سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :10

 

مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب

بذل القوت تان

 

هن ڇهين سال جي جمادي الاٰخر يا رجب ۾ سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جو دستو وادي القريٰ ۾ بني فزارة ڏانهن ويو. هن کان پوءِ وادي القريٰ ڏانهن زيد بن حارثہ جي جنهن فوجي دستي جو ذڪر ايندو، تنهن کان هي اڳ جو آهي، گهڻن مشرڪن کي قتل ڪيائون ۽ ڪيترن کي قيد ڪيائون. حضرت ابوبڪر صديق سان هڪ سؤ مؤمن ساڻ هئا.

وادي القريٰ گهڻن ڳوٺن واري هڪ وادي آهي ۽ اها مديني جي ويجهو شام جي پاسي کان حاجين جي رستي تي هڪ جاءِ آهي.

هن سال رجب جي مهيني ۾ وادي القريٰ جي بني فزارة ڏانهن زيد پٽ حارثہ جي اڳواڻيءَ هيٺ فوجي دستو ويو. اتي اُن وقت مزحج ۽ قضاعة جي قوم به اچي گڏ ٿي هئي ۽ ڪابه لڙائي نه ٿي.

هن سال شعبان مهيني ۾ دومة الجندل ڏانهن عبدالرحمٰن پٽ عوف رضي الله عنہ جو فوجي دستو ويو. رسول الله صلي الله عليہ وسلم، عبدالرحمٰن کي سڏيو ۽ کيس پنهنجي آڏو ويهاريو ۽ پنهنجي هٿن سڳورن سان ان جي مٿي تي پڳ ٻڌائي ۽ کيس ست سؤ ماڻهو ڏئي موڪليو. جڏهن هو دومة الجندل وٽ پهتو ته اتي جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏنائين، انهن مان گهڻن ماڻهن اسلام آندو ۽ جن اسلام نه آندو، تن جزيہ کي قبول ڪيو.

دومة الجندل ۽ ان جي اعراب جو بيان غزوات جي باب ۾ پنجين سال جي غزون جي فصل ۾ گذري چڪو آهي.

هن سال ۾ پڻ زيد پٽ حارثہ رضي الله تعاليٰ عنهما جو فوجي دستو مديني ڏانهن ويو، جن سان گڏ (حضرت) علي پٽ ابي طالب جو آزاد ڪيل غلام ضميرة هو. زيد ڪجهه قيدي هٿ ڪيا.

مدين حضرت شعيب عليہ السلام جي قوم جو هڪ شهر آهي، اهو تبوڪ جي سامهون بحر قلزم جي ڪناري تي آهي. ٻنهي ۾ ستن منزلن جو فاصلو آهي ۽ مدين تبوڪ کان وڏو آهي.

هن سال جي شعبان مهيني ۾ سيدنا علي بن ابي طالب جي اڳواڻيءَ هيٺ فوجي دستو فدڪ ڏانهن بنو سعد پٽ بڪر ڏانهن ويو. ان سان سؤ ماڻهو هئا. سيدنا علي رضي الله عنہ انهن مان پنج سؤ اُٺ ۽ ٻه هزار ٻڪريون غنيمت طور هٿ ڪيون.

فدڪ فاءَ ۽ دال جي زير سان مديني کان ڇهن راتين جي پنڌ تي خيبر جي ويجهو هڪ جاءِ آهي. اهوئي صواب آهي ۽ ڪن گهٽ ٻڌايو آهي.

هن سال رمضان مهيني ۾ پڻ زيد پٽ حارثہ رضي الله عنہ جو فوجي دستو وادي القريٰ ۾ ٻيهر بنو فزاره ڏانهن ويو. حضرت زيد انهن مان ڪن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي قيد ڪيو ۽ انهن مان ام قرفہ کي قيد ڪيو. اهو لفظ قاف جي زير ۽ ر جي سڪون سان ان کان پوءِ ف ۽ پوءِ تانيث جي تا آهي. ام قرفہ جو نالو فاطمہ ڌيءَ ربيعہ پٽ بدر پٽ حذيفہ آهي. اها پنهنجي قوم جي شريف ماڻهن مان هئي. ايستائين جو ان جي نالي تي هڪ مثل ۽ پهاڪو پڙهيو ويندو آهي ۽ هيئن چيو ويندو آهي ته ”جيڪر آئون ام قرفہ کان وڌيڪ عزت وارو هجان ها. اها پنهنجي گهر ۾ پنجاهه تراريون لڙڪيل رکندي هئي. ان جا سڀ ساٿي سندس محرم مائٽ هوندا هئا ۽ کيس ٻارهن پٽ هئا.

