شڪل و شباهت
پاڻ شڪل و شباهت ۾ ڏاڍا سهڻا، قد وچٿرو هين، بدن ۾ ڪجهه فربه
نظر ايندا هئا، سفيد رنگ، ڊگھي نڪ، وڏين اکين ۽
ويڪري سيني وارا هئا، سونهاري سفيد ۽ گهاٽي هين ۽
پنهنجي والد بزرگوار وانگر مٿو ڪوڙائيندا هئا ۽
لباس به ان جهڙو ئي اوڙهيندا هئا، رڳو عيد جي
موقعي تي دستار ٻڌندا هئا، نه ته مٿي تي هميشه
ڪلاه رکندا هئا.
ڳالهه ٿا ڪن ته ميان محمد حسن ننڍي عمر ۾ زرد رنگ جي لنگي مٿي
تي ٻڌي گهران نڪتا ته اوچتي سندن والد ميان صاحب
وڏو اتان اچي رهيو هو، صاحبزادي کي اهو لباس ڏسي
جلال ۾ اچي ويو، ميان محمد حسن کي پاڻ وٽ گهرائي
لٺ کڻي مٿس ڪاوڙ ڪندي فرمائڻ لڳو ته اسين هن خيال
۾ هئاسين ته تنهنجي ڪلهن تي فقيراڻي گودڙي رکون ۽
تون وري لنگيءَ ٻڌڻ ۾ ٻئي هار- سينگار ۾ لڳي ويو
آهين. ميان محمد حسن ان ڏينهن کان وٺي لنگي ڇڏي
مٿي تي اچي دستار ٻڌڻ لڳا، اتي هلي ان کي به عيد،
برات کان سواءِ ڇڏي ڏنائون ۽ مٿي تي ٽوپي رکندا
هئا.
تعليم و تربيت
ميان محمد حسن سموري تعليم درگاهه تي پرائي، ظاهري علم جا سڀ
ڪتاب پڙهيا هئائون. فارسيءَ جا ماهر هئا. مثنوي
رومي، ديوان حافظ مولانا سعديءَ جي بوستان ته کين
ڪا ياد هئي، جو گهڻو ڪري انهن ڪتابن جا داستان ۽
شعر ياد پڙهندا هئا، ڪڏهن خوش الحانيءَ سان به
پڙهندا هئا.
باطني فيض
روايت آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جيڪي ميان صاحب وڏن ميان
محمد ڪامل جا مريد هئا، سي ميان صاحب جي وفات کان
پوءِ ميان محمد حسن وٽ توجهه ۽ تلقين جا طالب ٿيا.
ميان محمد حسن جي توجهه ۽ تلقين جو مٿن اهو اثر
ٿيو جو گهڻي عقيدت مان فرمايائون ته الحمد لله جو
ميان محمد ڪامل جو فيض اڃان تائين هلندو اچي ٿو.
مولانا نور محمد صاحب شهداد ڪوٽي، جيڪي استاد العلماءَ مولانا
عبدالحليم ڪنڊويءَ جا شاگرد ۽ ڪٽباري صاحبزادن جا
استاد هئا، سي به ميان محمد حسن کان بيعت وٺي،
انهن جي مريدن جي حلقي ۾ داخل ٿيا ۽ ٿوري ئي وقت ۾
دل جي وڏي صفائي حاصل ڪيائون ۽ سلوڪ جي بلند مقام
تي پهچي ويا. مولانا عبدالغني واطار وارو ۽ ٻيا
ڪيترا وقت جا عالم فاضل حضرت ميان محمد حسن جي
خدمت ۾ پهچي سندن مريد ٿيا.
سڪر ۽ مستي
ميان محمد حسن جي اها عادت هئي جو درود جي گهڻي پڙهڻ ۽ ذڪر و
اذڪار ۾ ڪلمہ لا الٰہ الاالله ۾ زور سان ضرب هئڻ ۽
ٻين غيبي مشاهدن ڪري مٿن الاهي مستي ۽ سڪر جي حالت
رهندي هئي، ان حالت ۾ هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏانهن
ويندا هئا ۽ جي گهر ۾ هوندا هئا ته مسجد ڏانهن
هليا ايندا هئا، گهڻو ڪري عصا هٿ ۾ رکندا هئا ۽
ماڻهو ڊپ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي ويندا هئا، پر
ميان صاحب جو چوڻ هو ته ان وقت ڪنهن کي لٺ لڳي
ويئي ته ان کي سيني جي صفائي حاصل ٿيندي. روايت
آهي ته جن ماڻهن کي اها مار ملي ته اهي برابر
صفائي وارا ٿي ويا. انهيءَ مستيءَ ۾ ڪڏهن ته ڏينهن
ٻه سندن زبان ئي بيهجي ويندي هئي جو نماز ته
پڙهندا هئا ۽ ٻيو ڪم ڪار به ڪري سگهندا هئا، باقي
ڳالهائي نه سگهندا هئا ۽ ڪڏهن انهيءَ مستيءَ جي
حالت ۾ ٻين ٻولين ۾ پڻ ڳالهائيندا هئا. عالم الغيب
۽ واجب الوجود جو لفظ اچاري پوءِ اهڙن ٻين الفاظن
کي اچاريندا هئا، جو عالمن، فاضلن کي به خبر نه
پوندي هئي ”واه جي - واه جي“ لفظ گهڻو چوندا هئا.
اسم ”الله“ جي ضرب بلند آواز سان هڻندا هئا،
پيريءَ ۾ پاڻ مولود پڙهندا هئا ۽ ان وچ ۾ کين وجد
۽ مستيءَ جي حالت لاحق ٿي ويندي هئي، مجلس تي هڪ
قسم جي نورانيت ڇانئجي ويندي هئي.
اوراد، وظيفا
ميان محمد حسن جو اهو مقرر وظيفو هوندو هو جو صبح جي نماز کان
پوءِ چاشت جي نماز تائين مسجد شريف ۾ ويهي ذڪر،
مراقبي ۾ مشغول رهندا هئا ۽ پنجن ڏينهن جي مدت ۾
ٻين مشغولين هوندي به هڪ لک ڀيرا درود پڙهندا هئا،
ان وقت ۾ ايتري صلواة پڙهڻ اوليائن جو ڪم هوندو
آهي جو انهن لاءِ وقت وسيع ٿي پوندو آهي، نه ته
ٻيو ڪير ٿو پڙهي سگهي. ميان صاحب جون ڪرامتون سوين
لکيون ويون آهن، جن کي هت بيان نه ٿو ڪري سگهجي.
روايت آهي ته ميان محمد حسن موت کان هڪ سال اڳ پنهنجي قبر به
ٺهرائي ڇڏي هئي، ڪو کانئن پڇندو هو ته اها قبر
ڪنهن جي آهي ته ان کي پنهنجي قبر ٻڌائيندي زاروزار
روئڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. کين ذوالقعد مهيني
1274هه ۾ پيشاب جي بند ٿيڻ جو عارضو لاحق ٿيو. ٻه،
ٽي ڏينهن انهيءَ عارضي ۾ رهيا، طبيبن جي چوڻ تي
پاڻيءَ جي ڪونر ۾ ويٺا ۽ هن ڪافيءَکي اچاري رهيا
هئا:
اهنج، اوکيون عاشقن ڏي محب مهمانيون مڪا،
سور سختيون سالڪن ڏي، محب مهمانيون مڪا.
