سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :56

 

پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

(ولادت: 1170هه-1757ع وفات: 1223هه-1818ع)

 

پير محمد راشد پهريون وادي مهراڻ جي انهن برگزيده بزرگن ۽ اوليائن مان هڪ برک بزرگ ۽ پير طريقت آهي، جن اسلام جي اصلي روح کي سنڌ ۾ ڦهلايو، حضرت پير محمد راشد جي ولادت مهيني رمضان يا شوال 1170هه ۾ ٿي. سندن والد بزرگوار سيد محمد بقا قادري طريقت جو وڏو پير طريقت ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارن جو خليفه مجاز هو. روضي ڌڻي جي ابتدائي تربيت ئي سندس والد ماجد وٽ ٿي ۽ ظاهري تعليم وقت جي وڏي محدث ۽ فقيهه الهاج فقيرالله علوي شڪارپوري وٽ ورتائون. حاجي فقيرالله سنڌ جي عظيم محدث ۽ فقيهه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو ۽ مڪي پهچي مخدوم صاحب جي استاد شيخ عبدالقادر مڪي کان پڻ سند ورتي هئائين. پير صاحب جي اهڙي يڪتا عالم وٽ تعليم سندس ذاتي استعداد ۽ لياقت کي اڀارڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿي، سندن هڪ ٻيو استاد مخدوم يار محمد ڪوٽڙي ڪبير وارو پڻ چيو وڃي ٿو ۽ آخري فراغت لاڙڪاڻي جي آريجا ڳوٺ جي عظيم عالم مخدوم ”محمد“  وٽ ڪيائون، هي بزرگ عالم استاذ الڪل جي لقب سان مشهور آهي. هالاڻي وارا مولانا سيد محمد عاقل شاهه جن پڻ مخدوم محمد آريجا وٽ فراغت لڌي هئي ۽ انهن وٽان وري مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊي وارا پڙهي فارغ ٿيا ۽ اتر سنڌ ۾ انهن جي ئي علمي سلسلي زور ورتو. استادي جو اهو سلسلو مولانا عبدالحڪيم سيالڪوٽي تي پهچي ٿو.

سائين راشد رحه باطني فيض پنهنجي والد سيد محمد بقا رح کان پرايو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندن طريقي کي اها مقبوليت ۽ شهرت حاصل ٿي جو سنڌ ته ڇڏيو، پر راجپوتانه رياستن ۽ بلوچستان جا لکين ماڻهو پڻ سندن طريقي ۾ داخل ٿي توحيد جو ورد اچارڻ لڳا.

اها حقيقت آهي ته جهڙي طرح امام رباني هند ۾ بدعت ۽ شرڪ جي خلاف جهاد ڪري سنت کي زور وٺايو، ماڻهن ۾ پيغمبر پاڪ جي اصحاب سڳورن جي محبت ۽ عزت ڪرڻ واري جذبي کي جاڳائي غلط عقيدن جي پاڙ پٽي ڇڏي، ساڳي صورت هتي سنڌ ۾ به پيش آئي، هن سلسلي ۾ پير سيد راشد رحه به اهڙو ئي ڪم ڪري ڏيکاريو. ميرن صاحبن جي حڪومت ۾ بدعتن ۽ غلط خيالن منهن ڪڍيو هو ۽ انهن جي حڪومت طرفان اڻ سڌي طرح انهن جي پشت پناهي ٿي رهي هئي. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي فيض ۽ ديني تبليغ سان ان اثر کي ختم ڪري ڇڏيو.

پير صاحب رحه جي وڏن خليفن مان اتر سنڌ ۾ خليفه محمد حسن سوئي وارن جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ سوئي وارن کان ڀرچونڊي جي حضرت حافظ محمد صديق صاحب جن فيض پرايو ۽ خرقو هٿ ڪيو. حضرت حافظ جا ٻه وڏا خليفا: مولانا حافظ غلام محمد دين پور وارا ۽ ٻيو مولانا سيد تاج محمد امروٽي هئا، هنن ٻنهي بزرگن سنت کي جيارڻ ۽ باطني فيض جي اشاعت ۾ اهو ڪم ڪيو جو هن وقت نه رڳو سنڌ ۾ سائين راشد عليہ الرحمة جو طريقو ۽ فيض پکڙيل آهي، پر گهڻي ڀاڱي پنجاب ۽ سرحد تائين ڦهلجي ويو آهي.

پير محمد راشد جو سلوڪ ۾ جيڪو مقام ۽ مرتبو هو، اهو ملفوظات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي سندن هڪ خاص ۽ وڏي خليفي محمود نظاماڻي رح گڏ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سندن مڪتوبات به ظاهري ۽ باطني علم جي اسرارن سان ڀريل آهن. هنن خطن مان ڪن ٿورن جو ترجمو ”الرحيم“ جي صفحات ۾ ناظرين ڪرام پڙهيو هوندو. پير صاحب ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ڏوهيڙن ۽ مولودن جي شڪل ۾ سنڌي شعر پڻ فرمايو آهي، جنهن کي اسان الرحيم سنڌي جي سن1966ع جي 1-2 شمارن ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

علم ۽ هدايت جو هي اٿاهه 1- شعبان 1233هه ۾ هن فاني عالم کان رحلت ڪري، عالم جاوداني ڏانهن اسري ويو. سيد حڪيم محمد شجاع لکوي سندن تاريخ وفات هن طرح لکي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کين زهر جي ڪري شهادت حاصل ٿي آهي.

واه محمد راشد راهِ نما شيخ و شباب

شد شهيد از سم واصل گشت باحق در شتاب

سالک تاريخ و مہ و روزِ وصالِ وقت گو

اول شعبان مرد طلوع آفتاب

1234هه

 

پير سيد صبغة الله شاهه

(ولادت: 1183هه- 1779ع وفات: 1246هه - 1831ع)

حضرت پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جي وفات کان پوءِ سندن چوڏهن صاحبزادن مان سيد پير صبغة الله شاهه رشد و هدايت جي مسند تي ويٺا، پاڻ جيتوڻيڪ ڪن ڀائرن کان ننڍا به هئا، پر باطني فيض ۽ ارشاد ۾ ٻين مڙني ڀائرن کان فائق هئا.

