سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :28

 

]غلام محمد جماليءَ چيو[

ويٺي ورهه لنگهي ٿو، ساعت ساعت سال،

جيڪا مرضي تو سندي، پر خاوند! رکج خيال،

جي مرضي منهنجيءَ تي هلين، چڙهه هڪدم حال في الحال،

همه معلم (معلوم) حال ٿَئي، اسان جي ايذاءَ جو،

 

هليو سنگُ سلام تي، اُتان ميرن تائين،

جماليءَ جي جنگ جو، قصو چوريائين،

مگسيءَ هُت مارو ڪُينِ، هڻي هنڌائين،

مان وٽ مِڙي آئيا، دانهن وٺي دانهين،

ماڳ چڙهي مائين، آءٌ دانَهه ويندس ديس تي.

 

قبلا! اڄ اوهان کؤن، ٿو مير! گهران موڪلَّ،

ليئي جهنڊا نيشان سڀ، جُهلايان منجهه ”جهلَّ“،

گهوڙا منجهه گهٽين جي، ڪُڏيان ڪونتلَّ،

جيئن ڪري ڪڙمي دلَّ، سا پَرِ مگسيءَ سان ڪندس.

 

سمجهي وڃج سيال تي، ميرن پايَس پلَّ،

وَسَ کؤن جنگ نه وارجي، سي ٻَنِ خوف خللَّ،

هنئين کنؤن الاريو، ڪثر اها ڳالهه عقلَّ،

مرد، سڃاڻي مهلَّ، جي کيڏي راند کٽي اچن.

 

مير ڏنو هو ميهڻو، ڪر ياد سخن يڪبار،

چيو هو چرچي ۾، سو ورنهه ڪين وسار،

جا هڻندس، هُت ترار، سا هتِ ڳوٺ اچي ڳالهيون ڪندس.

 

 

]شير محمد خان چيو[

منهنجو مير اوهان سان، قبلا آهه ڪلام،

جاري ڪندس جنگ جو، سڀاڻي سر انجام،

ڪڏهن مڙندس ڪين ڪي، هڻندس تيغ تمام،

باقبائل بند ڪندس، مگسي کي به مدام،

دانَهه وجهي دام، آڻيان پيش اوهان جي.

 

باندي هت بَٺيءَ تي، مَر ڍوئن ڪاٺيون گاهه،

ائين ڪيم ته واهه، نه ته مان کي مير! نه چئجو.

 

موڪل ميرن کؤن ڪري، جان اُٿيو اڻ گيلُ،

سڏو صبح جو ڪري، مانجهي ڪير ميلُ،

لشڪر آيو لاڙ جو، ٻڌي ديم دليلُ،

تنهن دم ترت تريلُ، چڙهيو آرڏو اُلادين جانُ.

 

جيئن دُولهه دودي راوَ تي، چاڙهيو چنيسر،

هليو حيدرآباد کان، ڪانَ ڀڃي ڪبير،

وڃي نڪتا ويڙهه جا، دماما ڏهون در،

اُسهيو اَلاهر، الغرضو اقبال سان.

 

ڪري ڪارو نڀار، سارنگ جيان سنبري هليو،

ٿيو کڙو روٿ کنوڻ سان، بادلُ چاڙهي بار،

پَهري پاونگَ تي چڙهيو، جُنگ جنگي جنسار،

دُرس ڪري ڌڌڪار، لٿو دانَهه ديوُ درياءَ تي.

 

پُور لنگهائيندي پاتڻي، ماندا ٿيا به ملاح،

ٻه ٽي ٻيڙيون گڏ ٿيون، وهڻ لنگهائڻ واهَه،

وهن مٿانهون وير جي، تائين سنجهه صباح،

پوءِ ڍلمي، تون درياهه، لشڪر سڀ لنگهي پيا.

 

ساڻ کنيا ها سارڌو، سڀ سيڌا ۽ سامانَ،

رنگندا وڃن راهه سان گلن جا گهمسانَ،

ريشم رُپي سون جي، ڪمي هُيڙن ڪا نه،

مانجهي مَنجهه ميدان، هڪ لحظي منجهه لهي پون.

