علامه قزوينيءَ جو ڪتاب
آثار البلاد ۽ سنڌ
علامه زڪريا بن محمد بن محمود قزويني 1203-1233ع
جو نسب مديني جي امام ۽ مشهور فقيہ انس بن مالڪ
رضي الله عنہ سان ملي ٿو.
هو قزوين ۾ پيدا ٿيو، ان ڪري کيس قزويني سڏيو وڃي
ٿو، اتان جوانيءَ ۾ شام ڏانهن لڏي آيو، عباسين جي
آخري خليفي مستعصم عباسي جي دور ۾ شهر واسط ۽ حله
جو قاضي رهيو. جڏهن هلاڪو مغل جي هٿان بغداد تي
تباهي آئي ته قزويني انهيءَ دؤر ۾ به قضا جي منصب
تي فائز هو.
قزويني تاريخ ۽ جاگرافي جو وڏو عالم هو، سندس ڪتاب
”عجائب المخلوقات“ عربي ٻوليءَ ۾ هن موضوع تي
پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ طبيعي، سياسي، تاريخي ۽
ادبي علمن جو بحث ڪيو ويو آهي.
قزويني جا سمورا ڪتاب جاگرافي ۽ ڪائنات جي وصف ۽
حالات سان لاڳاپو رکن ٿا. سندس ٻيو مشهور ڪتاب
”آثار البلاد واخبار العبادف“ آهي، جو قدر ۽ قيمت
۾ ”عجائب المخلوقات“ ڪتاب وانگر آهي. هن ڪتاب ۾
اهو سڀ ڪجهه آندو اٿس، جنهن کي ان خود معلوم ڪيو
آهي يا ٻڌو آهي، يا الله جي عجيب حڪمتن جو پاڻ
مشاهدو ڪيو آهي.
ايترو سو ضرور چئبو ته هن ڪيترن اهڙن راوين کان به
خبرون ۽ قضا نقل ڪيا آهن، جيڪي بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ جي
ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندا آهن. علامه قزويني کي
کپندو هو ته انهن راوين جي ڳالهين کي نقل ڪرڻ کان
پوءِ انهن تي پنهنجي عقلي راءِ به قائم ڪري ها، پر
هن ائين نه ڪيو آهي، البت پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن
ڪڏهن اهڙن قصن کي آڻڻ کان پوءِ ”والله اعلم“ (الله
وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي) چئي پاڻ کي بچائيندو آهي.
علامه قزويني پنهنجي ڪتاب ”آثار البلاد و اخبار
العباد“ ۾ نون جاين تي سنڌ جو لفظ آڻي، ڪجهه احوال
ڏنو آهي. هڪ ٻن هنڌن تي ته تڪرار کان به ڪم ورتو
اٿس، هتي اسان انهن صفحن جا نشان ڏئي، اهو سمورو
احوال ترتيب وار عربي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري آندو
آهي ته جيئن ان مان اهي سڀ عالم ۽ اديب لاڀ
پرائين، جن کي عربي ٻوليءَ جي ڄاڻ نه آهي يا جن وٽ
اهو اصل ڪتاب موجود نه آهي. اسان جي آڏو هن ڪتاب
جو اهو نسخو آهي، جيڪو دار صادر بيروت طرفان
1380هه مطابق 1960ع ۾ بيروت ۾ ڇپيو ۽
20x30=8 سائيز جي
667 صفحن تي مشتمل آهي.
* پيج 73 - ٻي ولايت اوڀر کان شروع ٿئي ٿي جا چين،
هندستان ۽ سنڌ ملڪن کان لنگهي بحر احضر جي ميلاپ
واري جاءِ کي ڪپي ٿي. جزيره عرب کي نجد، تهامہ ۽
بحرين کان ڪپي ٿي، پوءِ بحر قلزم ۽ مصر جي نيل کي
ڪپي مغرب ڏانهن وڃي ٿي.
* پيج 94 - سنڌ، هند، ڪرمان ۽ سجستان جي وچ وارو
ڀاڱو آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته سنڌ ۽ هند ٻئي ڀائر هئا،
جيڪي توقي ربن يقطن بن حام بن نوح عليہ السلام جي
اولاد مان هئا.
سنڌ ۾ سون جو گهر آهي. مسعر بن مهلهل چيو ته: اتي
(سنڌ) جي مشهور سون جي گهر ڏانهن ويس، ڇا ڏسان ته
اهو صحرا ۾ سون جو ٺهيل آهي. چار فرسخ آهي، ان تي
برف نه پوندي آهي، ان جي آس پاس برف پوندي آهي. هن
گهر ۾ ستارن لاءِ رصدگاهه به آهي ۽ اهو هڪ گهر
آهي، جنهن جي هندو ۽ مجوسي (باهه جا پوڄاري) تعظيم
ڪندا آهن، انهيءَ پَٽَ کي مجوسين (پارسين) جي نبي
زردشت جو صحرا سڏيندا آهن. ان طرف جي ماڻهن جو چوڻ
آهي ته اتان جڏهن ڪو انسان حڪومت جي طلب لاءِ
نڪرندو ته اهو مغلوب نه ٿيندو ۽ نڪي سندس لشڪر
شڪست کائيندو، جيڏانهن به ارادو ڪري.