حضرت پير روضي ڌڻيءَ کي 18 پٽ چيا وڃن ٿا، جن مان چار ته سندن زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا هئا، ان ڪري مشهور 14 فرزند آهن، جن جي عمر جي ترتيب کان سواءِ هيٺيان ڀلارا بزرگ آهن:

(1) سيد صبغة الله شاهه (سجاده نشين) (2) پير حسن شاه (3) پير هدايت الله (اهي ٽيئي صاحبزاده هڪ والده سڳوريءَ مان هئا، جا گهمره قوم جي هئي) (4) پير محمد ياسين شاه (5) پير محمد بقا شاه (اهي ٻئي هڪ والده ڪلهوڙا قوم جي بي بي صاحبه مان هئا) (6) پير محمد صادق (هي هڪ والده مان هو) (7) پير محمد شاه (پنهنجي نسل واري سيده بي بي صاحبه مان هو) (8) پير اسماعيل شاه (هڪ والده مان) (9) پير حامد شاه (پنهنجي نسل واري سيده بي بي صاحبه مان) (10) پير مهدي شاه (11) پير محمد احسن (12) پير غلام محي الدين (13) پير مبارڪ شاهه (14) پير شاهنواز شاهه(1)

پير محمد ياسين شاهه جيتوڻيڪ عمر ۾ وڏا هئا ۽ حضرت پير محمد راشد جي ڪن تحريرن ۾ انهيءَ ڪري ڪنيت: ابوياسين محمد راشد آيل آهي، پر انهن کي اسلام جي ظاهري پهلو شريعت جي اشاعت ۽ تبليغ اسلام لاءِ والد طرفان جهنڊو سپرد ڪيو ويو، اهو جهنڊو حضرت پير محمد راشد رحه کي تيمور شاهه جي پٽ زمان شاه کان تبيلغ جي لاءِ مليو هو، انهيءَ ڪري هن بزرگ پير جي اولاد کي جهنڊي وارا پير سڏيو ويندو آهي.

حضرت پير صبغة الله شاهه جي تعليم ۽ تربيت گهر ۾ ٿي، فيض باطني به پنهنجي والد سائين محمد راشد رحه کان ئي حاصل ڪري خلافت هٿ ڪيائون. ننڍيءَ ڄمار کان ئي الله جي عبادت، ذڪر و فڪر ۽ اسلام جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائون.

حضرت پير صبغة الله شاهه هڪ پاسي علم باطني جا امام ۽ پير طريقت هئا ته ٻئي پاسي ظاهري علم جا وڏا عالم ۽ علم نواز هئا، وٽن وڏو علمي ڪتب خانو هو، جنهن ۾ سوين علمي قلمي ڪتاب موجود هئا، هن بابت سيد حميد الدين لکي ٿو:

در تمام مملکت سندهه همچو او شيخي و مرشدي در زعم مرد مان ملک نيست، قريب سہ لک مريدانش از قوم بلوچ هستند، و بکمال جاه و جلال و رجوعات خلائق خوش مي گذارنند وجود و کرم و اخلاص و مروت هم شهره آفاق.

سنڌ جي ماڻهن وٽ پير سيد صبغة الله جهڙو سار ملڪ ۾ ڪوبه شيخ ۽ مرشد نه آهي، هن جا اٽڪل ٽي لک بلوچ مريد آهن. وٽن خلق جي گهڻي رجوعات آهي، جاه ۽ جلال سان زندگي گذاريندا آهن. جود، ڪرم، اخلاص ۽ مروت ۾ به ملڪ ۾ مشهور آهن.

درخانه سيد مذڪور کتب خانه عجيب و غريب به نظر آمد که هرگز در خانه سلاطين و امراءِ نبوده باشد. پانزده هزار جلد نامي از کتب معتبره دران موجود است، ازان جمله صد ديوان فارسي به خط ولايت مطلا، شصت و پنج جلد تفاسير معتبره، پنج جلد مڪرر از شاه نامه فردوسي، سه مع تصاوير و مطلا، احاديث هر قدر که مشهور اند مع شرح و جامع الاصول و تيسير الوصول، و سہ جلد مکرر احياءُ العلوم و سہ جلد مکرر فتوحات مکيہ و هر جلد شاهانہ.(1)

هن پير صاحب جو عجيب ڪتب خانو نظر آيو، جو ڪنهن امير ۽ بادشاهه وٽ به اهڙو ڪتب خانو نه هوندو. هن ۾ پندرهن هزار مجلد معتبر ڪتابن جا موجود آهن، جن مان ايراني مطلا خط ۾ سؤ ته فارسي جا ديوان آهن، پنجهٺ جلد معتبر تفسيرن جا آهن، شاهه نامه فردوسي جا پنج نسخا آهن، جن مان ٽي مصور طلائي آهن. احاديث جا ڪتاب به جيڪي مشهور آهي، سي به سڀ هتي آهن شرحن سميت. جامع الاصول. تيسير الاصول پڻ هتي آهي. احياءُ ۽ فتوحات مڪيہ جا به ٽي ٽي نسخا شاهي ڪتابت سان موجود آهن.

پنجاب تي سکن جي قبضي ڪري اتي مسلمانن تي جيڪي ظلم ٿي رهيا هئا، انهن کان پير سيد صبغة الله صاحب به غافل نه هئا. کين اهو به خطرو هو ته سک اڳتي وڌي سنڌ ڏانهن نه اچن. ان ڪري سندن ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت پير صاحب جن جهاد لاءِ پڪو پهه پچايو هو. جيڪو به وعظ ڪندا هئا، ان ۾ جهاد جون فضيلتون ضرور بيان ڪندا هئا. ڪڇ ۽ ڪاڙ جا جيڪي مريد وعظ ۾ شامل ٿي نه سگهندا هئا، تن کي وري جهاد لاءِ تحريري دعوت ناما موڪليندا هئا.(1) اهوئي سبب آهي جو سيد احمد شهيد رحه سکن سان جهاد جي خيال سان سنڌ ۾ آيا ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن رهيا. اتان سفر ڪندي راڻيپور پهتا ته ان دور ۾ سيد صالح شاهه بغدادي جيلاني سجاده نشين هئا، تن ساري لشڪر جي دعوت ڪئي. پير سيد صبغة الله به هڪ سؤ مريدن سان گڏ اتي آيا، سيد احمد صاحب کي ساڻس ملاقات لاءِ وڏو اشتياق هو، ڇوته سندن ديني جذبي جي وڏي هاڪ هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي، پير صاحب کي هڪ ڏينهن اتي رهڻو هو. انهيءَ ڪري پنهنجي هڪ ڀاءُ سان سيد احمد ۽ سندس لشڪر کي پير جي ڳوٺ موڪلي ڏنائون.