 

بور ٽپائن بَـرَ تي، سر واڳان ساهيو،

دُنگَ جيئن جي دست ۾، پيئن منهن لايو،

وٺن هرڻ هٿن سان، ڦيري ڦاسايو،

ڪونڌَ وڃن ڪاهيو، ماڳ ڪپندا منزلون.

 

جُهلي جهانگارن ۾، ڪُل ڪٽڪ آيا،

رند ڪناري روهه جي، هئا هردم همسايا،

سرس ڪري سعيا، اُت ڀي جوان کنيائين جوهري.

 

جوان کنيائين جوهري، ڳوڌي ڏئي ڳنُ،

جنهن کي هُيڙو جان ۾، زهر اندر سان زنُّ،

جوڙي ڪيائين جنگ جو، سڄو ئي سر تنُ،

دهوڙي دشمنُّ، ذري ۾ ضايع ڪندس.

 

منزلَ منزلَ تي رکن، دانهه ڌنڌاگيرَ،

اڳتؤن اُٺَ سامان جا، مهمايا مهميرَ،

وڃن ڪَرهه قطاريا، بودا منجهه بهيرَ،

آيا ساڻ اُڪيرَ، سرحد ڪاڇي سنڌ جي.

 

نَرَ کي ناري ڀَر تي، رند اچي پئي رات،

ماڻهو ملاقات تي، اچن ذات بذات،

ڪن مهمانيون ملوڪ جون، طرحين طرحين تات،

ورنهه وائي وات، مُور نه مگسيءَ کي ڇڏيان!

 

مُور نه مگسيءَ کي ڇڏيان، ڪنهن کي ڪندو ڪُوڪ؟

ماڻهو اُنهيءَ حد جا، مليا ساڻ ملوڪَ،

خبر جنگ بنگاهه جي، هر جا پئڙي هُوڪَ،

ريڍرُ، رندستان جي، ڇا جهليندو ڦُوڪ،

جڏهن ڏيندس باهه بَندوقَ، تڏهن روهه ريَون ڪندو.

 

ڪري جمالي چوچرو، راتيان ۽ ڏينهان،

جن جا جهيڙي وَرَ جهلي وڌا، سي رڙيون ڪن ريهان،

درد تنين جي دل تي، پليل ڏي پهان،

ڪُوڪ ڪريو ڪِيهان، ٿا ڇورَن هنيانوَ ڇڄيو پون.

 

شير محمد شور وجهي، چٽو هيئن چيوس،

دهوڙي دشمن کي، مُدعي ماريندوس،

ڳارو وجهي ڳچيءَ ۾، آءٌ ڀي آڻيندوس،

نالي وٺي نيندوس، جاٿؤن قول ڪري هليس.

 

ٿوري گهڻي ڏينهڙي، آيو ڪَهي منجهه ڳوٺ،

جيڏي جماليءَ ڪئي، سورهيه سان سهوٽَ،

هل ته هتؤن ئي هلون، چڙهه اُٿي ڏي چوٽَ،

ڪاهه قلعي منجهه ڪوٽَ، ڀِيڙ ته ڀليون ”جهلءَ“ کي.

 

جي سَڏَ ڀائِي اٿم سنگتي، سي ميڙيان ڪريان گڏ،

ننڊ تنهين کي ناهه ڪا، هنيون جنهن جو هڏ،

هڪل هاڙن کي ڪري، سڀني ڪندس سڏ،

ٽاڻِ ڀڃيندس ٽَڏ، جنهن زوراور زور ڪيو.

 

اِتي خبر امير کي، سُڌ پئي ساري،

تنهن مَڳ مگسين کي چيو، چڙهي ٿيو چاري،

اُڙد ڏسي اُٿلي اچو، پوءِ ڪريو پوئواري،

تَنِ ڪئي تياري، هلو ته ڏيلُ ڏسي اچون.

 

تازين ڇڪي تَنگَ، جُنگ هليا جاسوس ٿي،

ويجها ويرين کي ٿيا، ڪُڏائي به ڪُهنگ،

ڏيهان ڏور رهيا، دانَهه مَٿي دنگ،

راوت وقت رات جي، چاري ٿيا چورنگ،

سي مَڳ موٽيا پوئتي، اُڙدَ ڏسي اڙٻنگ،

اچي لٿا اَورنگ، وِير وڏيري جي اڳيون.

