مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي حب الوطني
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1175هه) سنڌ جو اهو محدث ۽ فقيهه
عالم ٿي گذريو آهي، جنهن کي پوري عالم اسلام ۾ عزت
جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن بزرگ عالم عربي،
فارسي ۽ سنڌي ۾ سؤ کان مٿي ديني ۽ علمي ڪتاب لکيا،
جن جي هاڪ اڄ به دنيا ۾ هلندي رهي ٿي. سنڌ جي اهڙي
علمي سج جي عالمي شعائن تي هر سنڌاوسي مسلمان کي
فخر ڪرڻ گهرجي، پر اسان وٽ معاملو ڪجهه ٻيءَ طرح
آهي. حسد ۽ مسهائي جي باهه نه رڳو جيئرن تائين
محدود آهي، پر هن معاملي ۾ مئلن کي به معاف نٿو
ڪيو وڃي.
اسان جا ڪي مت جا موڙهيل اديب مخدوم صاحب جهڙي سنڌ جي علمي هيري
کي ”ملا“ وغيره جهڙا هلڪڙا لقب ڏيئي، کيس ڪٽر
متعصب سڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه هن ڪري ٿيو آهي جو
اهي حضرت مخدوم صاحب جي سنڌ سان محبت ۽ اڪير واري
جذبي کان بنهه عاري آهن. هونئن ته حضرت مخدوم صاحب
جي هر تصنيف وڏو علمي ڪارنامو آهي، پر فقہ ۾ بياض
هاشمي چئن جلدن ۾ سندن وڏي تاليف ڳڻي ويندي آهي.
منهنجو استاد مولانا عبيدالله صاحب سنڌي فرمائيندو
هو ته مخدوم صاحب جي بياض هاشمي جي مطالعي مان
منهنجن ڪيترن مسئلن ۾ حديث جا عقدا حل ٿي ويا. هن
ڪتاب جي چوٿين جلد جو هڪ چڱو ڀاڱو سنڌ جي ديني
تاريخ فضيلتن تي لکيو ويو آهي. هن کان اڳ ڪنهن به
ديني عالم پنهنجي ديني تصنيف ۾ ائين نه ڪيو آهي
هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته مخدوم محمد هاشم حج تي ويل هئا، جڏهن
واپس سنڌ پهتا ته کين عبدالرؤف نالي هڪ افغان عالم
جو ڪتاب مليو، جنهن ۾ ان سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي
برائي ۽ گلا ڪئي هئي، ان کي ڏسي مخدوم صاحب حيران
رهجي ويو ۽ لکي ٿو ته ”مان دل ۾ اهو خيال ڪيو ته
جيڪڏهن آئون ماٺ ٿو ڪريان ته سنڌ جي گلا ۽ برائي
ٿيندي ۽ ان ۾ مان به اچي ويندس. سنڌ اسان سڀني جو
وطن آهي، تڏهن مون ان جي جواب ۾ ’مدح سنڌ‘ نالي
ڪتاب لکيو، جيڪو هر عقل واري کي پسند ايندو ۽
بزرگن وٽ مقبول پوندو. اي افغان ٻار نادان! تو ڇا
چيو آهي ۽ پنهنجي وقت کي سنڌ جي گلا ۾ گذاريو
اٿئي. هاڻي جواب ٻڌ ۽ هن مسڪين سان مقابلو ڪر،
اجايو جهڳڙو ڇڏ، تڏهن توکي معلوم ٿي ويندو ته تو
اهو ڪهڙو ڪتاب لکيو آهي ۽ اجايو زندگيءَ جو قيمتي
وقت وڃايو اٿئي.
پٺاڻ عالم سنڌ لاءِ پهريون اهو لکيو هو ته سنڌ ۾ عقل نه آهي ۽
سڀ سنڌي بيوقوف آهن.
