراد هو، هرات جي درن ۾ اچي لٿو
۽ سيدي، سندي خلد مڪان سيد مرحوم مير علي شاه (مٿس
رحمت ۽ مغفرت هجي) جو اتي جي اشراف سادات مان هو،
بادشاه جو استقبال ڪيائين ۽ فوج جي تعداد موافق،
ٻه لک ٻاهٽ هزار ٽي سو ۽ ٻارهن رپيا وقتي سڪي جي
مهماني طور پيش ڪيائين. بادشاه (تيمور) سيد مير
علي شاه جي لياقت، بزرگي، نقابت، شرافت، مرتبي ۽
سندس فرزندن جي ذاتي جوهر ۽ چڱن ڳڻن کي تاڙي ورتو.
انهن مان هرهڪ کي وڏي رتبي تي مقرر فرمايائين ۽
سيد عليءَ جي پٽن مان سيد علي باقي اجمير جو، سيد
عبدالواحد ملتان جو، سيد عبدالرزاق بکر جو ۽ سيد
ابوبڪر سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿي اوڏانهن موڪلائي
ويا. سيد شرف الدين هڪ وڏي قبيلي ۾ رهائش ڪئي ۽
سيد حيدر، پيءُ بزرگوار سان گڏ رهڻ کي پسند ڪري،
بادشاهه سان گڏ هندستان جي حڪومت ڏانهن تشريف فرما
ٿي ويا. اڳتي هلي سيد حيدر بادشاه کان موڪلائي،
والد بزرگوار سيد عليءَ کان اجازت وٺي سنڌ ملڪ جي
سير لاءِ نڪتا. نيٺ گهمندي ڦرندي هاله ڪنڊيءَ
پرڳڻي جي شهر هالا ۾ پهتا ۽ هاله قوم جي هڪ پرئي
مڙس شاه محمد نالي شاه صاحب کي پنهنجي گهر ۾
رهايو. ڳالهه ٿا ڪن ته ان سمي، هالا قوم جا ماڻهو
ميران محمد حاڪم جي انهن تي پنج سو روپيا ڏنڊ وجهڻ
ڪري پريشان عسر گردان هئا. سيد حيدر شاهه غريبن تي
رحم ڪري ڏنڊ جي رقم پنهنجي هڙان حاڪم وٽ پهچائي
غريب قوم کي بري حالت کان ڇڏايو. هن برتاءَ ڪري
انهيءَ قوم جا ماڻهو سيد حيدر جي احسان تي موهجي
پيا ۽ ان جي ڏاڍي خدمت ۽ چاڪري ڪندا هئا.
نيٺ انهن مٽيءَ جي گهر ڪئي. سيد صاحب کي راضي ڪري قوم جي سردار
شاه محمد پٽ دريا خان سندس بخت ڀري ڌيءُ جنهن جو
نالو تاج المخدرات بيبي فاطمه هو، سيد صاحب کي
پرڻائي ڏني. جڏهن ته سيد حيدر جي والده شريفه جو
نالو به اهوئي هو، ان ڪري لاچار مان (سندس منڪوحه)
زال جو نالو ڦيرائي بيبي سلطانه رکيو. پورو هڪ سال
۽ پنج مهينا هالا ڪنڊيءَ جي جاءِ ۾ خوش گذاريائين.
ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو ڪرامت جي ڪڪر، رحمت جي بخشيل پنهنجي پيءُ
سيد مير علي شاه جي وفات جي وحشتناڪ خبر ٻڌي هرات
ڏانهن واپس ورڻ لڳا. جڏهن ته سندن حرم محترمه پيٽ
ڀري هئي. لاچار بيبي صاحبه کي الله تي ڀروسو ڪري
هالا ڪنڊيءَ ۾ ڇڏيائون. هڪ منڊي ٽڪ سميت، هڪ
جڙادار خنجر ۽ هڪ هراتي ٻانهي اهليه شريف جي خدمت
۾ ڇڏي ائين حڪم ڪيائون ته جي ڌيءَ پيدا ٿي ته ان
جو نالو بيبي فاطمه رکيو وڃي ۽ جي پٽ پيدا ٿئي ته
ان جي ڏاڏي جي نالي تي سيد مير علي نالو رکن ۽ پاڻ
هرات روانا ٿي ويا. ٽي سال ۽ ستاويهه ڏينهن گذرڻ
کان پوءِ سيد حيدر شاه هرات ملڪ ۾ ئي گذاري ويو.
پڌرو هجي ته سيد حيدر شاهه کي اتي (هرات ۾) به ٻه پٽ هئا، هڪ
محمد ۽ ٻيو سيد حسين. اهي ٻئي پيءُ جي ڇڏيل بيشمار
ملڪيت جا وارث هيا. هوڏانهن خدا پاڪ جي گهر سان
هالا ڪنڊيءَ ۾ به سيد حيدر شاه جي حرم کي پٽ پيدا
ٿيو ۽ جڏهن قابل ٿيو ته هراتي ٻانهيءَ جي صلاح سان
پيءُ جي ڇڏيل اهڃاڻ منڊي ۽ جڙادار خنجر ساڻ ڪري
هرات جو پڪو پهه ڪري روانو ٿيو.
صاحبزادي کي اها ته سڌ هئي ته سندس پيءُ سيد حيدر ته وڃي حق سان
مليو ۽ ان جو روح بدن جي پنجري کان ڇٽي ويو، پر
کيس اهو پسند هو ته ڀائپيءَ جي لاڳاپي کي مضبوط
ڪري ۽ ورثي جو حق ثابت رکي. ان ڪري اوڙڪ هرات ۾
پهچي ڀائپيءَ جي دعويٰ رکي ورثو گهريائين.