 

ويهي وڏيري سامهون، هُن جو ڏنائون حال،

بيحد آهه بلوچ سان، باري اُڙد بحال،

اڃان ٿو اڳتي وڃي، خاني رکيو خيال،

نڄاڻي ڪاٿؤن اچي، ڦري سو في الحال،

نيٺ ته ايندو جنگ تي، جنهن ميڙيو آهه محال،

اُڙدَ اهي احوال، ٻهڳڻ! ٻُڌ ٻنهي ڪنين.

 

پَهه ڪيو پاڻ ۾، مردَ اڳيؤن مگسين،

جيڪي هليا جنگ تي، آخر نيٺ اچن،

منهن ڏينداسين مامري، سامهون سيالن،

ڀري جامَ شراب جا، تُرت پياريو تن،

ڏسندي کيڏ کڻن، اٿئي سوڀان هٿ ستار جي.

 

ڀَڙَ چيو ڀائُن کي، اَرڏي احمد خانَ،

اوهان جي انصاف جي، ڪمي آهي ڪانَه،

هُنَ ڀي ٻي ٽي ٻروچن جا، گڏ ڪيا تُمانَ،

هيڪڙائي هاديءَ جي آ، ٻئي کي طاقت ڪانه،

اسين به آڻيون وٺي ڪي، ڪيهر جُنگ جوانَ،

رازُ جنين رحمٰن، سوڀ تنين کي سامهين.

 

چڙهي وڃ چانڊيي ڏي، اَٿي دَنگَ ڀائي دهدار،

جنهن جا ڀائر جوهري، بَڙا بيشمار،

قابل سو ڪاڇي ڌڻي، سورهيه آ سردار،

دهڪو دشمن کي پوري، ڏور ٻُڌي ڏهڪار،

ٿيءُ تُريلا تيار، وڃ وڏيري وير ڏي.

 

قابل ڪاڇي ڌڻي آ، ولي محمد واهَ،

منهنجي ڀي مرضي هئي، پر ڪهڙي ڏيو صلاح،

پُٽ ڀائٽو احمد خان جا، ها مرد مثل جيئن ماهه،

مينهان خان ملوڪ هو، ڪوپو ساڻ ڪماهه،

ٻيو غازي گهرام هو، بانڪو بيپرواهه،

تان ڀي تياري ڪري، اُٿيا علي الصباح،

دنگُ لنگهي داناهه، وڃي دُولهه ديري ۾ لٿا.

گنوَ سين گڏيا پاڻ ۾، فائق سان فرحتءَ،

ڏين تعظيمون تن کي، روح گڏين راحتءَ،

تان ڀي تواضع ۾ ٿيا، خان اڳيون خدمتءَ،

مردن ڪئي محبت، ويهي وڏيرن پاڻ ۾.

 

خبر خانن کؤن پُڇي، هو دانَهَه جو دستور،

چي، سائين! جماليءَ جي جنگ جو، معلوم اٿئي مذڪور،

چاڙهي آيو رندَ کي، سور ٻڌائي سُور،

ميڙيو مڙني کي اچي، ڪي پاڙا جمهور،

پيم اندر ۾ پُور، ته وڃان دانهن وٺي داناهه کي.

 

ارڏن کي ائين چيو، مانجهي شير مٿيرَ،

ابا! رکُ الله تي، ڪر وڏي دل دلير،

هوڏانهن حيدرآباد هجي، هوڏانهن جيسلمير،

هوڏانهن حد قلات جي، مرگڏ ڪري گجمير،

هڻنداسونس ٻنهي هٿين، شوق منجهؤن شمشير،

اٿم اميد الله ۾، ڏينم سوڀ سوير،

پويان ڏئي پير، ويندو ڪين وٿاڻ تي،

آياسين آس ڪري، وڏيرا تو وٽ،

ابا، ڪر اسان مٿؤن، سورهيه سِرَ جي سَٽ،

چوڪنڊ ويريءَ ويڙهيو، ڪونه ڀانيوَ سي گهٽ،

ڍوليا هل تون ڍَٽ، مومل مِهڻي هاب ٿئي!