مخدوم صاحب هتي سنڌين جي مشهور روايت تواضع کان ڪم وٺندي جواب ۾
فرمائي ٿو ته تنهنجو ائين چوڻ بنهه خطا آهي. هيءُ
ملڪ خدا پاڪ جو خلقيل آهي. تنهنجي چوڻ مطابق هتي
ڪم عقلي آهي ته اها به خدا پاڪ رکي هوندي، مخلوق
تي عيب ڌرڻ خالق تي عيب ڌرڻ جي برابر آهي. ان کي
گلا سڏيندي ان جون برايون بيان ڪيون ويون آهن ۽
نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي اها حديث آندي
ويئي آهي ته بهشت جا گهڻا ماڻهو ”ابلہ (سادا)
هوندا. مطلب ته اهي دنيا جي ڪمن ۾ سادا هوندا،
ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيندا ۽ حق تعاليٰ جي احڪامن بجا
آڻڻ ۾ عقل وارا هوندا. سنڌ جا ماڻهو به دين ۾ ڏاها
آهن، ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيندا. سنڌ جا ماڻهو خدا ترس
۽ مسڪين آهن. اصل ڏاهب اها آهي، جيڪا حق جي واٽ ۾
ڪم اچي. باقي دنيا واري دانائي ڪهڙي ڪم جي جڏهن
آخرت هٿ نه اچي؟
هيءُ جو تون چوين ٿو ته سنڌ ۾ علم گهٽ آهي، اهو چوڻ به بيجا
آهي، ڇوته علم کي عمل جي ڀيٽ ۾ ڏسبو. رڳو علم
اڪارتو هوندو آهي. هتي سنڌ ۾ عمل جي ڀيٽ ۾ علم عمل
وارو گهڻو آهي. جنهن شهر (ٺٽي) ۾ اسين رهون ٿا،
اتي علم جا ٻه وڏا مدرسا آهن. سنڌ ۾ ٻي جاءِ تي به
علم گهڻو آهي. علم اهو ڀلو آهي، جنهن سان عمل به
هجي. باقي عمل کان سواءِ ٺلهو علم پڙهڻ مٽيءَ
برابر آهي. علم پڙهڻ مان اصلي مقصد آهي هدايت جو
هٿ اچڻ، گمراهي نه کپي. هندستان ۾ ڪيترا هندو وڏي
علم وارا آهن، پر انهن هدايت واري واٽ نه لڌي آهي،
ان کي صحيح معنيٰ ۾ علم نه چئبو. هتي سنڌ ۾ عمل
وارو علم گهڻو آهي. جيئن چيو اٿن ته عمل سواءِ،
عالم، ائين آهي، جيئن ماکيءَ کان سواءِ ڏينڀو
هوندو آهي. هتي جيڪڏهن ڪو هڪڙو قرآن پڙهيل آهي ته
اهو عملي طرح نماز روزو به ڪندو آهي. بدعت کان
پاسو ڪندي حق جي واٽ تي هلندو آهي. هندستان ۾
معقول جو علم گهڻو آهي. اتي منطق جو علم گهڻو
پڙهايو وڃي ٿو، ان سان گمراهي وڌندي آهي.
الحمدلله! جو اهو علم سنڌ ۾ ايترو نه آهي ۽ گهرجي
به نه! علم اهو آهي، جو شريعت محمدي تي ثابت قدم
رکي ۽ سنئين واٽ ڏيکاري. اهڙو علم سنڌ ملڪ ۾ گهڻو
آهي. هتي جنهن شهر ۾ اسين رهون ٿا، ڪيترا شاعر ۽
اديب پيدا ٿيا آهن. فيض ۽ فاضل مصنف مدار الافضل ۽
فضل شاعر مشهور آهن. سيد رشيد الدين عربي ۽
فارسيءَ لغت ۾ ڪتاب لکيو آهي ۽ سعيد الدين حسيني
فارسيءَ ۾ تفسير لکيو آهي ۽ ان معنيٰ جا موتي پويا
آهن ۽ سندن اهو تفسير آهي در البحر نالي ۽ قاضي
القضاة محمد معين در الامثلة ۽ هدايت المؤمنين
جهڙا ڪتاب لکيا آهن، جنهن ۾ مجتهدين جي اقوال کي
گڏ ڪيو ويو آهي. شيخ محمد صالح هن دور جي وڏن
عالمن مان آهي ۽ رئيس الواعظين آهي. ان وعظ ۽
نصيحت ۾ انوار الواعظ نالي ڪتاب 47 جلدن ۾ لکيو
آهي، جيڪو بهترين ڪتاب آهي ۽ دانشمندن وٽ وڏو
مقبول ڪتاب آهي. ٻيا به گهڻا معروف ۽ مشهور فاضل
آهن، جيڪي هن شهر جا رهاڪو آهن ۽ انهن مان ڪي وفات
ڪري چڪا آهن، پر سندن تصنيفون ۽ ڪتاب باقي آهن.