سيد احمد صاحب 7 ذوالقعد (24 جون 1826ع) تي پير ڳوٺ پهتا هئا. پير سيد صبغة الله شاهه جي ڀائرن ۽ مريدن مهمانداري ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، پوءِ ته پير صاحب جن پاڻ به اچي ويا، ٽن ڏينهن تائين ساري لشڪر کي کاڌو کارائيندا رهيا. سيد صاحب سندس اهل و عيال کي اتي ئي ڇڏڻ پسند ڪيو. سيد صاحب جو اهل و عيال سنه1242هه صفر ۾ پير ڳوٺ پهتو هو. پير صبغة الله شاهه جي حڪم سان ٻيڙين جو انتظام ٿيو هو، سڀ سامان انهن تي وڌو ويو. 30 ذوالقعد تي سارو لشڪر درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچي ويو. ان ڏينهن سيد صاحب پير صاحب کان موڪلايو. پير صاحب سان سيد صاحب جي لکپڙهه جاري هئي، پاڻ ۾ گهڻو ڪري اهو فيصلو ٿيو هو ته جڏهن ڪنهن چڱي مرڪز جو بندوبست ٿي وڃي ته پوءِ پير صاحب به اتي پهچي وڃن. اڳتي هلي ايراني سردارن جي ضد ڪري افغانستان ۽ پشاور وارو رستو خطري ۾ پئجي ويو. ان وچ ۾ پير صبغة الله شاهه صاحب بلڪل تيار ٿي ويا ۽ سيد احمد کي هڪ خط لکي ان جو اطلاع به موڪلي ڏنائون. سيد صاحب پير صاحب ڏانهن هڪ خط هن مضمون جو لکيو ته اوهين سڀني مسلمانن کي جهاد جي دعوت ڏيو، مخلصن جي هڪ جماعت وٺي سکن جي سرحد جي متصل ڪنهن محفوظ جاءِ تي وڃي رهو ۽ جهاد شروع ڪري ڏيو، پنهنجي اهل و عيال سان گڏ منهنجي اهل و عيال کي به ڪنهن اهڙي جاءِ تي رهايو، جتي دشمن پڄي نه سگهي.

سرحد ۾ جڏهن سيد صاحب جي بيعت امامت ورتي وئي ته مختلف علائقن ۾ نائب موڪليا ويا، جيڪي سيد صاحب لاءِ بيعت وٺي رهيا هئا. محمد قاسم کي سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو، هن سلسلي ۾ سيد احمد شهيد پير صبغة الله شاهه ڏانهن لکن ٿا ته سنڌ ۾ بيعت وٺڻ لاءِ اوهان ئي اهل هيؤ! پر جڏهن ته اوهان جي ڪن ڀائرن جو اوهان سان حسد آهي، ان ڪري انديشو آهي ته اهي هڪ مسنون ڪم جي بجا آوري کان محروم رهجي وڃن. ان ڪري مون ٻئي کي پنهنجو نائب بنايو آهي.(1)

افسوس آهي جو پير ڳوٺ جو اهو نادر ڪتب خانو انگريزن جي دور ۾ ڪوٽ جي ڪيرائڻ سان گڏ برباد ٿي ويو. گهڻا ڪتاب سنڌ مدرسة الاسلام جي لائبريري ۾ رکيا ويا هئا ۽ اتان هڪ هڪ ٿي کڄي ويا.

پير سيد صبغة الله شاهه صاحب پنهنجي دور ۾ ماڻهن کي رشد و هدايت جون پڪون پياريندي 5 رمضان سن1246هه ۾ هن فاني دنيا کان رحلت فرمائي عالم جاودانيءَ ڏانهن اسريا ۽ پويان ست صاحبزاده اولاد ڇڏيائون.

 

پير سيد علي گوهر شاهه اول (اصغر)

(ولادت: 1231هه - 1816ع وفات: 1263هه- 1847ع)

 

پير سيد علي گوهر شاهه (اول) راشدي جي ولادت جمع ڏينهن 4 رجب 1231هه ۾ ٿي ۽ 14 سالن تائين پنهنجي والد پير صبغة الله شاهه رحه جي تربيت هيٺ رهيا  رمضان سن1246هه ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ انهن جا مسند نشين بڻيا، پاڻ جيتوڻيڪ انهيءَ مسند نشينيءَ مهل ننڍيءَ عمر جا هئا، پر جيڪو ٿورو وقت به کين سندن والد بزرگوار کان تربيت ملي سا به گهٽ ڪانه هئي، سندن والد هن نينگر جي تعليم ۽ تربيت جو چڱو خيال رکيو هو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ فارسي زبان جا وڏا اديب ۽ شاعر بڻجي ويا، کين عربي ٻوليءَ جي به چڱي ڄاڻ هئي، سنڌي شعر ته کين ورثي ۾ مليل هو، شعر ۾ ”اصغر“ تخلص رکيائون. پاڻ وڏا علم نواز هئا. عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو وڏو قدر ڪندا هئا. پاڻ قادري طريقت جا پير ۽ مرشد هئا، هن سلسلي جو راڳ ۽ سماع سان گهٽ تعلق رهيو آهي، پير سائين علي گوهر (اول) کي سماع جو به شوق رهندو هو. پاڻ سنڌي ديوان جا صاحب هئا، افسوس جو سندن عمر ڪا گهڻي نه ٿي، ڦوهه جوانيءَ ۾ تاريخ 11 جمادي الاوليٰ سن1263هه ۾ هن ماڳ کان منهن موڙي آخرت ڏانهن راهي ٿيا.

پير صاحب جي مريدن مان آخوند احمد سانوڻي هالائي قابل ذڪر آهي، جيڪو ڪلام الله جو حافظ هو. نظم، نثر ۽ انشاءَ ۾ بي نظير هو ۽ مير نصير خان ٽالپر جي ٻن فرزندن: مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان جو استاد هو.

مخدوم محمد عثمان مٽياروي

مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارن جي ولادت ٻارهين صدي هجري جي وچ ڌاري ٿي ۽ وفات تيرهين صدي جي اوائل ۾ ڪئي. هي بزرگ عالم هڪ ئي وقت وڏو محدث ۽ فقيهه هو. ليڪن فقهه کان به علم حديث جو رنگ مٿس غالب نظر اچي ٿو.

مخدوم محمد عثمان، تعليم سنڌ جي قديم علمي شهر نصرپور ۾ مخدوم نور محمد کان حاصل ڪئي. مخدوم نور محمد سنئون سڌو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو، ان لحاظ سان هن بزرگ جو اسلامي علوم ۾ وڏو مرتبو هو. مخدوم محمد عثمان مٽيارين واري جا ٻه وڏا همعصر هئا، جن سان هميشه هن بزرگ جا تحريري مقابلا رهيا، جن مان هڪ آهي مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، جنهن کي ”نعمان ثاني، سڏيو ويندو آهي، مخدوم سيوهاڻي جي بياض واحدي ۾ ڪيتريون اهڙيون تحريرون ملن ٿيون، جيڪي مخدوم محمد عثمان جي رد ۾ لکيون ويون آهن يا وري مٽيارين جي مخدوم، سيوهاڻي مخدوم جي ڪن تحريرن تي اعتراض ڪيو آهي تن جو جواب ڏنو ويو آهي. انهن تحريرن جي پڙهڻ سان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مخدوم محمد عثمان مٽيارين واري تي علم حديث جو غلبو هو. اهي هئا ته برابر حنفي مذهب جا مقلد، پر اها سندن تقليد شاهه ولي الله صاحب محدث دهلويءَ واري رنگ جي هئي. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جيڪي به مخدوم محمد عثمان مٽيارين واري تي رد و ڪد ڪيا آهن، انهن ۾ ڪڏهن به ادب، تهذيب ۽ شائسگتيءَ کان ٻاهر نه ويا آهن. مخدوم محمد عثمان مٽيارويءَ جو ٻيو همعصر آهي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو مخدوم محمد ابراهيم. مخدوم محمد ابراهيم جڏهن ته مٽيارين وارن لاءِ هڪ طرح استاد زادو هو، ان ڪري هن جيڪي مخدوم مٽيارويءَ تي رد ڪيا آهن، ان جي زبان نهايت سخت آهي. عربي اشعار لکي ان ۾ به هجو لکي وئي آهي، جن ۾ مخدوم محمد عثمان جي ابن ڏاڏن جا نالا وٺي (جيڪي هندو هئا) انهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي ۽ جهنمي سڏيو آهي. اهو سڄو فساد هن سبب ڪري شروع ٿيو جو ٿر جا کوسا بلوچ ميرن جي آخري دور ۾ هندو رياستن ۾ گهڙي ڦر ڪندا هئا. عورتون ۽ ٻار کڻي انهن کي غلام بنائيندا هئا. مخدوم محمد عثمان مٽيارين واري انهيءَ فعل کي ننديو آهي ۽ اسلامي احڪامن جي خلاف ورزي قرار ڏني آهي. ٻئي پاسي مخدوم ابراهيم ٺٽوي انهيءَ کي جهاد وغيره چيو آهي.