اها تڪليف سومر جي رات سخت وڌي ويئي ۽ بدن جي قوت ختم ٿي ويئي.
صاحبزادن ميان صاحب جي حالت ڏسي مولانا نور محمد
شهدادڪوٽي ۽ ٻين عقيدتمندن کي اندر گهرايو. ميان
محمد حسن صاحب، مولانا نور محمد کي ڏسي فرمايو ته
هي ڇوڪرا اوهان جا شاگرد آهن ۽ کين اوهان جي حوالي
ڪيو ويو. آخر سومر جي رات، اسر وقت ذوالقعد مهيني
جي ستاويهين تاريخ 1274هه ۾ هن دنيا مان رحلت ڪري
آخرت ڏانهن اسريا.
اولاد
ميان محمد حسن کي ٻه پٽ هئا: (1) ميان غلام حيدر (2) ميان تاج
محمد. هنن ٻنهين مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ
کان ڪنڊي ڳوٺ ۾ علم پرايو.
ميان محمد حسن جي ڪنهن معاصر، ان جي وصال جي تاريخ هن طرح چئي
آهي جا قبر جي سر تي نقش ٿيل آهي:
بود مقبولِ جناب کردگار
واقف سرنهان و آشکار
صحبت جسمانيان را ترک کرد
در صفِ روحانيان کرده قرار
عين فيض و شمس آفاقِ هديٰ
مظهرِ نورِ خدا عيسيٰ شعار
نور کامل را حسن باشد شار
موج را هم عين آن قلزم شمار
سرمد و هادي و مهدي زمان
باد در خلدِ برين هر پائدار
سال تاريخش چو جستم از خرد
گفت الف و دو صد و هفتار چار
مولانا مفتي محمد قاسم ياسيني به ميان صاحب جي تاريخ وصال تي هڪ
قطعه فرمايو آهي:
آن پير دل که بد رهبر هُدا
سر حلقه جماعت و ارباب اتقيا
شهباز اوج معرفت و مرد راهِ حق
سالک سبيل عشق الاهي و رهنما
نامه گراميش تو محمد حسن بدان
ثبت است بر جريده کبار اوليا
غوث زمان قطب جهان آن فريد عصر
هرگز نبوده است دمي از خدا جدا
تاريخ بيست هفتم ذوالقعده ما بعد
ليلِ دو شنبه بوقت سحر بود پرضيا
کان شيخ فضل و معرفت و زهد و اتقا
بربست رخت خويش ازين عالمِ فنا
از سال رحلتش چو نمودم تفحصي
سرمست جام عشق بتاريخ شدندا
1274هه
ميان محمد اڪرم ڪٽباري
(وفات: 1285هه - 1868ع)
ميان محمد اڪرم، مولانا محمد حيات ڪٽباريءَ جو فرزند ارجمند
آهي، جو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ان جي مسند
تي ويٺو. هيءُ بزرگ به ڏاڍو متقي ۽ پرهيزگار هو،
ماڻهن جا فيصلا نبيريندو هو ۽ ديني و روحاني خدمت
سان گڏ دنيا سان به منهن ڏيندو هو، زمينداري ڪم به
ڪندو هو. کيس سٺن گهوڙن ڌارڻ جو به شوق هو، ڪڏهن
شڪار به ڪندو هو پر ان هوندي به ديني مشغولين ۽
اورادن کي به قضا نه ڪندو هو. هن خاندان جو وظيفو
صبح کان پوءِ قرآن مجيد جي تلاوت ۽ دلائل الخيرات
جو ورد هوندو هو، ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيائين. مسجد
جي امامت به پاڻ ڪندو هو. سندس پرهيزگاريءَ جو
هيءُ عالم هو جو نماز لاءِ ڪپڙا الڳ رکندو هو.
ميان محمد اڪرم کي هڪ پٽ ميان عبدالرسول نالي هو، جو نهايت حسين
شڪل جو هو ۽ ننڍڙائپ کان ئي نيڪ هو، مولانا نور
محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ وٽ ڪنڊي شهر ۾ پڙهندو هو،
ان کان پوءِ ميان جي ڳوٺ ۾ مولانا قادر بخش وٽ
پڙهندو هو، جو اوچتي وبا وگهي 1278هه ۾ فوت ٿي
ويو، جوان پٽ جي موت ميان محمد اڪرم کي ڏاڍو غمگين
ڪري ڇڏيو، شوق و شڪار سڀ لڏي ويا. ميان محمد اڪرم
جون به گهڻيون ئي ڪرامتون ۽ ڪشف جون ڳالهيون مشهور
آهن. هي بزرگ 21 شعبان 1285هه ۾ پيچش جي عارضي ۾
لاولد ٿي فوت ٿيو ۽ ڪثبارن ۾ پنهنجي والد مولانا
محمد حيات جي قبر جي پشت ۾ دفن ٿيو. قطعه تاريخ
وفات، چيل مولانا مفتي محمد قاسم ياسيني:
بود محمد اکرم آن فياض عصر
سالک و پر فيض و صيقل ساز صدر
عارف و کامل و مکمل متقي
از فيوضش عالمي برگفت بهر
بود از شعبان تاريخ بيست ويک
ليل آدينه قريبِ وقت فجر
کز جهانِ بي بقا کرد ارتحال
سوئ دار باقي آن رخشنده بدر
عالمي از هجر او در درد و غم
ليک اور خوش زانکه صدها يافت اجر
سال تاريخش چو جستم از خرد
گفت مقبولِ ابد فياض دهر.
(عمدة الاٰثار)
مولانا عبدالڪريم گنجه
(1240هه کان اڳ جو فوت ٿيل)
مولانا عبدالڪريم فليجي جو ويٺل هو ۽ قوم جو گنجو هو. ميان صاحب
محمد ڪامل ڪٽباريءَ جو مريد هو. تعليم ڪٿي
ورتائين، ان جو پتو نه ٿو پئجي سگهي. استاد
العلماءَ مولانا عبدالحڪيم ڪنڊويءَ کان به وڏو ٿو
معلوم ٿئي، ڇوته مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو
همدرس مولانا محمد حيات ابن ميان محمد ڪامل ڪٽباري
ننڍائپ ۾ فارسي جا ڪتاب مولانا عبدالڪريم کان
پڙهيو هو. مولوي صاحب وڏي دل جي صفائي وارو هو،
کيس مڪاشفه جي ڏاڍي عظيم قوت هئي. سلوڪ سان گڏ
شاگردن کي ظاهري علم جو فيض به ڏيندو رهيو، مخدوم
عبدالواحد سيوهاڻي، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي ۽
مخدوم محمد عثمان مٽيارن واري جو معاصر هو. هن
بزرگ بابت ايترو احوال اسان کي ”عمدة الاٰثار في
تذکار اخبار الکٽبار“ ڪتاب تان مليو آهي ۽ وفات جو
سال به اندازي سان لکيو ويو آهي.