 

وڏيري ولي محمد چيو:

منهنجو آهه اوهان سان، ابا قسم قول قرآن،

مَرُ جيڪي ميڙيون اچن، آدم ڇا حيوانَ،

ڪنهن کؤن ڊڄان ڪين ڪي، توڻي هجن تُمانَ،

”جهلءَ“ ته منهنجي ماءُ آهي، ڄاڻي هڪ سبحانَ،

ڇڏي مادر مانَ، پُٽ ويهن ڪيئن پوئتي!

 

سڏايو صوبن کي، ماڻهو مُنجي ميرَ،

وڃو وڏيرن سان چڙهي، مٿي جنگ منيرَ،

”ڪُنڍو“ ڪيهر شينهن هو، پٽ ولي محمد ويرَ،

ڏيئي چوٽ چڙهي هليو، حاضر سان حميرَ،

جڏهن ڀانيون جنگ جي، سوڙهي اچي سير،

ڏاهي مون کي ڏاهه ڏئي، هلي وانگر هيرَ،

آءٌ ڀِي جلد امير، ڄاڻ اوهان وٽ آئيس.

 

چڙهيا لشڪر چانڊڪا، ”ڪُنڊي“ سان ڪرڳلءَ،

رات پئي هُئن وچ تي، ٿاڻا ڏين ٿرٿلءَ،

چانڊيا مگسي پاڻ ۾، محڪم گڏيا مَلءَ،

اڙ ٻنگ شير اچي لٿا، جُهلي رسيا منجهه جهلءَ،

ٻڌي هاڪ هڪلءَ، مَرُ دهڪو دشمن کي پوي.

 

وڃي پئي ورنَهه جي، پانڌي ڪن پچارَ،

لشڪر آيو چانڊڪو، گجي منجهه غبارَ،

حد وٺيو هاڙهو گهمن، چوڪنڊَ چوڪيدار،

هيڏانهن هوڏانهن خابرو، ڪَلَ رکن ڪلدار،

ٻول ٻڌائون ٻيهار، ٿيا قولين ”قادر بخش“ چئي.

 

شير چڙهي ويو ”شهولي“ ميڙَ طريقي مَلُ،

پيش پيو پرڌان جي، دانَهُه دوڙي دُل.

 

]شهوليءَ رند کي چيو[

صلح صلاحت خير جو، عاقل کي به عقلُ،

ڇڏ تون جنگ جنجل، مهلت ٻارنهن ماهه ڏي.

 

 

]رند چيو[

چار مهينا مهلت ٿي، اگهيو تنهنجو عرض،

ڇو وڙهو، ڇاڪاڻ ڳرو، ناهه اوهان جو غرض،

اڳيون پويون قرض، ڪُل اُڳاڙيان مگسيءَ کؤن.

 

شير محمد شير جئن، گنوَ ڪئي گفتار،

يار ٻڌو سڀ يارَ، هيءَ جا ڳالهه ڳڻي اسان.

 

جيڪر هتون ئي هلون، بُڙدن ڏي بيش،

ڪڏهن هلندي ڪين ڪي، چانڊيي جي چَڪ مَڪ،

وڃي ٿيندو ڪڪ مَرُ، جان ميل ڀَڄي وڃي.

 

هو وَرنهه ويجهو ”جهل“ کي، ويڙو مرد مُڙي،

پانؤ پاساهون چڙهي، هليو رند رڙهي،

ساري رات صبح تائين، رندَ جي فوج آڙهي،

پوءِ لائق شير لڙي، وڃي ڪونڌ لٿو ڪنڌ ڪوٽ ۾.

 

ڪونڌ لهي ڪنڌ ڪوٽ ۾، ماڳي ٿيا مهمان،

ٻانڪن ٻُڙدين جا هئا، اُنهيءَ هنڌ وٿاڻ،

مانجهي ملڪن جا ڌڻي، پارس پهلوان،

تائي جي تلوار جا، ساڻ کنيائون سرواڻ،

جڏهن ٿيا به پرياڻ، روٿَ ويندا رِڻَ سامهون.

 

]چانڊين چيو[

خرچ خزاني خورش جي، ناهي ڪا پرواهه،

کائن لشڪر لاڏڪا، ويهي ماهه بماهه،

جتي خرچ کُٽي وڃي، اُٺ اٽن جا ٽاهه،

بڙدين مال متاع، آهن سڀ اسانهنجا.