انهن کان پهرين بزرگن جي تصنيفات مان چونڊ ڪندڙ
هيءُ مسڪين (محمد هاشم) حاضر آهي ۽ روزانو خدا
تعاليٰ کان هدايت جو طالب آهي.
علم همان به که هدايت کند
علم همان نئه که ضلالت کند
عبدالرؤف افغان سنڌ لاءِ لکيو هو ته سنڌ ۾ دنيا ۽ دولت نه آهي،
سڀ سنڌي فقير ۽ محتاج آهن. ان جو جواب ڏيندي مخدوم
صاحب لکي ٿو ته اها به ناداني آهي. دنيا بد ۽ نيڪ
ٻئي ٿي سگهي ٿي ۽ قناعت سڀ کان بهتر آهي. خوراڪ ۽
پوشاڪ آهر هن ملڪ ۾ دولت گهڻي آهي. اصل ۾ دنيا
کائڻ، ڍڪڻ ۽ الله جي نالي تي ڏيڻ جو نالو آهي، گڏ
ڪري رکڻ جو نالو نه آهي. هن مطلب لاءِ مخدوم صاحب
شيخ سعدي ۽ شيخ فريد الدين عطار جا اشعار نقل ڪيا
آهن. ان کان پوءِ افغان کان سوال ڪندي لکي ٿو ته
اوهين ڇو هتي واپاري ٿي اچو ٿا؟ ۽ هتان اوهان کي
نفعو ملي ٿو نه ڪنهن ٻئي ملڪ مان! هوڏانهن چئو ٿا
ته هتي گدائي آهي. هتان جا ماڻهو ڪڏهن به ٻئي ملڪ
۾ پنڻ ۽ گدائي لاءِ نه ويا آهن ۽ هتي افغان گهڻو
ڪري دربدر ۽ خاڪ بسر آهن ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به
سنڌ ۾ گهڻا آهن. ٻيو هي ته گهڻي دنيا به چڱي نه
آهي. جيڪڏهن دولت ۽ دنيا گهڻي گڏ ٿيندي آهي ته
گناهه جا ڪم شروع ٿي ويندا آهن ۽ خدا تعاليٰ کان
منهن موڙيو ويندو آهي. هن کان پوءِ انهيءَ معنيٰ ۽
مطلب ۾ شيخ سعدي شيرازي جا ڪجهه اشعار آندا ويا
آهن ۽ سيدنا علي ڪرم الله وجهہ جو هي مشهور عربي
شعر آندو اٿس:
رضينا قسمة الجبار فينا
لنا علم ولِلجهال مال
مطلب ته اسين الله تعاليٰ جي ورهاست تي خوش آهيون، جو اسان کي
علم مليو ۽ جاهلن کي مال ۽ دولت. ڇوته مال جلد فنا
ٿي ويندو آهي ۽ علم گم ٿيڻ واري شيءِ نه آهي. هن
کان پوءِ انهيءَ مطلب ۾ ڪيتريون حديثون آنديون
ويون آهن.
عبدالرؤف افغان سنڌ لاءِ هي به لکيو آهي ته سنڌ ۾ اولياءَ گهٽ
آهن. هن جو جواب ڏيندي مخدوم صاحب لکي ٿو ته ائين
چوڻ بي عقلي آهي، ڇوته قلندر شهباز سيد عثمان رحه
جيڪو اوليائن ۾ اڪيلو موتي ۽ زماني جو مشهور ولي
آهي، اهو هتي مدفون آهي. ان جون ڪي وصفون توکي
ٻڌايان ٿو ته هو: 1- اول قلندر آهي. 2- سيد آهي.
3- ڪي قطب ڳڻين ٿا. 4- قلندر شهباز غوث بهاءُ الحق
ملتانيءَ جو يار غار ۽ رفيق آهي. 5- قلندر شهباز
عالم آهي. ڪيترا ڪتاب سندس تاليف مان مشهور آهن.