* پيج 95 - ڳالهه ٿا ڪن ته سڪندر جڏهن هن ملڪ
(سنڌ) کي فتح ڪيو ۽ انهيءَ سون جي گهر ۾ گهڙيو ته
کيس ڏاڍو اچرج وٺي ويو. ارسطاطاليس ڏانهن خط
لکيائين ۽ هن گهر جي قبي جي وڏي واکاڻ ڪيائين.
ارسطو، کيس جواب ۾ لکي موڪليو ته تحقيق آئون ڏسان
ٿو ته تون هڪ اهڙي قبي کان اچرج کائي رهيو آهين،
جنهن کي ماڻهن بنايو آهي. تنهنجي مٿان جو هيءُ
بلند قبو (آسمان) اڏيل آهي، ان جو توکي ڪو عجب نه
ٿو ٿئي، ڏس ته هن قبي کي ستارن ۽ رات، ڏينهن جي
انوارن ڪهڙو نه سينگاريو آهي!
* حضرت عثمان بن عفان (رضي الله عنہ) عبدالله بن
عامر کان سنڌ بابت پڇيو: تنهن تي ان جواب ۾ چيو ته
سنڌ ۾ پاڻي ٿورو آهي ۽ اتي جي کجور چڱي نه آهي ۽
چور وڏا بهادر آهن، جي سنڌ ۾ لشڪر ٿورو هوندو ته
هلاڪ ٿي ويندا ۽ جي گهڻو هوندو ته بک مرندا. اهو
ٻڌي حضرت عثمان رضي الله عنہ سنڌ تي حملي جو خيال
لاهي ڇڏيو.
سنڌ ۾ مهراڻ نالي درياءَ آهي. هن درياءَ جي ويڪر
دجلي درياءَ جي ويڪر جيڏي يا ان کان به وڏي آهي.
اهو درياءَ اوڀر کان نڪري ٿو ۽ ڏکڻ ڏانهن وڃي
اولهه جو رخ ڪري ٿو ۽ سنڌ جي هيٺاهين ڀاڱي کان بحر
فارس ۾ ڪري ٿو. اصطخري چيو آهي ته مهراڻ درياءَ ان
جبل جي پٺيءَ مان نڪري ٿو، جنهن مان جيحون جون ڪي
شاخون پڻ نڪرن ٿيون، اتان هلي سمندور وٽ ملتان کان
ظاهر ٿئي ٿو، پوءِ منصوره کان لنگهي ديبل جي اوڀر
۾ سمنڊ اندر پئي ٿو. اهو هڪ وڏو ۽ نهايت مٺي
پاڻيءَ وارو درياءَ آهي، هن ۾ مصر جي نيل درياءَ
وانگر واڳون ٿيندا آهن. چيو ويو آهي ته درياءَ سنڌ
جا واڳون بدن ۾ ننڍا ۽ گهٽ نقصان وارا آهن. درياءَ
سنڌ جو وهڪرو به نيل درياءَ وانگر آهي، مٿاڇري
زمين تي هلي پوءِ هيٺ وهي ٿو، جيئن مصر ۾ نيل
درياءَ تي پوک ٿيندي آهي، درياءَ سنڌ تي به ائين
پوک ٿيندي آهي.
* پيج 97 - صيمور، سنڌ جي ويجهو، سرزمين هند جو
شهر آهي، اتي جا ماڻهو ڏاڍا سهڻا ۽ حسين آهن، ڇوته
ترڪن ۽ هندوستانين جي ميلاپ مان پيدا ٿيا آهن. الخ
* پيج 124 - منصوره، سنڌ جو مشهور شهر، گهڻي خير ۽
برڪت وارو آهي، هن کي بني عباس جي خليفن مان ابو
جعفر منصور ثاني اڏايو ۽ حاڪم اتي رهندا آهن.
درياءَ مهراڻ مان هڪ شاخ نڪري ٿي، جا منصوره کي
محيط ۽ گهيرو ڪندڙ آهي، شهر ان وچ ۾ جزيره وانگر
آهي. منصوره ۾ گرمي شديد ۽ مڇر گهڻا ٿيندا آهن.
هتي ٻه ميوا ٿيندا آهن، جيڪي منصوره کان سواءِ ٻئي
ڪنهن شهر ۾ نه ٿيندا آهن، هڪ ليمو، جيڪو صوف جيڏو
ٿيندو آهي. (پيج 125) ۽ ٻيو انب، جو آڙو جي مشابهه
آهي.