 

ڏينهن ٻه- ٽي ويهي رهيو، ٿاڻُ، ڪري ٿاڻو،

چانڊيو ويهي ڪڪ ٿيو، اڪثر اهڃاڻو،

مانيون کائون مفت جون، ناحق ڏيو داڻو،

راز ڇڏيو راڻو، ٿو موڪل مگسيءَ کؤن گهري.

 

هي سو آيون ڪينڪي، ويڙو پنڌ پري،

سانگ چرڻ ويو سڦرو، مالن ڀاڻ ڀري،

اڳي پوءِ ايندو اُتي، جو آيو ڪاهه ڪري،

مَرُ جان گاهه چري، ”مَمل“ ۽ ”روجهاڻ“ جا.

 

هاڻي موڪل ٿا گهرون، دل کؤن ڏي داناهه،

جنهن دم اچي جود مان، ڏاهي ڏئي ڏاهه،

اينداسين اسين چڙهي، رَمي راتو واهه،

اٿئي سوڀان وس الله، ڏاتيون وَس ڏاتار جي.

 

اهو سخن ستار ڏني، چيو چولياڻي،

ٻيو ٻٽ تنهين سان ٻيل هو، خيال قنبراڻي،

دائود خان دلير هو، ٻهڳڻ ٻٻراڻي،

احمد خان اول جهنڊو، مُهڙ ماناڻي،

ٽلو ٽري ڪينڪي، جيئن پيل ڪري پاڻي،

جنگ مُهرا ”جنگ دوست“ جا، اڙٻنگ آرياڻي،

وتن پٺيءَ ويڙهه جي، کنيو کانڀاڻي،

ڇا ڪبي ڪهاڻي، انهن جا انصاف جي.

 

اها ڳالهه ڳڻي ڪري، پرسن هيئن پَهي،

هر ڪو جُنگ جاڳاهه ويو، راتيون تت رهي،

ڪودم دولهه دير ٿي، ويندو لُڙ لهي،

ڪُنڍو خان ڪِهي، ديري آيو دير سان.

 

ڏاهب ڪري ڏانءُ، دَنگ لنگهي دؤر ويو،

لڙي ها ته لڙي چڪي ها، هو ويجهو گنوَ جون گانءُ،

هن کي ٻين ٻروچن جو، گيرب هيڙو گرانءُ،

تنهن جو ٻڌي نانءُ، اڃا ته مرد مُڙي ويو.

 

خبر سڻائي خابرو، چونڪي سان چالاڪ،

ٻڌائين ٻنهيءَ کي، هاڙهو سان هوشناڪ،

منهنجا سواري هيٺ هئا، باقي جا بوراق،

پُڄي پرڌانن کي، ڏهاڙيون پئي ڏاڪ،

هئي جنهن جي هاڪ، سي چانڊيا ڪالهه چڙهي ويا.

 

خبر پئي تنهن خانَ کي، ويا جوان چڙهي جائي،

ٻگهڻ تنهن ٻروچ جي، ٿي سورهيه سرهائي،

هاڻي مگسي هيڪلو، ويس ڀَڄي ڀائي،

وات اٿس وائي، ته مور نه مگسيءَ کي ڇڏيان.

 

ٻهڳڻ ٻروچن کي، آندو رند تائين روجهاڻ،

فائق فلڪ نه ڪنهن تي، ڪانه ڪنهين جي ڪاڻ،

ڪري ڪُر نشون تن سان، جن روح رهاڻ،

ماڳ هلي سا ماڻ، جا ”جهَلَ، ڏيئي جاگير ٿي.

 

سڀني سردارن ڏي، ماڻهو مُڪائين،

ملي آيا ميل ٿي، جوان چڙهي جائين،

ساڻ هلو مائين ٿيو مير! اسان جا ماد تَو.

 

ٻول ٻڌائون پاڻ ۾، عهد رهيو اقرار،

مرجان ميل ڀڄي وڃن، ديري مؤن دهدار،

مٿئون مگسيءَ جي پئون، اُت ڪري الغار،

هرڻ چڙهي پَٽ تي، هڻو سندي شوق شڪار،

هٿ نه ڀرجي رت ۾، هڻو سڀ هٿيار،

ويهون ڀاڱو وار، هوند نه اچي هڪڙي کي.

