سنڌ جو عطار - حضرت آشڪار
اها حقيقت آهي ته سچل سائين جهڙو ڪثير الاشعار شاعر، ان کان اڳ
يا پوءِ برصغير ۾ ورلي ڪو گذريو هوندو، هن بزرگ
شاعر جو ڪلام ننڍي کنڊ جي ڪنهن هڪ ٻوليءَ سان
مخصوص نه آهي، پر هن هتي جي مختلف ٻولين کي پنهنجي
شهپارن سان نوازيو آهي. ان مان هن جي وحدت الوجود
واري عقيدي جا اهڃاڻ نروار ٿين ٿا، جو وٽن تعصب ۽
دوئي بنهه ناپيد آهي. اسان جي هن دعويٰ جي صداقت
لاءِ سنڌ جي هڪ عظيم محقق ۽ سچل سائين جي ڪلام جي
پارکو مرزا علي قلي بيگ جي هيءَ تحقيق بس آهي ته
سچل سائين پنهنجي وفات وقت جيڪو مختلف ٻولين ۾ چيل
ڪلام ڇڏي ويو، ان جو تعداد نو لک ڇٽيهه هزار، ڇهه
سؤ بيت آهن.
فارسي ڪلام ۾ سچل جو تخلص گهڻو ڪري ”آشڪار“ ملي ٿو، جنهن جي
معنيٰ آهي پڌرو. تحقيق اهو تخلص، سنڌ جي سرتاج،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سچل بابت بشارت کي پڌرو
ڪري ٿو. ته هو هر مخفي ۽ سلوڪ جي باريڪ نڪتن کي
لڪڻ نه ڏيندو ۽ نه وري مام ۾ ڳالهائيندو، پر کولي
کولي حق جو نعرو هڻندو.
حضرت آشڪار جا وڏا، قديم عرب ۽ سلف جي دستور مطابق اسلام جي
واضح ۽ آسان تعليم جا پوئلڳ هئا. اهي طريقا سڀ
پوءِ جي پيداوار آهن. سنڌ ۾ جڏهن ته سڀ کان اڳ
سهروردي طريقت کي فروغ مليو، جنهن جو پهريون باني
سنڌ ۾ مخدوم نوح بکري هو، جيڪو شيخ شهاب الدين
سهروردي جو وڏو خليفو هو، جنهن جي مزار روهڙيءَ جي
دريا واري پل تي بکر ۾ هڪ ننڍي سائي گنبذ جي صورت
۾ اڄ به موجود آهي. حضرت غوث بهاءُ الدين ملتانيءَ
جڏهن پنهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي بغداديءَ
کان خرقو خلافت جو وٺي واپس وطن وريو ته مرشد کيس
اها تلقين ڪئي ته هو سنڌ ۾ وڃي مخدوم نوح بکريءَ
کان به روحاني فيض جو روبرو استفادو ڪري. غوث صاحب
مرشد جو چيو مڃي بکر سنڌ ۾ پهتو، پر افسوس جو
مخدوم نوح ٿورا ڏينهن اڳ پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿي
چڪو ۽ غوث صاحب مزار جي زيارت ڪري ملتان روانو
ٿيو.
سهروردي طريقت کي سنڌ ۾ ڦهلائڻ جي سعادت ڪا غوث بهاءُ الحق
ملتانيءَ لاءِ مقدر هئي، جنهن سنڌ کي تصوف جي هن
طريقت ۾ اهو فيض ڏنو، جو هتي سوين سندن فيض يافته
خليفا پيدا ٿيا. حضرت شهباز قلندر به ان دور ۾ هتي
سڪونت اختيار ڪئي. حضرت آشڪار درازيءَ جا وڏا به
ان دور ۾ مخدوم غوث بهاءُ الحق ملتانيءَ کان
سهروردي طريقت ۾ فيض يافته ٿي خليفا مجاز بڻيا.
اڳتي هلي جڏهن هتي غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني جي طريقي
قادريءَ کي فروغ حاصل ٿيو ته سنڌ جو هي نجيب
خاندان قادري طريقي مان فيضياب ٿي سڪايلن کي سلوڪ
جو سبق ڏيندو رهيو، حضرت آشڪار درازي به انهيءَ
طريقت جو مرشد ڪامل هو.