منصوره شهر جي سڀني ماڻهن جو پاڻ ۾ هن ڳالهه تي
ٺهراءُ آهي ته اهي ڪنهن به سنڌي غلام کي خريد نه
ڪندا، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته آل مهلب مان اتي جي
هڪ رئيس هڪ سنڌي غلام کي نپايو، جڏهن اهو وڏو ٿيو
ته ان عرب رئيس سنڌي غلام کي زال سان گڏ ڏٺو، جنهن
تي ان (غصي مان) غلام جي نس ڪپي ڇڏي ۽ پوءِ ان جو
علاج ڪرايائين، جنهن مان اهو چڱو ڀلو ٿي ويو. سنڌي
غلام جي ان مالڪ کي ٻه پٽ هئا، هڪ بالغ هو ۽ ٻيو
ننڍو هو. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ان سنڌي غلام، پنهنجي
مالڪ جي ٻنهي ڇوڪرن کي وٺي جاءِ جي هڪ نهايت
مٿاهين ڪوٽ تي چڙهي ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي سڏ ڪري
چيائين ته جي تون هاڻي جو هاڻي پنهنجي نس کي نه
وڍيندين ته تنهنجي ٻنهي پٽن کي مٿان هيٺ اڇلي
ڇڏيندس. ان تي مالڪ کيس پنهنجي اولاد جي حق ۾ الله
جا واسطا وڌا، پر غلام هڪ به نه ٻڌي ۽ چيائين ته
منهنجي نظر ۾ اهو ڪم (عضوي جو وڍڻ) پاڻي جي ڍڪ کان
وڌيڪ آسان آهي، اهو چئي ٻنهي ڇوڪرن کي هيٺ اڇلڻ
وارو هو ته ايتري ۾ ان رئيس جلدي ڪري ڇري کنئي،
جنهن سان پنهنجي نس کي وڍي ڇڏيائين، جڏهن غلام اهو
ڏٺو ته ٻنهي ڇوڪرن کي کڻي هيٺ ڦٽو ڪيائين ۽ امير
ماڻهو کي چيائين ته توسان اهو ڪيم جو تو مون سان
ڪيو ۽ ٻارن جو مارڻ ان کان وڌيڪ آهي. ان تي ان
سردار ڇا ڪيو جو سنڌي غلام کي دردناڪ عذاب سان
ماري ڇڏيائين ۽ شهر ۾ جيڪي به سنڌي غلام هئا، سي
سڀ ٻاهر ڪڍائي ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ اهي ملڪ ۾
ڦرندا رهيا، ڪنهن به ماڻهو ٿوري قيمت تي به انهن
جي خريد ڪرڻ ۾ چاهه نه ڏيکاريو.
سنڌ ۾ مهراڻ نالي درياءَ آهي، جنهن جي ويڪر دجله
درياهه جي ويڪر جيڏي يا ان کان به وڌيڪ آهي. اها
ندي اوڀر کان نڪري ٿي، ڏکڻ ڏانهن هلي پوءِ اولهه
جو رخ رکي ٿي ۽ سنڌ جي هيٺاهين کان فارس سمنڊ ۾
پوي ٿي. اصطخري لکيو آهي ته اهو درياءَ هڪ جبل مان
نڪري ٿو، جتان جيحون درياءَ جون ڪي شاخن پڻ ڦٽن
ٿيون ۽ سمندور وٽ ملتان کان ظاهر ٿئي ٿو، پوءِ
منصوره کان لنگهي ٿو ۽ سمنڊ ۾ وڃي ڪري ٿو، اها وڏي
ندي آهي، پاڻي ڏاڍو مٺو اٿس. چون ٿا ته جيئن نيل
نديءَ ۾ واڳون هوندا آهن، ائين هن ۾ به ٿيندا آهن.
هن جو وهڪرو به نيل نديءَ وارو آهي. اڳ ۾ مٿاڇري
تي وهي ٿي، پوءِ هيٺاهينءَ تي زور رکي ٿي، جيئن
مصر ۾ نيل نديءَ تي پوک ۽ آبادي ٿيندي آهي، اهڙي
طرح سنڌونڌي تي به ٿيندي آهي.
حافظ لکيو آهي ته مهراڻ درياءَ جا واڳون نيل
درياءَ جي واڳن کان بدن ۾ ننڍا آهن ۽ گهٽ نقصانڪار
آهن ۽ ٻيو اهو به لکيو اٿائين ته سنڌو درياءَ ۾
سون جا ٽڪر به ملندا آهن. والله الموفق.