پهريائين ته ڀائرن کيس نه مڃيو، هن ڪري ته کين
ڇڏيل ملڪيت مان ڪجهه ڏيڻو ٿي پيو، ان ڪري جلدي
مخالفت ڪرڻ لڳا، پر جڏهن کين پڪيون نشانيون ۽ سچو
ثبوت ملي ويو ۽ هتي جي حاڪمن به ان جي تصديق ڪئي
هئي، ڪن جو چوڻ آهي ته انهن ٻنهي ڀائرن ۽ اتي جي
ٻين بزرگن کي لاڳيتو مرحوم سيد حيدر شاه پاران اهو
خواب پئي ٿيو ته بيشڪ سيد مير علي منهنجو دلبند پٽ
آهي ۽ منهنجي مال مان ٽين پتيءَ جو مالڪ آهي. هن
کان پوءِ ان ملڪ جا وڏا ۽ عزيز سادات سيد مير علي
شاه جي مهماني ۾ لڳي ويا. سيد علي ٽين پتي نقد هٿ
ڪري پوئتي موٽيو ۽ سندن چاچو سيد شرف الدين پڻ
سندن رفيق بڻيو ۽ ٻئي سنڌ پهچي ويا ۽ ٿوري ئي وقت
۾ رب معبود جي حڪم سان سيد شرف الدين جو سعادت
ڀريو روح پنهنجي ڀلي اصلي وطن ڏانهن موٽي ويو.
(سيد شرف الدين وفات ڪري ويو)
سيد مير علي هتي شادي ڪئي. کيس ٻه سڳورا پٽ پيدا ٿيا. پهريون
سيد شرف الدين هالا قوم جو ڏهٽو ۽ ٻيو سيد احمد
ترڪ قوم جو ڏهٽو. سيد شرف الدين (پٽ سيد علي)
پرڻجي گهر ٻار ڪري پنهنجي پيءُ کان جدا ٿي ويو جو
اڃان تائين ان جو اولاد مٽياروي شرف پوٽا مشهور
آهن ۽ ٻئي پٽ سيد احمد شادي ڪري هڪ هنڌ پنهنجي
بزرگوار پيءُ سان گڏ رهيا، ان ڪري سندن اولاد ڏاڏي
جي نالي تي مشهور آهي ۽ انهن کي مٽياروي ميرڻ پوٽا
سڏيندا آهن.
نظم جو ترجمو:
(1) هاڻي اهل بيت سڳورن جو سمورو شجرو لکي پورو ڪيم
(2) ٻيو مٽياروي سيدن جو احوال - هرات کان سنڌ تائين اچڻ کي
کولي بيان ڪيم
(3) خدا عادل کان مدد ٿو گهران - هن نسخي ڪتاب جي ٺاهڻ ۾ تيار
ٿيو آهيان.
(4) اميد آهي ته توفيق همراهه ٿيندي - ٻيو پراڻو داستان لکندس.
(5) جو هڪ پير جا سڀ مريد ٿيندا - ان جو نالو هن سلسلي جو واسطو
ٿيندو.
(6) هن وڏي خاندان جي فقيرن جو رڳو هڪ نظر سان مقصد حاصل ٿيندو.
(7) اي عبدالحسين تون خوش ٿي توکان اهڙو (شاندار) ڪتاب ياد
رهندو.
شاهه صاحب (ڀٽائي) کان پيري ۽ مريديءَ وارو سلسلو:
حضرت اولياءِ صاحب (ڀٽائي) جو سلوڪ ۽ واٽ لهڻ واري پيري مريديءَ
وارو سلسلو پيغمبر عليہ الصلواة والسلام تائين
لکيو وڃي ٿو، جيئن پاڪ امامن جي سنت پٽاندڙ جيڪي
دنيا جي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪارڻ هئا. حضرت بابرڪت،
ٻاجهه جي درياءَ، ڪرامت جي ڪڪر، فيض جي درجت جناب
سيد عبداللطيف شاهه تارڪ، ڀٽائ قدس سره پنهنجي
پيءُ شاه حبيب قدس الله سره کان تلقين لڌائون. پر
حقيقت حال هن طرح آهي ته حضرت ڀٽائي رح اويسي
طريقي جا هئا ۽ روحانيت ۾ حضرت خاتم المرسلين،
محبوب رب العالمين صلي الله عليہ وسلم کان ائين
ارشاد لڌو هيائون، جيئن شيخ اويس قرني رضي الله
عنہ رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم کان فيض حاصل
ڪيو هو ۽ حضور پر نور جي خدمت ۾ حاضر نه ٿيو هو.