هن سال رمضان ۾ پڻ عبدالله پٽ عتيڪ انصاري رضي الله عنہ جو فوجي دستو ابو رافع يهوديءَ ڏانهن ويو. ابن سعد ائين لکيو آهي ۽ حافظ عراقي پنهنجي الفيہ ۾ ان کي اڳ آندو آهي، ڪن جو خيال آهي ته پنجين يا چوٿين سال جي ذوالحج ۾ اهو واقعو ٿيو. ڪن ان کي غزوه احد کان اڳ ٽئين سال رجب مهيني ۾ ٻڌايو آهي. حضرت عبدالله سان پنج يا ست اصحاب ساڻ هئا. ابو رافع جو نالو سلام لام جي شد سان راجح قول تي پٽ ابوالحقيق تصغير تي هو. حجاز ۾ خيبر جي ويجهو پنهنجي قلعي ۾ رهندو هو. نبي صلي الله عليہ وسلم کي ايذاءَ پهچائيندو هو ۽ قبيلن کي نبي سائين جي خلاف اڀاريندو ۽ لڙائي لاءِ گڏ ڪندو هو. ان کي عبدالله پٽ عتيڪ رضي الله تعاليٰ عنہ رات جو ڳجهه ڳوه ۾ قتل ڪري ڇڏيو. هن جو قصو صحيح بخاري ۽ ٻين ڪتابن ۾ تفصيل سان مذڪور آهي.

هن سال ۾ ۽ چيو ويو آهي ته ستين سال ۾ شوال مهيني ۾ عبدالله پٽ رواحہ رضي الله عنہ جي سرڪردگيءَ هيٺ هڪ فوجي دستو ٽيهن صحابين تي مشتمل اسير تصغير سان پٽ رزام يهوديءَ ڏانهن خيبر ۾ موڪليو ويو. هن دستي ۾ اڳيون عبدالله پٽ عتيڪ جو ۽ عبدالله پٽ انيس رضي الله تعاليٰ عنهما ٻئي شامل هئا. اهي ان وٽ وڃي کيس چيائون ته اسان کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم توڏانهن موڪليو آهي ته تون ان وٽ هل ۽ اهي توکي خيبر جو حاڪم بنائيندا ۽ توسان احسان ڪندا. اهو ٻڌي اسير کي طمع پيدا ٿي ۽ هو مسلمانن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ان سان گڏ ٽيهه يهودي ٻيا به هئا. اهي جڏهن اڌ واٽ تي پهتا ته انهن اختلاف ۽ غداري ڏيکاري. تڏهن عبدالله پٽ انيس جي اسير کي قتل ڪيو، ان تي ان جا ساٿي لڙائي لاءِ اٿيا، هڪ ماڻهوءَ کان سواءِ ٻين سڀني کي مسلمانن قتل ڪيو. اهو هڪ ڀڄي ويو ۽ مسلمان ان کي پهچي نه سگهيا. مسلمانن مان ڪوبه قتل نه ٿيو.

ان سال جي شوال مهيني ۾ ۽ ٻئي قول تي ڇهين سال جي جمادي الاٰخر جي مهيني ۾ ۽ ٽئين قول تي ذوالحج ۾ ڪرز پٽ جابر قريشي فهري رضي الله تعاليٰ عنہ جو دستو عڪل ۽ عريہ ڏانهن موڪليو ويو ۽ چيو وڃي ٿو ته ”عرنين“ ڏي موڪليو ويو. ان ۾ عرنين کي عڪل تي غلبو ڏنو ويو آهي، ڇوته انهن مان ڪي عڪل مان هئا ته ڪي عرنيہ مان هئا. سڀني کي گڏ ”عرنين“ چيو ويو آهي ۽ اهي ڪل اَٺ ماڻهو هئا. اهي رسول الله صلي الله عليہ وسلم وٽ اچي اسلام آڻي مديني ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائون. پوءِ حضور صلي الله عليہ وسلم جي ڌنار يسار کي قتل ڪيائون ۽ اُٺ ڪاهي روانا ٿيا. رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڪرز کي ويهه سوار ڏئي موڪليو، جن انهن کي پڪڙي رسول الله صلي الله عليہ وسلم وٽ وٺي آيا. انهن جي حق ۾ هي ڪلام الـٰهي لٿو:  انهن ماڻهن جي سزا جيڪي الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائين ٿا- الخ. هن حڪم تي عمل ڪندي رسول الله صلي الله عليہ وسلم سندن هٿن ۽ پيرن کي ابتڙ (سڄو هٿ ۽ کٻو پير) وڍايو ۽ سندن اکين ۾ گرم سرايون وڌيون ۽ کين پٿريلي گرم زمين تي اڇلايو، ايستائين جو اهي مري ويا.