* پيج 127 - الندهہ: سنڌ ۾ ندهتہ نالي هڪ وسيع خطو
آهي، جنهن ۾ گهڻي مخلوق رهي ٿي، پر (شڪل ۾) زُط
(جتن) وانگر آهي، اتي آبادي گهڻي آهي ۽ پوک گهڻو
ڪري چانور ٿئي ٿي، ڪيلو، ماکي ۽ ناريل به ٿيندو
آهي ۽ اتي فالج نالي وارو اٺ ٿيندو آهي، جنهن کي
ٻه ڪونڀٽ ٿيندا آهن. اٺ جو اهو قسم رڳو اتي ئي
لڀندو آهي، جيئن ڪنهن به هنڌ نه آهي، اتان (خريد
ڪري) خراسان ۽ ايران ۾ آندو ويندو آهي ۽ عربي
ڏاچين لاءِ ان کي نر بنائي نرايو ويندو آهي، جن
مان بختي اٺ جو نسل ٿيندو آهي.
هند ۽ سنڌ ٻه ڀائر هئا، جيڪي توقير بن يقطن بن حام
بن نوح عليہ السلام جي اولاد مان هئا.
* پيج 137 - ٽين ولايت اوڀر کان شروع ٿئي ٿي، جا
اتر چين مان لنگهي، پوءِ هند، سنڌ، ڪابل، ڪرمان،
سجستان، فارس ۽ اهواز مان اڳتي وڌي وڃي ٿي. الخ
* پيج 273 - مڪران، سنڌ ۽ تيز جي وچ وارو ڀاڱو
آهي، هن ۾ گهڻائي شهر ۽ وڏا ڳوٺ آهن. هتي جي عجيب
ڳالهه اها آهي، جنهن کي ڪتاب تحفة الغرائب جي مؤلف
لکيو آهي ته مڪران ۾ هڪ شهر آهي، جنهن تي پٿر جي
پل آهي ۽ اهو پٿر هڪ ئي ٽڪر آهي، جيڪو ماڻهو ان
پٿر واري پل تان لنگهندو ته ان جي پيٽ ۾ جيڪي
هوندو، ان سڀ کي قيءِ ڪري ڇڏيندو، پوءِ کڻي اهي
لنگهندڙ هزارين ماڻهو ڇونه هجن. اتي ڪنهن به
ماڻهوءَ کي قي ۽ الٽي ڪرڻي هوندي آهي ته ان پل تان
لنگهندا آهن.
* پيج 413 - سلطان ملڪ شاهه جي لشڪر ۾ اٺ لک ماڻهو
هجن ته سنڌ، هند، چين، مصر ۽ بربر حبشہ ۽ روم به
اسان جي حڪم هيٺ هجن. الخ
بزرگ بن شهريار
ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ مسلمان عالمن نه رڳو حديث،
تفسير، فقه ۽ ٻين ديني علمن ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي،
پر سائنس، هندسه، هيئت، ڪيميا، طب، تاريخ، جاگرافي
۽ ٻين تمدني علمن ۾ به وڏو ڪمال حاصل ڪيو. بحري
سياست ڪندي هڪ پاسي اهي ناخدا ۽ ناکئا به هوندا
آهن ته ٻي طرف مختلف ملڪن جي حالات ۽ تاريخي واقعن
کي به قلمبند ڪندا ويندا هئا. ان طرح واپار ۽
سياحت سان گڏ وڏي معلومات هٿ ڪري، ٻين ماڻهن کي به
ان مان واقف ڪندا هئا ۽ انهيءَ گڏ ڪيل معلومات ۽
ڊائري مان تاريخ، جاگرافي ۽ دنيا جي عجائبات تي
وڏا ڪتاب تيار ٿي ويا، جيڪي هن وقت اسان لاءِ ان
دؤر جي حالات تي بهترين معلومات پيش ڪن ٿا. انهن
اڳوڻن سياحن مان بزرگ بن شهريار- الناخدا الرام
هرمزي به هڪ آهي. بزرگ بن شهريار خراسان جي رام
هرمز شهر جو ويٺل هو. هو 912 تا سن1009ع ۾ ايراني
سامونڊي سياح هو. سن954 کان ڪجهه پوءِ پاڻ وانگر
ڪن سامونڊي سياحن جا احوال ۽ سفرناما گڏ ڪيا ۽ ان
ڪتاب جو نالو عجائب الهند بره و بحره جزائره رکيو،
هن ۾ مشرقي آفريڪا، عرب جو ڏاکڻيو جزيرو، بحر هند
۽ چين جا جزيرا، جاوا جو جزيرو ۽ زنجبار جو احوال
۽ ٻين ڪن جزيرن جو احوال ڏنل آهي، اهي سمورا احوال
ڏهين صدي عيسويءَ جا آهن. سنڌ لاءِ جو ڪجهه لکيو
اٿس، ان جو مدار ٻڌل روايتن تي آهي ۽ سندس راوي
اهي آهن، جيڪي سنڌ ۾ رهيا ۽ هتي جي سياحت ڪيائون ۽
ٻيو ته سنڌ کي هند ڪري آڻي ٿو.