ظاهري طرح جيڪڏهن ڪو اولياءَ صاحب (ڀٽائي) کان پڇا
ڪندو هو ته پاڻ فرمائندا هئا ته لطيف جو مرشد،
والد شريف آهي. ظاهري سلسلو به هن طرح آهي: جناب
سيد پير عبداللطيف شاه ڀٽائي پنهنجي والد شريف
جناب سيد حبيب شاه کان فيض ورتو، ان پنهنجي والد
سيد جمال شاه کان، ان صاحب العرفان، پرهيزگارن جي
اڳواڻ، امت جي ڏيئي، سالڪن جي مرشد، خدا جي چونڊيل
قطب زمان، مرشدن جي مرشد، جناب سيادت ونجابت ماب
سيد پير عبدالڪريم شاه قدس الله سره کان. اهي به
اويسي هئا، پر ظاهر ڪري ذڪر جي تلقين سلطان
ابراهيم بهاريءَ کان لڌائون ۽ اهي به اويسي مرتبي
تي پهتل هئا پر ظاهر ۾ خدا جي درگاه جي چونڊيل
احمد کان بيعت ڪيائون ۽ ان مشائخن جي مرشد شاه علي
هاشميءَ کان ۽ ان مشائخن جي مرشد شاه شرف الدين
احمد کان ۽ ان پنهنجي مرشد شاه شهاب الدين قاسم
کان ۽ ان پنهنجي مرشد افضل المشائخ بدر الدين
يحييٰ کان ۽ ان پنهنجي مرشد افضل المشائخ شاه نور
الدين حسين کان ۽ ان پنهنجي مرشد اڪمل المشائخ شاه
شمس الدين محمد کان ۽ ان پنهنجي مرشد سيف الدوله
يحيٰ کان ۽ ان مرشدي ظهير الدين احمد کان ۽ ان
مرشدي شيخ المشائخ شاه شهاب الدين احمد کان ۽ ان
مرشدي شاه عماد الدين ابو صالح نصر کان ۽ ان مرشدي
افضل المشائخ شاه عبدالرزاق کان ۽ ان مرشدي حضرت
پير دستگير ابو محمد سيد عبدالقادر حسني حسيني قدس
الله سره العزيز پير پيران، عظيم الشان، زماني جي
مشهور ترين (ولي) کان، جيڪي اصل ۾ جيلان جا آهن ۽
سندن مقبرو بغداد ۾ آهي ۽ انهن مرشدي ابو سعيد بن
علي مبارڪ المخزوميءَ کان ۽ ان مرشدي ابوالحسن علي
بن محمد يوسف القرشيءَ کان ۽ ان مرشدي ابوالفرح
طرطوسيءَ کان ۽ ان مرشدي ابوالفضل عبدالواحد بن
عبدالعزيز يمنيءَ کان ۽ ان مرشدي ابوبڪر شبليءَ
کان ۽ ان مرشدي سيد الطائفہ جنيد بغداديءَ کان ۽
ان خواجه ابوالحسن سري سقطيءَ کان ۽ ان مرشدي
خواجه معروف ڪرخيءَ کان ۽ ان امام المسلمين حضرت
امام علي رضا خراسان جي سلطان کان، ان امام
المتقين حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان ۽ ان امام
العالمين حضرت امام جعفر صادق کان ۽ ان امام محمد
باقر کان ۽ ان سيد الساجدين امام زين العابدين
عليہ السلام کان ۽ ان امام الا شجعين (بهادرن جي
اڳواڻ) سيد العاشقين حضرت امام حسين شهيدِ ڪربلا
عليہ السلام کان ۽ ان اسد الله الغالب، مظهر
العجائب والغرائب سيدنا علي بن ابي طالب ڪرارِ غير
فرار (حملو ڪندڙ نه ڀڄندڙ) وصي سيد الابرار عليہ
السلام کان ۽ ان خير البشر، شافع روز محشر، رسول
مقبول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله وعليٰ آلہ
واصحابہ اجمعين جي پاڪ هٿ تي بيعت ورتي.
(1) سج ۽ چنڊ جي اڀاريندڙ جي نالي سان،
چڱيءَ واٽ ڏيکاريندڙ جي نالي سان.
(2) بادشاهن کي بادشاهي، ان ڏني،
سارو رعب ۽ دٻدٻو ان کي مليل آهي.
(3) هن شان ۽ شوڪت هوندي به سڀ ٻانها آهن،
ٻانهن جي هن زور هوندي سڀ پوڄاري آهن.
(4) سڀ پاڪ درگاه جا خاص نوڪر آهن،
جو هميشه اميد ۽ ڊپ سان رهن ٿا.
(5) مونجهه ۽ خوشيءِ ۾ ائين گهارن ٿا
بدن ڪري ڏور آهن ساهه سان حاضر آهن
(6) ڪڏهن اهي عروج ۾ آهن ڪڏهن نزول ۾
هر حال ۾ اهي حق سان گڏ آهن
(7) وحدت کان ڪڏهن پري نه رهندا
عشق ۾ اڃا وڌيڪ جا طالب رهندا آهن
(8) سندن دوستيءَ جو عجيب نمونو آهي
جو حق کان سواءِ ڪجهه نه گهرندا آهن
(9) سارو فيض ڪثرت کي ڏيندا آهن
سڀني طالبن کي وحدت ڏانهن وٺي ويندا آهن
(10) انهن مان هڪ شاهه لطيف هو
جيڪو هدايت جي وات جو شريف رهنما هو
(11) اهو منهنجو مرشد هو پارسائن جو سردار
مخلوق لاءِ قبلو ڏيکاريندڙ هو
(12) سندن بدن توحيد سان سنواريل هو
دل خدا جي عشق سان سينگاريل هئي
(13) سمورو نور جو جلوو رکندڙ هو
طور وانگر لنديءَ تي سندس جاءِ هئي
(14) ان جاءِ کي ماڻهو ”ڀٽ شريف“ سڏين ٿا
جيڪا لطيف جي خاص جاءِ آهي
(15) اهو واريءَ جو هڪ دڙو آهي
جنهن تي بادشاه حق پسند جو روضو آهي.
