سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :65

 

مولانا عبدالواحد بوبڪائي

(وفات: 1269هه کان پوءِ)

مولانا عبدالواحد بوبڪائي، بوبڪ شهر جي ملن مان هئا، نقشبندي طريقي جي تلقين شاهه عبدالقيوم مجدديءَ کان ورتي هئائون ۽ ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، انهن جي فيض مان سيراب ٿيا هئا. رياضت به تمام گهڻي ڪندا هئا، حرمين شريفين جي زيارت به گهڻائي ڀيرا ڪئي هئائون. عمر جون گهڙيون گهڻو ڪري مسڪيني ۽ درويشيءَ ۾ گهاريندا رهيا. خواجه محمد حسن جان سرهندي رح لکي ٿو ته: ”جن ڏينهن ۾ هن فقير سان سندن ملاقات ٿي هئي، تڏهن ان جي عمر اٽڪل روءِ ستر سال کان به مٿي هئي، هڪ پير کان  ٿورو منڊائي هلندا هئا ۽ لٺ جي سهاري هلندا هئا. آخوند حاجي سچيڏنه بختيارپوريءَ جا ساٿي هئا. سرهند ڏانهن ان سفر ۾ جو قبله والد صاحب (خواجه عبدالرحمٰن صاحب) سن1269هه ۾ سنڌ کان سرهند شريف ويا هئا ۽ ڪيترن عالمن ۽ فقيرن جي جماعت حضرت ساڻ سفر ۾ سان هئي. حاجي عبدالواحد به انهيءَ سفر ۾ حاضر خدمت هئا. حضرت والد جن مولانا عبدالواحد صاحب جو ان سفر ۾ ڏاڍو خيال رکندا هئا. مولانا عبدالواحد باطني ڪمال هوندي به تمام سادي طبيعت وارا هئا، نيڪيءَ جي حڪم ۾ سستي نه ڪندا هئا. مطلب ته مولوي صاحب نيڪين جو مجموعو هئا. سندن تاريخ وفات ياد نه رهي آهي.“

مخدوم محمد متعلوي

مخدوم محمد، مخدوم عبدالڪريم متعلويءَ جي اولين شاگردن مان ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن مخدوم عبدالڪريم جي والد بزرگوار مخدوم محمد عثمان کان پڻ فيض پرايو آهي. هڪ استادي روايت آهي ته مخدوم محمد اصل ۾ هالن جو هو. پر استاد سان عقيدت ڪري مٽيارين ۾ رهجي ويو ۽ سڄي عمر استاد سان گڏجي مٽيارين ۾ تعليم ڏيندو رهيو. مخدوم محمد، فقهي تحريرن ۾ بي نظير عالم هو. سنڌ ۾ ڪابه فقهي تحرير، جنهن تي مخدومين: مخدوم عبدالڪريم ۽ مخدوم محمد جي صحيح هوندي هئي، ان کي حرف آخر سمجهيو ويندو هو. شهداد ڪوٽي استادن جي تحريرن کي پڙهندي معلوم ٿو ٿئي ته اهي به ”مخدومين“ جي تحريرن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ انهن جي تحريري ذخيري کي سند طور پيش ڪندا هئا. مخدوم محمد متعلويءَ جي صحيح تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، اندازو اهو آهي ته سن1274هه ڌاري وفات ڪئي اٿن.

مولانا عبدالغني کڏهري

(وفات: 1249هه کان پوءِ)

مولانا عبدالغني ذات جو ڪيريو، کڏهر ضلع نواب شاهه جو وڏو فقيهه عالم ٿي گذريو آهي. هن به تعليم مٽيارين ۾ مخدوم عبدالڪريم وٽ حاصل ڪئي ۽ مخدوم محمد يوسف کياري وارن جو معاصر چيو وڃي ٿو. اسان کي سندس مطالع هيٺ آيل ”الدر المختار“ جو قلمي نسخو قاضي فتح الرسول صاحب نظاماڻي جي عنايت سان نظر مان گذريو. ڪتاب شروع ٿيڻ واري صفحي جي منڍ ۾ مولانا عبدالغني جي مهر ثبت ٿيل آهي، جنهن تي سن1265هه سال لکيل آهي. شروع وارن ورقن تي هڪ تحرير ۾ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي جيتوڻيڪ استاذ الڪل في الڪل سڏي ٿو، پر تڏهن به مٿن ڪجهه چوٽ ڪري ويو آهي، جنهن جو خليفه محي الدين سيوهاڻي جواب ڏنو آهي ۽ وري جواب الجواب مولانا عبدالغني کڏهر جو به موجود آهي. مولانا کڏهريءَ جي تحرير تي (مولانا) محمد سيوهاڻي جي تقريظ مهر سان موجود آهي.