مولانا عبدالرئوف مراد ڳوٺي
(وفات 1255هه کان پوءِ)
مولانا عبدالرئوف، ميان محمد ڪامل ڪٽبارين جو ننڍو ڀاءُ هو،
پنهنجي اصلي وطن مراد ڳوٺ ۾ (گهوٽڪيءَ جي ويجهو)
رهندو هو. سندس مشغولي علم پڙهائڻ هئي، کيس ڳائو
مال تمام گهڻو هو ۽ زمينن جي پيدائش به گهڻي هئي،
جڏهن ته کيس آخرت سان لنو لڳل هئي، ان ڪري ڳائو
مال ۽ زمينن جي سموري پيدائش مان پنهنجو گذران
ڪڍي، باقي سڀ فقيرن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪندو هو. ميان
محمد ڪامل جو وڏو صاحبزادو ميان محمد ڄام جڏهن پڳ
تي ڀائرن کان ناراض ٿيو ته ڪڏهن گهوٽڪيءَ ۾
پنهنجي هن چاچي مولوي عبدالرئوف وٽ رهندو هو ۽
ساڻس زمين جي ڪم ۾ شريڪ ٿيندو هو. مولانا
عبدالرئوف ڪٿي پڙهيو، ان جو پتو نه ٿو پئي، پر
اندازو آهي ته پنهنجي ڀاءُ ميان محمد ڪامل سان
گڏجي گهوٽڪيءَ ۾ جيلاني پيرن صاحبن جي مدرسي ۾
خليفي صاحبڏني قوم لنجار وٽ پڙهيو هوندو، اهو
لنجار بزرگ وري هن ٻن بزرگ ڀائرن جي چاچي مولانا
محمد شريف وٽ گهوٽڪيءَ ۾ پڙهيو هيو. مولانا
عبدالرئوف 1265هه ڌاري لاولد رهي گذاري ويو ۽
پنهنجي وطن ۾ مدفون ٿيو، سندس اهليه مائي ساران
نالي نيڪ بيبي هئي، اها مڙس جي وفات بعد ڪٽبارين
هلي وئي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
حافظ محمد حيات
(وفات 1239هه کان اڳ)
حافظ محمد حيات، ميان محمد ڪامل ڪٽباريءَ جو وڏو ڀاءُ هو، قرآن
پاڪ جو حافظ ۽ وڏو پرهيزگار هو. دنيا جي لاڳاپن
کان دور هوندو هو. منهن ڍڪي هلندو هو، ساري عمر
شادي نه ڪيائين ۽ هميشه عبادت ۾ گذاريائين.
گهوٽڪيءَ ۾ وفات ڪيائين ۽ موسيٰ شاهه جي خانقاه ۾
اتر، اوڀر واري ڪنڊ ۾ مدفون آهي. هن جي وفات جي
صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. سندس ننڍي ڀاءُ
ميان محمد ڪامل جي وفات سن1239هه ۾ ٿي هئي ۽ هي ان
کان اڳ گذاري ويو هو.
ميان غلام حيدر ڪٽباري
(ولادت: 1236هه وفات: 1300هه)
مولانا ميان غلام حيدر، ميان محمد حسن ڪٽباريءَ جو وڏو فرزند
آهي. سندس ولادت 19 ذوالقعد سن1236هه ۾ ٿي. بزرگي
۽ طريقت جي تند، تنوار ته کيس ورثي ۾ ملي هئي.
ميان محمد حسن صاحب پنهنجي ٻنهين فرزندن ميان غلام
حيدر ۽ ميان تاج محمد جي تعليم جو خاص اهتمام ڪيو
هو، کين ان وقت جي فياض عالم ۽ محقق بزرگ مولانا
نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. مولانا
نور محمد صاحب ان دور ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾
پڙهائيندا هئا ۽ وٽن پري پري جا شاگرد فيض
پرائيندا هئا. ميان غلام حيدر منقول ۽ معقول جا
سمورا ڪتاب اتي پڙهيا، البت شروع ۾ ابتدائي ڪتاب
شرح مائة تائين پنهنجي چاچي بزرگوار مولانا محمد
حيات کان پڙهيائون ان کان پوءِ ڪنڊي ويا. باطني
علم جي فضيلت پنهنجي والد بزرگوار کان لڌائون.
سندن محنت ۽ مجاهدي جون گهڻيون ئي ڳالهيون ڪيون
وڃن ٿيون، جيئن ته قادري طريقي ۾ ٽي ڏينهن متواتر
روزو رکيو ويندو آهي، پاڻ اهو به رکندا هئا ۽ ڪڏهن
ته ان ۾ ست ڏينهن به گذري ويندا هين.
ميان غلام حيدر صاحب وڏي جذب ۽ عشق الاهي جا صاحب هئا، مولودن
يا سلوڪ جي ڪافين ٻڌندي وجد ۾ اچي ويندا هئا.
ڏاڍو روئندا هئا، ڪڏهن ته جوش ۾ اٿي کڙا ٿيندا
هئا ۽ گول ڦرندي رقص ڪندا هئا ۽ پاڻ به مولود ۽
ڪافيون چوندا هئا. فنا في الرسول جو مرتبو حاصل
هين، جنهن کي حضور محمدي سڏجي ٿو. آنحضرت صلي الله
عليہ وسلم جي اشتياق ۾ گهڻو ڪري آهون ۽ دانهون
ڪندا رهندا هئا. 1294هه - 1295هه ۾ قادري طريقي کي
اهو ته زور وٺايائون جو سنڌ، بلوچستان مان پري پري
کان سلوڪ جا سڪايل ٽوليون ٽوليون ٿي ڪٽبارن ۾
ايندا هئا ۽ کانئن فيض وٺي واپس ويندا هئا، ميان
صاحب کليو کلايو فرمائيندا هئا ته هاڻي مون کي هنن
ٻن سالن 1294 ۽ 1295هه ۾ عام تلقين جو حڪم ٿيو
آهي، انهن ٻن سالن ۾ باطني فيض جو دريا وهائي
ڇڏيائون، هنن سالن کان پوءِ 1296هه ۽ 1297هه ۾ وري
ايڏو ته صبر ۽ سڪوت اختيار ڪيائون جو گهڻو ڪري گهر
کان ٻاهر نه نڪرندا هئا. هنن ٻن سالن کان پوءِ وري
ذڪر ۽ تلقين ۾ مشغول ٿي ويا، اهي ئي مولود ڪافيون
۽ چوندا هئا ۽ حبيب عربيءَ جي عشق ۾ بيتاب هئا.
کين آنحضرت جي نالي مبارڪ جو تصور هر وقت رهندو هو
۽ اها حالت ڏسي مولانا نور محمد ڪنڊويءَ
شهدادڪوٽيءَ کان مسئلو پڇيائون. مولانا نور محمد
صاحب فرمايو ته اها خيالي ڳالهه آهي، قضا حاجت ۾
اهڙي تصور کان منع نه آهي، ميان غلام حيدر فرمايو
ته هاڻي ان جو بار اوهان تي آهي.
ميان غلام حيدر جي ڪشف ۽ ڪرامتن جا وڏا قصا بيان ڪيا ويندا آهن،
استاذ العلماءَ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي، سندن
خاص خليفه چيا وڃن ٿا، هن راقم حقير جو والد
بزرگوار حافظ محمود عليہ الرحمة پڻ هن طريقي ۾
داخل هو ۽ کين مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ کان
فيض مليو هو. انهيءَ مناسبت ڪري ميان غلام حيدر
صاحب جو فرزند ميان داد محمد ڪٽباري اسان جي ڳوٺ ۾
به گهڻائي ڀيرا آيو هو، جنهن جي مون ننڍائپ ۾
زيارت ڪئي هئي ۽ اڃان تائين سندن سونهاري صورت
منهنجي اکين آڏو ڦري رهي آهي.