(16) سوني جي گنبذ سان عجيب روضو
ان جو پاڪ اڱڻ بهشت جي باغ وانگر آهي
(17) اتي هڪ خاص ۽ مضبوط مسجد آهي
جيڪا ٽي وڏا گنبذ رکي ٿي
(18) بزرگ شاه جي بنايل
جيلا روضي معلا جي آڏو تيار ٿي
(19) (ان کي) ٻاهران هڪ وسيع اڱڻ آهي
جنهن ۾ سائين ٽارين وارا گهڻا باغ آهن
(20) اڱڻ جي چئني پاسن کان هڪ خانقاهه آهي
شاهه جي بزرگ، خليفن ۽ فقيرن لاءِ
(21) اڱڻ ۾ هڪ تمام اونهون کوهه آهي
جيئن بيت الله ۾ زم زم آهي
(22) جمع جي رات اتي ساز وڄائيندا آهن
لطيفي ڪلام ڳائيندا آهن
(23) جيڪو سارو خالص توحيد آهي
جنهن مان خصوصي طرح وجد طاري ٿيندو آهي
(24) سرود ڪري ائين سوز پيدا ٿيندو آهي
جو عاشقن جي دلين کي عود وانگر ساڙيندو آهي
(25) ان رات پاسي اوسي کان خدا جي مخلوق
شوق، ذوق ۽ هيڄ مان ايندي آهي
(26) صفر مهيني ۾ اجتماع (ميلو) ڪندا آهن
گهڻي مخلوق اتي پهچندي آهي
(27) ماڻهن جو اتي وڏو انبوهه ٿيندو آهي
اتي فقيرن جو سماع ٿيندو آهي
(28) ان مهيني ۾ بادشاه جي رحلت ٿي هئي
دنيا جي جاءِ کان قرار جي جاءِ ڏانهن
(29) اها جاءِ روشن شمع وانگر آهي
زبان ان جي تعريف کان عاجز آهي
(30) جيڪڏهن ڪو ماڻهو جلدي ڪري ان جي وصف لکي
ته ان جي واکاڻ هزارن ڪتابن ۾ به نه ماپي
(31) حد کان اڳتي وڌڻ واجب نه آهي
پنهنجي سگهه آهر پير رکڻ ڀلو آهي
(32) هن وقت مسند جو مالڪ هڪ جوان آهي
هن دنيا ۾ اهو ساهه وانگر آهي
(33) جو نالو ان جو شاه لطف علي آهي
سندس ڳجهو ۽ پڌرو فيض جاري آهي
(34) عابدن جي اوصاف سان ساراهيل آهي
جو هيءُ شاه لطف علي چيو آهي
(35) هاڻي آئون حرم ڏانهن موٽان ٿو
جو ان کان هر ڪو فيض هٿ ڪري ٿو
(36) عرض کان وڌي جوهر تي پهتس
نفل پرهي پورو ڪيم هاڻي فرض پڙهندس
(37) هڪ اهڙو ڪتاب ٺاهيندس جو
ان کان سڀ فقراءَ وروهه وٺندا
(38) اڳين کان خبرون ائين آيون آهن
سڀني سالڪن جي ان رهنما (واٽ ڏيکاريندڙ) کان
(39) روشن ضمير فقيرن کان
انهن (مرشد) جا پاڪيزه احوال ٻڌم
(40) ڳالهيون پاڪيزه ۽ دل کي وڻندڙ
هن سادي پني تي چٽ ڪيم
(41) ڳالهين کي نثر ۾ بيان ڪندس
ان پنهنجي مرشد زماني جي قطب جون
(42) هن زماني ۾ انهن کي لکي ڇڏيان
جو عبدالحسين کان يادگار رهي
جناب فيض مآب (فيض جي جاءِ)، ڪرامت جو اڪتساب (بزرگ)، امانت
انتساب (امانتدار)، حضرت پيغمبر جو اولاد، شريعت
جي جهنگ جو شير، طريقت جي ٻيلي جو دلير، معرفت جي
درياءَ جو تارون، حقيقت جي درياهه جو يڪتا موتي،
سالڪن کي واٽ ڏيکاريندڙ، حضرت مرشد زمان، ”تارڪ“
لقب سيدنا و هادينا و مولانا جناب پير عبداللطيف
شاه قطب زمان قدس الله سره العزيز جو ”تحفة
الڪرام“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ جو اهي ٻئي مشهور
ڪتاب مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي تصانيف کان آهن
انهن ۾ لکيل آهي ته حضرت سائين ڀٽائي ڀلاري دنيا
کي بنهه ڇڏي ڏنو هو، ان ڪري مٿن ”تارڪ“ لقب پئجي
ويو ۽ سندن ڄم 1102هه تي ”ڀئي پر“ ۾ ٿيو، اهو
کٽياڻ شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ آهي ۽ هن بختاور ٻار جي
ڄمڻ واري هنڌ تي مسجد ٺاهي وئي آهي، جا اڃان تائين
نصير واه جي ڪپ تي درست حالت ۾ موجود آهي.
تحقيق وارن جي خبر آهي ته اولياءَ صاحب ٻالجتيءَ کان ئي الله کي
پهتل هئا ۽ ننڍپڻ ۾ گهر جي اڱڻ ۾، جتي ڪا مٿاهين
هوندي هئي اتي ويهندا هئا. جڏهن پاڻ ڪجهه وڏا ٿيا
ته گهڻو ڪري سندن راند اها هوندي هئي جو ڳوٺ جي
ڇوڪرن کي گڏ ڪري سماع ڪندا هئا يا ذڪر ۾ مشغول
ٿيندا هئا ۽ ڪڏهن تير ڪمان به کڻندا هئا، پر ڪنهن
به ساهه واري شيءِ کي ايذاءُ نه پهچائيندا هئا.
گهڻو ڪري تير نشاني تي هڻندا هئا.
شاهه جي رسالي ۾ قرآني تلميحون
قرآن مقدس کان سواءِ ٻئي ڪنهن به جهوني ڪتاب لاءِ هيءَ دعويٰ نه
ٿي ڪري سگهجي ته ان ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ٿي هجي ۽ نه
ڪنهن ٻئي ڪتاب لاءِ هيئن چئي سگهبو ته ان جو
مقابلو انساني سمجهه ۽ قوت کان ٻاهر آهي.
ٻين
علمن جي ڀيٽ ۾ علم حديث جو گهڻو اهتمام ڪيو ويو،
روايت لاءِ ڪي اصول ۽ قاعدا مقرر ڪيا ويا، پر ان
هوندي به حديث جي ڪيترن معتبر ڪتابن ۾ اهڙيون جڙتو
روايتون درج ٿي ويون، جن جو آنحضرت جي ڪلام سان
ٿورڙو به لاڳاپو نه آهي.