هن سال ۾ عمرو پٽ اميہ ضمري رضي الله عنہ کي مڪي ڏانهن موڪليو ويو. کيس رسول الله صلي الله عليہ وسلم هن لاءِ موڪليو ته ابو سفيان پٽ حرب کي سندس بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ابو سفيان پهريائين هڪ ماڻهوءَ کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن هن لاءِ موڪليو هو ته جيئن ڌوڪي سان حضور صلي الله عليہ وسلم کي قتل ڪري. عمرو مڪي ۾ آيو، پر ابو سفيان تي ڪامياب نه ٿيو. هن مڪي کان ٻاهر ٻن ڪافرن کي ڏٺو، هڪ عمرو پٽ عبدالله پٽ مالڪ جو قريشي تيمي ۽ ٻيو بنو ديل مان هو ۽ ٻنهي کي قتل ڪيائين. ان کان پوءِ ٻن ماڻهن کي مليو، جن کي قريش مديني ڏانهن جلوس ڪري موڪليو هو، انهن مان هڪ کي قتل ڪيائين ۽ ٻئي کي قيد ڪيائين ۽ ان کي مديني وٺي آيو.

شامي پنهنجي ڪتاب سيرت ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن عمرو کي موڪلڻ عرنين واري دستي کان پوءِ جو آهي. مواهب لدنيہ واري به اها چٽائي ڪئي آهي ۽ هن ۾ ان اهو به ٻڌايو آهي ته اهو حديبيہ واري غزوه کان اڳ جو آهي. هن جو اهو مطلب نڪري ٿو ته عمرو پٽ اميہ رضي الله عنہ جو موڪلڻ ڇهين سال ۾ جمادي الاٰخر ۽ ذوالقعد جي وچ تي آهي. الله ئي وڌيڪ علم رکي ٿو.

فصل هجرت جي ستين سال جي سرايا (فوجي دستن) ۾

هن سال محرم مهيني ۾ ابان پٽ سعيد پٽ عاص پٽ اميہ جو فوجي دستو نحبد ڏانهن ويو. کيس رسول الله صلي الله عليہ وسلم خيبر جي لڙائي ڏانهن نڪرڻ کان اڳ مديني مان موڪليو، پوءِ اهي خيبر جي لڙائيءَ کان فراغت بعد رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن خيبر ۾ واپس وريا. حضور صلي الله عليہ وسلم کين خيبر جي غنيمتن مان حصو نه ڏنو، بلڪه ڪجهه ٿورو کين تحفي طور ڏنو. هن جو اچڻ حضرت ابوهريره جي پنهنجي ساٿين دوستن سان گڏ يمن کان اچڻ سان گڏ ٿيو. صحيح بخاريءَ ۾ حضرت ابوهريره رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن وٽ آيس، پاڻ خيبر ۾ هئا. ان جي فتح ڪرڻ کان پوءِ مون چيو ته يا رسول الله! مون کي به ڀاڱو ڏيو، تڏهن بنو سعد بن عاص مان ابان چيو ته يا رسول الله! انهن کي ڀاڱو نه ڏيو. ابو هريره رضي الله عنہ چئي ٿو ته مون چيو ته هي شخص ابن قوقل جو قاتل آهي. اهو ٻڌي ابن سعيد چيو ته هڪ سانڊي تي عجب ٿو اچي، جيڪو ضان جبل جي چوٽيءَ سان اسان وٽ لٿو.

مون تي هڪ اهڙي مسلمان جي قتل بابت شڪايت ڪري رهيو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ منهنجي هٿ تي عزت بخشي ۽ مون کي ان جي هٿ تي خوار نه ڪيو. الخ

هن سال شعبان مهيني ۾ امير المؤمنين عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻي هيٺ ”تربة“ ڏانهن فوجي دستو ويو. ”تربة“ ۾ تا کي پيش را کي زبر ان کان پوءِ باءَ ۽ پوءِ تانيث جي تاءَ آهي. اها مڪي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هڪ وادي آهي، جتي هوازن مان رهيل ڪافر رهندا هئا. حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ ٽيهه سوار وٺي اوڏانهن روانا ٿيا. جڏهن انهن حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جي رواني ٿيڻ جي خبر ٻڌي ته اتان ڀڄي ويا ۽ حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ کي اتي لڙائي جو موقعو نه مليو ۽ پاڻ مديني ڏانهن موٽيا.