مخدوم محمد عثمان جي علم ۽ حديث سان بي پناهه محبت هن مان نظر اچي ٿي جو هن پنهنجي قلم سان صحيح بخاري جو ٻن جلدن ۾ بهترين نسخو لکيو آهي. هن نسخي جو ٻيو جلد اسان کي مٽيارين ۾ مولانا حافظ محمد معروف وٽ نظر آيو. مخدوم صاحب جو خط نهايت صاف ۽ سٺو آهي. هن نسخي جي وڏي خوبي هي آهي جو نصرپور جي مشهور محدث قاضي محمد اڪرم مؤلف ”امعان النظر شرح نخبة الفکر“ صحيح بخاري جو شرح به لکيو هو. هن نسخي بخاري جي حاشيي تي ان شرح بخاري جو انتخاب ڏنو ويو آهي، اها شرح پاڻ ناياب آهي، اهو به چڱو ٿيو جو ان جو انتخاب ته اسان وٽ محفوظ رهجي ويو.

مخدوم محمد عثمان جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، انهن پنهنجي پويان هڪ فرزند مخدوم عبدالڪريم ڇڏيو، جنهن جي تعليم ۽ تربيت به پاڻ ئي ڪئي هئائون. اڳتي هلي اهو مخدوم عبدالڪريم ساري سنڌ جو استاد ثابت ٿيو.

مخدوم عبدالڪريم مٽياروي

(وفات: 1261هه - 1845ع)

مخدوم عبدالڪريم سنڌ جو آخري محدث آهي، جو ”بحرالعلوم“ جي لقب سان شهرت رکي ٿو. هن ساري تعليم پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد عثمان مٽياروي کان ورتي. هڪ خانداني روايت آهي ته مخدوم عبدالڪريم مٽياروي جو والد مخدوم محمد عثمان جڏهن رحلت ڪري ويو ته هن کي ڏاڍو فڪر ٿيو، ڇوته سندس خيال ۾ اڃان ڪي ڪتاب کيس والد وٽ پڙهڻا هئا. انهيءَ ڏک مان وڃي والد جي قبر تي ويٺو. مراقبي ۾ کيس ارشاد ٿيو: ”انت بحر تجري منک الانهار و من الانهار انهار.“ مطلب ته تون فيض جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهين، تو مان نهرون وهي هلنديون ۽ انهن مان وري ٻيون نهرون جاري ٿينديون. برابر ٿيو به ائين. هي بزرگ جڏهن مٽيارين ۾ پڙهائڻ ويٺو ته سڄي سنڌ کي پنهنجي فيض سان سيراب ڪري ڇڏيائين. مخدوم محمد به سندس شاگرد هو. اهڙيءَ طرح مخدوم محدم يوسف کيارين وارو ۽ مولانا عبدالغني کڏهه وارو به هن ئي ڀلاري عالم جا شاگرد هئا. ڪوٽڙيءَ جي قاضي يار محمد صاحب به هتان ئي علم حاصل ڪيو. مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي، مير حسن علي، قاضي ميان عبدالرحيم ۽ ميان محمد صديق اهي چارئي به مٽيارين ۾ مخدوم عبدالڪريم وٽ پڙهيا ۽ سڀ هم سبق هئا.

فارسي جو مشهور شاعر، غالب جو معاصر ”دلخوش“ ناطق مڪراني پن مخدوم عبدالڪريم مٽيارويءَ وارن وٽ پڙهيو. تڪملہ مقالات واري لکيو آهي ته هڪ ڀيري مٽيارين ۾ ڪو ناراض ٿي پيو، سو هي بيت لکيائين:

آبرو گر طلبي آب مٽاري مطلب

لقمہ چرب بجز نان جواري مطلب

اهو بيت جڏهن مخدوم عبدالغفور مڏئي مرقد وارن ٻڌو ته پاڻ فرمايائون:

آبرو گر طلبي آب مٽاري بطلب

لقمہ چرب مجو نان جواري بطلب

مخدوم عبدالغفور صاحب جن مٽياري شهر جي قدرداني ڪئي، ڇوته اتي مخدوم عبدالڪريم جهڙو فياض موجود هو.

ناطق جو اهو بيت جڏهن استاد زمان، علامه دوران ميان عبدالڪريم بن بحر العلوم ميان محمد عثمان جن ٻڌو ته ان کان خوش نه ٿيا ”دلخوش“ هڪ ٻيو غزل درست ڪيو، جنهن جو مطلع هي هو:

طرفہ شهريست مٽاري که بسامان گردد

خالي از شور و شر و فتنہ دوران گردد

ميان عبدالڪريم صاحب اهو ٻڌي خوش ٿيا.(1)

مخدوم عبدالڪريم صاحب ڏاڍا بي پرواهه هوندا هئا، علم جي عزت ۽ احترام ڪري ڄاڻندا هئا. روايت آهي ته مير نصير خان هڪ ڀيري کين پاڻ وٽ گهرايو ۽ هن خيال کان ته ان جي آڏو اٿڻو نه پوي، سو مير صاحب ڇا ڪيو جو قرآن پاڪ کولي تلاوت ڪرڻ لڳو ۽ ان مهل مخدوم کي اندر گهرايو، مخدوم صاحب به ڳالهه کي سمجهي ويو، سو مير صاحب کي خطاب ڪندي چوڻ لڳو ته اوهين قرآن ٿا پڙهو، اهو قرآن اسان جي سيني ۾ آهي وغيره، ائين چئي واپس هليو ويو.