ميان غلام حيدر صاحب کي تيرهين صديءَ جي آخري سال ۾ سيني جي کٻي
پاسي کان هڪ ڦرڙي نڪتي هئي، آخر ۾ سندن پيشاب بند
ٿي ويو ۽ سومر ڏينهن، ٻپهريءَ جي وقت تاريخ 24
رمضان مبارڪ سن1300هه ۾ هن دنيا کان رحلت فرمائي
ويا.
قطعه تاريخ وفات ميان غلام حيدر تاليف ميان عبدالغفور همايوني:
عارف کامل ولي حق کرامت را ستون
واصل ذاتِ خدائي بي مثال و بي چگون
نقطه توحيد قطبِ آسمان
اعتلاءَ مالک ملک فلا خوف ولاهم يحزنون
عالمِ سر خفي مع مار شغلِ با خدا
باني قصرِ تصوف از همہ آفت مصون
رافعِ رايات تلقين، ماحي ظلمات شرک
آنکه از علمِ يقينش گشت شک هرجا نگون
نام آن شيخِ طريق حق غلام حيدر است
آنکه چون حيدر بسوئي حق جهان را رهنمون
بيست و چارم ماه صوم روز دو شنبه بظهر
رحلتِ بگزيد رو آورد زينجا در کمون
هر که بشنيد اين خبر چه از ملائک چه بشر
کرد واويلا و گفت انا اليہ راجعون
از غروبِ آفتابش رنگ عالم شد سياه-
طالبان اهتدا را سر بمانده وارگون
سال تاريخش بجستم از خرد في الفور گفت
منقطع گرديد پائي شغل از دنيائي دون
1300هه
قطعه تاريخ وفات ميان غلام حيدر تاليف مولانا محمد قاسم ياسيني
رحه:
غلام حيدر آن عارف که تاجِ کاملان بوده
امام و عالم و عابد تقي شيخِ زمان بوده
ز ارشاد و زتلقينش جهاني زنده دل گشته
قسم بالله که آن فياض تاجِ و اصلان بوده
چو بوئي اين جهان آمد کريہ اندر مشامِ او
ببوئي باغ جنت عازم صادق جنان بوده
بوقتِ ظهر دو شنبه ز رمضان بيست و چارم بود
که حينِ وصل آن سرتاج خيلي سالکان بوده
ز دارِ بي بقا رفت و سوئي فردوس رو آورد
دران دم پر زغم جن و ملائک و مردمان بوده
چو سالِ وصل آن عارف معارف راز دل جستم
بتاريخش بگفتا مصدرِ فيض جهان بوده
1300هه
(عمدة الہٰ ثار)
مخدوم احمدي (کهڙن وارا)
(وفات: 1255هه کان پوءِ)
مخدوم احمدي پنهنجي حقيقي ڀاءُ مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ
سن1171هه ۾ خلافت جي مسند تي ويٺو، هي ڀلارو مخدوم
عالم با عمل هو، ظاهري ۽ باطني فيض جو مالڪ هو.
سنت نبويءَ تي عمل ڪرڻ وارو بزرگ هو. حضرت مخدوم
عبدالرحمٰن شهيد جي جيڪا باطني امانت هئي جا شهادت
وقت مخدوم صاحب جي روحانيت کان پير موسيٰ شاه
جيلاني لوءِ (گهوٽڪي) وارن کي ملي هئي، سا ڦري
گهري مخدوم احمديءَ کي ملي هئي، پاڻ قادري طريقي
جا مرشد هئا. پيغمبر عليہ السلام جي عشق و محبت ۾
فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا مولود به چيا اٿن،
سندن ڪرامتون ته اڪيچار چيون وڃن ٿيون، پر سندن سڀ
کان مشهور ڪرامت اها ليکي ويندي آهي ته وضوءَ جي
بچيل پاڻيءَ کي کڻي بيمار کي پياريو ويندو هو ته
اهو چڱو ڀلو ٿي پوندو هو. وقت جا بادشاه به سندن
معتقد هئا. دعا طلبيءَ لاءِ خط لکندا هئا ۽ وٽن
ايندا هئا.
احمد شاه بادشاهه، مخدوم احمدي رحه جي زماني ۾ اتي آيا هئا،
غازين جو لشڪر به ساڻن گڏ هو. دهلي وڃي رهيا هئا،
تڏهن ملازمن ۽ غازين لاءِ هڪ فرمان هنن لفظن ۾
لکيو هئائون ته اهي جڏهن کهڙن کان لنگهن ته مخدوم
ميان محمد، ميان احمد، مخدوم عبدالله ۽ ٻين متعلق
ماڻهن سان ڪابه ڇيڇڙ ڇاڙ نه ڪن، ڇوته اهي دين متين
جا عالم ۽ يقين واري واٽ جا واٽهڙو آهن. سندن دعا
مقبول ٿيندي آهي. هن بابت سخت تاڪيد ڪيو وڃي ٿو.
هن جي ڪتابت 21 مهيني محرم سن1167هه ۾ ٿي ۽ هن تي
بادشاهه جي مهر لڳل هئي، جنهن تي هي اکر لکيل هئا:
”هوالفتاح بادشاه احمد شاه در دران.“
اها انهن جي پهرين تحرير هئي، هن کان پوءِ فقيرن جي لنگر لاءِ
مرزاپور ۽ ان جي آس پاس ضلع شڪارپور ۾ ڪيترين
جاين جاگيرن ڏيڻ لاءِ ان جا پروانا لکيل آهن.
حضرت مخدوم احمديءَ جي دور خلافت ۾ به سن1172هه ۾
هڪ فرمان لکي پنهنجي زيردستن ڏانهن موڪليائون ته
ديهه مرزاپور جيڪا مخدوم ۽ شيخ احمديءَ جي حوالي
آهي، سا انهن جي حوالي رهي، ان ديهه ۾ جيڪي به
مخدوم صاحب جا خادم ۽ اتي جا ساڪن آهن، تن کان
مقرر حساب کان وڌيڪ کين تنگ نه ڪيو وڃي. اهي بزرگن
جو اولاد آهن ۽ ان جا خيرخواه آهن. هن تي 16 صفر
سن1172هه تاريخ لکيل آهي.
هن کان پوءِ بادشاهه موصوف ٽيون فرمان سن1175هه ۾ شڪارپور جي
موجوده ۽ پوءِ ايندڙ افسرن ڏانهن هن مضمون جو لکڻ
فرمايو ته هڪ روپيه عشر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
وصول نه ڪيو وڃي، اسان اهل الله کان مدد جا طالب
آهيون، تنهن ڪري حڪم ٿو ڪجي ته مقرر رقم کان وڌيڪ
ڪجهه به وصول نه ڪيو وڃي، نه ته کين اها سزا ڏني
ويندي، جنهن مان ٻيا سبق پرائيندا. هيءُ فرمان 12
ربيع الثاني سن1175هه ۾ لکيو ويو.