حضرت آشڪار جي فارسي شاعريءَ مان اسان کي ڪن اڳين فارسي گو
شاعرن جا نالا ملن ٿا، جن جي شاعري مولانا جلال
الدين رومي وانگر مقصديت واري شاعري هئي ۽ اهي
پنهنجي ڪلام جي ذريعي همه اوست جي فلسفي ۽ ٻين
تصوف جي اسرارن کي سمجهائي ويا آهن. حضرت آشڪار
درازي به انهن اوليائن، صوفين ۽ شاعرن کان متاثر
ٿو ڏسجي. اهي شاعر هي آهن: شمس تبريزي، خواجہ احمد
جام ۽ شيخ فريد الدين عطار. انهن سڀني مان سچل
سائين تي شيخ فريد الدين عطار جو رنگ غالب ٿو
ڏسجي. ان ڪري کيس سنڌ جو ”عطار“ به سڏيو ويندو
آهي.
حضرت آشڪار پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ شيخ عطار لاءِ فرمائي ٿو:
راز وحدت نامه خواندم، رمز ”منطق طير“ را
اين چنين فرموده ست آن خواجئه عطار ما
شيخ فريد الدين محمد عطار نيشاپوري (537-627) شيخ نجم الدين
ڪبريٰ (540-618) ۽ ٻين اوليائن جي صحبت ۾ رڱجي وڏو
ولي ۽ وحدت وجودي بزرگ ثابت ٿيو. مولانا جلال
الدين روميءَ جو والد ان سان مليو هو، جڏهن رومي
ننڍي ڄمار جو هو، جيئن اسان جو ڀٽائي صاحب، سچل
سرمست سان ان جي ننڍائپ ۾ مليو هو. شيخ عطار،
روميءَ لاءِ اهڙي ئي خوشخبري ڏني هئي، جهڙي ڀٽائي
صاحب سرمست لاءِ ڏني هئي. اڳتي هلي مولانا جلال
الدين شيخ عطار لاءِ فرمائي ٿو:
هفت شهرِ عشق را عطار گشت،
ما هنوز اندر خم يک کوچه ايم
حضرت آشڪار درازي ٻئي جنهن صوفي فارسي گو شاعر کي ياد ڪيو آهي،
سو آهي شيخ احمد جام. فرمائي ٿو:
من شدم عاشق به نام آشفتگان
ره رفيق خواجہ احمد جام ماست
ٽيون بزرگ شمس تبريزي آهي، ان جو ذڪر خير همه اوست جي نظريہ
مطابق ڪري رهيو آهي.
گر کسي ديوان شمس الحق بخواند باليقين
از خودي آزاد گردد از من ومائي بدل
آشڪار ديوان تبريز مان خوديءَ کي ڇڏڻ جو سبق پرائي ٿو ۽ عشق ۾
الهوت رهڻ کي پسند ڪري ٿو. هن جو اظهار هن طرح ڪري
رهيو آهي:
ما سبق خوانديم از ديوان عشق
هست در هر دوست جهان سلطان عشق
رمز الانسان سري گوش کن
باليقين دان صورتِ انسان عشق
مقطع ۾ فرمائي ٿو:
سر بنده اي آشڪارا خود مبين
آمده بر عاشقان فرمان عشق
حضرت آشڪار ساڳي وقت شاهه حسين بن منصور حلاج (244-309) کي به
نٿو وساري، پر ان وانگر سندس پيرويءَ ۾ ڦاسي ماڻي
ان تي رقص ڪرڻ گهري ٿو. فرمائي ٿو:
وقت حال ما مقدر تا ندانم کي شود،
آشڪارا هم چوشه منصور کن بر دار رقص.
حضرت آشڪار درازيءَ جي فارسي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو
ته هو وحدت وجودي صوفين مان جيترو خواجہ فريد
الدين عطار نيشاپوريءَ کي ياد ڪري رهيو آهي، اوترو
ڪنهن ٻئي کي ياد نٿو ڪري، اهوئي سبب آهي جو دولهه
درازيءَ کي سنڌ جو عطار سڏيو ويندو آهي. ديوان
آشڪار جي هڪ ئي صفحي تي ٻه غزل اچن ٿا، هڪ جي مطلع
۾ زماني جي زاهد کي هوشيار رهڻ جي تلقين ۽ پنهنجي
هست ۽ نيست کان خبردار رهڻ لاءِ چئي رهيو آهي:
اي زاهد! زمانه تو هشيار باش باش
از هست و نيست خبردار باش باش
مقطع ۾ فرمائي ٿو:
مارا هوا گرفت نيشاپور آشڪار
باصدق تو غلام عطار باش باش
هن ۾ سنئون سڌو خواجہ عطار جي شهر نيشاپور سان محبت جو اظهار ۽
پاڻ کي شيخ عطار جي غلام رهڻ جي تلقين ڪري رهيو
آهي.