الله پاڪ طرفان پهريون آنحضرت جي دل واري نقطه حجر محبت تي قرآن
نقش ڪيو ويو ۽ پوءِ وحي جي ذريعي کيس سمجهائي
تبليغ جو حڪم ڏنو ويو. پاڻ سونهارن صحابن کي
سيکاريو ۽ اصحاب سڳورن ٻين کي پڙهايو. نتيجو هي
نڪتو جو حضرت عمر فاروق جي دور خلافت ۾ قرآن جو
انقلابي پيغام عرب جي ريسگتان کان نڪري، عجم جي
سرسبز وادين ۾ پهڇي ويو. ٻن صدين ۾ دنيا جي سون،
هزارن ماڻهن وڏي شوق ذوق دلچسپي ۽ دلگيريءَ سان
قرآن کي ياد ڪري پنهنجن سينن ۾ سانڍيو ۽ اهو سلسلو
اڃان تائين هليو اچي.
قرآن سان عرب اديبن جو برتاءُ
قرآن جي نازل ٿيڻ وقت عرب ۾ شعر و شاعريءَ جو چرچو هو. چوٽيءَ
جا فصيح، بليغ، اديب فخريه طور پنهنجا شعر لکي
ڪعبه جي ديوارن تي لڙڪائي سخن فهمن کان داد ۽
تحسين جا طالب ٿيندا هئا. عين اهڙي دور ۾ قرآن کين
للڪاريو ته ان جهڙي ڪا هڪڙي سورت يا آيت ته ٺاهي
ڏيکارين. گهڻو ئي مٿي ماري ڪيائون، پر سندن دال نه
ڳري. نيٺ ادبي ميدان ۾ قرآن جي علمي ادبي عظمت ۽
طاقت آڏو کين جهڪڻو پيو.
عربي ادب ۾ قرآني تلميحون يا اشارا
اڳتي هلي عربي ٻوليءَ جي اديبن جي هيءَ ڪوشش رهي ته پنهنجي نظم
يا نثر کي فصاحت، بلاغت جي خيال کان زور وٺائن
لاءِ الله جي ڪلام، معجز نظام جي نور مان اولڙو يا
عڪس پرائي، پنهنجي ڪلام کي رنگين ۽ دلچسپ بنائين،
ان ڪري انهيءَ دور ۾ وڏو اديب ان کي ڄاتو ويندو
هو، جو پنهنجي ڪلام ۾ گهڻا لفظ استعمال ڪري يا
قرآني جملن کي مناسب بيهڪ سان اهڙيءَ طرح ملائي
ڇڏي، جو پڙهندڙ کي اهو پتو نه پوي ته اهو ڪو الله
فرمائي رهيو آهي. پوئين قسم کي فن بديع جي خيال
کان صنعت اقتباس سڏيو وڃي ٿو ۽ لغوي لحاظ کان کيس
تلميح به سڏي سگهجي ٿو.
عربي ٻوليءَ جو مشهور نثر نويس اديب: حريري اجهو هن طرح صنعت
اقتباس استعمال ڪري رڪيو آهي: ”فلم يکن الالمح
البصر، او هو اقرب حتي انشد و اغرب“ هڪ ٻيو اديب
شعر ۾ قرآن مان اقتباس ڪري ٿو: ”ان کنت از معت علي
هجرنا من غير ما جرم فصبر جميل“ شاعر پنهنجي
محبوبه کي ڏک ڏوراپو ڏئي ٿو ته بنا ڪنهن ڏوهه جي
جيڪڏهن اسان کان ڦوڙائي ۽ جدائي جو فيصلو ڪري چڪي
آهين ته پوءِ اسان لاءِ مٺيءَ ماٺ کان سواءِ ٻيو
ڪو چارو ئي نه آهي.
شاهه جو رسالو
جڏهن کان وٺي شاهه جي رسالي تي ريسرچ يا تحقيق شروع ٿي آهي، ان
کان هن وقت تائين جيترن به سنڌي ٻوليءَ جي اديبن،
عالمن، انيڪ اڀياس ڪري شاه جي ڪلام بابت ادبي ۽
تحقيقي ميدان ۾ زور قلم جا ڪرشما ۽ خداداد قابليت
جا جوهر ڏيکاريا آهن. ان مان قطعي طرح ڪڏهن به هي
نيبهه نه ٿي سگهيو آهي ته سنڌي علم، ادب جي موج
ماريندڙ مهراڻ ”شاه جي رسالي“ ۾ اهي ڪهڙيون ڪچ
ڪوڏيون آهن، جيڪي هن مٺڙي درياءَ جون پيداوار نه
آهن يا اهي ڪهڙا لعل جواهر آهن، جيڪي هن جوهري لعل
لطيف جي دڪان جي وٿ نه آهن. ائين ضرور آهي ته
رسالي ۾ ڪي هن طرح جا بيت يا وايون به آهن، جن ۾
سنئون سڌو ڪنهن شاعر يا سگهڙ جو نالو ورتو ويو
آهي. جيئن اچي ٿو ”لاکو لطف الله چئي“ ”عنات چئي“
وغيره يا اهي بيت جيڪي شاه کان اڳ گذريل عاشقن ۽
ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ملن ٿا، ٻين بيتن بابت اهڙي
فيصلي جو مدار ”رساله“ جي ڄاڻڻ جي وجدان ۽ طبعي
ذوق تي آهي. علم وارن جو هي طئي شده مسئلو آهي ته
ڪنهن هڪ عالم يا اديب جو طبعي ذوق ۽ وجدان ٻئي
اديب لاءِ حجت نٿو ٿي سگهي. مثال طور ڪو هڪ بزرگ
شاه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو هجي ۽ ان وٽ شاه جي ڪلام
کي پرکڻ لاءِ ڪسوٽي شاهه جو نياز، نوڙت، حلم و
حياءُ، بيخودي ۽ ٻيون اهڙيون صفتون هجن، انهيءَ
آڌار تي اهو چوٽيءَ جو اديب هن بيت کي
”جــي تــو بــيـــت ڀائيان سي آيتون آهن
وڃيون من لائين پريان سندي پار ڏي“
شاهه جو ڪلام نٿو سمجهي ته اهو ذوق ۽ وجدان ٻين اديبن لاءِ حجت
جو درجو نه ٿو رکي، ڇوته ٻئي ڪنهن اديب کي هيئن
چوڻ جو حق آهي ته ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انهن
صفتن سان سنواريل انسان کي به ڪنهن چڱي ”ارادي
سان“ کيس ڏاتار جي ڏنل ڏات پري ڪرڻ جو خيال پيدا
ٿيندو آهي. آنحضرت کان وڌيڪ حيادار ۽ حليم ڪير
هوندو،پر هڪ موقعي تي سندس زبان مبارڪ مان به هي
جملو نڪتو ”انا سيد ولد آدم ولا فخر“ آئون انسانن
۾ اُتم آهيان ۽ ان ۾ ڪوبه وڌاءَ نه آهي. ٺيڪ
انهيءَ طرح هڪ حقيقت ۽ الـٰهي نعمت جو اظهار ڪندي
ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ رسالي جي آکاڻين مان نصيحت
پرائڻ لاءِ ڀٽائي صاحب پنهنجي بيتن کي آيتون سڏي
رهيو آهي.