 

جاٺي ڏينهن ٻه ٽي رهي، هرڪو ٿيو حيران.

آهنجا اُڙدن کي ڏين، سڀ سيڌا ۽ سامان،

مٿو ماڻهن جو ڦِري، ڏيندي آب ونان،

ماڳ ٿيو مهمان، ڌاتي پٽ غلام عليءَ جو.

 

فوجون ڦيرائي ڪري، آندا اُڙد امير،

ڏاتو پٽ غلام عليءَ جو، بڙدي بلند بهير،

خبر کاڻوٽي جي ٻڌي، ولي محمد وير،

ترت ڪيو تدبير، من ڪو پڳهه پڄي پوي.

 

ويهي وڏيري کي، چانڊين هيئن چيو،

ڪاڏي حيدرآباد ٿي، ڪاٿؤن پنڌ پيو،

ڪڏها ڪون مگسيءَ سان، وڃي واهه وڙهيو،

ترسيو آهه توکؤن، تڏهن رند رهيو،

جنهن سو قول ڪيو، ڪڏهن مُڙندو ڪينڪي.

 

منهن مُهاندر ڪهڙي، پانو پائيو پير،

هاڙهي هيس هڪجهڙو، مصري خان مٿير،

مڃي منٿ مُڙي وڃي، ڇڏي جنگ ڇڳير،

خاصو آهي خير، بهتر جنگ بنگاهه کؤن.

 

اچڻ وڃڻ جي واٽ آهي، بڙدين ساڻ ڀلي،

آهن عذر انهن جا، ڏيون هلو ته هلي،

هي ڀي لٿل اتهين، ڪٽڪ ساڻ ڪلي،

سائل ٿي سندايون، عرض ڪيون عقلي،

ڇڏي ڇوهه ڇلي، مَنَ مڃي منٿ مُڙي وڃي.

 

فائق فاتح ڪاڻ چڙهيو، ساڻ ٿورن سوارن،

ساڻس صوبا ڪيترا، سرڪش سردارن،

رس رکيا هئا پاڻ ۾، گهوڙن ۽ مهرن،

بانڪا منجهه بڙدن، اچي جُنگ لٿا ”جورو“ چئي.

 

جُنگ لٿا تنهن جاءِ تي، عاقلَ اوتاري،

ماڳين مهمانن کي، ٿيا خوش ٿي کيڪاري،

اڳيؤن اُڙد لٿل هئا، شهرون پساري،

سڀ عذر ساري، فهيدي فاتاح ڪئي.

 

ماڳين مهمانن جي، ڪي خاصي خدمت خاص،

ناهه بکيو نغن جو، آيو وٺڻ واس،

ڏسي اُڙد امير جا، هر ڪنهن ٿئي هيراس،

پر منجهه تائين پڌرو، رند مثل راڪاس،

مانيون چانور ماس، گهوٽن تت گهڻا ڪيا.

 

گنو کي گڏجڻ گانءُ ۾، رند نه آيو رات،

ٿيو وهم وڏيري کي، گهڻو عجب لڳس اثبات،

جيءُ ته پنهنجي جيءَ کي، چڱي طرح آهه تات،

جي مرد رکن مرجات، سي سرندي ٽرن سارڌو.

 

اٿي اوڏانهين هليا، ساجهر ساڻ صبوح،

گنو سين گڏيا پاڻ ۾، ويهي ڪن ورونهه،

شرم ڌڻي تون شير محمد، رنج ڪڍج مؤن روح،

لهس ڦٽي ڪر لُوهه، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.

 

تون ٻهڳڻ ٻروچن ۾، جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ،

سونهين سڀنيءَ وچ ۾، جيئن کير گڏجي کنڊ،

گوڙ ڦٽي ڪر گنڊ، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.

 

سڀ گگيلا تنهنجي، آهن منجهه امر،

هڪ مگسي آهه هيڪڙو، ٻي واهه نه ٿس واهر،

منهنجا قسم ٻروچ سان، آهن ٻولَ ٻَڌل ٻيهر،

ڇڏ ته پاڻ ڇڏائيان، ڪنهن حرفت ساڻ هنر،

هو جي ڏوهن کان ڏمر، هن باندن تي بخشيش ٿي.