مولانا عبدالغني کڏهري جا ڪي علمي رسالا ۽ تحريرون اسان کي ان جي پوٽي مولانا عبدالله صاحب کڏهر وارن وٽ پڻ ڏسڻ ۾ آيا. مولانا عبدالله صاحب سال کن ٿيو جو وفات ڪري ويا آهن ۽ پاڻ وڏا فقيهه هئا ۽ وڏي عمر ماڻيائون. گهڻو وقت سنڌ جي مشهور مدرسي دارالرشاد پير جهنڊو  مدينة العلوم ڀينڊه، متصل حيدرآباد ۾ تعليم ڏنائون.

 

مخدوم محمد عارف سنائي

(وفات: 1222هه کان پوءِ)

مخدوم محمد عارف سنائي بن محمد افضل، شهر سن جو ساڪن هو، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جو معاصر ٿو معلوم ٿئي، ان دور جي دستور موافق علم فقهه جو وڏو ڄاڻو ۽ فقهي تحريرن ۾ ماهر هو، سندس ڪيتريون ئي علمي تحريرون نظر مان گذريون آهن، جيڪي هن جي علمي تبحر جون ساک ڏين ٿيون. مخدوم محمد عارف جي فقهي تحريرن جو هڪ بياض به چيو وڃي ٿو، جو اڃا منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. ان جي ڏسڻ سان هن بزرگ عالم جو وڌيڪ احوال ملي سگهندو.

دارالهدي ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ المتانة في مومة الخزانة تاليف مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ جو هڪ قلمي نسخو نظر مان گذريو، جيڪو ڳچ وقت منهنجي مطالعي هيٺ رهيو، ان نادر نسخي جو ڪاتب مخدوم محمد عارف سن وارو آهي، خط نسخ ۾ آهي ۽ تحرير صاف آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هن طرح نوٽ لڳل آهي: تمت نسخة الشريفة کتاب متانة الروايات من يد الفقير الحقير الراجي الي رحمة الله العزيز الغفار محمد عارف بن محمد افضل سکنہ قصبہ سن في التاريخ غره شهر ربيع الاخر يوم الاثنين وقت الضحي سن1222هه. هن تي ڪاتب جي مهر به لڳل آهي. ان صفحي جو عڪس، ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ”المتانة“ جي مقدمي ۾ اچي چڪو آهي.

 

مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي

(وفات: 1272هه - 1855ع)

مخدوم عبدالڪريم ابن مخدوم غلام حيدر ٺٽوي، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هي بزرگ مير خليل صاحب تڪملہ مقالات جو والد آهي. سندس رياضت هن درجي جي هئي جو کين ”دائم الصوم“ هميشه روزا رکندڙ سڏيو وڃي ٿو. مير حسين علي، قاضي ميان عبدالڪريم ۽ ميان محمد صديق اهي چارئي هم سبق هئا. ٺٽي ۾ به تعليم ورتائون ۽ مٽيارين ۾ بحر العلوم مخدوم عبدالڪريم ابن مخدوم محمد عثمان کان به پڙهيا.

مخدوم عبدالڪريم ٺٽويءَ جو گهڻو ميلان اورادن ڏانهن هو. قصيده برده گهڻو پڙهندا هئا. روزانو پنج قصيدا پڙهندا هئا، جي بيمار هوندا هئا، تڏهن به هڪ ڀيرو ضرور قصيده پڙهندا هئا. روزانو خواجگان نقشبنديه جو ختم ڪبير به پڙهندا هئا. لا الـٰہ الا انت سبحانک الخ کي پنج سؤ ڀيرا ضرور پڙهندا هئا. پندرهن پارن جي لڳ ڀڳ سندن وظيفو هوندو هو. تهجد جي پهرين رڪعت ۾ سورة ”يوسف“ ۽ ٻي ۾ سورة ”ياسين“ سندن معمول هوندو هو. پنهنجي والد بزرگوار جي وفات کان پوءِڏهه سال برابر روزا رکندا رهيا. سال ۾ رڳو پنج روزا جن جي شريعت ۾ منع آئي آهي، سي نه رکندا هئا. اهي آهن ٻه ڏينهن عيد جا ۽ ٽي ڏينهن ايام تشريق جا. جيڪڏهن نقشبندي حضرات سان کين سفر ڪرڻو پوندو هو، يا سخت بيمار ٿيندا هئا ته پوءِ روزا نه رکندا هئا. روزانو حضرت نقشبندي صاحب (خواجه ابوالقاسم) جي مزار جي زيارت لاءِ به ويندا هئا جو اچ وڃ ۾ ٻه ميل شرعي ٿيندا، ڪڏهن مريدن جي اصرار تي سواري به ڪندا هئا. سندن توجهه ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو.