اشعار ۾ وحدت ۽ تصوف جا ڪيترا اسرار بيان ڪيا اٿن.
هن کان پوءِ قلندر شهباز جو هڪ غزل ماٺ جي فضيلت ۾
آندو ويو آهي، جنهن کي مون پنهنجي هڪ مقالي ۾ آندو
آهي ۽ اهو قلندر شهباز تي لکيل آهي.
ٻيو ته روهڙيءَ ۾ سرورِ ڪائنات صلي الله عليہ وسلم جو موئي
مبارڪ موجود آهي جو سڀني ولين، قطبن ۽ غوثن کان
بهتر آهي ۽ جنهن جي زيارت سان گناهن جو ڪفارو ٿئي
ٿو. ٽيون ته حضرت دستگير سيد عبدالقادر جيلانيءَ
جي دستار موجود آهي. شاهه معصوم به سنڌ ۾ آهي ۽
شاهه خير الدين بخاري به سنڌ ۾ آهي، جو وڏو مقرب
بندو ٿي گذريو آهي. مولوي محمد اسماعيل، جيڪو عالم
طريقت جو بهار آهي، اهو به سنڌ ۾ آهي. ملتان به
سنڌ ۾ داخل آهي، اتي هڪ لک پنجويهه هزار اولياءَ
الله مدفون آهن. اوهان جي ملڪ افغانستان ۾ رڳو هڪ
ملا باجي آهي، جيڪو قنڌار کان ٻاهر آهي، اهو به
اصل ۾ فرخ آباد هنستان جو هو، ٻيو مڙئي خير! ملڪ
سنڌ ۾ اولياءَ الله تمام گهڻا آهن. اهو عيب سنڌ کي
نٿو ڏئي سگهجي، هن کان پوءِ غيبت ۽ گلا جي برائيءَ
۾ اقوال آندا ويا آهن.
علامہ ابو ريحان بيروني
اسين هڪ اهڙي شخصيت جو ذڪر ڪريون ٿا، جو پنهنجي علم و فضل سان
گهڻو بلند آهي ۽ جنهن کي وچين دور جي منڍ ۾ ممتاز
ترين حيثيت حاصل هئي. اهو ابوريحان بيروني آهي.
توڻي ان کي هن جهان کان رخصت ٿيندي گهڻو عرصو گذري
چڪو آهي، پر ان جا ڪارناما اسان جي اکين آڏو اڃان
تازا آهن. هو پنهنجي هم عصرن ۾ ايڏو ته ممتاز آهي
جو هِن زماني جي شخصيت معلوم ٿئي ٿو. ان جي دل ۽
دماغ ۾ ان جو تخيل بلڪل نئون آهي. پنهنجي ذهانت،
سمجهه، کوجنا ۽ تبحر، قوت تنقيد جي لحاظ کان هو
زماني جو يڪتا هو. ٻين اڳين برگزيده عالمن وانگر
جن جي ياد انهن جا حالات ڏسڻ سان تازي ٿئي ٿي، هو
طرح طرح جي قابليتن جو مالڪ آهي. هو فلسفي، تاريخ
دان، سيلاني، ٻولين جو ماهر، عالم متبحر، شاعر،
رياضي دان، هيئت دان، جاگرافي نويس غرض سڀ ڪجهه
آهي. پر ان جي تصنيفات جي نمايان خوبي مسئلن جو
باريڪ مشاهدو ۽ فلسفيانه تنقيد آهي. هي فاضل شخص
مغربي ملڪن ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. وچين
دور ۾ ان کي ”استاذ بيروني“ جي نالي سان پڪاريو
ويندو هو.
بيروني جو پورو نالو ابوريحان محمد بن احمد بيروني آهي. مشرق ۾
ان کي عام طرح شيخ ابوريحان چوندا آهن. هو سن362هه
۾ خوارزم شاهي جي پسگردائي (خيوا) ۾ پيدا ٿيو.