هن سان متصل هڪ ٻئي غزل ۾ پاڻ کي هڪ ئي وقت جسم ۽ جان کان پري
پري رهڻ جي وصيت ڪري فنائيت کي ياد رکڻ لاءِ چئي
رهيو آهي. ساڳئي وقت منصور جي شراب وحدت جي پيالي
مان نوش ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويئي آهي ۽ ظاهري
رياڪاريءَ کان پري رهي، ملامتي صوفي بنجڻ لاءِ
خطاب ڪري رهيو آهي. اشعار ملاحظه فرمايو:
يکبارگي زجسم و جان دور باش باش
ديگر مدان تو ذاکر مذڪور باش باش
پر از شراب پياله منصوري آن بنوش
سرمست شو درين ره مخمور باش باش
شيخي وچه پيري وچه بزرگي ازو گريز
ورنام ملحدي تو مشهور باش باش
هن غزل جي مقطع ۾ پنهنجي مسلڪ بابت صاف ٻڌائي رهيو آهي ته اي
آشڪار! جيڪڏهن تون هدايت واري واٽ جو طالب آهين ته
حضرت عطار جي شهر نيشاپور جي سڙڪ جي خاڪ ۽ مٽي ٿي
رهه!
اي آشڪار گر طلبي ره هدايتش
تو خاکراه شهر نيشاپور باش باش
خواجہ فريد الدين عطار يا مولانا جلال الدين روميءَ جو پنهنجي
ڪلام ۾ اهو دستور رهيو آهي ته تصوف جي اسرارن تي
گفتگو ڪندي جتي شريعت حق جي خلاف ڪنهن غلط فهميءَ
جو انديشو هوندو آهي ته ان کي جلدي دور ڪندا ايندا
آهن ۽ شريعت جي اتباع جي تلقين ڪئي ويندي آهي.
اسان جي سنڌ جو عطار حضرت آشڪار درازي به پنهنجي
پيشرو بزرگن جي پيرويءَ ۾ اهڙي غلط فهميءَ کي دور
ڪندو آهي، جيئن ڪنهن صوفيءَ کي شريعت جي خلاف لب
ڪشائي جي جراءَت نه ٿئي. جيئن باب عين جي هڪ غزل ۾
خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون مرد آهين ته شريعت
کان منهن نه موڙ. دنيا جا غوث ۽ قطب سڀ شريعت جو
سلام ڪندا ويا آهن. دنيا جا مسلمان امير، وزراءَ ۽
سلطان، سڀني تي شريعت جو حڪم غالب رهيو آهي. جيڪو
به موحد، دل جي درد وارو آهي، سو شريعت جي نالي تي
پنهنجو سر قربان ڪندو. شريعت جي واٽ کان ڪڏهن به
پير ٻاهر نه رک، ڇوته شريعت واري واٽ هميشه سڌي
رهي آهي. اي آشڪار! تون هي ٻه اکر ٻڌي وٺ، تون
شريعت جو نوڪر ۽ غلام ٿي رهه.