مخدوم احمدي رحه، احمد شاه بادشاه درانيءَ ڏانهن هڪ خط لکيو،
جنهن ۾ ان کان اها گهر ڪئي وئي هئي ته اسلام جا
احڪام جاري ڪيا وڃن، ان جي جواب ۾ بادشاه پنهنجي
شاهي مهر سان شڪارپور جي عالمن ۽ حاڪمن ڏانهن
فرمان موڪليو ۽ مخدوم صاحب ڏانهن الڳ خط لکي ان
فرمان کان کين واقف ڪيو ويو ۽ فرمان جو مضمون هن
طرح هو:
شڪارپور جا هاڻوڪا يا پوءِ ايندڙ حاڪم، بادشاهي فرمان جي عنايت
سان سرفراز ٿي ڄاڻن ته شڪارپور جي ذمي هندن بابت
اهو فرمان هو ته جي اسلامي طريقي تي ڪنهن کان ڪلمو
شريف صادر ٿئي ته ان بابت ڪوبه عالم ڪوتاهي نه ڪري
۽ نڪي پاڻ ڪو دخل ڏئي، پر اهڙو ڪوبه مقدمو پيش اچي
ته اهو سرڪار جي ڌيان تي آندو وڃي. ان حڪم ڪري
ڪيترا اسلامي مقدما فيصل ٿيڻ کان رهجي ويا هئا ۽
انهن فيصلن جي رهڻ ڪري دين ۾ سستي ۽ ڪمزوري پيدا
ٿي رهي آهي ۽ ڪافر دلير ٿي رهيا آهن. تنهن ڪري اڄ
هيءُ فرمان جاري ٿئي ٿو، جنهن کي خيال سان ٻڌندا
ته جيڪڏهن هندن مان اسلامي طريقي تي ڪا اهڙي ڳالهه
ٿي پئي ته ان ولايت ۽ ان جي آس پاس ۾ جيڪي صالح،
ديندار ۽ بي غرض هجن تن سڀني کي گڏ ڪري، متداول
ڪتابن مان مسئلي جي تحقيق ڪندا ۽ دليل وٺندا، پوءِ
جي ڪتاب الاهي ۽ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي
شريعت، معتبر ۽ صحيح روايتن جي خيال کان ان ذمي جو
اسلام ثابت ٿئي ته تحقيق ڪري ان تي اسلام جو حڪم
جاري ڪندا ته جيئن ڪوبه اسلامي مقدمو رهجي نه وڃي.
هن بابت چڱي تحقيق ڪندا ته جيئن ڪنهن سان زور ۽
زبردستي نه ٿئي ۽ شريعت جي خلاف ڪا حرڪت نه ٿئي.
تاريخ 7 مهينو ربيع الاول سن1178هه.
مخدوم صاحب سڀني شرعي ڳالهين ۾ عالمن جا اڳواڻ هوندا هئا ۽ شرعي
فيصلن ۾ سندن تحقيق حرف آخر جي حيثيت رکندي هئي.
اها صورت ايستائين هلندي آئي، جيستائين احمد شاه
بادشاه جو دور هو. اهو دور سن1180هه بادشاهه موصوف
جي هن دنيا مان لاڏاڻي ڪري ختم ٿي ويو. ان کان
پوءِ سندن وڏو پٽ تيمور شاه تخت تي ويٺو سرڪار
تيمور طرفان نواب غلام صديق کي هن پاسي جو حاڪم
بنايو ويو. ان وٽ هڪ پوڙهي هندو عورت جو معاملو
پيش ٿيو، جا ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي هئي. هيٺين
ڪامورن ۽ ڪارندن جي سفارش تي پوڙهي مائي کي عالمن
۽ مخدوم صاحب جي قضا خانه ڏانهن نه موڪليو ويو، پر
ان کي هندن جي حوالي ڪيو ويو. مخدوم احمدي صاحب
اهو سڄو احوال شاه تيمور ڏانهن لکيو ۽ کانئس پوڙهي
مائي جي واپسي جي گهر ڪيائين. ان تي خان غلام صديق
ڏانهن شاهي فرمان جاري ٿيو ۽کانئس سبب پڇيو ويو ته
ڇو ان پوڙهيءَ کي دارالشريعت ڏانهن نه موڪليو ويو،
هاڻي ان کي عالمن وٽ اماڻيو وڃي، جيڪي اهي شريعت
جو فيصلو ٻڌائن ته ان جي تعميل ۾ ڪوبه رک رکاءُ نه
ڪن. هي فرمان 9 ربيع الثاني سن1192هه ۾ لکيو ويو.
ان قسم جي لکپڙهه تذڪره مخاديم کهڙه ۾ گهڻي آيل
آهي.
وفات
ڳالهه ٿا ڪن ته شڪارپور ۾ هڪ هندو جي مسلمان ٿيڻ جو واقعو ٿيو
هو، جنهن لاءِ مخدوم صاحب پاڻ شڪارپور آيا هئا.
افغانن هندن جي طرفداري ڪئي هئي. هن سفر ۾ مخدوم
صاحب کي گهڻي سواريءَ ڪرڻ ڪري رڪاب جو پير تي ٿورو
زخم ٿي پيو هو. هڪ حجام طبيب گهرايو ويو هو، اهو
مرهم پٽي ڪندو هو. شڪارپور جي هندن، ان حجام کي
لالچ ڏيئي مخدوم صاحب کي مارائڻ جي سازش سٽي. ان
بدبخت طبيب دوا جي جاءِ تي زهر وجهي پٽي ٻڌي،
نتيجو اهو نڪتو جو زهر اندر پهچي ويو. اتان دريا
جي رستي هليا، ٽن ڏينهن ۾ کهڙن ۾ پهچي ويا ۽
پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿي شهادت جو جام نوش
فرمايائون. سندن تاريخ وفات 1203هه آهي.
قطعه تاريخ وفات
آه از قوتِ مکمل مقتدا
حامي دين رسل امجدي
آمر معروف بوده خلق را
آمر نيکي و ناهي از بدي
پيش او يکسان بدي در امر شرع
چه پياده چه امير هفصدي
آن ولي چون زين جهان بي بقا
رفت سوئي خلد دارِ سرمدي
سال تاريخش بجستم از خرد
گفت بوده پير قاضي احمدي
1203هه
مخدوم صاحب جي تاريخ وفات ”کان وليا ملجا الضعفاءَ“ مان به نڪري
ٿي.
1203هه
مخدوم محمد عاقل
(وفات: 1232هه)
مخدوم محمد عاقل مخدوم احمدي صاحب کهڙن وارن جا فرزند دلبند
آهن. پنهنجي والد مخدوم احمدي جي وفات کان پوءِ
سن1203هه ۾ مسند خلافت تي ويٺا ۽ فيض باطنيءَ جي
اڃايلن کي فيض ڏيڻ ۽ اسلامي احڪامن کي جاري رکڻ ۾
لڳي ويا. مخدوم محمد عاقل کي اسلامي فيصلن کي
نبيرڻ لاءِ تيمور شاه بادشاهه وٽان هڪ خاص پروانو
۽ خط پهتو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اسان کي اوهان
جي خط مان پنهنجي احوال ۽ مخدوم احمديءَ جي وفات
کان پوءِ رهيل مقدمن بابت احوال معلوم ٿيو. موت هڪ
اهڙي شيءِ آهي، جنهن کان ڪوبه امير هجي يا غريب
بچي نه ٿو سگهي، ان ڪري اوهين پنهنجي والد جي وفات
تي صابر رهندا ۽ مخدوم احمدي مرحوم جي دور وانگر
اوهين سمورا شرعي فيصلا نبيريندا رهندا ۽ حقدارن
کي حق پهچائيندا رهندا. صوبه سنڌ جا سڀ حاڪم ۽
ماڻهو زبدة السالڪين ميان محمد عاقل کي اتي جو
مستقل قاضي ڄاڻي سڀني شرعي ڳالهين ۾ ان ڏانهن رجوع
ڪندا شرعي ڳالهين کان ٻاهر نه ويندا. هي فرمان 22
صفر سن1204هه ۾ لکيو ويو.