اوائل عمر ۾ خاندان مامون (خوارزم شاهي) جي درٻار
۾ رهيو، ان جي زندگيءَ جا ڪي سال جرجان جي علائقي
۾، جو ڪيسپين جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، قابوس بن دستمگير
جي دربار ۾ گذريا. پوئين ذڪر ٿيل جُرجان ۾ 976ع
کان 1012ع تائين حڪومت ڪئي. هو پاڻ به فاضل ۽ صاحب
تصنيف هو. بيروني پنهنجو ڪتاب ”آثار الباقية“
390هه ۾ لکي ان حاڪم جي نالي سان معنون ڪيو.
سن700هه کان وٺي سن704هه تائين البيروني ٻيهر مامون دربار ۾
رهيو ۽ بادشاهه جو صلاحڪار ۽ مصاحب هو. سن408هه ۾
جڏهن سلطان محمود غزنوي خوارزم کي فتح ڪيو، تنهن
مهل البيروني کي به پاڻ سان گڏ افغانستان وٺي ويو.
هتي اچڻ کان پوءِ اسان جي مصنف جي حياتيءَ جو نئون
دور شروع ٿيو. اهو هندستان آيو ۽ اتي رهائش اختيار
ڪيائين. بيهقيءَ جي بيان مطابق ان جي ٽڪڻ جي مدت
چاليهه سال آهي، مگر انهيءَ بيان ۾ وڌاءُ آهي.
ياقوت فقط ايتري لکڻ تي بس ڪري ٿو ته البيروني
گهڻي وقت تائين هندستان ۾ رهيو ۽ اتان جي ماڻهن جي
ٻولي ۽ علمن کي سکيو. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾
پنهنجن تجربن ۽ چشم ديد واقعات کي هڪ ڪتاب جي شڪل
۾ شايع ڪيائين، ان ڪتاب جو نالو ”الهند“ آهي. ان
غزني ۾ سن440هه مطابق 1048ع ۾ وفات ڪئي.
ياقوت بيروني کي هڪ جاگرافي نويس جي خيال کان ورتو آهي ۽ ان
پنهنجي ڪتاب معجم الادباءَ ۾ بيرونيءَ جي متعلق
گهڻيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن. هو ماموني دربار ۾
بيروني جي تعظيم ۽ تڪريم جو هن طرح بيان ڪري ٿو:
شاهه خوارزم مامون بن مامون بيرونيءَ کي قلعي ۾ رکيو هو. هڪ
ڀيري جي ڳالهه آهي ته بادشاهه جو اتان لنگهڻ ٿيو
ته ان بيروني کي سڏايو. بيروني کي اچڻ ۾ ڪجهه دير
ٿي. بادشاهه بذات خود ڪمري ۾ وڃڻ گهريو، ان تي
بيروني جلدي ٻاهر آيو. بادشاهه جو نياز بجا آڻيندي
عرض ڪيائين ته توهان هرگز اها تڪليف نه ڪريو. ان
تي بادشاهه هيٺيان شعر پڙهيا:
العلم من اشرف الولايت
ياتيہ کل الوريٰ ولا ياتي
(معجم الادباءَ جلد 6 ص308)
ترجمو: علم مرتبي ۾ گهڻو مٿي آهي. تمام دنيا (دنيا وارا) ان وٽ
اچن ٿا، مگر علم ڪنهن وٽ نه ٿو اچي.
جيڪڏهن هن دنيوي ادب آداب جو لحاظ نه هجي ته آ؟ون ڪڏهن به توکي
نه گهرايان، بلڪ پاڻ هليو اچان. ڇوته علم و فضل:
دنيوي عزت ۽ عظمت کان مٿي آهي. هڪ ڏينهن خليفه
معتمد باغ ۾ سير لاءِ نڪتو ۽ ثابت بن قرة جو هٿ
پڪڙي ان کي ڇڪيائين. ثابت پڇيو ته اي امير
المؤمنين! ڇا ڪري رهيا آحيو؟ خليفي جواب ڏنو ته
منهنجو هٿ تنهنجي هٿ کان مٿي هو، پر علم ۽ فضل ته
پهرئين کان گهڻو بلند آهي، هي بلند ٿي نٿو سگهي.“
ياقوت هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته سلطان محمود غزنوي بيرونيءَ کان
تمام ديني ۽ دنيوي معاملن ۾ مشورو وٺندو هو. هڪ
ڏينهن ڪنهن ڏوراهين ترڪي علائقي کان هڪ ايلچي
دربار ۾ آيو ۽ ان ٻڌايو ته مون پنهنجي ملڪ جي سمنڊ
جي ڪناري ويجهو قطب جي قريب ڏٺو آهي ته سج هميشه
قطب تاري جي ويجهو نظر اچي ٿو. سلطان پنهنجي عادت
موافق اهو ٻڌي ڪاوڙيو ۽ ان ايلچيءَ کي قرامطي خيال
ڪيائين. ڪنهن درٻاريءَ آدمي چيو ته هي ڪنهن جي
راءِ نه ٿو بيان ڪري، پر پنهنجو چشم ديد واقعو ٿو
بيان ڪري. ان تي سلطان بيرونيءَ کان پڇيو، ان
مسئلي تي اهڙي انداز ۾ روشني وڌي جو سلطان کي تسلي
ٿي وئي ۽ هو سفير سان نهايت عزت سان پيش آيو.