اڳ جي گهڻن تذڪره ۽ تاريخ نويس جي اهائي روش هوندي
هئي. هن بزرگ مؤرخ وٽ برصغير جي اها اهميت هئي جو
پنهنجي ڪتاب جي شروع ۾ حمد و ثنا ۽ صلواة کان پوءِ
لکي ٿو: وبعد فان الله تبارک اسمہ وجل ثناؤه خلق
العجائب عشرة اجزاءَ فجعل تسعہ منها في رکن المشرق
و جزؤا في ثلثہ ارکان الارض التي هي المغرب
والشمال والجنوب ثم جعل في الصين والهند ثانيہ
اجزاءَ منها وجزءَ في باقي المشرق.
مطلب ته الله تبارڪ وتعاليٰ دنيا جي عجائبات کي
ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، انهن مان سڄا سارا نو ڀاڱا
ته مشرق (اوڀر) ۾ رکيا اٿس ۽ باقي هڪ ڀاڱو زمين جي
ٽن طرفن اولهه، اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪيو آهي. ۽ اوڀر جي
نون ڀاڱن مان به اٺ ڀاڱا چين ۽ هند ۽ سنڌ ۾
رکيائين ۽ باقي رهيل هڪ ڀاڱو رهيل اوڀر ۾ ڪيائين.
هن تمهيد کان پوءِ جيڪو سڀ کان اڳ ۾ عجيب قصو آڻي
ٿو، سو سنڌ جو آهي. لکي ٿو ته اسان کي ابو محمد
الحسن بن عمرو بن حمويہ بن حرام بن حمويہ نجيرمي
بصري ۾ ٻڌايو ته آئون سن288هه ۾ (سنڌ جي شهر)
منصوره ۾ هيس ۽ ان شهر جي هڪ ڀروسي واري ماڻهو مون
کي ڳالهه ڪئي ته الرا جي بادشاهه، جيڪو هند ۽
مٿئين ڪشمير کان وٺي هيٺئين ڪشمير تائين واري
علائقي جو وڏو بادشاهه هو ۽ ان جو نالو مهروڪ بن
رايق هو. تنهن سن270هه ۾ منصوره (سنڌ) جي حاڪم
عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز ڏي هن مطلب جو خط
لکيو ۽ گهر ڪئي ته (هندي) سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي
شريعت جي ڪجهه وضاحت ڪري ان ڏانهن موڪليو. هن خط
پهچڻ کان پوءِ منصوره جي حاڪم منصوره سنڌ جي هڪ
شخص کي گهرايو، جيڪو نسب ڪري عراقي هو (۽ هتي سنڌي
ٿي ويو هو) طبيعت جو تيز ۽ سمجهه جو سهڻو ۽ شاعر
پڻ هو. هن جي بود و باش ۽ پرورش سنڌ ۾ ٿي هئي ۽
هتي جي ٻولين کان چڱو واقف هو. منصوره جي مسلمان
حاڪم، الرا جي بادشاهه جي ارادي کان ان کا واقف
ڪيو. جنهن تي هن (سنڌيءَ ۾) هڪ قصيدو لکيو ۽ ان ۾
شريعت اسلام بابت گهربل معلومات پيش ڪئي ۽ قصيدي
کي الرا جي راجا ۽ بادشاهه ڏانهن موڪليو ويو. جڏهن
اهو قصيدو بادشاهه آڏو پڙهيو ويو ته ان قصيدي کي
ڏاڍو پسند ڪيو ۽ منصوره سنڌ جي حاڪم عبدالله ڏانهن
لکي موڪليائين ته مهرباني ڪري انهيءَ (سنڌي) شاعر
کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو. نيٺ اهو شاعر اوڏانهن ويو
۽ ٽي سال سانده راجا وٽ رهيو ۽ پوءِ منصوره سنڌ
ڏانهن واپس وريو ۽ جڏهن عبدالله حاڪم منصوره سنڌ
وٽ حاضر ٿيو ته ان کانئس الرا جي راجا جو احوال
پڇيو، جنهن تي ان سنڌي شاعر هن طرح وراڻيو ته راجا
جي دل ۽ زبان ٻنهي اسلام قبول ڪيو آهي. پر ملڪ جي
وڃڻ ۽ حڪومت جي کسجڻ واري ڊپ کان عوام آڏو پنهنجي
اسلام کي پڌرو نه ٿو ڪري سگهي. ان الرا جي بادشاهه
جي اها به ڳالهه ڪئي ته بادشاهه سنڌيءَ ۾ قرآن
مجيد جي تفسير ۽ ترجمي بابت به کيس چيو، تنهن تي
مون ان لاءِ (سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽) تفسير به لکيو ۽
جڏهن سورت يٰس جي تفسير تي پهتس ته هن آيت قَال
مِن يَحِيَ الٌعِظام وَهِي رَمِيم قُل يَحَيُها
الَذِي اِنٌشاهَا اَوَل مَرة وَهُوَ بِکُلِ خَلق
عَلِيمٌٗ (ترجمو) جڏهن هڏيون ڀڄي ڀري وينديون ته
انهن کي ڪير جياريندو. تون چؤ ته اهوئي انهن کي
جياريندو، جنهن انهن کي پهرين پيدا ڪيو هو ۽ اهو
ساري خلق جي ڄاڻ رکي ٿو.