مخدوم صاحب جي دور ۾ جڏهن ميرن صاحبن کي شڪست آئي ۽ انگريز سنڌ جا حاڪم ٿيا ته مخدوم صاحب فرمايو ته اسين فرنگي حاڪمن کي ڏسي نه ٿا سگهون، ان ڪري هاڻي اسان جو هتي رهڻ نه ٿيندو. پوءِ پاڻ هجرت ڪري مڪہ مڪرمہ هليا ويا ۽ اتي ئي سن1261هه ۾ رحلت فرمايائون. سندن وفات کان پوءِ سندن هڪ شاگرد محدث عيسيٰ سنڌي مخدوم صاحب جي اهل و عيال کي مٽيارين ۾ واپس وٺي آيو.

ڪنهن شاعر سندن تاريخ وفات هن طرح بيان ڪئي آهي:

سيدي قبلتي و مولائي

-

خرج من بيتہ الي الله

بود ما نال مقصدا اقصيٰ

-

ادرکہ داعيا من الله

قيل في فورة بدءِ خروج

-

قد وقع اجره علي الله

1261هه

ايضاً

نقيبان جنت پئي مرشدم

-

بگفتند شاها بيا مرحبا

عيان چون شرف رضوان گفت

-

به بستان بيا وارث انبياءَ

مخدوم صاحب جي تاليف مان ”فرائد الاحکام علي فرائض الاسلام“ جو نالو ملي ٿو. اهو ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب فرائض الاسلام جو شرح آهي، پر گهڻي ڳولا کان پوءِ سنڌ جي ڪنهن به قديم ڪتب خاني ۾ نظر نه آيو.

حافظ محمد يعقوب تونيہ

(وفات 1300هه)

حافظ محمد يعقوب ذات جو تونيه کاهي ڪنڊا ڳوٺ جو وڏو فارسي گو شاعر ۽ عالم آهي. اهو ڳوٺ نوشهرو فيروز کان اڍائي ميلن جي فاصلي تي قومي شاهراهه کان اتر ۾ آهي، هن جي ڀر ۾ ٻيو ڳوٺ کاهي راهو آهي، جتي ڪلهوڙن جي ابتدائي دور ۾ وڏو عربي مدرسو هو. ان مدرسي جو باني قاضي شاهه محمد اول هو، جيڪو ذات جو راڄپر هو ۽ مخدوم محمد هاشم جو معاصر هو. هن خاندان مان قاضي نظر محمد صاحب به وڏا عالم فاضل ٿي گذريا آهن. حافظ يعقوب قاضي نظر محمد جو شاگرد رشيد آهي. جنهن جو جوڙيل هڪ ڪتاب ”جنس نامہ“ فارسي اسان جي نظر مان گذريو، جيڪو اسان کي نواب شاهه جي قريشي خالدي خاندان جي هڪ نوجوان اديب قاضي حامد علي وٽ ڏسڻ ۾ آيو. هن رسالي ۾ شين جا فارسي نالا نظم ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جنس نامه جي ابردا هن طرح ڪئي وئي آهي:

بيا اي دل! از تو سخن ساز کن

دهان را بحمد خدا باز کن

بديهي که از تست هستي نمود

بپررد عالم بافضل وجود

اڳتي هلي حمد و درود کان پوءِ لکي ٿو:

نگارم درين نامہ الفاظ چند

به ريزم به پيش صفِ مورقند

درين چند اوراق سازم بيان

ز اسمائي هر جنس قدر توان

مگر مبتدي را شود نفع علم

بگيرد ازين نام بهره تمام

بياموز از شاکر اين چند حرف

کند در مطالب همه چيز حرف

هي رسالو اٺن ورقن تي ڦهليل آهي، هن جو آخري بيت هي آهي:

بياران يک دل بنوشم شراب

شوم چاشتي گير نيز از ڪباب

پڇاڙي ۾ نثر ۾ لکي ٿو: تمت تما شد جنس نام از دست بنده حافظ يعقوب تونيه برائي نظر محمد فرزند خود- تحرير تاريخ 20 ماه ذي قعده 282-82 جو انگ شڪسته آهي، اندازي مان 82 معلوم ٿئي ٿو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته حافظ يعقوب جي فرزند جو نالو نظر محمد آهي. ان بابت وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

قاضي محمد قاسم

مولانا محمد صادق ۽

مولانا محمد ذاڪر

قاضي محمد قاسم ديہ ڪاتيار، پرڳڻي چاڪر هالا جو ويٺل هو، علم جي تحصيل مٽيارين ۾ مخدوم محمد عثمان وٽ ڪيائين، اهڙيءَ طرح سندن ٻيا ساٿي مولانا محمد صادق ۽ مولانا محمد ذاڪر جن جي سڪونت جي جاءِ معلوم نه ٿي سگهي آهي. سي به مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارن جا شاگرد ۽ قاضي محمد قاسم کان اتي اڳ فارغ ٿيا هئا. تيرهين صدي جي هنن ٽنهي بزرگن عالمن جو مختصر احوال اسان کي خليفي محمود ڪڙيي واري جي ڪتاب ”گلشن اولياءِ فارسي“ قلمي مان مليو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو. اهو احوال هن طرح آيل آهي ته:

محمد اڪرم قاضي محمد قاسم ويٺل ديهه ڪاتيار (جيڪا پرڳڻي چاڪر هالا جي ديهن مان هڪ ديهه آهي) کان خبر ڪئي ته آئون جن ڏينهن ۾ مٽيارين اندر مخدوم محمد عثمان وٽ علم پرائيندو هوس، ميان محمد صادق ۽ محمد ذاڪر اتي فارغ ٿي چڪا هئا. مان ”مطول“ ڪتاب پڙهندو هوس، هڪ ڏينهن ميان محمد ذاڪر کي ٽنڊي الهيار وڃڻ جو خيال ٿيو. محمد صادق هن فقير کي به گڏ هلڻ لاءِ چيو. مون کين چيو ته جيڪڏهن اڳ ۾ پيرزاده ميان قائم شاهه جي به زيارت ڪندؤ ته آئون اوهان سان گڏ هلندس. ٻئي پاسي مخدوم محمد عثمان جو اهو دستور هوندو هو ته علم جي تحصيل کان اڳ شاگردن کي ڪنهن به طريقي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا هئا ۽ ڪنهن به مشائخ جي رغبت نه ڏياريندا هئا. منهنجي ساٿين چيو ته تو اڃان علم جي تحصيل نه ڪئي آهي، استاد کي خبر پوندي ته ناراض ٿيندا. مون کين چيو ته ڪاوڙ مون تي آهي، وري چوڻ لڳا ته پيرزادو قائم شاهه سڀ ڪنهن کان چلم لاءِ ٽانڊو کڻائيندو آهي ۽ ڀنجو ڍوئائيندو آهي، اهو ڪير کڻندو؟ مون کين چيو ته اهو ڪم به آئون ڪندس. نيٺ ٽنهي ٽنڊو الهيار وڃڻ لاءِ استاد کان موڪلايو. پهرين پيرزاده جي خدمت ۾ پهتاسون. هو اسان کي پري کان ڏسي تعظيم لاءِ اٿيا ۽ فرمايائون ته عالم ٿا اچن، انهن لاءِ نئون تڏو کڻي اچو. اسان ساڻس ملي ان تڏي تي ويٺاسون.