هن سال پڻ شعبان ۾ امير المؤمنين ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ فوجي دستو نجد جي وادي القريٰ پاسي ڏي بنو ڪلاب ڏانهن ويو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ انهن مان ڪن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي گرفتار ڪيو، پوءِ مديني ڏانهن واپس وريو.

هن سال پڻ شعبان ۾ بشير پٽ سعد رضي الله عنہ جو فوجي دستو فدڪ ۾ بنو مرة ڏانهن ويو. ان کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم ٽيهه سوار ساڻ ڏئي موڪليو هو. انهن ۾ اسامہ پٽ زيد، ابو مسعود عبدري ۽ ڪعب پٽ عجزة هئا. هن فوجي دستي لڙائي لڙي، ڪيترا اُٺ ۽ ٻڪريون غنيمت جو مال بڻايائون ۽ انهن کي ڪاهي آيا، اهڙي طرح شامي پنهنجي سيرت ۾ چيو آهي. پر ٻئي پاسي سيد جمال الدين روضة الاحباب ۾ جيڪي ذڪر ڪيو آهي، سو هن جي مخالف آهي. جيئن ان لکيو آهي ته بشير جا ساٿي سڀ مارجي ويا بشير پاڻ زخمي ٿي پيو. پوءِ بشير، رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن موٽي آيو. پوءِ نبي پاڪ اٺين سال هجرت ۾ انهن ڏانهن پنهنجي اصحاب جي هڪ جماعت کي موڪليو، جن اتي پهچي ڪافرن کان بدلو ورتو، انهن سان لڙيا ۽ کانئن غنيمت جو مال هٿ ڪيو. پورو ٿيو ڪلام روضة الاحباب جو.

هن سال رمضان مهيني ۾ غالب پٽ عبدالله ليثيءَ رضي الله عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ بني عوال عين جي پيش سان ۽ بني عبد پٽ ثعلبہ ڏانهن فوجي دستو موڪليو ويو. اهي ميفعة ۾ هئا. اهو لفظ ميم جي زير يا جي سڪون ۽ فا جي زبر سان ”بطن نخل“ جي ٻاهران هڪ وادي آهي. نجد جي پاسي ڏي ”نقرة“ جي ٿورو ويجهو آهي ۽ اهو مديني کان اٺن منزلن تي آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم ان کي سؤ ٽيهه ماڻهو ساڻ ڪري موڪليو. انهن ۾ اسامہ پٽ زيد به هو. جيڪو هن جي ويجهو آهي، ان کي قتل ڪيائون، اُٺ ۽ ٻڪريون ڪاهيائون ۽ مديني ڏانهن موٽيا ۽ ڪنهن کي به قيد نه ڪيائون.

هن سال شوال مهيني ۾ پڻ بشير پٽ سعد رضي الله عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ يمن ۽ جبار ڏانهن فوجي دستو موڪليو ويو. ”يمن“ ياءَ جي زبر سان آهي ۽ ٻئي قول تي ان جو پيش ٻڌايو ويو آهي. ميم ساڪن ۽ ان کان پوءِ نون آهي. هي جو ڪن ان کي ”تمن“ تاءَ سان چيو آهي، اهو غلط آهي. ”جبار“ جيم جي زبر باءَ مخفف آهي. اهي ٻئي خيبر ۽ وادي القريٰ جي ويجهو ٻن جاين جا نالا آهن. ٻنهي ۾ غطفان جي سڪونت آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم بشير رضي الله عنہ کي ٽي سؤ ماڻهن سان گڏ موڪليو. انهن اتي گهڻو مال غنيمت بنايو ۽ انهن مان ٻن شخصن کي جن جو نالو نه لکيو ويو آهي، قيدي بنايو. انهن پوءِ اسلام آندو ۽ مديني ڏانهن واپس وريا.

هن سال ذوالحج ۾ اخرم خا نقطي وار ي۽ را، بنا ٽٻڪي پٽ ابي العوجاءَ سلمي رضي الله عنہ جو فوجي دستو بنو سليم (سين جي پيش سان) ڏانهن موڪليو ويو. اخرم رضي الله عنہ کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنجاهه ماڻهو ساڻ ڏئي موڪليو. انهن ڪافرن سان سخت لڙائي لڙي. ايستائين جو اخرم رضي الله تعاليٰ عنہ کان سواءِ ٻيا سڀ مسلمان مارجي ويا. اخرم موٽيو ۽ مديني ۾ صفر جي پوئين تاريخ اٺين سال هجرت ۾ آيو.