 

غلام محمد گوڙ ڏئي، ڪيو گوڌي هيءُ ڳالهه،

ادا ولي محمد وچ ۾، تون اسان جي نه پئه،

اسين مگسي پاڻ ۾، مرڌاڻي ڪيو ڊءُ،

اسين ادا تنهنجا، تون چڱيءَ طرح سان چُئه،

مَٽ وڏيرو شير محمد، واڌو ناهي جُئه،

تيز ڪرين ٿو تَئُه، تون رند وٺي هن راهه سان!

 

ورائي ورندي ڏني، جماليءَ جواب،

تون آهين چانڊيو اهڙو، ناهي ڪنهن جو باب،

ايندءِ شير محمد شتاب، ته سڀ ديري وڃي دانهون ڪندؤ.

 

]محرم چيو[

زور وڌو ٿَئي زيادتي، ڏسي اُڙد عميق،

ٻيا ڀي آڻي ايترا، گڏج ساڻ رفيق،

دَرَ دَرَ مٿي ميڙيون، شامل ڪئي شريڪ،

جڏهن مگسي هو هيڪلو، تڏهن ڪرين ها توفيق،

آندءِ رند بادشاهه کي، ڪري ڳالهه وڌيڪ،

تڏهن وهندءِ....، جڏهن ايندءِ مهڙدار محرم جو.

 

چڙهي ويئي رند کي ڪاوڙ ڪاپاري،

تون آهين آمڙگاهه جو، مگسيءَ سر باري،

وڃي گڏج پيءُ سان، متان پوءِ ٿئين مياري،

جلدي ايندس ”جهل“ تي، بار کڻي باري،

دائود خان، ٽلو خان، ڪئي گويا هي گفتاري،

ڇڏ وڏيرا ڇوهه ڇنڊي، سرهلي تان هاڙي،

جنهن ڏني آهه ڏاڙهي، سو پلڪ نه رهندو پوئتي.

 

آين ڪاوڙ قهر جي، ڦيري رمز رندن،

هنيائون حملو ڪري، هٿن تي هٿيارن،

دستين بندوقون کنيون، چاهه منجهان چانڊين،

وچون پئي بڙدين، هو ڇني هوڏي ڪيا.

 

مهمانن سان مامرو، ناهي رسم رندن،

جنگ نه جڳائي تن سان، جي پيهي اڱڻ اچن،

ساڻ تڏي آين، هوت نه گهرجي هيتري،

اَٿَئي سوڀان هٿ ستار جي، گهڻي ٿوري ناهي،

ڏسي اُڙد اُڀاروان، تون ٿو بانور ڀائين،

سر تنين تؤن صدقي ٿيا، جنين جيءَ تائين،

جڏهن آياسون جائين، ته واه جا جنگ مزو ڪندي.

 

اسهيو الاهر ٿي، دولهه چاڙهي دم،

گنوَ سان نڪتا گام مون، بوڙدن وڏو بم،

وري وڃون پوئتي، ماڳين ٿيون محڪم،

گهڻن ٿورن سان مرڻ، اهو آهه اسان جو ڪم،

هوندو جيئن حڪم، تنهن مان لِک نه لهندي هڪڙي.

 

ارڏي احمد خان کي، نيئي چارڻ چِتايو،

چانڊيي چوٽ اُتي ڏنيس، پر بڙدن بچايو،

ڄاڻ ته جُهلي ”جهل“ تي اڄ سڀان آيو،

سنبري ڪر سعيو، مگسي ننڊ متان ڪرين.

 

وري وڏيرو آئيو، جاڳهه، پنهنجيءَ جاءِ،

مان جي ٻول ٻروچ سان، ويهي قول ڪياءِ،

اٿم اميد الله ۾، پوءِ ڏندومانس پاءِ،

يارو جيڪا راءِ، سا ڀلي ٻڌايو، ڀائرو.

 

]احمد خان چيو[

راءِ ته آهي جنگ جي، ٻي چئون ڪيهي،

ڪالهه ڪيائين قول تو، ورنهه جي ويهي،

نيٺ هلندين هن هنڌان، هي ديش ڇڏي ديهي،

جيهي آهي تيهي، بيهي سرنباهيون.