شاهه جي رسالي ۾ قرآني الفاظ ۽ جملا
خوشتر آن باشد که سردلبران
گفته آيد در حديث ديگران
ڀٽائي صاحب جي مٿئين بيت تي ڌيان ڌري قرآن جي پوريءَ ڄاڻ سان
”رساله“ کي ڪو سمجهدار ماڻهو پڙهندو ته کيس هر هنڌ
قرآن جي نصيحت ۽ مضمون جي موافق ڪيترو ڪلام ملندو.
هتي اسان فقط انهن بيتن جو بيان ڪريون ٿا، جن ۾
چٽائيءَ سان قرآن جا الفاظ ڪتب آندا ويا آهن.
”رساله“ کي اٿلائيندي پٿلائيندي نوي جايون اهڙيون
مليون آهن، جن ۾ قرآني الفاظ ۽ جملا مناسب بيهڪ
سان استعمال ڪيا ويا آهن. انهن مان گهڻا لفظ مڪرر
به آهن. پارسي بيتن کي شمار نه ڪيو ويو آهي. انهن
بيتن جي عطر مان پڙهندڙن جي راس وٺڻ لاءِ ڪي بيت
سروار هيٺ ڏجن ٿا.
سر ڪلياڻ: توحيد سان گڏ رسالت کي مڃڻ جو سبق سيکاريندي، غيرالله
جي غلاميءَ کان بچڻ لاءِ ارشاد ٿئي ٿو:
وحده لا شريڪ لہ جان ٿو چئين اينئن
تان مڃ محمد ڪارڻي نرتون منجهان نيهن
سو تو وڃيو ڪيئن نائين ڪنڌ ٻين کي
جيڪي ماڻهو فقط هڪ خالق مالڪ جي غلاميءَ ۽ ٻانهپ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾
وجهي ٻين طاقتن آڏو سر جهڪائڻ کان انڪار ڪن ٿا،
اهڙا انسان ازل کان ئي نسورو نور آهن ۽ انهن کي
ڪابه طاغوتي طاقت هيسائي نه ٿي سگهي:
آگي ڪيان اڳهين نسورو ٿي نور:
لا خوف عليہم ولا هم يحزنون سچن ڪونهي سور،
مولي ڪيو معمور انگ ازل ۾ ان جي.
ڌڻيءَ جي ڳولائن کي هي سبق وسارڻ نه گهرجي ته سڀ ڪا هدايت ۽
گمراهي، نفعو ۽ نقصان، مالڪ الملڪ جي هٿ وس آهي ۽
انهيءَ تي اهڙا اسباب مقرر ڪري ڇڏيا آهن، پوءِ ٻئي
کان ڊپ ڊاءُ ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور؟
سوئي راه رد ڪري سو ئي رهنما
وتعز من تشاءَ و تذل من تشاءَ
هڪ سچي عاشق کي عشق، محبت جي راه و رسم ۾ ڏکن، ڏاکڙن کي صبر سان
سهڻ لاءِ سورت والعصر جي پڇاڙيءَ ۾ مؤمنن جي حق ۾
بيان ٿيل صبر جي تلقين وسارڻ نه گهرجي:
پر ۾ پڇيائون عشق جي اسباب کي،
دارو هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون.
آخر ”والعصر“ جو اينهين انائون،
تهان پوءِ آءُ سڪان ٿي سلام کي.
عادت الله اها نه آهي ته ٻانهو سندس تات، طلب ۾ رهي ۽ موليٰ جي
مٿس مهر نه هجي؟ آگي جو پاڻ ارشاد آهي ته: ”اوهان
مون کي ياد ڪريو ته آئون اوهان کي ياد ڪريان.“ عشق
و محبت جي ميدان ۾ پير پائڻ ڪو سولو نه آهي. وقتي
طور ڪي تڪليفون پهچن ته ان کان گهٻرائڻ نه گهرجي.
ان ۾ به ڪانه ڪا حڪمت سمايل هوندي:
تو جنجي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
فاڪروني اذکرکم اي پروڙج بات،
هٿ ڪائي ڳڙواٽ، پڇڻ پر پرين جي.
جڏهن عالم ارواح ۾ روحن تي ڌڻيءَ جي تجليءَ جو اولڙو ۽ عڪس پيو
۽ کانئن پالڻهار جي ربوبيت جي اقرار بابت پڇيو
ويو، تڏهن کان وٺي ان تجليءَ جي ڦوڙائيءَ ۽ فراق
جي سور ڪنار عاشقن سان چهٽيل آهي!