فصل هجرت جي اٺين سال جي سرايا (فوجي دستن) جي بيان ۾

هن سال صفر مهيني ۾ غالب پٽ عبدالله ليثي رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ فوجي دستو ”بني الملوح“ ڏانهن موڪليو ويو. هن لفظ ۾ ميم کي پيش، لام کي زبر ۽ واو زير واري تي شد آهي. اهي ”ڪديد“ ۾ رهندا هئا. هن ۾ ڪاف کي زبر، پهرئين دال بنا نقطن واري کي زير آهي. اها مڪي ۽ مديني جي وچ تي هڪ جاءِ آهي. پر مڪي کي وڌيڪ ويجهو آهي، ڇوته اها مڪي کان 42 ميلن تي آهي ۽ اها عسفان ۽ قديد جي وچ تي آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم ان کي پنهنجي صحابين جي هڪ جماعت ڏئي موڪليو هو. اهي چوڏهن ماڻهو هئا ۽ چيو ويو آهي ته ان کان وڌيڪ هئا. غالب ۽ ان جا ساٿي غالب آيا. مشرڪن ۾ جيڪي مرد هئا، تن کي مسلمانن قتل ڪيو ۽ انهن جي اولاد کي قيد ڪيائون ۽ انهن جا اُٺ ۽ ٻڪريون ڪاهي مديني ڏانهن موٽيا.

هن سال جي صفر مهيني ۾ پڻ غالب پٽ عبدالله ليثي رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻي هيٺ فدڪ وارن مان مصاب (ميم جي پيش سان) ڏانهن فوجي دستو موڪليو ويو. ان کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم ٻه سؤ ماڻهو ساڻ ڏئي موڪليو. اهي مشرڪن سان وڙهيا. انهن کان ڪيترا اُٺ ۽ ٻڪريون هٿ ڪيائون، سندن اولاد کي گرفتار ڪيائون. انهن مان هر ماڻهوءَ جو حصو ڏهه اُٺ هئا. يا انهن جي برابر کين ٻڪريون مليون. اهي هڪ اُٺ کي ڏهه ٻڪرين جي برابر ڄاڻندا هئا.

هن سال ربيع الاول ۾ شجاع پٽ وهب اسدي رضي الله عنہ (شين جي پيش سان) جو فوجي دستو هواز مان بني عامر ڏانهن موڪليو ويو. اُهي سيءَ ۾ سڪونت رکندا هئا. هن لفظ ۾ سين کي زير ي ساڪن ان کان پوءِ همزو آهي. ذات عرق جو ٻاهر کان هڪ طرف آهي، جيڪو مديني کان 5 ميلن تي آهي. ان کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم 24 ماڻهو ساڻ ڏئي موڪليو. هُن هنن جي گهڻن اُٺن ٻڪرين کي غنيمت بنايو، انهن کي ڪاهي مديني آيا. پوءِ سندن ڀاڱا هر ماڻهوءَ کي 15 اُٺ هئا ۽ انهن هڪ اُٺ کي ويهن ٻڪرين جي برابر رکيو هو.

هن سال پڻ ربيع الاول ۾ ڪعب پٽ عمير غفاري رضي الله تعاليٰ عنہ جو فوجي دستو پندرهن ماڻهن تي مشتمل ذات اطلاع (همزي جي زير سان) موڪليو ويو. اها وادي القريٰ کان ٻاهر شام جي زمين کان هڪ جاءِ آهي. ڪافر هنن تي سگهارا ٿي ويا انهن سڀني مسلمانن کي شهيد ڪيو ۽ سڀ شهيد ٿي ويا، هڪ ماڻهوءَ کان سواءِ اهو هڪ واپس وريو ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم کي ان جي ساري خبر ڏنائين.

هن سال جي جمادي الاوليٰ ۾ موتہ جو فوجي دستو آهي. موتہ ۾ ميم کي پيش، واؤ ساڪن همزي کان سواءِ آهي. گهڻائي وارن ائين ٻڌايو آهي. ڪن حمزه سان پڙهيو آهي. حافظ سهيلي روض انف ۾ ان کي ترجيح ڏني آهي. ان کي غزف موتہ به چيو ويو آهي. ڇوته ان ۾ مسلمانن جو گهڻو لشڪر موجود هو، جيتوڻيڪ پاڻ صلي الله عليہ وسلم موجود نه هئا.

موتہ شام ۾ ”البقا“ جي ملحقات مان هڪ مشهور شهر جو نالو آهي، جيڪو بيت المقدس کان ٻن منزلن تي ۽ مديني کان اٺاويهن منزلن تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com