شاهه صاحب جن خوش، خير عافيت ۽ مرحبا کان پوءِ فرمايو ته اي محمد قاسم! تو جيڪو ڪم کنيو آهي، اهو پورو ڪر. آئون اهو ٻڌي چلم لاءِ ٽاندو کڻن اٿيس. ته پاڻ فرمايائون ته تو ڪم پورو ڪيو، هاڻي ويهي رهه! پوءِ قسم کڻي فرمايائون ته مون کي چلم جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر رڳو ملامت لاءِ اختيار ڪئي اٿم. ان وقت سندن آڏو گهڻا هنداڻا رکيل هئا. فقير جڏهن مٽي کڻڻ کان فارغ ٿيا ته شاهه صاحب جن فرمايو ته اهي هنداڻا ورهايو ۽ اُنهن مان وڏا ۽ سٺا ٽي هنداڻا هنن عالمن کي ڏيو، ٻين کي پاڻ ۾ ورهايو! اسان جڏهن پنهنجا هنداڻا وڍي ٻه اڌ ڪيا ته منهنجو هنداڻو تمام مٺو ۽ پڪل ڪاري ٻچ وارو لال هو ۽ منهنجي ٻين ساٿين جا هنداڻا اڌ ڪچا ۽ اڇي رنگ جا هئا. ڪنهن ماڻهوءَ شاهه صاحب کان پڇيو ته سائين ٽئي هنداڻا هڪ ئي جنس جا هئا ۽ هڪ جهڙا نظر ٿي آيا. پوءِ انهن مان هڪ سٺو نڪتو ۽ ٻيا چڱا نه نڪتا سو ڇو؟ پيرزاده صاحب جن فرمايو ته اهو نيت جي تفاوت جي ڪري ٿيو آهي. انهن اکرن انهن کي به ارادتمند بنائي ڇڏيو.

انهن ڪتابن مان هنن بزرگن عالمن جو رڳو ايترو احوال مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي عالم، مخدوم عبدالڪريم مٽيارويءَ جا معاصر ۽ تيرهين صديءَ جا وڏا عالم هئا.

مولانا عبدالحليم ڪنڊوي

(وفات: 1254هه - 1838ع)

مولانا عبدالحليم ڀاڳناڙي بلوچستان علائقي جي ڪنڊي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. سندن ولادت جو سن ۽ تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. هن هوش سنڀالڻ کان پوءِ عربيءَ جي ابتدائي تعليم ڪافيه تائين رياست قلات جي شهر ميرپور جي مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم ميرپوري کان پرائي. ان کان پوءِ قاضي صاحب پنهنجي هن شاگرد جي ذهن و ذڪاءَ کي ڏسندي کيس لاڙڪاڻي ضلع جي آريجا ڳوٺ جي مشهور عالم مخدوم محمد صاحب عاريجويءَ ڏانهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. مولانا عبدالحليم جڏهن آريجن ۾ پهتا ته مخدوم محمد صاحب کانئن ڪافيه مان ”غير منصرف للضرورة“ وارو مقام پڇيو. ميان عبدالحليم اهڙي تقرير ڪئي جو ان کان مخدوم صاحب ڏاڍا خوش ٿيا ۽ روئندي کيس فرمايائون ته آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان، هاڻي پڙهائڻ جي طاقت نه رهي اٿم، نه ته توکي آئون پڙهايان ها. هاڻي توکي آئون پنهنجي هڪ خاص شاگرد سيد عاقل شاهه هالاڻي ڏانهن خط لکي ٿو ڏيان، تون ان وٽ وڃي پڙهه!

مولانا عبدالحليم ڪجهه ڏينهن اتي رهي، خط کڻي هالاڻي وڃڻ وارو هو ته ان وچ ۾ مخدوم محمد صاحب انتقال فرمائي ويا ۽ مولانا سيد عاقل شاهه استاد جي تعزيت لاءِ آريجن ۾ آيا. اتي جڏهن کين استاد جو خط ڏيکاريو ويو ته ڏاڍو گريه ڪيائون ۽ جڏهن ڳوٺ واپس ٿيا ته استاد جي وصيت مطابق ميان عبدالحليم ڪنڊويءَ کي پڙهائڻ لاءِ ساڻ وٺي ويا ۽ پوءِ مولانا عبدالحليم سمورا ڪتاب هالاڻيءَ ۾ پڙهي فارغ ٿيو ۽ اتان استاد کان موڪلائي ڪنڊي ۾ پهچي مدرسي جو بنياد وڌو ۽ رياست طرفان اتي قاضي به مقرر ٿيا. مولانا ڪنڊويءَ جي پهرين شاگردن مان خليفه محمد يعقوب همايوني جو نالو قابل ذڪر آهي ۽ سندن ٻيو ممتاز شاگرد مولانا نور محمد صاحب شهداد ڪوٽي آهي، جيڪي سندن عزيز به هئا. هنن ٻنهي ممتاز عالمن کان سڄي سنڌ فيض پرايو ۽ ان لحاظ سان مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊوي سڄي سنڌ جا استاد ليکيا وڃن ٿا.

مولانا عبدالحليم صاحب، اڳتي هلي پنهنجي شاگرد رشيد خليفه محمد يعقوب همايوني سان گڏ ضلع جيڪب آباد جي ڳوٺ آباد اچي رهيا ۽ اڳتي هلي خليفه محمد يعقوب، همايون ڳوٺ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي ۽ عربي مدرسي جو بنياد پڻ وڌو، جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد گڏ پڙهائيندا هئا.

مولانا عبدالحليم صاحب ساري عمر مجرد رهيا. تدريس سندن مشغولي رهي. علم جو هي بحر بي پايان سنڌ ۾ پنهنجي شاگردن جو هڪ وسيع سلسلو ڇڏي سن1245هه ۾ انتقال فرمائي ويو. هن وقت اتر سنڌ يا ڏکڻ سنڌ ۾ جيڪي عربي مدرسا هلي رهيا آهن، اهي مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ صاحب جي تعليمي فيض جو اثر آهن، جن جي ثواب سان انهن جي روح کي تسڪين ملندي رهي آهي.

مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊويءَ جي قبر، روهڙيءَ ۾ مختيارڪاري جي ويجهو هڪ ٽڪري تي آهي ۽ کيس مقامي ماڻهو پکي وارو به ڪري سڏيندا آهن.