مخدوم محمد عاقل کي شريعت جي احڪامن کي جاري ڪرڻ ۽ بدعتن جي پاڙ
پٽڻ جو سخت اونو هوندو هو، سندن زماني ۾ ڪافرن تي
ايڏو رعب ۽ دٻدٻو ويٺل هو جو کهڙن جي چوگرد سؤ
ڪوهن تائين ڪافر ۽ بدعتي ماڻهو کانئن ڪنبدا هئا،
جڏهن پاڻ سفر لاءِ تياري ڪندا هئا ته شڪارپور ۽
حيدرآباد جا ڪافر ڊپ مان حاڪمن کي چئي قلعي جا
دروازا بند ڪرائي ڇڏيندا هئا، سندن ايڏو ته رعب هو
جو ڪنهن کي به انهن جي سامهون ڪجهه ڪڇڻ جي مجال نه
هوندي هئي، زبان مان جو ڪجهه فرمائيندا هئا ته ان
جو ٺهه پهه اثر ظاهر ٿيندو هو. جوڌپور ۽ بيڪانير
جا راجا سندن خدمت ۾ سوکڙيون موڪليندا هئا ۽ دعا
گهرائيندا هئا. شاه تيمور ته سندن وڏو معتقد هو.
مخدوم صاحب شرعي مقدمن ۾ ايتري جلدي ڪندا هئا جو جتي به پائي نه
سگهندا هئا، اها به ٻيا کڻي ايندا هئا. ان باري ۾
ڪنهن جو به رک رکاءُ نه ڪندا هئا. ڳالهه ٿا ڪن ته
مير سهراب خان ٽالپر جي زماني ۾ واڌومل ماليات جو
وڏو مختيارڪار هو، پاڻ کان گهٽ نوڪر کي چيائين ته
”اسان ۽ اوهين ڀائر آهيون.“ بس پوءِ ته معاملو وڌي
ويو. مخدوم صاحب محمد عاقل ان جي مير صاحب کان گهر
ڪئي ته هن مسلمان کي ڀاءُ سڏيو آهي، حقيقي ڀائپي
ته نه آهي، تنهن ڪري اها دين جي ڀائپي ٿيندي. مير
صاحب واڌومل کي مخدوم محمد عاقل جي حوالي ڪيو ۽ ان
سان گڏ ان جو صغير پٽ به هو. مخدوم محمد عاقل صاحب
ٻنهين کي مسلمان ڪري هاٿيءَ تي ويهاري خيرپور شهر
جو سير ڪرايو ۽ ان جي سنت به ڪرائي ۽ تعلقه قنبر
جي ڇڄڙن ڳوٺ ۾ به ستاويهن ڪافرن کي مسلمان ڪيائون
۽ انهن جي ختني جي سنت بجا آندائون.
مير سهراب خان جو ڀاءُ مير علي خان پنهنجي ٽنڊي ۾ ڪافرن جي
حمايت ڪندو هو. مخدوم محمد عاقل صاحب وڏي جماعت
وٺي راڻي پور پهتو، هوڏانهن مير علي خان به لشڪر
ساڻ ڪري جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. راڻيپور جي صالح
شاه ابن پير احمد شاه بغدادي خدا جو نالو، واسطو
ڏئي رومال ۽ تسبيح ڳچيءَ ۾ ڪري مخدوم صاحب کي
لڙائيءَ کان موڙيو، چي هي مير سهراب خان جو ڀاءُ
آهي، هن سان وڙهڻ چڱو نه آهي. اڳ ۾ وڏي مير صاحب
سهراب خان کي اطلاع ڏجي. مخدوم صاحب، پير صاحب کي
مهت ڏنو، الله جو نالو ٻڌي موٽي ويو ۽ پير صاحب کي
چيائين ته اي پير صاحب! اوهان اسانکي بهشت جي
ٻيڙيءَ تان لاٿو آهي، پڪل کاڌو اتي ڇڏي پوئتي
موٽيا. مير علي پوءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا، جنهن جو
تفصيل تذڪره مخاديم کهڙا ۾ ڏسڻ گهرجي.
مخدوم محمد عاقل صاحب لاءِ چيو ويو آهي ته کين پيغمبر عليہ
السلام جو حضور حاصل هو، رات جاڳڻ ۽ عبادت ڪرڻ ۾
ته ڪوبه ساڻن پڄي نه سگهندو هو. سيميا، هيميا،
ڪيميا ۽ ريميا جهڙن علمن کي به ڄاڻندا هئا. ڪاغذ
جا رپيا ٺاهي مصلي هيٺان رکندا هئا، پوءِ جو کڻي
انهن کي هٿ لائيندا هئا ته اهي رپيا جڙي پوندا هئا
۽ ڪيميا جي باري ۾ چوندا هئا ته اهو حلال جو
پورهيو آهي، ان مان جيڪي هٿ ايندو، تنهن کي هن طرح
اسلام جي اشاعت ۾ ڪم آڻينداسين جو جوڌپور ۽
بيڪانير هلي اسلام جي تبليغ ڪنداسون. خان صاحب
نصير خان بروهي، مخدوم احمدي صاحب ۽ ان جي فرزند
مخدوم محمد عاقل کي سلطان جو لقب ڏنو هو ۽ لکيو
هئائين ته جڏهن سلطان، راجائن ڏانهن تياري ڪري ته
هن ڪوٽوال کي به پاڻ سان وٺيو وڃي. ان کان سواءِ
شاه محمود، شاه شجاع الملڪ ۽ ٻين بادشاهن کي مخدوم
صاحب سان وڏي عقيدتمندي هوندي هئي ۽ خط و ڪتابت جو
سلسلو جاري هوندو هو.
شاه شجاع الملڪ سن1222هه ۾ مخدوم صاحب ڏانهن انهن جي خط جي جواب
۾ لکيو هو، جنهن ۾ وڏي عقيدت جو اظهار ڪيو ويو
آهي. سن1222هه کان پوءِ سگهوئي شاه شجاع الملڪ سنڌ
۾ آيو، ماڻهو خوف کان ڀڄي ويا. ان دور ۾ حيدرآباد
جو حاڪم مير ڪرم علي خان سردار هو ۽ خيرپور ۾ مير
سهراب خان ٽالپر هو. نيٺ سڀني اميرن، مخدوم محمد
عاقل کي روهڙي جي ڀر ۾ هڪ پتڻ وٽ گهرايو، اهي سڀ
حاڪم اتي گڏ ٿيل هئا، مخدوم صاحب جڏهن اتي پهتا ته
سڀني حاڪمن کين عرض ڪيو ته سنڌ جي ٻين پيرن، فقيرن
سان گڏجي شاه شجاع الملڪ کي وڃي سمجهايو ته هتان
واپس هليو وڃي، اهي ٻيا پير صاحب هيٺيان هئا:
پير سيد محمد راشد ولد پير سيد محمد بقا، جو مخدومن جو شاگرد
هو، ٻيو پير محمد صالح شاه جيلاني ابن پير احمد
شاه بغدادي جو مخدوم صاحب جو وڏو مددگار هوندو هو.