اهو شاعر عالم چوي ٿو ته جڏهن راجا کي ان جو
(سنڌيءَ ۾) تفسير ڪري ٻڌايم ۽ اهو سون جي تخت تي
ويٺل هو، جيڪو تخت موتين ۽ جواهرات سان جڙيل هو،
جنهن جي قيمت جو ڪو اٿو مٿو نه هو. بادشاهه مون کي
وري پڙهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ تخت تان لهي زمين تي هلڻ
لڳو ۽ ڌرتي به اکين جي ڳوڙن کان آلي ٿي ويئي. تڏهن
هو پنهنجو ڳل زمين تي رکي زارو قطار رئڻ لڳو،
ايستائين جو ان جو منهن آلي مٽيءَ ۾ ڀرجي ويو.
پوءِ مون کي چوڻ لڳو ته اهوئي پالڻهار، پوڄا جي
لائق، اول ۽ قديم آهي، جنهن جي مشابهه ڪوبه ٿي نه
ٿو سگهي ۽ ان بادشاهه پاڻ لاءِ هڪ الڳ جاءِ
ٺهرائي، جنهن لاءِ اهو ظاهر ڪيو ويو ته ان ۾ سوچڻ
لاءِ اڪيلو ويهندو هو. پر هو اتي ڳجهه ڳوهه ۾ نماز
پڙهندو هو، جنهن جي ڪنهن کي به سڌ ڪانه هئي. ان
بادشاهه ۽ راجا، هن سنڌي عالم کي ٽن ڀيرن ۾ ڇهه سو
سير سون جا ڏنا.
بزرگ بن شهريار هن واقعي کان پوءِ ساڳي بصره واري
راويءَ کان هڪ ٻي روايت ڪشمير لاءِ آندي آهي ته
مٿئين ڪشمير جي ماڻهن لاءِ هڪ عيد جو ڏينهن ٿيندو
آهي، جنهن ۾ هر سال گڏ ٿيندا آهن ۽ خطيب منبر تي
چڙهي کين وعظ ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ هڪ ڪچو گهڙو به
هوندو آهي، اهو خطيب کين هن طرح وعظ نصيحت ڪندو
آهي ته پاڻ کي ۽ پنهنجي مالن کي بچايو ۽ انهن جي
حفاظت ۽ سنڀال رکو. آخر ۾ کين چوندو آهي ته هن
مٽيءَ جي ڪچي گهڙي ڏانهن ڏسو، جنهن جي سنڀال ۽
حفاظت ڪئي ويئي آهي ۽ اڄ تائين صحيح، سلامت رهيو
آهي، ان ڪچي گهڙي لاءِ ڳالهه ٿا ڪن ته چئن هزار
سالن جو آهي.
ان طرح مختلف ملڪن جي عجائبات کي بيان ڪندو ويو
آهي، جن مان ڪي ڳالهيون ته صحيح نظر اچن ٿيون ۽ ڪي
رڳو ٻڌ سڌ جون بي بنياد ڳالهيون به آهن.
هي ڪتاب سڀ کان اڳ هالينڊ جي ليدن شهر ۾ سن1886ع ۾
ڇپيو، جنهن کان پوءِ مصر ۾ 1908ع ۾ ٻيهر ڇپيو.