سلطان محمود جو پٽ مسعود علم هيئت جو ڏاڍو شوقين هو ۽ علمي مذاق
رکندو هو. ان هڪ ڏينهن بيرونيءَ کان ڏينهن رات جي
ننڍي وڏي هجڻ بابت سوال ڪيو، ڇوته پاڻ ان کي چڱيءَ
ريت نه ڄاڻندو هو. بيروني جواب ڏنو:
بادشاهه سلامت! اوڀر اولهه ۾ اوهان جو سڪو جاري آهي. اوهان هن
لائق آهيو جو اوهان کي ساري دنيا جو بادشاهه چيو
وڃي. پوءِ ان نئين طريقي سان رات ڏينهن تي هڪ
رسالو لکيائين. ان تاجدار جي فرمائش تي ستارن سير
ڪندڙن جي ٻن نمونن جي گردش تي به هڪ ڪتاب لکيائين.
پڇاڙيءَ ۾ هڪ قانون لکي، ان ئي بادشاهه جي نالي
انتساب ڪيائين، جنهن ڪري ان کي گهڻو انعام مليو.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪتاب جي ختم ٿيڻ تي بادشاهه
چاندي جي سڪن سان ڀريل هڪ هاٿي نذراني طور
(بيروني) کي پيش ڪيو، مگر هن قبول ڪرڻ کان انڪار
ڪيو اها رقم واپس خزاني ۾ موڪلي ڏني.
ان جي زندگي لڳولڳ سير سياحت ۾ بسر ٿي. نوروز ۽ مهرجان جي ڏينهن
کان سواءِ هو هر وقت تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهندو
هو. ان جي زندگيءَ جي پوين ڏينهن جي متعلق جيڪا
روايت مشهور آهي، ان سان ان مصنف جي ياد تازي ٿي
وڃي ٿي جو سڪرات جي حالت ۾ به حساب ۾ مصروف رهيو.
هڪ فاضل آدميءَ جو بيان آهي ته آئون بيرونيءَ سان
ملڻ ويس، ان وقت هو نهايت تڪليف ۾ هو. ان مون کي
ڏسندي ئي چيو:
”توهان هڪ ڏينهن مون سان ورثي جو ذڪر ڪيو هو.“
مون ان جي خراب حالت بابت همدرديءَ جا ڪي اکر چوڻ گهريا، مگر ان
جواب ڏنو ته: ”منهنجي لاءِ ان مسئلي کي سمجهي ساهه
ڏيڻ بهتر آهي، هن ڳالهه کان جو بغير سمجهڻ جي هن
جهان کي خيرآباد چوان.“ مون سوال دهرايو، انهيءَ
وعدي مطابق ان مسئلي تي روشني وڌي. ان کان پوءِ
آئون هليو آيس، اڃان ٿورو مَس ويس ته عورتن جو روڄ
راڙو منهنجي ڪن تي پيو، بيروني دنيا کان موڪلائي
چڪو هو.
بيرونيءَ جي تصنيف نهايت دقيق آهي. ”سخائو“ بيروني جي ڪتاب
”الهند“ ۽ ”آثار الباقية“ کي ترجمي ۽ حواشيءَ سان
شايع ڪري وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي. ان جي ٽين
تصنيف قانون مسعودي جاگرافيءَ تي لکيل ڪتاب آهي،
جيڪو اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي ۽ ماڻهو اڃان
تائين ان کان ناواقف آهن. انهيءَ موضوع تي هڪ ٻي
تصنيف به آهي، جنهن جو نالو ”ڪتاب التفهيم“ آهي.