مخدوم صاحب سان انهن بادشاهن کي اصل کان عقيدتمندي هوندي هئي،
ان ڪري انهن جو وڃڻ نهايت ضرروري هو، ٻئي پاسي
مخدوم محمد عاقل نابري واري ويٺو، چي اڳ ۾ پير
محمد راشد کان مون کي شرعي پلؤ وٺي ڏيو. پير صاحب
روضي ڌڻي مخدومن وٽ کهڙن ۾ سالن جا سال پڙهيو هو،
انهن ٻنهينءَ درگاهن جا هڪ ٻئي سان سٺا لاڳاپا
هئا، موتي، فوتي ۽ شادين تي پڻ اچ وڃ جو رستو
هوندو هين، پر مخدوم صاحب کي شريعت جو سخت اونو
هوندو هو، پير صاحب جن چئن زالن کان وڌيڪ عورتن
سان شادي ڪئي هئي، ان ڳالهه تي مخدوم محمد عاقل
ناراض هئا. ڪوبه مريد ۽ معتقد پير صاحب کي پنهنجي
ڇوڪريءَ جي شاديءَ لاءِ آڇ ڪندو هو ته ان کي قبول
ڪندا هئا ۽ ڳالهه ٿا ڪن ته سندن ويهه زالون هيون.
ان ڳالهه تي مخدوم محمد عاقل صاحب اڳ به سنڌ جي
حاڪمن جو ڌيان ڇڪايو هو، پر ڪنهن به حاڪم کي اها
جراءَت نه ٿيندي هئي، ڇوته وڏا ڏا بلوچ امير، پير
صاحب جن جا مريد هئا، ڪنهن وڏي فساد جو انديشو هو.
مخدوم صاحب کي عرض ڪيو ويو ته اهي پلؤ جون ڳالهيون
پوءِ ٿينديون، اڳ ۾ ٻاهرين آفت کي ته منهن ڏجي،
مخدوم صاحب جو وڃڻ به ضروري هو، ڇوته خراسان جي
بادشاهن کي مخدوم صاحب ئي موٽائي ٿي سگهيو.
نيٺ مخدوم صاحب، پيرن صاحبن، ٻين فقيرن ۽ درويشن کي ساڻ ڪري،
سکر وڃي بادشاهه جا سلامي ٿيا، بادشاهه سان
ڳالهائڻ سان سارو بار مخدوم صاحب تي هو. سنڌ جي
حاڪمن جي سڄي ڳالهه بادشاهه جي سامهون رکي ويئي.
بادشاهه سڀ ڳالهيون قبول ڪيون. مخدوم صاحب کي وڏي
عزت ۽ احترام سان مهت ڏئي واپس ڪيائين. مير لقمان
خان ٽالپر ۽ نواب ولي محمد خان لغاري کي ايلچي
بڻائي واپس ٿيا ۽ اچي سنڌ جي ٽالپر حاڪمن کي مبارڪ
ڏنائون. سنڌ جي ماڻهن ۾ هن واقعي ڪري آرام اچي ويو
۽ سک جو ساهه کنيائون. بادشاهه شجاع الملڪ جي
واپسيءَ تي تاريخ هن مصرع مان نڪري ٿي:
”از لبِ دريا بکهر باز گشت“
1219هه
هن واقعي کان پوءِ حضرت پير محمد راشد صاحب جن پاڻ مخدوم صاحب
وٽ شرعي پلؤ ڏيڻ آيا ۽ اچي کين حقيقت حال کان واقف
ڪيائون ته آئون حضرت امام حسين جي سنت، شرعي حيلي
سان ادا ڪري رهيو آهيان، پنجين عورت سان تڏهن نڪاح
ڪندو آهيان، جڏهن ان کان اڳ چوٿينءَ کي طلاق ڏيندو
آهيان، هن ڳالهه لاءِ شاهد به موجود هئا. هن کان
پوءِ مخدوم صاحب جن، پير صاحب کي ڀاڪر پاتو، هٿ
ملايائون ۽ سارو جهڳڙو ختم ٿي ويو.
مخدوم محمد عاقل صاحب جو شريعت سان عشق ۽ ان جي احڪامن جي
پابندي جو ٻيو قصو ۽ واقعو اهو بيان ڪيو ويو آهي
ته سندن دور ۾ درازن شهر ۾ فاروقي فقيرن جي گاديءَ
تي ميان قبول محمد سخي سرفراز هئا. سخي صاحب معرفت
۽ شريعت جو مالڪ هو، ڏينهن رات موليٰ جي ذڪر ۽
ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. مولانا روم جي
مثنويءَ کي پڙهندو رهندو هو. سخا ۽ ڪرم ۾ ساڻس
ڪوبه همسري نه ڪري سگهندو هو، جيڪي وٽس ايندو هو،
تنهن کي الله جي واٽ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هو. ميان
سچيڏنو، جيڪو سندس عزيز هو، تنهن تي وري مولا جو
عشق غالب هو ۽ پنهنجي حال کان بيخيال رهندو هو.
هڪ روايت اها به آهي ته مخدوم محڪم الدين سيراني
جو پنهنجي وقت جو وڏو ولي هو ۽ مجرد رهي سير و سفر
ڪندو رهندو هو. اتفاق سان درازن جي سڙڪ کان
لانگهائو ٿيو ۽ کيس ميان سچيڏنو ملي ويو. مخدوم
محڪم الدين، هڪ ٿڦڙ ميان سچيڏني کي وهائي ڪڍي، چي
هن جي رياضت لاءِ اها هڪ ئي لپاٽ ڪافي آهي. پوءِ
ته سچل فقير رندي مشرب ۾ رنڱجي ويو، ڏينهن رات
ڪافين، غزلن جي جوڙڻ ۽ سماع ۾ غرق هوندو هو. فقيري
واري مستي مٿس غالب هوندي هئي، کيس هوش و حواس گهٽ
هوندو هو. فقير سچيڏنو جي عالمن ۽ درويشن سان به
گهڻي صحبت هوندي هئي. ڪيترا ڀيرا مخدوم محمد عاقل
صاحب جن وٽ پڻ ايندو ويندو هو.
روايت آهي ته مخدوم صاحب سان، سندس ڀاءُ مخدوم محمد جو ملڪيت ۽
جاگير تي جهڳڙو ٿي پيو هو، مير سهراب خان تائين
اها دانهن پهتي هئي. مير صاحب، مخدوم محمد کي جواب
ڏئي ڇڏيو، نيٺ ٻي واه نه ڏسي مخدوم محمد، درازن ۾
سخي قبول محمد صاحب ۽ فقير سچيڏني وٽ لنگهي ويو ۽
کين فيصلي لاءِ عرض ڪيائين. اهو ٻڌي فقير سچيڏني
(عرف سچل سائين) مخدوم محمد عاقل صاحب جن وٽ لنگهي
آيو. مخدوم صاحب احوال ٻڌي پنهنجي مهر مبارڪ کڻي
فقير صاحب سچيڏني کي ڏني. فقير صاحب سچيڏني مهر
وٺي جاگيرات جو ٽيون حصو مخدوم محمد جي نالي ڪري
مهر هڻي ان کي ڏني. ان طرح اهو ملڪيت جو جهڳڙو ٽري
ويو.