ليدن واري ڇاپي ۾ ان جو عربيءَ تان فرينچ زبان ۾
ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. منهنجي زير نظر به اهو
فرينچ ترجمي سان اصلي نسخو آهي. بهرحال عجائبات
الهند ۾ ڪي غير محقق شيون به آهن، پر عام طرح
جزائر هند وغيره جي حالات ۾ ڏهين صدي عيسويءَ جي
دور جي بيش بها معلومات ان ۾ آيل آهي. (ريڊيو
پاڪستان)
مسيحي مذهب تي تازي روشني
قاضي القضاة عبدالجبار معتزلي شافعي (320هه-415هه)
چوٿين ۽ پنجين صدي هجريءَ جي نهايت مشهور فاضلن
مان گذريا آهن، هو عقيدي جي خيال کان معتزلي ۽ فقہ
جي لحاظ کان شافعي هئا. همدان، اسدآباد ۽ بغداد ۾
علم ۽ دين جي خدمت ڪري گذاريائون، ٻين مذهبن جي
ڪتابن تي به گهري نظر رکندا هئا ۽ کين اهل سنت ۾
جيڪا عظمت حاصل رهي آهي، ان لاءِ اهو ڪافي آهي جو
امام رازي پنهنجي تفسير ڪبير ۾ ان کان گهڻي سند
وٺندو آهي. ان جي هڪ نئين ظاهر ٿيل ڪتاب تي هڪ
مستشرق طرفان نيو يارڪ ٽائمز اخبار ۾ هڪ تبصرو
ڇپيو آهي ۽ ان کان پوءِ لنڊن جي مشهور زمانه اخبار
ٽائمز جي 15 جولائي واري اشاعت ۾ ان کان به وڏو
تعارف ۽ تبصرو ٽائمز جي وقائع نگار تل ابيب
(اسرائيل) لکيو آهي، موضوع مسلمانن ۽ عيسائين لاءِ
وڏي اهميت رکي ٿو. ٻنهين تحريرن جو خلاصو پڙهندڙ
لاءِ هت عرض رکجي ٿو:
اهو قلمي نسخو استنبول جي ميوزيم ۾ محفوظ آهي ۽
ڇهه سو صفحن جو ٿلهو ڪتاب آهي. ٿورا سال ٿيا جو هن
ڪتاب جو سڀ کان پهرئين پتو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي
ڊاڪٽر سيمويل اسيٽرن
(Stern) کي لڳو، ان
جي مطالعي جو موضوع اسلامي فرقا هو ۽ انهيءَ تلاش
۾ استنبول جي ميوزيم کي ڏسي رهيو هو. هن انهيءَ
ڪتاب جو ذڪر عبراني يونيورسٽيءَ جي يهودي پروفيسر
شلوموپانيز (Shulomopines)
سان ڪيو ۽ ان استنبول مان انهيءَ قلمي ڪتاب جو
فوٽو وٺي هاڻي ان تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان جو چوڻ
آهي ته تدوين ۽ تحشيہ کان پوءِ هو اڳ ۾ پنهنجي
مادري زبان فرينچ ۾ ڪتاب جو ترجمو شايع ڪندو ۽
پوءِ انگريزيءَ ۾ اصل ڪتاب عربي ۽ ان جي فرينچ
ترجمي جي ويجهڙائي ۾ شايع ٿيڻ جي اميد آهي.
عربي ڪتاب ۾ اصل سرياني زبان تان ترجمو ٿيل آهي،
جو هڪ اڌ يهودي ۽ اڌ مسيحي فرقي نصارن جو لکيل
ڪتاب آهي مسيحن جو اهو فرقو اڄ کان ڏيڍ هزار سال
اڳ موجود هو. قاضي صاحب ان جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري،
آخر ۾ پنهنجو تنقيدي ۽ ترديدي رسالو 140 صفحن جو
شامل ڪيو آهي. ڪتاب ۾ مسيح عليہ السلام جي نه رڳو
زندگي ۽ تعليمات جو بيان آهي، پر سندن ڦاهيءَ جو
واقعو به ۽ اهي بيان انهن صراحتن کان گهڻو مختلف
آهن، جيڪي هاڻوڪن مروج انجيلن ۾ درج ٿيل آهن.
ايستائين جو ڪي بنيادي عقيدا موجوده مسيحيت جي
بلڪل ابتڙ ملن ٿا.
چوٿين صديءَ عيسويءَ جا اهي مسيحي (عيسائي) (1)
پنهنجي ڇوڪرن جو ختنو (طهر) ڪرائيندا هئا. (2)
عبادت لاءِ بيت المقدس ڏانهن منهن ڪندا هئا. (3)
کاڌي ۾ حلال ۽ حرام جو فرق ڪندا هئا. (4) ڪرسمس
ڪونه ملهائيندا هئا، پر ان کي ڪافرن جو جشن سڏيندا
هئا. (5) سڀ کان وڌيڪ هيءَ ته حضرت مسيح کي خدا جو
پٽ نه مڃيندا هئا ۽ نڪي ان ڏانهن ڪنهن الوهي صفت
کي منسوب ڪندا هئا، پر ان کي رڳو هڪ برگزيده
پيغمبر ڪري مڃيندا هئا.
(6) هو دين جي تبليغ کي ساري دنيا لاءِ عام نه
ڄاڻندا هئا، پر دين مسيح کي رڳو اسرائيلين يا
عبرانين تائين بند رکندا هئا.