مخدوم عبدالڪريم مجلس جو وڏو مور هوندو هو، سندن مجلس ۽ صحبت ۾ ڪو ويٺو ته هميشه ان کي ياد ڪندو رهندو  هو، ”تڪملہ مقالات ۾ لکي ٿو ته هڪ وڏو سيلاني ۽ مجلس جو نهايت هوشيار ماڻهو مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو، مجلس کان اٿي شهر جي هڪ واقف ڪار کي چيائين ته مون سنڌ جي سڀني مشائخن کي ڏٺو آهي ۽ سڀني سان صحبت ۽ مجلس ڪئي اٿم، مون کي ساري سنڌ ۾ ٻن ماڻهن جهڙو سهڻو ۽ سٺو ڳالهائيندڙ نظر نه آيو، هڪ زبدة المشائخ سنڌ ۽ نامور بزرگ پير سيد علي گوهر (راشدي) روهڙي وارا ۽ ٻيو هي بزرگ (مخدوم عبدالڪريم)

مخدوم صاحب وڏو خوش خلق هو ۽ ماڻهن سان وڏي مروت سان ملندو هو. ننڍي وڏي امير ۽ غريب سان هڪ جهڙو ملندو هو، ڪيترا هندو سندس معتقد هئا ۽ سندن چوڻ تي اهي روزا به رکندا هئا.

مخدوم صاحب، صفائي کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا. سندن ڪشف، ڪرامتن جون اڪيچار خبرون آهن. پاڻ سترهين تاريخ مهيني صفر سن1272هه ۾ اشراق جي وقت هن دنيا مان کلندي آخرت ڏانهن اسريا. مخدوم صاحب جي وفات تي وقت جي شاعرن مختلف ماده تاريخ لکيا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن:

کريم الطبع مخدومي که بود عبدالڪريم نامش

نکو سيرت، نکو صورت، نکو نام ونکو اختر

گل اعلي ز باغ حضرتِ صديق اکبر بود

زهي اعليٰ ز هر اعليٰ ز هي اکبر زهر اکبر

ازين دنيا دون رختِ سفر بربست چون ناگه

خرامان گشت با رضوان بگشت جنت و کوثر

سراپا بود نيکوئي سراسر بود خوشنوئي

که در تهتها نظيرش نيست بل در هر همه کشور

خرد چون ”دربدر“ گرديد سالش يافت زين مصرع

ز هي مخدوم صاحب بود صديقي بگوهر در(1)

1272هه

 

قاضي ميان عبدالرحمٰن ڪوٽڙيءَ وارو

(وفات: 1289هه - 1872ع)

قاضي ميان عبدالرحمٰن ابن قاضي ميون حافظ حسين، ڪوٽڙيءَ جي مشهور قاضي خاندان مان وڏو فقيهه عالم ٿي گذريو آهي. ڪوٽڙيءَ جا اهي قاضي ذات جا سمه آهن، جي گهڻو اڳ لس ٻيلي ۾ قضا جي عهدي تي رهندا آيا ۽ هن خاندان ۾ به هميشه هڪ ٻئي پويان عالم ٿيندا آيا.

جڏهن ڄاموٽن جي، ٻيلي جي ملڪ خاندان جي بي بي چاڳلا سان جنگ لڳي ۽ مائي چاڳلا شڪست کائي ٿاڻي بولا خان ۾ سڪونت اختيار ڪئي ته اهي قاضي سڳورا به بي بي چاڳلا سان گڏ لس کي ڇڏي آيا ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. قاضي عبدالرحمٰن مٽيارن جي مشهور محدث مخدوم عبدالڪريم ابن مخدوم محمد عثمان کان تعليم ورتي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي، اتي عربي تعليم لاءِ مدرسو به قائم ڪيو. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ به قاضي عبدالرحمٰن کي قضا جي منصب تي رکيو ويو.