پاٻوهي هيڪار مون کي پڇيو سڄڻين،
الست بربکم چيائون جنهن وار،
سندي سور ڪنار، تن تڏاهڪون نه لهي.
سر راڳ: معرفت ۽ سلوڪ جو سفر، اجهاڳ سمنڊ جهاڳڻ جي برابر آهي،
ايڏي سفر لاءِ وکر وهائڻ جي ضرورت آهي. اهو وکر
آهي ٻانهپ يا غلاميءَ جو مگر هر حال ۾ سچائي هٿان
نه ڇڏ، سون سالن جي رياءَ واري عبادت کان هڪ گهڙي
سچائيءَ سان سر نمائڻ بهتر آهي. سچن کي هر طرح
ڪاميابيءَ جي بشارت مليل آهي. اهڙا ماڻهو معرفت جو
اجهاڳ سمنڊ جهاڳي وڃي چار پوندا.
جنين سودو سچ سين وکر وهايو،
بخر ولهم البشريٰ جو انهيءَ لئه آيو،
ان کي لالن لنگهايو ساندارو سمنڊ جو.
معرفت جي موجزن درياءَ ۾ گهڙڻ لاءِ ظاهري ترهي جي ضرورت نه آهي.
فقط الله تي آهار ۽ ڀروسو گهرجي. پر وچ ۾ ڪيترا ئي
واڳون منهن ڦاڙيون ويٺا آهن، جي شڪن جا چڪ وجهي
ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندا. انهن کان بچڻ لاءِ ڍڪ ڍڪيندڙ
جو ڍڪ گهرجي. دنيا دورنگيءَ کان به ڪنارن ڪرڻ لاءِ
موت جو يادگيرو ۽ ان کان پوءِ آخرت جو ڀيانڪ، دل
ڏاريندڙ منظر جنهن ۾ ڀاءُ ڀاءُ کان ڀڄي بيزار
ٿيندو، جو سالڪ لاءِ وڏو علاج آهي. هڪ وائي ۾
ارشاد ٿئي ٿو:
گهڙان ٿي ريءَ گهڙي، الاهي تو آهار،
هو جو شڪ شاڪ جو تئان رک ستارا،
ڪل نفس ذائقة الموت سچي اي سنڀار.
هڪ مصرعي کان پوءِ اچي ٿو: ”يوم يفر المرءُ من اخيہ جت ڀڄندا
ڀار.“ الخ
ناکئ (سالڪ) کي گهرجي ته پهريون سمنڊ (معرفت) جي ڪُنن ۽ ارکين
ٻارين بابت خبر چار لهي پوءِ سڙهه ساڄا ڪري، سمنڊ
۾ مٺو پاڻي به کپي. اهو آهي سڪ، محبت جو پاڪ شراب،
پرينءَ کي پسڻ ۽ پهچڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به مقصد
آڏو نه رکي ته پوءِ اميد ته وڃي ستڙ ٿيندو ۽ ڪنڌي
ڪناري پهچندو.
ملاح معلم خبرون پڇي پروڙيج،
جنهن کي سڪي سڀ ڪو پرين سو پسيج،
وسقٰهم ربهم شرابا طهورا پاڻي پاڪ پئيج،
لڙ ۾ ڪيئن لڏيج ته ستڙ سامونڊي ٿئين.
سر سهڻي: سهڻي سالڪ جو درجو رکي ٿي جا معرفت جي ”مهراڻ“ ۾ ٽپو
ڏئي محبوب سان ملڻ گهري ٿي. اهڙن سڪايلن کي جهنگ
جهر جي ڇا پرواهه؟ انهن کي فقط تجلي الاهي انهيءَ
جي آڏو بيهڻ جي ڳڻتي آهي:
گهڙي گهڙو هٿ ڪري ٻهون نهاري ٻنگ،
واما من خاف مقام ربہ ايءُ لنگهيائين لنگهه،
سڪندين کي سيد چئي ڪين جهليندو جهنگ،
رات جنيءَ جو رنگ الاسي اڪارئين.
ظاهري سببن ۽ وسيلن کي ڇڏڻ لاءِ به ڪو حڪم نه آهي، پر نه هجڻ
واري حالت ۾ عاشقن جو مسلڪ اور آهي. انهن کي الله
کان آسرو لاهي هرو ڀرو سببن تي ڀاڙي ويهڻ نه
گهرجي. پرينءَ جي پريت ۽ هيج سان ئي محبوب جو منهن
پسبو.
گهڙُو ڀڳو ته گهوريو آسرو م لاهيج،
لا تقنطوا من رحمة الله ترهي ان تريج،
حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
سر سارنگ: فصلن ٽئين جي آخر ۾ هڪ وائي آنحضرت جي نعت ۾ آيل آهي،
جنهن ۾ معراج جي بيان سان گڏ سورة والضحيٰ ۾
آنحضرت کي دنيا ۾ حڪومت ۽ آخرت ۾ شفاعت جي ڏنل
وعدي جو بيان هن طرح اچي ٿو:
آگي آسمان جو، توکي ڪاريو سير ستار،
ولسوف يعطيک ربک فترضيٰ توسين قادر ڪيا قرار.
سر ڪيڏارو: الله پاڪ جي بي نيازي ۽ بي پرواهي جي حد ئي ڪانهي،
پنهنجن دادلن دوستن کي به ڪهائي ڇڏي ۽ سندس خاص
دوستن تي خاص طرح سور سختيون اچن ٿيون، پر ان ۾
عبرت ڪندڙن لاءِ اونهون راز سمايل آهي.