(7) انهن جو اهو عقيدو هو ته مسيح عليہ السلام جي
تعليم ۾ اهو سارو فساد ۽ فتور پال (پولوس) جو پيدا
ڪيل آهي، جنهن مسيح جو نالو وٺي هڪ ٻيو ڌرم ايجاد
ڪيو.
(8) ان جو بيان آهي ته مسيح (عيسيٰ) عليہ السلام
ڦاهيءَ تي نه چڙهيو آهي، پر سندن گرفتاريءَ وقت
استعر متي خبر ڏيندڙ يهودا هڪ ٻئي يهوديءَ جو پتو
ڏنو، جنهن کي پڪڙي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو ۽ ان سولي
لڌي.
(9) انجيل يوحنا ۾ مسيحين جو عقيدو هن طرح درج آهي
ته ٻئي ڪنهن جي به عدالت نٿو ڪري، پر سندس عدالت
جو سارو ڪم پٽ جي حوالي ڪيو اٿائين. (23:5) پر هن
ڪتاب ۾ مسيح عليہ السلام جو صاف قول هن طرح درج
آهي ته، ”آئون نه انسان جي عدالت ڪندس، نه انهن جو
حساب وٺندس، پر اهو ڪم اهو ڪندو، جنهن مون کي
موڪليو آهي.“
(10) مسيح جي پوئين وقت جي حالات جا اهي ٻه مختلف
بيان ان ڪتاب ۾ درج آهن.
هن ۾ هڪ بيان ته انجيل يوحنا روايت سان ملي جهلي
ٿو، پر تفصيلات ۾ ان کان ٿورو الڳ آهي ۽ ٻيو بيان
انجيلي روايتن جي بالڪل مخالف آهي.
هڪ ٻيو فاضل پروفيسر فيلوسر
(Filuesser) جو خيال هي آهي ته هن
ڪتاب ۾ خاتمي جي متعلق جيڪي بيان درج آهن، انهن جي
زبان يهودين جي حق ۾ انجيل جي بيانن کان به وڌيڪ
سخت آهي، ان جو چوڻ آهي ته هن مان ان جي هن قديم
خيال جي تصديق ٿي وئي ته انجيل جي زبان ۾ يهودين
جي خلاف جيڪا تلخي آهي، اها نتيجو آهي اختلاف جي
ان سختيءَ جو جيڪا ٺيٺ يهودين ۽ نيم مسيحي يهودين
جي وچ ۾ رهي آهي، نه ان اختلاف جو جيڪو اسرائيلي
مسيحين ۽ آفاقي مسيحين جي وچ ۾ هو.
لنڊن ٽائمز پنهنجي تبصري ۾ عربي مخطوطي جو فوٽو به
10-11 سٽن ۾ ڏنو آهي، جنهن مان اهو اندازو ٿيو ته
ڪتاب جي زبان گهڻو صاف ۽ سليس آهي، رڳو پهرئين سٽ
جو عڪس ملاحظو ڪندا.
ابناءَ الشياطين و مثل هذا کثير في لغتهم
واستعمالهم في الابن بمعنيٰ الولي والمخلص او الاب
بمعنيٰ السيد المالک مطلب ته جيئن ”ابناءَ
الشياطين“ ته جهڙا لفظ ۽ ترڪيبون (نصارن جي) لغت ۽
استمال ۾ گهڻو آيل آهن، جيئن ابن ايندو آهي مربي ۽
مخلص جي معنيٰ ۾ ۽ ”اب“ ايندو آهي سردار ۽ مالڪ جي
معنيٰ ۾ ۽ انهيءَ عبارت ۾ اڳتي اچي ٿو ته: ”من
النصاري من يقول ان المسيح ابن الله علي طريق
التشريف والمجاز.“ نصاريٰ مان ڪي مسيح کي الله جو
پٽ رڳو مجاز ۽ تعظيم طور چوندا آهن.
جيڪڏهن وڌيڪ تحقيق کان پوءِ، اهو قلمي نسخو تحقيقي
معيار تي مستند ثابت ٿيو ته ان جي صاف معنيٰ اها
ٿيندي ته عيسيٰ مسيح عليہ السلام جو آندل اصل دين
اهو آهي، جو قرآن پيش ڪيو آهي، نه اهو دين جو
تحريف ۽ مسخ ٿيل شڪل ۾ چئني مروج انجيلن ۾ آهي ۽
اڳين مسيحين جو ايمان انهن آڳاٽن ۽ غير محرف
تعليمات تي هو. گهڻي مدت ٿي يعني اڳئين صديءَ ۾ هڪ
ڪتاب انگريزيءَ ۾
“Islam or True Christanity”
”اسلام يا صحيح مسيحيت“ جي نالي سان هڪ فرينچ اهل
قلم De Beuren
جي قلم مان نڪتو آهي، ان جو به اهوئي موضوع هو.
(صدق جديد تان ورتل) |