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن لڱا مخدوم عبدالڪريم مٽيارين وارا ڪوٽڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي لٿا، قاضي سڳورا وڏا متوڪل هئا. وٽن اهڙي بزرگ مهمان جي مهمانيءَ لاءِ ڪوبه پئسو نه هو. قاضي عبدالرحمٰن جوار جي ماني کڻي اچي مخدوم جي آڏو حاضر ڪئي، ان وقت سندس والد قاضي ميون حافظ حسين به زنده هو، تنهن اهو ڏسي پٽ کي دل مان دعا ڪئي ته سندس اولاد ۾ گوشت ۽ ماني ڪڏهن ڪانه کٽندي. درويش وڏو پهتل هو، سندس دعا اگهي ويئي. ان کان پوءِ اڄ تائين هن خاندان جو دسترخوان وسيع رهندو آيو آهي. قاضي ميان عبدالرحمٰن 26 تاريخ ماه  محرم سن1289هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار ڪوٽڙيءَ ۾ ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي.

قاضي عبدالرحمٰن صاحب رحه جو هڪ فرزند قاضي ميون عبدالباقي نالي وڏو عالم، فاضل ٿي گذريو آهي. جنهن 23 صفر سن1302هه ۾ وفات ڪئي. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ قاضي عبدالرحمٰن صاحب جو ڀائٽيو خليفه حاجي نور محمد وفات 27 رمضان سن1301هه ٿي گذريو آهي، هن جي پٽ جو نالو قاضي، حاجي عبدالڪريم هو (وفات 29 ذوالقعد سن1378هه) هن مٽيارين ۾ تعليم ورتي ۽ خلافت تحريڪ جي دور ۾ اهو خلافت ڪميٽيءَ جو ناظم هو ۽ ڪوٽڙي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به هو، هن خاندان جو هڪ ٻيو معزز بزرگ قاضي يار محمد صاحب، پنجاه سال اڳ فوت ٿي ويو آهي. اهو مجسٽريٽيءَ جي عهدي تي فائز هو. هاڻوڪو قاضي يار محمد صاحب، پروفيسر سنڌ يونيورسٽي، انهيءَ مٿئين قاضي يار محمد جو پوٽو آهي، جنهن کي قاضي خاندان جو مهندار بنايو ويو آهي ۽ سندس دستاربندي ڪرائي ويئي آهي.

 

صوفي سيد عبدالوهاب جيلاني

(سن1215هه کان پوءِ وفات ڪيل)

صوفي سيد عبدالوهاب ابن سيد عيسيٰ ناصري جيلاني، تيرهين صديءَ ۾ ڀاڳ بلوچستان جو وڏو محدث ۽ متبحر عالم ۽ مؤلف ٿي گذريو آهي. هن بزرگ گهڻا ئي ڪتاب لکيا آهن، جن مان ”خلاصة البيان شرح لغات مشڪواة المصابيح“ عربي، سندس وڏي عمدي تصنيف آهي. اهو ڪتاب پنهنجي رنگ جو منفرد ۽ نرالو ڪتاب آهي، جنهن ۾ حديث جي مشهور ۽ متداول ڪتاب مشڪواة شريف جي حديثن ۾ آيل ڏکين لفظن جي عربي ۾ شرح ڪئي ويئي آهي ۽ هڪ طرح لغت حديث آهي جو ضخيم جلد ۾ لکي ويئي آهي. هن ڪتاب جو هڪ ئي نادر قلمي نسخو ڏسجي ٿو، جو احقر راقم جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. هن ڪتاب کي دوست صميم مولانا محمد طاسين ناظم مجلس علمي ڊاڀيل ۽ مولانا محمد يوسف بنوري صاحب جن به نظر مان ڪڍيو آهي ۽ پسند ڪيو آهي. ڪتاب هن طرح شروع ٿئي ٿو:

الحمد لله الذي هدانا لهٰذا، وما کنا لنهتدي لولا ان هدانا الله، والصلواة عليٰ سيدنا محمد ن الذي ما عرج سلمہ سواه، وعليٰ الہ وصحبہ الذين صاروا نجوم الهدي بضياه، وعليٰ غوث الاغواث بحر العرفان صاحب الجيلان الذي ما بلغ اللسان بمبلع ثناه. وبعده فيقول الصوفي عبدالوهاب ابن السيد عيسيٰ الناصري الجيلاني ساکن البهاک البلوجستاني الخ.