ابيات هن طرح آهن:
از شرع رو متاب گر مردي
غوث و قطب کند سلام شرع
گرچه مير و وزير سلطان است
برهمه غالب است حکم شرع
آن موحد که صاحب درد است
سر تصدق کندم بنام شرع
از شريعت قدم برون نه نهي
مستقيم است ره علي الادوام شرع
بشنو آشکار! اين دو حرف
باش تو چاکر و غلام شرع
عام طرح تصوف جا اهي مدرسا ۽ اسڪول، جن ڪتاب سنت کي آڏو رکيو،
اخلاق محمديءَ مان سبق پرايو، جن جو فلسفي افڪار
سان گهٽ واسطو پيو. ساڳي ريت انهن کان ظاهر ۾ غير
اسلامي ٻولن يا شطحيات جو صدور نه جهڙو ٿيو. اهي
ٻه مدرسا ڳڻيا ويندا آهن. هڪ ابوالقاسم جنيد جو
بغداد ۾، جنهن پنهنجي فڪر جي تبليغ لاءِ مسجدن جي
ممبرن کي مرڪز قرار ڏنو ۽ اُتي تصوف جا حلقا قائم
ڪيا ويا. ٻيو مدرسو اهو ابو نصر سراج طوسيءَ جو
شهر نيشاپور ۾، هن مدرسي ۾ تصوف جي فڪر کي فروغ
ڏيڻ لاءِ تصنيف تاليف کي پنهنجي دعوت لاءِ ممبر
بنايو. تحقيق ابو نصر سراج طوسي سڀني مؤلف صوفين
جا استاد آهن، جنهن عربيءَ ۾ ڪتاب لکي علم تصوف جي
ابتدا ڪئي. داتا گنج بخش هجويري لاهوري (سن465هه)
ڪشف المحجوب ڪتاب ۾ امام ابو نصر سراج طوسيءَ جي
ڪتاب اللمع جي پيروي ڪئي، ڪتاب طبقات جو مؤلف ابو
عبدالرحمٰن سلمي (412) پڻ هن تاليف ۾ ابو نصر سراج
طوسيءَ جو شاگرد آهي. رسالي قشيريہ جو مؤلف
عبدالڪريم ابن هوازن ابوالقاسم قشيري (465) دلميءَ
جو شاگرد آهي.
هن ٻن تصوف جي مدرسن کان سواءِ جنيد بغدادي (207-297هه) جي وڏي
همعصر بايزيد بسطاميءَ جو ٽيون مدرسو به هو، جنهن
جو وڏو مدار حُب الاهي تي هو. بيشڪ اهي ظاهر شريعت
جا به پيروڪار هئا. پر رياڪاري کان ايترو پري
ڀڄندا هئا جو پاڻ کي ملامتي بنائي ڇڏيو هئائون.
انهن کي قلندريه فرقو سڏيو ويندو آهي، انهن ڪتاب ۽
سنت سان گڏ فلسفي ۽ راءِ کي به پنهنجي تصوف ۾ ڀري
ڇڏيو. امام ابو نصر سراج طوسي ڪتاب للمع جي ٻن
جاين ص225 ص401 تي بايزيد بسطاميءَ (وفات 261) جو
ذڪر ڪندي شيخ ابو علي سنڌيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جو
سنڌ جو نو مسلم هو ۽ وڏو وحدت وجودي صوفي هو. ان
کي بايزيد بسطاميءَ جو استاد ٻڌايو ويو آهي. حسين
بن منصور حلاج (244-309) شيخ ابن عربي، مولانا
جلال الدين رومي (604-672) خواجہ فريد الدين عطار
۽ ٻيا ڪيترا بزرگ هن گروهه جا فرد ۽ انهيءَ فلسفي
جا مبلغ آهن. اسان جو سنڌ جو عطار درازي آشڪار
تيرهين صديءَ ۾ هن فڪر ۽ فلسفي جو وڏو مبلغ آهي.
هو منصور کي ياد ڪندي بي ڌڙڪ منصوري نعرو هڻندو
ويو آهي ۽ هن گروهه جي اڳواڻ بايزيد بسطاميءَ کي
پڻ پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ياد فرمائي ٿو:
گفت سبحاني زبان با يزيد
هست اين قولش بعالم منتشر
تاکه نوبت عشق آن حلاج زد
درميانِ عاشقان شد نامور
هن کان پوءِ واري غزل جي مطلع ۾ حضرت آشڪار درازي ايڏو ته محويت
۽ مستيءَ ۾ اچي ويو آهي، جو منصور وارو نعرو هڻندي
پاڻ کي هن زماني ۾ ان جو نائب خيال ڪري ٿو. فرمائي
ٿو:
ميزنم نعره انا الحق آشڪار
اندرين آخر زمان منصور وار،
کوس آن حلاج مارا داده اند
ميزنم اندر جهان پر نگار
صوفين جي هن گروهه جو وڏو مدار محبتِ الاهي ۽ عشقِ خداونديءَ تي
آهي، سارو ديوانِ آشڪار عشق ۽ مستيءَ جي بيان سان
ڀريل آهي. خواجہ فريد الدين عطار جي ڪلام ۾ عشق ۽
محبت جو وڏو مظاهرو ڪيو ويو آهي. خود عطار عشق کي
گهري رهيو آهي.