دوست ڪهائي دادلا، مسحب مارائي،
خاص خليلن کي سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز سا ڪري جا چاهي،
انهينءَ منجهه آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
فرات نديءَ جي ڀر تي ڌرتي ميدان ۾ حضرت امام اهل بيت نبيءَ ۽
ٻين سرويچن سان ظالم حاڪم اڳيان سر نه جهڪائڻ جي
سلسلي ۾ جهاد لاءِ لٿل آهي ته اوچتو مٿن ڪٽڪ لشڪر
ڪاهي اچي ٿو، پر هيڏانهن به ڪليءَ ڪوڏيا مجاهد
آهن، جي پنهنجو سر الله جي رستي ۾ قربان ڪري ڪاهي
پون ٿا دشمن جي لشڪر ۾. هوڏانهن هنن کي شهادت جو
اتم درجو ملي ٿو ته هوڏانهن حورون انهن جي اڳ ئي
انتظار ۾ هار کنيون بيٺيون آهن. انهيءَ منظر کي
ڪهڙي نه عجيب پيرايه ۾ ڀٽائي صاحب بيان ڪري رهيو
آهي:
ڪوپا ڪلي ڪوڏيان، راوٽ ڪين رهن،
سائوئن سر فدا ڪيا اڳيان امامن،
يجاهدون في سبيل الله ڪم اهو ئي ڪن،
حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
”حر“ جي حق ۾ ڪا هدايت لکيل هئي، جو دشمن جي لشڪر کان ڇڄي، اچي
امامن سان مليو ۽ پڄندي آهر حق جي راه ۾ حمايت
ڪندي سر ڏنائين:
هئي هدايت حر کي، گهوريس آن مٿان،
چڙهي آيو جنگ تي هلي هن پاران،
ايندي چيائين امام کي، گهوريس آن مٿان،
لا يڪلف الله نفسا الا وسعها جيڪا پڄنديم سان،
گهوٽ به لڳا گهاءَ سو پڻ شير شهيد ٿيو.
سر سسئي: ڌڻيءَ جي تجلي جو اولڙو يا عڪس هر هنڌ ۽ هر شيءِ ۾
آهي، ڪابه شيءِ ان جي گهيري کان ٻاهر نه آهي، پوءِ
ان کي ٻئي هنڌ ووڙڻ ئي بيڪار آهي.
ووڙيم سڀ وٿاڻ يار ڪارڻ جت جي،
والله بکل شيءِ محيط اي آرياڻي اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ناهه ٻروچ ري.
هن دنيا ۾ جو ڪجهه هلي چلي رهيو آهي، تنهن جي چاٻي ٻئي هنڌ
رکايل آهي. هتي جا وسيلا آسماني سببن جي پيداوار
آهن. لوح محفوظ ۾ لکيل چڱائي يا برائي اوس ڪاٽڻي
پوندي.
اي پاڻ نه ٿئي پاڻ کان، پاڻان ٿئي نه پاڻ
والقدر خيره و شره من الله تعاليٰ اي ڄاڻي ڏسج ڄاڻ،
سچو سو پر پاڻ جو لکيو لوح قلم ۾.
هن بيت جو خلاصو اڳ ۾ اچي چڪو آهي.
هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوه پهي،
”وفي انفسکم افلا تبصرون“ سوجهي ڪرسهي،
ڪڏهن ڪانه وهي، هوت ڳولهڻ هٽ تي.
”هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوه پرياڻ،
ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد تنهنجو توئي ساڻ،
پنهنجو آهي پاڻ آڏو عجيبن کي.“
الاهي عشق به اهڙي باهه وانگر آهي، جنهن جو پهريون وار عاشق جي
مجازي هستي ۽ خودي تي ٿئي ٿو ۽ فقط هڪ آرياڻي
محبوب وڃي بچي ٿو.
العشق نار الله الموقدة کوري جيئن کاڻي،
آهي آرياڻي ٻيو سرتيون سڄي ڪينڪي.
سر معذوري: جيستائين پاڻ تي نظر آهي ۽ پنهنجي هستيءَ کان هٿ نه
ڌوتو ويو آهي، تيستائين پرينءَ کي پهچڻ محال آهي:
پر ۾ پڇين پرين کي مري نه ڄاتوءَ،
”موتوا“ منڌ نه سوءِ ڪنڌ ڪڄاڙيان ڪاٽئين.
سر ديسي: سسئي ويچاريءَ کي پرينءَ پنهونءَ جي ووڙ ۾، جهنگ، جبل
جهاڳيندي ڪشالا ڪڍندي، ڪنهن جاءِ تي بيتابي ۽
بيڪسيءَ جي عالم ۾ بيهوش ٿي ساه پٽڻو پئي ٿو ته
جهٽ آسپاس واريون عورتون ڪوڏ ۽ هنج مان مٿس اچي
ڪڙڪن، ناصحانه انداز ۾ طعنا، تنڪا ڏئي واپس ورائڻ
جي ڪوشش ڪن ٿيون. چي مئي ابر پٽ ۾ هلي آهين هيڪلي،
سفر ته باه جو شعلو آهي، موٽي وڃ پوئتي تنهنجو جي
رستو سڌو ۽ نينهن سچو هجي ها ته ڪيچي، توکي ڪڏهن
به پوئتي ڦٽو نه ڪن ها:
”مڙي منڌ ڏي آيون، ها هيڙيون سهجان،
”السفر قطعة من النار“ هاري موٽ هتان،
سڱ ”صراط المستقيم“ جو اٿيئي تا اڳيان،
سي ڪيجي نيندءِ ڪٿان؟ جيئن تنهنجو نينهن نفاق سين.“
مضمون جي طويل هجڻ سبب صرف مٿئين بيتن جي اڪتفا ڪئي وئي آهي.
اميد ته ڪنهن ٻي صحبت ۾ انهيءَ مضمون کي مڪمل ڪيو
ويندو. |