آخر ۾ فراغت جو سن جمادي الثاني سن1215هه ڏنو ويو آهي، اها عربي عبارت هن طرح آيل آهي:

قد وقع الفراغ من تاليفہ في الشهر الجمادي الثاني سنة خمسة عشر و اثنتي مائة والف من الهجرة المطفوية بحمدالله وتوفيقہ.

هن بزرگ عالم جو وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 

مخدوم فضل الله پاٽائي

(وفات: 1290هه)

مخدوم فضل الله سيوهڻ جي صديقي خاندان جو هڪ وڏو عالم ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي، سيوهڻ کان پاٽ ۾ اچي تدريس جي مشغولي رکي، سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري پاٽائي مشهور ٿي ويا. هن بزرگ جو سارو خاندان علمي هو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سيوهڻ ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي هوندائين. مخدوم محمد عارف سيوهاڻي هن خاندان جو، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کان پوءِ سڀني ۾ وڏو عالم نظر اچي ٿو، ان ڪري مخدوم فضل الله ضرور کانئس به فيض ورتو هوندو ۽ تڪميل ضلع نوابشاهه جي ڳوٺ کياريءَ جي مخدوم محمد يوسف کان ڪيائين ۽ ان کان ئي طريقت ۾ بيعت ورتي هئائين ۽ خلافت جو خرقو پڻ حاصل ڪيو هئائين. مخدوم محمد يوسف لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو وسين واري خليفه محمد اسماعيل جو مريد هو ۽ اهو وري مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏئي مرقد وارن جو وڏو خليفو هو.

مخدوم فضل الله نه رڳو هڪ وڏو عالم هو، پر فارسي جو  هڪ وڏو شاعر پڻ هو. کياري جي مسجد جي بنا جي تاريخ سندن چيل آهي، اهڙي طرح پنهنجي مرشد ۽ استاد مخدوم محمد يوسف کياري وارن جي وفات تي پڻ گهڻا مرثيه  ماده تاريخ وفات لکيا اٿس، جن جو ڪجهه نمونو مخدوم محمد يوسف کياري وارن جي احوال ۾ اچي چڪو آهي.

مخدوم فضل الله هڪ وڏو فقيهه ۽ محرر پڻ آهي. جنهن لاءِ ڪيئي قديم فقهي تحريرون  ثبوت طور موجود آهن. سندن شاگردن مان مخدوم قاضي شفيع محمد صديقي پاٽائي جو نالو قابل ذڪر آهي، جو هڪ وڏو فقيهه ۽ شاعر پڻ ٿي گذريو آهي، هاڻوڪو مولانا قاضي شفيع محمد قريشي، صديقي پاٽائي مٿئين بزرگ مخدوم شفيع محمد جو پوٽو آهي. مخدوم فضل الله جي پوٽي مخدوم شفيع محمد اول جي گهر واري هئي.