 

]احمد خان چيو[

راءِ ته آهي جنگ جي، چَون مرڪڻ مورَ،

ويريءَ سان وڙهڻ ۾، ڪهڙي ڪسَ ۽ ڪورَ،

هڻنداسون ٻنهي هٿين، زخمان منجهؤن زورَ،

دل وڏا ڏي دونر، اٿئي سوڀان هٿ ستار جي.

 

]شهوليءَ چيو[

اٿوَ ڀاري اُڙد بلوچ سان، ڏاڍي روح ابڙ،

جنهن کي طلب ترار جي، سانگ هليو سانگهيڙ،

هڪڙي صباح اڳي ڪيو، پوءِ هلو سر ويڙهه،

ماڳ سنڀاهي ميڙ، ڪنهن ڏياري ڏهيءَ کي مُنجئونن.

 

]ولي محمد چيو[

ڪُل پِيرن ۾ پڌرو، آهه پارس منهنجو پير،

اوکيءَ منجهه اچي ڪري، واهر ڪندو وير،

جو رانول راڻيپور ۾، آهه دولهه دستگير،

الهه بخش ڇتائي امير، اڙهي مڪائين محبوب ڏي.

 

هن حقيقت حال جي، وڃي ڪر دانهن مٿي درگاهه،

پِيرَ ڪري پيرن تي، پهريون گهر پناهه،

رندُ مگسيءَ تي ٿو وڃي، ڪاهيو ڪاهه بڪاهه،

آئي آهي اهنجي، سختي مٿئون سر آهه،

سيد! پهچ سگهو رس، والي ڪرڪا واهه،

وڃ تنهين ڏي ميڙ ٿي، ارڏا لڳ الله،

سهڻا ”صالح شاهه“ ٻهڳڻ اچي ٻيلهه ٿي.

 

عاجز ٿي عليل، وڃي دانهن ڪئي درگاهه ۾،

مرشد وڃ تون ميڙ ٿي، جانب لڳل جليل،

ظاهر باطن زور جي، ڪر ڪا واهه وسيل،

ٻيو ڪو ناهه دليل، تو ريءَ ترهو تار ۾.

 

ديس توڻي پرديس ۾، هِن دولهه جا ڌاڪا،

سَڏيو سَڏ اچي ڏئي، ورائي واڪا،

اڳيؤن مير مطيع سڀ، ٻي ڇا آهي ڇا ڪا،

جنهن مڃيو ناهه محبوب کي، ٽوڙي تنهن ٽاڪا،

ڏائڻ جا ڏاڪا، چارئي ڀڃي چوڙ کؤن.

 

سنڌ جا محبوب جي، صاحب سينگاري،

وڄي طبل وليءَ سندو، چؤڪنڊ چوڌاري،

نون اڳيؤن نَرَ جي، سنڌ ڪڇي ناڙي،

لکين فيض لهيو وڃن، جي اچن آزاري،

ٿي تڏهن تياري، سيد جي سانباهه جي.

 

چڙهيو شاهنشاهه، عاصين کي آڌار ٿي،

باندين بند خلاص ٿي، معافي ڏوهه گناهه،

مڙي جماعت پير جي، فائق جو فقراهه،

سونرُ ناڙ: تي هليو، دونر ڪري درياهه،

هن جو ڏس تنبوءَ ۾، ميڙو منزلگاهه،

رند پڇائي راهه، اچي ڪامل لٿس ڪنڌ تي.

 

پيرَ کنيو هو پاڻ سان، سخي سو سهراب.

لغاري لائق ڀريو، ناميو نر نواب،

گهڻي کؤن به گهڻو ڏيون، اچيو تنهن کي آب،

پهچايائون شتاب، تڏا کٽولا خان ڏي.

 

مچن مارڪن ۾، ڪن ٽڪر ٿا ٽوليون،

خزان ڪن خوشيءَ کؤن، لَهندي ڳلين مون ڳوليون،

”جهل“ اندر جهوليون، ٻڌندين هن ٻروچ جون.

 

پاسرو تنهن پير سان، اچي گڏيو منجهه غماز،

نڪو عجز نه عاجزي، نڪو نرت نياز،

صبر ٿيو سيد کي، ڪئي دولهه دل دراز،

روءِ ڪچهري راز، مڙيوئي معلوم ٿيس.

 

خبر پڇيائين پيرَ کؤن، منهن ۾ وجهي مير،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com