شيخ محمد حسين سيوهاڻي

علامہ شيخ محمد حسين ابن علامہ محمد مراد بن محمد يعقوب بن محمد انصاري سنڌي سيوهڻ جي انصاري خاندان جو وڏو متبحر عالم ۽ عظيم محدث ٿي گذريو، هن سموري تعليم پنهنجي والد علامه محمد مراد کان پرائي، جيڪو شيخ الاسلام جي لقب سان مشهور آهي ۽ سنڌ جي عظيم محدث ۽ فقيهه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد آهي. شيخ محمد عابد سنڌي مدني، علامه محمد حسين جو ڀائٽيو ۽ ان جو خاص شاگرد آهي. شيخ محمد عابد سنڌي مدني پنهنجي تاليف حصر الشارد ۾ جيڪي اجازتون ۽ اسانيد لکيون آهن، انهن مان اڪثر اهي آهن، جيڪي کيس شيخ محمد حسين جي ذريعي پهتيون آهن.

شيخ محمد حسين، شيخ ابوالحسن بن شيخ محمد صادق سنڌي کان اجازت حاصل ڪئي ۽ ان شيخ محمد حيات سنڌيءَ کان ۽ شيخ محمد حيات سنڌي، مدني علامہ ابوالحسن ڪبير، سنڌيءَ جو عظيم شاگرد ۽ انهن جو علمي جانشين آهي.

شيخ محمد حسين سنڌيءَ لاءِ ”اليانع الجني“ جو صاحب لکي ٿو: ”کان عالما جيدا جامعا بين علوم الاديان والابدان“ مطلب ته شيخ محمد حسين وڏو جيد عالم هو، علوم دين ۽ علوم ابدان (طب) جو جامع هو.

شيخ محمد حسين سنڌي جي تصنيف مان هڪ رسالي ”التبيان للشرب عن شرب الدخان“ جو نالو ملي ٿو. هي بزرگ نه رڳو ظاهري عالم هو، پر طريقت ۾ به وڏو ڪامل هو. شيخ محمد عابد سنڌي حصرالشارد ۾ لکي ٿو ته مون کي منهنجي چاچي شيخ محمد حسين بن محمد مراد گهڻا ئي ڀيرا خرقو پهرايو ۽ ان چيو ته مون کي پنهنجي والد شيخ محمد مراد بن يعقوب گهڻا ئي ڀيرا خرقو پهرايو ۽ ان فرمايو ته مون کي شيخ محمد هاشم بن عبدالغفور سنڌي خرقو پهرايو. ان چيو ته مون کي شيخ عبدالقادر خرقو پهرايو. شيخ محمد حسين هڪ وڏو قاري پڻ هو، ستن قراءَتن ۾ کيس مٿئين طريقي سان سند حاصل  هئي ۽ اها سند شيخ محمد عابد کي به شيخ محمد حسين کان پهتي.

هن جو والد بزرگوار عرب هجرت ڪري ويو.ا ن ڪري شيخ محمد حسين سنڌي کي به پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا. هو هڪ وڏو طبيب پڻ هو، ان ڪري عرب ملڪن ۾ علم سان گڏ، طبيب هجڻ ڪري به هن جي وڏي عزت ٿيندي رهي. هن ڪڏهن وفات ڪئي، ان لاءِ ڪا صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر اندازو آهي ته سن1230هه ڌاري وفات ڪئي هوندائين. سندس نالي کي سندس خاص شاگرد ۽ ڀائيٽي شيخ محمد عابد سنڌي مدني ”حصر الشارد“ ۾ آڻي زنده جاويد بنائي ڇڏيو.

شيخ محمد حيات

(وفات 1218هه کان پوءِ)

حيات نالي يا تخلص سان سنڌ اندر تيرهين صديءَ جو هڪ وڏو فارسي گو شاعر نظر ٿو اچي، جنهن ”داستان جهاد عشق باعقل“ فارسي نظم ۾ نهايت عمدو ڪتاب لکيو آهي. هي ڪتاب اسان کي پنهنجي بزرگ دوست مولانا قاضي فتح الرسول صاحب نظاماڻي کان مطالعي لاءِ مليو. ڪتاب جو پهريون صفحو غائب آهي  ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 184 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ هي ڪتاب سن1218هه جي تاليف آهي.

گم ٿيل ابتدائي صفحي کان پوءِ وارو صفحو هن طرح شروع ٿئي ٿو:

پس از وصف آن اميري کامراني

برون سازيم راز دل نهاني

رسيدم روز يک پيش عالم خان

ز گلزاري غلام محمد گل است آن

درخشنده شهاب از لطف پرور

از و برجي رحيم خان است انور

بنام او بزرگي هست مشهور

ز نسلِ نيک نظام است مشهور

بعونِ طالع نخلت برومند

بباعش احمد خان سايه افگند

قوي باد رختِ پايه او

که باشد عالمي در سايه او

حکايت حسن و دل درخواند ناگاه

چو شد احوال آن حالي و دلخواه

بگفتا اين شجر بنشان بدفتر

که چيند ميوها زان چشم ناظر

لباسِ نظم ده اين داستان را

عروسي کن دل حسنِ جهان را

بگفتا پي به پي روشن کن اسرار

جهادِ عشق باعقلِ جهان آر

هنن بيتن ۾ جيڪي نالا آيا آهن، انهن بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڪير هئا، ڪتاب جي مالڪ قاضي صاحب ٻڌايو ته نظاماڻي بلوچن جا اهي امير معلوم ٿي رهيا آهن. ان خيال کان مصنف ناظم به سنڌي ٿو معلوم ٿئي ۽ ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اهو داستان کيس ٻڌائي حڪم ڪيو ويو آهي ته ان کي نظم جو جامو پهرائي، هن امر جي تعميل بابت شاعر هن طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي:

بناچار آمدم تا در کشايم

زگنجي شايکان نقدي ربايم

بعونِ نام ايزد، ذوق دل چند

بنازي حسن دل سازيم پيوند

ز حسنِ حسن در دل راکشايم

به دل شهزاد طاقِ عشق بندم

بنظم آورد اينک داستاني

جهادِ عشق با عقلِ جهاني

هن کان پوءِ هڪ سرخي ”داستان نغمہ طرازي عندليب جادو نوائي خامہ در فهرست چمن کتابي و گلهائي عشق زاري“ هيٺ چند بيتن کان پوءِ لکي ٿو:

بسالِ مزده افزون از هزاري

دو صد بوده که بشگفته اين بهاري

اگرچه اختصارش در کلام است

حديثي عاشقي دوري تمام است

هن مان اسان کي ڪتاب جي تاليف جو سن1218هه معلوم ٿئي ٿو. ڪتاب هن بيت تي پورو ٿئي ٿو:

حياتِ چون بلطفت بسته پيمان

ز جامِ عشق مخمورش بگردان

ڪتاب جي صفحي 45 تي مصنف پنهنجي مرشد جو نالو ڏنو آهي، جو قبول محمد آهي. اهو بيت هن طرح آهي:

ز دم اين سکه برنام مرشد

رسانيدم سخن برنامش امجد

شکوهي مکرمت محمد قبولي

جمالِ عشق را جهرش دليلي

بتوفيقش چو روشن ديدم آواز

سخن راهم بنامش کردم آغاز

هزاران شکر زان توفيق ساقي

حياتم نام شد ز آن باده باقي

ڪتاب جون سرخيون ۽ خاص خاص نالا ۽ الفاظ ڳاڙهي مس سان لکيل آهن ۽ خط متوسط ۽ صاف آهي.