ذره از عشق ده عطار را
اسان جي سنڌ جو منصور ۽ عطار جڏهن ته انهن عاشقن جو پوئلڳ آهي ۽
عطار سان ته ان جو خاص انس آهي، تڏهن ان جي رنگ ۾
رنڱيل آهي. خواجہ فريد الدين عطار سا عشق سندس
مرشد خواجہ عبدالحق صاحب جي تلقين ۽ عقيدتمندي جي
ڪري آهي. هڪ غزل جي مقطع ۾ سرمست اهو ٻڌائي ٿو ته
شيخ عطار جو مون کي عشق واري شراب جي پيالي پيئڻ
جو حڪم فرمايو، ان ۾ ڪنهن به لڪ لڪاءُ کان ڪم نه
ورتو وڃي، جيئن فرمائي ٿو:
عطار چنان گفت بخور جام مئي عشق
پنهان و آشڪار بشب و روز صفا داد
هن کان پوءِ واري غزل ۾ حضرت آشڪار واضح لفظن ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته
منهنجي جان ۾ عطار کان هٻڪار پهتي، ان جو اهو اثر
ٿيو جو مون ۾ رڳو عشق وڃي رهيو. نيشاپور جيڪو
خواجہ عطار جو شهر آهي، سو سارو عشق واري درد سان
ڀريل آهي. ان جي دروازي ۽ ڀتين مان عشق ۽ محبت جي
واڌاري جو نعرو لڳي رهيو آهي. مولانا جلال الدين
روميءَ يا جامي جهڙا عاشق سڀ خواجہ فريد الدين
عطار جا خادم آهن. اهڙي خواجہ عطار بابت تعريف مون
پنهنجي پير ۽ مرشد خواجہ عبدالحق کان ٻڌي.
ابيات هي آهن:
اي دلا خوشو ز شه عطار درجانم رسيد
آن زمان يکبارگي از کفر دين مارا کشيد،
شهر نيشاپور پُر درد است گر پرسي زما،
از در و ديوار آيد نعره هل من مزيد،
جلال الدين چه جامي غاشہ بردار او
اين چنين تعريف ما از پير عبدالحق شنيد،
حق موجود سدا موجود
(سچل نيشنل سيمينار ۾ پڙهيل)
قلندري مشرب، تاريخ جي روشنيءَ ۾
هزار نکته باريک تر زمو اينجا ست
نه هر که سر بتراشد قلندري داند
الاهي انوارن کي پسڻ ۽ ڌڻيءَ جي پرستش مان مزو ماڻڻ مڙني صوفين
جو مرڪ ۽ من جي مراد رهي آهي، پر انهيءَ مقصد کي
ماڻڻ لاءِ انهن جون رياضتون، ذڪر و فڪر ۽ ٻيا
ذريعا جدا جدا رهيا آهن، ان ڪري سندن مشرب، طريقو
۽ دائرو به جدا جدا ٿي ويو ۽ اهي ڪن بزرگ صوفين جي
نالن وغيره ڏانهن نسبت ڪري هنن فرقن ۾ ورهائجي
ويا: زيدي، عياضي، ادهمي، هبيري، قادري، سهروردي،
چشتي، نقشبندي، شطاري، جنيدي، اويسي، گازروني،
ملامتي ۽ قلندري وغيره.