مخدوم فضل الله صاحب کي هڪ فرزند عطا ٿيو، جنهن جو نالو مخدوم نظام الدين هو. هن کي ڪوبه نرينه اولاد نه ٿيو، رڳو کيس ڪي نياڻيون هيون، جن مان هڪ مولانا حاجي حسن الله پاٽائي کي عقد نڪاح ڪري ڏني ويئي ۽ ٻي هڪ نياڻيءَ جو فرزند ميان محمد صالح پاٽائي هو. مخدوم ميان نظام الدين جي وفات کان پوءِ مسند نشينيءَ تي مولانا حسن الله ۽ ميان محمد صالح جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. هن جهڳڙي کي نبيرڻ لاءِ مخدوم محمد سيوهاڻي آيا. هي بزرگ مخدوم بصر الدين صاحب سيوهاڻي جو ڏاڏو هو، هن ميان محمد صالح جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ ان ڏينهن کان اهو خاندان مسند نشين ٿيندو آهي. ميان محمد صالح کان پوءِ ان جو فرزند صاحبزاده محمود مسند نشين ٿيو ۽ صاحبزاده جي وفات کان پوءِ هاڻوڪو ميان نظام الدين گادي نشين ٿيو. علم ۾ مخدوم فضل الله ۽ مخدوم نظام الدين جو مسند نشين حاجي ميان حسن الله ثابت ٿيو، جو پنهنجي وقت جو وڏو متبحر فقيهه عالم هو. جنهن علم جي دستار فضيلت شهدادڪوٽي بزرگن وٽ ٻڌي هئي ۽ مولانا حاجي عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جو وڏو معاصر ۽ رفيق هو. مولانا غلام عمر سوني جتوئي لڳ لاڙڪاڻي وارو جيڪو پوئين دور ۾ سنڌ اندر وڏو متبحر ۽ فقيهه عالم ٿي گذريو آهي، اهو پڻ مولانا حاجي حسن الله پاٽائي جو شاگرد هو. اهڙيءَ طرح مولانا محمد صديق صاحب سيتائي، روزانه نواءِ سنڌ جي فاضل ايڊيٽر مولانا عبدالغفور سيتائي جو نانو جيڪو هڪ وڏو مدرس ۽ بزرگ عالم هو، سو پڻ حاجي حسن الله جو شاگرد هو. حاجي حسن الله صاحب جن، مٽيارين ۾ پڻ پڙهايو هو ۽ مٽيارين جو مشهور فقيهه عالم مولانا لعل محمد به سندن شاگرد هو.

مخدوم فضل الله پاٽائي جي مختلف تحريرن جو مجموعو، سنڌ جي مختلف قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهي، جن کي جمع ڪرڻ سان چڱو فقهي ڪتاب جڙي سگهي ٿو.

مخدوم فضل الله جي تصنيفات مان ”اصلاح المصلح المفتاح“ فارسي ڪتاب وڏي شهرت رکي ٿو. هن ڪتاب جي مقدمي ۾ مخدوم صاحب هن طرح فرمائي رهيو آهي ته ”مخدوم فتح محمد سنڌي برهانپوري عبادات جي مسائل ۾ فارسي زبان اندر هڪ ڪتاب ’مفتاح الصلواة‘ نالي لکيو هو، اهو ڪتاب نه رڳو سنڌ ۾ پر پوري برصغير ۾ مقبول ٿي ويو. مخدوم محمد انور لاڙائي، هتي جي ماڻهن جي آساني ۽ سهوليت لاءِ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ميان عبدالمالڪ قوم پيپوٽو جو هڪ نيڪ بخت ۽ عبادات جي مسائل کي سکڻ، سيکارڻ جو ڏاڍو حريص ۽ شوقين هو. تنهن ان سنڌي ترجمي کي درس ۾ رکيو، پر جڏهن ته ان ڪتاب ۾ مختلف روايتون موجود هيون، ان ڪري ان مان پوري طرح مطمئن نه ٿي سگهيو. ان ڪري وقت جي وڏي عالم عمدة الاتقياءِ سيد علي محمد مهتمم مدرسہ حفاظ دائره شريف کي گذارش ڪيائين ته مٿئين ترجمي ۾ رڳو ڀروسي واريون اهي روايتون رکي، جن تي فتويٰ آهي، ان طرح اختلاف نه رهندو. سيد صاحب ان جو عرض اگهائيندي اڳين ۽ پوين عالمن جي تصنيفات ۽ سنڌ جي محقق فقيهن جي تحريرن سان متداول ڪتابن جي روايتن کي آڻي ڪتاب مان اختلافي ڳالهين کي ڪڍي ڇڏيائين ۽ پنهنجي رسالي جو نالو ”مصلح المفتاح“ رکيائين، اهو ڪتاب هن ملڪ جي شاگردن لاءِ هڪ ذخيرو ثابت ٿيو، سنڌ ملڪ کان ٻاهر جي ماڻهن کي هن مان ڪابه هڙ حاصل نه ٿيندي. اتفاق اهڙو ٿيو جو اتر واري ملڪ جو رهاڪو ميان غلام حيدر، جيڪو حرمين جي سفر جو ارادو ڪري گهران نڪتو هو، سو داڻي، پاڻي جي قيد ڪري پاٽ ۾ رهي پيو ۽ سنئين رستي تي بيٺل فقير زاده ميان نظام الدين وٽ علم پرائي رهيو هو. ان جڏهن ان ڪتاب کي ڏٺو ته کيس ان ۾ چاهه پيدا ٿيو، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ ڪري ان کي سمجهي نٿي سگهيو. ان ڪري (مخدوم) فضل الله کان فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي طلب ڪيائين ته جيئن ان لاءِ سولائي پيدا ٿئي، نيٺ هي ڪتاب لکجي پورو ٿيو ۽ هن جو نالو ”اصلاح المصلح والمفتاح“ رکيو ويو. هي سنڌي ڪتاب هڪ جلد ۾ پورو ٿيو، مهيني ربيع الاول، تاريخ 25 ڏينهن سومر سن1277هه. ڪجهه سٽن کان پوءِ لکي ٿو ته جيڪڏهن حياتي وفا ڪئي ته جلد کي به درست ڪندس. سنڌي ۾ اهڙن صحيح مسئلن کي ڪنهن نه ڏٺو هوندو، ضروري مسئلن ۾ هي بينظير ڪتاب آهي.