مخدوم صاحب سان، سچل سرمست جي ايڏي تعلق ۽ اخلاق هوندي به جڏهن
مخدوم صاحب کي سڌ پئي ته فقير سچيڏني سنڌيءَ ۾ هڪ
ڪافي چئي آهي، جيڪا شريعت جي خلاف آهي، سو ان تي
مخدوم صاحب کي ديني جوش جاڳيو، پنهنجي جماعت کي
تيار ڪيائين ته هاڻي سچيڏني فقير جي لوڙهي کي باهه
ڏيڻي آهي، جو هو ملحدانه ڳالهيون ٿو ڪري، اها خبر
ڦهلجي وئي. مخدوم صاحب، قبي جي پويان قرآن مجيد جي
تلاوت ڪري رهيا هئا ته فقير ميان سچيڏنه پاڻ پيادل
هليا آيا ۽ اتي اچي مخدوم صاحب جي روبرو بيهي چوڻ
لڳا ته آئون حاضر آهيان. مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو
شريعت کان منهن موڙيان. اوهان کي منهنجي ڪافيءَ جي
جيڪا مصرع پهتي آهي، سا مون نه چئي آهي، اها غلط
مشهور ٿي وئي آهي. مخدوم صاحب اهو ٻڌي چيو ته آئون
قرآن مجيد جي تلاوت ڪري رهيو آهيان، ان ڪري هتان
اٿي اوهان جي تعظيم لاءِ نه ٿو اچي سگهان، مون کي
معاف ڪجو، مهرباني ڪري اوهين هيڏانهن ٿورو سري اچو
ته هٿ ملايون. فقير صاحب ويجها آيا، مخدوم صاحب
کين ڀاڪر پاتو، شريعت تي مضبوطيءَ سان رهڻ ۽ بدعتن
کان پري رهڻ جي کين وصيت فرمائي موڪل ڏنائون.
مخدوم صاحب انهيءَ طرح شرعي احڪامن جي اجراءَ ۾ مشغول رهندا
هئا، سخي وري ايڏا هئا جو سفر جي ڪجهه سامان کان
سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه لنگر ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا.
بيماري ۽ وفات
روايت آهي ته پاڻ نحيف ۽ ڪمزور ٿي ويا هئا، سندن طبيعت ٺيڪ نه
هئي جو انهيءَ عرصي ۾ ملا عرشو عمراڻي پنهنجي سوٽ
پير بخش عمراڻيءَ جي دانهن مخدوم صاحب وٽ کڻي آيو
۽ خدا جو نالو وسيلو وجهي چوڻ لڳو ته پير بخش
انهيءَ زمين ۽ ملڪيت کي ڦري ناجائز قبضو ڪيو آهي.
مخدوم صاحب کيس دلاسو ڏنو ته اسان کي جڏهن الله
تعاليٰ شفا ڏني ۽ تندرست ٿياسون ته توسان گڏ ڪڇي
ملڪ ڏانهن هلي توکي حق وٺي ڏينداسون. اڃان سندن
طبيعت پوري سڌري ئي نه هئي جو گهوڙن تي سوار ٿي
ڪڇي ڏانهن اسريا. اڳ ۾ مرزا پور ضلع شڪارپور پهتا،
جتي سندن جاگير هئي ۽ ان دور ۾ شڪارپور ضلعو هو.
مخدوم صاحب، خوراڪ جي تبديلي ۽ ايڏي سفر تي هلڻ جي
طاقت نه ٿي ساري سگهيا. شڪارپور ۾ سيد مير
ذوالفقار شاه، وڏا لاثاني حڪيم هئا. شڪارپور ۾
رهندا هئا، ان کي صلاح لاءِ گهرايائون. ان نبض ڏسي
چيو ته اڃا نبض ٺيڪ نه آهي. ڪڇيءَ جو ملڪ پري آهي،
اتي جي آب و هوا گرم آهي، اوهان کي راس نه ايندي،
تنهن ڪري انهيءَ سفر جو خيال لاهي ڇڏيو. مخدوم
صاحب فرمايو ته الله جي واٽ ۽ خدا تعاليٰ جي نالي
جي عزت ڪري قدم کنيو اٿم، هاڻي واپس نه ٿيندس. شاه
صاحب فرمايو ته جي اوهين سفر کان نه ٿا رهي سگهو
ته پوءِ هڪ ڳالهه ڪجو جو ڏاچيءَ جو کير پيئندا
رهجو ۽ ڏاچي سفر ۾ ساڻ هجي. پاڻ ڏاچي ساڻ ڪري
ڪڇيءَ ويا ۽ ملا عرشو کي ان جو حق ڏياري پوءِ
وريا، سندن طبيعت ۾ جيتوڻيڪ حد کان وڌيڪ ڪمزوري
اچي چڪي هئي، ڪڏهن ته ڪنهن منزل تي حرارت وڌي
ويندي هئي ۽ غشي به اچي ويندي هئي، جڏهن وٽن ڪي
ماڻهو ايندا هئا ته انهن کي پنهنجي بيماريءَ جو
منجهه ئي نه ڏيندا هئا ۽ ساڻن مجلس ڪري کين وعظ و
نصيحت به فرمائيندا رهندا هئا، جڏهن لب دريا وٽ
پهتا ته ڏولي يا مافي جي تجويز ٿي، پر پاڻ
فرمايائون ته اسان گهوڙي تي سوار ٿي هلنداسون،
متان اسان جي بيماري ۽ ڪمزوريءَ کي ڏسي ڪافر خوش
نه ٿين. نيٺ گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي ڳوٺ کهڙن ۾
پهتا ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي رب ڏانهن راهي
ٿيا. سندن وفات تي آس پاس جا سڀ پير فقير ۽ عالم
اچي ڪٺا ٿيا. حضرت پير محمد راشد، پير ميان محمد
شاه جيلاني ۽ فقير سچيڏنه (سچل سرمست) ۽ ٻيا ڪيترا
مشائخ جماعتن سميت اچي حاضر ٿيا ۽ سنت موافق نماز
جنازه ادا ڪيائون. سندن وفات 1232هه ۾ ٿي.
قطعه تاريخ وفات
بود چو عالي نسب از اب و جد
نامورِ ملک ز لطف صمد
رفعت والدش که با اصل و فرع
آمد ز امداد خدائي احد
پيش علوِ مرتبه اين خاندان
خم شده چون نونِ سر وقد
نور بزرگيش که روشن چو خور
پر تو او رفته بهر چار حد
در پي اعزاز شرف دين متين
داشت من المهد الي اللحد جسد
اهل ديانت همه مفخر بدو
بلکه ازو پشتي نيک و بد
محمد عاقل بد مخدوم ملک
نامش عبرين ترين از شهد
صبر گزيده همه برخواست حق
زانکه نباشد کس دائم ابد
چون بره خاتمة الخير او
ديدم سو عقل که چون مي چمد
گفت فلاني نشنيدي مگر
يافته رايات بهشتي ابد
1232هه |