قلندري مشرب، هنن مڙني کان نرالو ۽ ممتاز طريقو آهي. جڏهن ته
اسان جي سنڌڙيءَ جي سائين قلندر لعل شهباز حضرت
مخدوم عثمان مرندي، سيوهاڻي جو لاڳاپو به انهيءَ
قلندري مشرب سان آهي، ان ڪري اسان کي اها اپٽار
ڪرڻي آهي ته قلندري مشرب ۽ طريقي جي ابتدا ڪيئن
ٿي؟ قلندرن جو پيشوا ڪير هو؟ هن مشرب وارن قلندري
صوفين کي ڪهڙين منزلن ۽ مرحلن مان لنگهڻو پيو؟
”قلندر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي درويش شخص بي قيد بدنيا(1)
يعني اهو درويش، جنهن جو دنيا سان لاڳاپو ۽ سٻنڌ
نه هجي. ”قلندر“ جي اشتقاق ۾ ڪن عالمن جي اها راءِ
آهي ته اهو لفظ اصل ۾ ”قرندل“ هو ۽ شيخ ”قرندل“
ڏانهن منسوب هجڻ ڪري قلندر ٿي ويو، پر لغت جي
ڪتابن مان رشيدي، اندراج، فرهنگ نظام وغيره مان ان
جي ساک نٿي ملي. ٻي راءِ اها آهي ته اهو لفظ
”ڪلندر“ (ننڍي ڪاف سان) بفتح ڪاف و لام آدم(2)
خشن و درشت و ناهموار بيڍنگو ماڻهو. ان مان عربيءَ
۾ ڦري اها صورت ورتائين.
قلندري طائفي جي تعريف
قلندري فرقي ۽ قلندرن جا اصول ڪهڙا ٿيندا آهن؟ ان بابت علامہ
تقي الدين احمد بن علي المعروف بالمقريزي پنهنجي
مشهور تاليف ”ڪتاب الخطط المقريزيہ“ ۾ قلندري مشرب
وارن جي هن طرح وضاحت ۽ واکاڻ ڪري ٿو:
القلندرية طائفة تنتمي الي الصوفية وتارة تسمي انفسها ملامتية
وحقيقة القلندرية انهم قوم طرحوا التقيد باداب
المجالس والمخاطبات، والتزموا ان لا يدخروا شيئا
وترکوا الجمع والاستکثار من الدنيا.(3)
قلندري هڪ اهڙو گروهه آهي، جن کي صوفي چئجي ٿو ۽ اهي پاڻ کي
ملامتي به ڏيندا آهن. قلندرن جي حقيقت اها آهي جو
مجلس ۽ ڳالهه ٻولهه جي آدابن جا پابند نه هوندا
آهن ۽ اهي پاڻ وٽ ڪجهه به ذخيرو نه رکندا آهن ۽
نڪي مال ۽ دولت کي ئي ميڙيندا آهن، دنياداريءَ کان
پاسيرا رهندا آهن.
ساڳيو محقق قلندرن ۽ ملامتي صوفين ۾ فرق بيان ڪندي رکي ٿو ته
ملامتي صوفي لڪچوريءَ ۾ الله جي عبادت ڪندو آهي ۽
قلندر، ماڻهن جي رسم، رواج ۽ عادتن جي ابتڙ عمل
ڪندو آهي ۽ اهو ڪنهن خاص شڪل جو پابند نه هوندو
آهي. ان جو سارو زور خدا سان لنو لڳائڻ ۽ ان کي
راضي رکڻ ۾ هوندو آهي.(1)
هن دؤر جو هڪ محقق پروفيسر بديع الزمان، قلندر لفظ جي تحقيق
ڪندي لکي ٿو ته قلندر جو لفظ پنجين صدي هجريءَ جي
پڇاڙي ڌاري فارسي ٻوليءَ ۾ آيو. هن جو اصل ۽ ڌاتو
پوري طرح معلوم ٿي نه سگهيو آهي، پر ظاهر ۾ ائين
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو لفظ اصل ۾ سنسڪرت جو آهي.
قلندر ماڻهن جي عام مذاق جي اُبتڙ هلندا هئا ته
جيئن انهن جي نگاهه ۾ کين حقير ڄاتو وڃي، جيئن ته
اهي مٿي جا وار وٺائيندا هئا ۽ ٻيا صوفي وار
رکائيندا هئا، اهڙيءَ طرح ڪي قلندر ڏاڙهيءَ سان گڏ
ڀرون به صاف ڪري ڇڏيندا هئا. ابن بطوطہ اهڙن
قلندرن کي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.(2)
قلندرن جو سر گروهه ڪير آهي؟
قلندري گروهه ڪٿان ڦُٽو ۽ ان جو اڳواڻ ڪير آهي، هن بابت مشهور
عرب سياح ابن بطوطہ جي راءِ آهي ته هن فرقي جو
موجد شيخ جمال الدين قلندري ساوي آهي، جن جو
قلندري تڪيو ۽ مزار دمياط شهر ۾ موجود آهي. ابن
بطوطہ رملہ شهر کان دمياط ويو ۽ اهو شهر نيل
درياءَ جي ڪپ تي اڏيل آهي. ابن بطوط جنهن دمياط کي
ڏٺو هو، اهو نئون دمياط هو، باقي آڳاٽو دمياط
عيسائين جي هٿان اجڙي ويو هو.