 

مولانا عبدالقادر سيوهاڻي

(وفات: 1211هه کان پوءِ)

مولانا عبدالقادر بن حافظ محمود سيوهاڻي، تيرهين صدي هجريءَ جو وڏو باڪمال عالم ۽ خطاط نظر اچي ٿو. هي بزرگ عالم سيوهڻ جي ڪهڙي علمي خاندان سان لاڳاپو رکي ٿو؟ ان بابت اسان کي ڪجهه به احوال ملي نه سگهيو آهي. پر سيوهڻ ۾ حڪيم قاضي محمد مراد صاحب جن وٽ ”تاج التراجم“ قلمي، تاليف علامه قاسم بن قطلوبغا نظر آيو، جيڪو مولانا عبدالقادر ابن حافظ محمود سيوهاڻي جو لکيل آهي. اکر اهڙا جهڙا موتي، اهڙي طرح ڪي ٻيا ڪتاب پڻ هن ڀلاري عالم جا لکيل نظر آيا آهن، اهو ڪتاب جيتوڻيڪ ليدن ۾ گهڻو اڳ ڇپيو آهي ۽ ان کان پوءِ مڪتبه مثنيٰ وارن بغداد عراق مان به ڇاپي پڌرو ڪيو آهي، پر انهن مطبوعه نسخن ۾ گهڻيون غلطيون آهن، ڪٿي ڪٿي ته ڪيترن فقيهن جو احوال نه ڏنو ويو آهي. مولانا عبدالقادر سيوهاڻي جو علمي تبحر ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس هٿ جو لکيل هن ڪتاب جو نسخو نهايت صحيح آهي. هن ڪتاب جي صحت ٻڌائي ٿي ته ڪاتب هڪ وڏي علمي مذاق وارو عالم هو، کيس حنفي فقهاءَ جي سوانح حيات تي عبور حاصل هو. بغداد وارن کي اسان جڏهن روبرو بغداد ۾ هن حقيقت کان واقف ڪيو ته هنن اسان کي سندن مطبوعه ”تاج التراجم“ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون هن لاءِ ڏئي ڇڏيون ته اسين سندس ڪتاب کي هن قلمي نسخي سان ڀيٽي صحيح ڪري موڪلي ڏيون ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اهي درستيون ڪري ڇڏين.

هن قلمي نسخي جي ڪتابت جو سال 1211هه ڏنو ويو آهي، مولانا عبدالقادر ڪتاب جي آخر ۾ هن طرح رقمطراز آهي:

تمت هذه النسخة الشريفة المسماة بتاج التراجم خمسة عشر جمادي الاوليٰ يوم الاربعاءَ وقت الاستواءَ سنة احديٰ عشر و مائتين والف بعد الهجرة النبوية عليٰ صاحبها افضل الصلواة واکمل التحيات بيد الحقير ذي التقصير الراجي رحمة الغفار عبدالقادر بن حافظ محمود السيوستاني.

مطلب ته ڪتاب جو هي شريف نسخو نالي تاج التراجم 15 جمادي الاوليٰ، ڏينهن اربع، ٻن پهرن جي وقت سن1211هه ۾ حقير صاحب تقصير، بخشڻهار الله جي رحمت جي محتاج، عبدالقادر بن حافظ محمود سيوهاڻي جي هٿان پورو ٿيو.


(1)  (تڪملہ مقالات)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com