 

مخدوم محمد مراد علي

(ولادت: 1190هه - 1776ع - وفات: 1272هه - 1855ع)

مخدوم محمد مراد علي ابن مخدوم محمد حسن، سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هڪ اهل دل عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جي ولادت سن1190هه ۾ ٿي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو ڀائيٽيو آهي. هن جي تعليم پنهنجي خاندان ۾ ٿي. هي خاندان اصل ۾ پاٽ جو مشهور صديقي خاندان آهي، جو مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي صاحب ڪتاب ”ڪشف الاسرار“ جو اولاد آهي، مخدوم عبدالواحد ڪبير جي ولادت 1047هه ۾ ٿي ۽ وفات سن1123هه ۾ ڪيائين. هن بزرگ سنڌ مان ڪهي برهانپور ۾ پهچي سندس ڏاڏي مسيح الاولياءَ جي روضي جي پڻ زيارت ڪئي هئي ۽ سلطان اونگزيب جو خاص مقرب هو ۽ کيس دهلي جي سلاطين کان ڏهه هزار بيگ زمين جاگير طور به مليل هئي.

مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي جو فرزند مخدوم دين محمد (1113هه-1192هه) خدا يار خان جو وزير ۽ مفتي ليکيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ سانگي اچي سيوهڻ ۾ سڪونت ڪيائين. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو، مخدوم دين محمد خاص دوست ۽ معتقد هو. ڀٽائي صاحب جڏهن به سيوهڻ ويندا هئا ته روايت آهي ته مخدوم دين محمد وٽ رهندا هئا. هن خاندان جو مؤسس اعليٰ شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي چيو وڃي ٿو، جنهن جي ولادت 803هه ۽ وفات 894هه ۾ ڪيائين. هن بزرگ جو مزار بکر ۾ ريل جي بند ويجهو ٻڌايو وڃي ٿو. حضرت مسيح الاولياءَ پنهنجي تاليف ڪتاب ”عين المعاني“ ۾ هن بزرگ جو نالو وٺندي آخر ۾ المعروف شهابي سهروردي لکن ٿا، ڇوته سنڌ ۾ اهو صديقي خاندان، حضرت شيخ الشيوخ ابو حفص عمر شيخ شهاب الدين سهروردي ڪبير (539-632هه) جو اولاد آهي.

ڪرسي نامه ۾ مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي جو نسب هن طرح ٻڌايو ويو آهي:

مفتي اسلام فخر الدين عبدالواحد ڪبير پاٽائي ابن مولانا محمود سهروردي (1019-1085) ابن شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي (1004-1070) ابن مخدوم حسن قاري (990-1082هه) ابن شهر الله رمضان (876-1017هه) ابن شيخ عيسيٰ مسيح الاولياءَ پاٽائي، برهناپوري (962-1031هه) ابن شيخ قاسم پاٽائي برهانپوري (962-981هه) ابن شيخ الاسلام يوسف سنڌي پاٽائي (910هه) ابن شيخ رڪن الدين (875-952هه) هن بزرگ جي قبر پاٽ ۾ مشهور آهي. ابن شيخ معروف پاٽائي، پاٽ جي چوڌاري جيڪا معروفاني ڍنڍ مشهور آهي، سا هن بزرگ جي نالي تي آهي. (844-907هه) ابن شيخ شهاب الدين سنڌي صديقي سهروردي (803-894هه) پاٽ جو قديم شهر هن بزرگ جو اڏايل هو ۽ قديم ڪتابن ۾ ”قبة الاسلام“ جي لقب سان مشهور آهي، اهو شهر اڳتي هلي ويران ٿي ويو. ان کان پوءِ انهيءَ قديم پاٽ جي نالي تي ٻيو ڳوٺ 1203هه ۾ آباد ڪيو ويو ۽ ان کي وڏيره محب النبي جي پاٽ سڏجي ٿو، ڇوته وڏيرو صاحب وڏو سخي انسان هو، مهمانن جي آڏو کاڌي جون پاٽيون ڀري رکندو هو.

مخدوم محمد حسن سيوهاڻي

(وفات: 1220هه-1805ع)

مخدوم محمد حسن، مٿئين مخدوم مراد علي جو پٽ آهي ۽ مخدوم دين محمد جو فرزند آهي. مخدوم دين محمد جي ٻئي فرزند مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي ڪوبه نرينه اولاد ڪونه هو. باقي مخدوم محمد حسن کي چڱو اولاد ٿيو ۽ سيوهڻ جو صديقي خاندان انهيءَ بزرگ جو اولاد آهي. چوڏهين صديءَ جو مشهور عالم ۽ ولي مخدوم بصر الدين پڻ مخدوم محمد حسن جي اولاد مان آهي. اهڙيءَ طرح هاڻوڪو مخدوم محمد مراد، جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم آهي، سو پڻ هن مخدوم محمد حسين جي اولاد مان آهي.

مخدوم بصر الدين جو نسب نامه هن طرح آهي: بصر الدين بن احمد بن محمد بن محمد عارف بن محمد حسن بن مخدوم دين محمد سيوهاڻي (وزير و مفتي حڪومت ڪلهوڙا)

اهڙيءَ طرح مخدوم نصير الدين جو نسب به مخدوم محمد حسن سان هن طرح ملي ٿو: مخدوم نصير الدين بن مدد الله بن عبدالواسع بن محمد حسن بن مخدوم دين محمد.

مخدوم محمد حسن پنهنجي والد دين محمد کان تعليم پرائي، پر علم ۾ هن جي ڀاءُ مخدوم عبدالواحد نعمان ثاني وڏي شهرت حاصل ڪئي. مخدوم محمد حسن جو نالو علمي دنيا ۾ ايڏو مشهور ٿي نه سگهيو، البته هن جي فرزند مخدوم محمد عارف سيوهاڻي علمي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو. هن بزرگ سن1220هه ۾ سندس ڀاءُ مخدوم عبدالواحد کان چار سال اڳ وفات ڪئي.


(1) اسان کي اها تفصيل بائيجي واري بزرگ جي تحرير مان ملي آهي، اهو بزرگ مولانا امروٽيءَ جو وڏو خليفو ۽ راشدي قادري طريقت جو پير هو.

(1) خط سيد حميد الدين بحوالہ سيرت سيد احمد شهيد ج اول ص304 ڇاپو ڪتاب منزل لاهور.

(1) ملفوظات سيد صبغة الله شاهه، قلمي، لائبريري سنڌي ادبي بورڊ.

(1) تواريخ عجيبہ 218-219 سيد صاحب جو پير صبغة الله شاهه ڏانهن خط، بحوالہ سيرت سيد احمد شهيد ص305.

(1) تڪملہ مقالات ص264-265.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com