ابن بطوطہ دمياط لاءِ لکي ٿو ته قلندرن جي پيشوا شيخ جمال الدين
ساويءَ جي قبر هتي آهي. هن قلندر ٽولي جو اهو
دستور آهي ته اهي ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون سڀ کي صاف
ڪندا آهن. مان جڏهن اتي ويو هوس ته شيخ فتح تڪروري
ان قلندري خانقاهه ۾ رهندو هو. اڳتي هلي ابن
بطوطہ، شيخ جمال الدين ساي جي وارن جي صفائي بابت
هن طرح قصو آندو آهي ته شيخ جمال الدين نهايت حسين
۽ خوبصورت هو، سندس سونهن ۽ سوڀيا کي ڏسي شهر جي
هڪ عورت مٿس عاشق ٿي پيئي. اها هميشه شيخ کي نياپا
۽ سنيها موڪليندي رهندي هئي ۽ واٽ ويندي به ساڻس
ڇيڙ ڇاڙ ڪندي هئي. شيخ هميشه پاڻ کي بچائيندو
رهيو. نيٺ جڏهن ان عورت ڏٺو ته شيخ جي پرهيزگاري
ڪري رضا خوشيءَ سان ڪم نٿو نڪري، تڏهن ان آخري
حيلو هيءُ هلايو جو ان هڪ پوڙهي ڌوتيءَ کي هٿ ڪيو.
ان هڪ سٽَ سٽي جو جڏهن شيخ مسجد ڏانهن نماز پڙهڻ
وڃي رهيو هو ته پوڙهي سندس آڏو اچي کيس هڪ لفافو
ڏيئي عرض ڪيو ته اهو خط منهنجي پٽ لکيو آهي،
مهرباني ڪري پڙهي ٻڌايو. انهيءَ رستي تي اُنَ عاشق
عورت جو گهر به هو. پوڙهيءَ اهو به عرض ڪيو ته
سائين منهنجي پٽ جي زال گهر ۾ آهي ۽ ٿنڀي جي اوٽ ۾
بيٺي آهي. اوهين مهرباني ڪري ڏيوڍيءَ ۾ هلي اهو خط
پڙهو ته اها به ٻڌي. شيخ پوڙهيءَ جو عرض اگهايو.
اڃان اتي پهتو مس ته پويان درازو بند ٿي ويو.
ايتري ۾ اها جوان عورت پنهنجين نوڪرياڻين سميت
نڪري آئي ۽ شيخ جمال الدين کي گهلي کڻي اندر
ڪيائون. شيخ ڏٺو ته هاڻي هنن کان بچڻ اوکو آهي، سو
ڪاڪوس جو بهانو ڪري ويو بيت الخلاءَ ۾. اتي وڃي
ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙي بنهه صاف ڪري پوءِ ٻاهر نڪتو.
عورت کي شيخ جي اها قبيح ۽ ڪوجهي صورت ڏسي کانئس
نفرت پيدا ٿي پئي ۽ نوڪرياڻين کي حڪم ڪيائين ته هن
کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. الله تعاليٰ شيخ جمال الدين کي
ان طرح هڪ ڪبيري گناهه کان بچائي ورتو. ان ڏينهن
کان شيخ جمال الدين، زالن جي فريب کان بچڻ لاءِ
پنهنجي اهائي شڪل رکي ۽ سندس سلسلي جي پوئلڳن به
شيخ جي پيروي ڪندي اها شڪل رکي (۽ مٿن قلندر نالو
پئجي ويو)(1)
سفرنامہ ابن بطوطہ جو فارسي مترجم: محمد علي موحد هن قصي جي
وضاحت ڪندي لکي ٿو ته قلندرن جو وارن ڪوڙائڻ واري
رسم جو رواج هجري پنجين صدي کان پوءِ پيو. اڳتي
هلي ان بدعت کي روڪيو ويو ۽ سختيءَ سان ان تي عمل
ڪيو ويو.
ان بابت مسلمانن جو عظيم مؤرخ حافظ ابن ڪثير ڪتاب البداية
والنهاية ۾ سال 661هه جي واقعن تي روشني وجهندي
لکي ٿو:
الامر بالزام القلندريہ بترک حلق لحاهم وحواجبهم وشواربهم وذلک
محرم بالاجماع. ورد کتاب من السلطان الي دمشق في
يوم الثلثاءِ خامس عشر من ذي الحجة بالزامهم بزي
المسلمين وترک ذي الاعاجم والمجوس ولا يمکن احد
منهم من الدخول الي بلاد السلطان حتيٰ يترکوا هذه
البدعة، ومن لا يلتزم ذالک يعزر شرعا.
مطلب ته 661هه ۾ قلندري فرقي تي ڏاڙهين، ڀرون ۽ مڇن ڪوڙائڻ کان
پابندي وڌي ويئي. 15 ذوالحج ڏينهن اڱاري جي سلطان
طرفان ان بابت خط آيو، جنهن ۾ قلندر تي اهو زور
رکيو ويو هو ته اهي مسلمانن واري شڪل رکن، عجمي
ڪافرن مجوسين واري شڪل نه ڪن، جيستائين انهيءَ
بدعت کي نه ڇڏيندا، ايستائين کين ملڪ ۾ اچڻ نه ڏنو
ويندو، جيڪو ائين نه ڪندو، ان کي شرعي تعزير ڏنو
ويندو.
علامہ مقريزي به اهڙي روايت کي آندو آهي.(2)
مورخن جو ٻيو قول آهي ته قلندري فرقي جي ابتدا يوسف اندلسيءَ
کان ٿي. شيخ جمال الدين ساوي هن قلندري مشرب کي
دمياط ۾ آندو. اها مستشرق هوارٽ جي تحقيق آهي.
هوارٽ به سيد جمال الدين قلندر واري قصي کي نقل
ڪيو آهي. ان جي تحقيق پٽاندڙ اهو فرقو دمشق ۾
610هه موافق 1213ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 671هه موافق
1360ع ۾ سلطان ناصر طرفان مٿن وارن ڪوڙائڻ جي بندش
پيئي.
انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام ۾ ”قلندر“ لفظ هيٺ ٻڌايو ويو آهي ته
قلندري فرقي جي ابتدا مغرب کان نه پر ايشيا کان ٿي
آهي ۽ ان لاءِ هيءُ دليل آندو اٿس ته قلندري فڪر ۽
چال چلت ۾ برصغير جو اثر زياده ڏٺو وڃي ٿو.
اسان جي لعل سائينءَ جو دؤر به شيخ جمال الدين قلندر دمياطيءَ
جي دور سان لڳ ڀڳ ملي ٿو، پر تاريخ ۽ تذڪره جي
ڪتابن مان قلندر شهاز لاءِ رڳو سرخ لباس جو احوال
ملي ٿو، جنهن کي شريعت جي ڪن عالمن جائز قرار ڏنو
آهي. باقي مفتي غلام سرور لاهوري جزينة الاصفياءَ
۾ قلندر شهباز لاءِ ڪن بدعتن جي ارتڪاب ڀنگ
واپرائڻ جو احوال ڏنو آهي، اهو جڙتو ۽ تاريخي دُڪو
آهي. ڀلا ائين هجي ته پوءِ اهڙو انسان، حضرت غوث
بهاءُ الحق ملتاني جهڙي محدث، متشرع ولي، مخدوم
صدر الدين ملتاني، خواجہ فريد ۽ ٻين ڪيترن بزرگن
عالمن، محدثن، مفسرن ۽ اوليائن جو ڪيئن همسفر ۽
دوست رهيو هوندو.
قلندر سائين جون ڪرامتون هن خطي ۾ ايترو ته مشهور آهي جو هتي جا
اوليائن ۽ عالمن طرفان کيس سرتاج الاولياءَ سڏيو
وڃي ٿو.
قلندرن جي مشرب متعلق بابا طاهر عريان همداني جي ڪلام سان مقالي
جي اوڙڪ آڻجي ٿي:
مو آن رندم که نومم بي قلندر
نه خان ديرم نه مان ديرم نه لنگر
چور روز آيد بگردم گرد کويت
چو شو آيہ بخشتان نهم سر
|