ياقوت وٽ 422هه ۾ بيروني جي هٿ جو لکيل هڪ نسخو
هو. هڪ ٻيو ڪتاب ”ڪتاب التفهيم“ هڪ قسم جو
انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ علم حساب، سياحت، علم
هيئت، علم نحو جي اصطلاحات جي تشريح ڪيل آهي.
علم هيئت جي باب ۾ ڪيترائي جاگرافيءَ جا مسئلا درج ٿيل آهن.
هڪ مؤرخ جي لحاظ سان بيروني سلطان محمود ۽ ان جي پيءُ جي دؤر جي
تاريخ لکي آهي، ان کان علاوه تاريخ خوارزم به ان
جي قلم جو نتيجو آهي.
”آثار الباقية“ هڪ زبردست علمي تصنيف آهي، جنهن ۾ جدا جدا قومن
مثلاً ايرانين، يوناني، يهودين، مالڪي عيسائين،
فتوري عيسائين، آتش پرستن، صابين، زمانه جاهليت جي
عربن ۽ مسلمانن جي سالن جي جنتريءَ تي بحث ڪيو ويو
آهي. انهن جنترين جو هڪ ٻئي سان مقابلو ڪيو ويو
آهي ۽ ان جي ماخذ اصل تي روشني وڌي وئي آهي. مختلف
قومن جي عيدن، ڏڻن جو ذڪر ڪندي مصنف ايترو ته
تاريخي شاهدين ۽ روايتن کي پيش ڪيو آهي جو ڪتاب ڄڻ
ته مختلف مذهبن جي تاريخ معلوم ٿئي ٿو. مثال طور
توراة ۽ چئن انجيلن بابت جيڪو بيان ان ڪتاب جي
ترجمي ص24-25 ۾ ڏنل آهي، ان ۾ انهن ڪتابن تي
تنقيدي نظر ڪئي وئي آهي. اڄ ايتري عرصي کان پوءِ
ماڻهو ان ڪم ڏانهن متوجهه ٿي رهيا آهن. ان ڪتاب جو
اهو ڀاڱو جيڪو رياضي ۽ هيئت تي لکيل آهي، گهڻو اهم
آهي. ان ۾ ستارن جي علم جو بيان به آهي.
آذر مهيني بابت بيروني لکي ٿو ته عام ماڻهن جي عقيدي موجب هي
اهو مهينو آهي، جڏهن نانگ ۽ وڇون ٻاهر نڪرن ٿا ۽
جڏهن زمين جي گرمي آسمان تائين پهچي وڃي ٿي. هو
لکي ٿو ته ماڻهن جو هي خيال مبالغه آميز آهي، ڇڙو
هي ظاهر ڪرڻو آهي ته گرمي وڌي ٿي ۽ هوا ۾ ڦهلجي
ٿي. پوءِ زمين جي گرمي ۽ آسمان جي گرميءَ بابت
گهڻن ماڻهن جا خيالات پيش ڪري ٿو. پنهنجي ذاتي
راءِ به لکي اٿس، جو ان ابن سينا سان خط و ڪتابت
ذريعي بحث ڪندي ظاهر ڪئي هئي. ڪن عالمن جو خيال
آهي ته زمين جي گرمي سج جي شعائن ڪري پيدا ٿئي ٿي.
شعائن جي معنيٰ ۾ انهن عالمن جو اختلاف آهي. ڪن جو
خيال آهي ته شعائون سج جو هڪ ڀاڱو آهن، جيڪي ان
کان الڳ ٿي زمين تي اچن ٿيون. ڪي چون ٿا ته انهن
جو ذاتي وجود ڪجهه نه آهي، رڳو سج جي موجودگي
گرميءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي. ڪي ماڻهو ان جي ذاتي ۽
خارجي وجود جا قائل آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اهي
شعائون (انوار) فضا ۾ گهڻو فاصلو طي ڪرڻ کان پوءِ
گرم ٿين ٿيون. جيڪي ان جي مادي جسم هجڻ جا قائل نه
آهن، انهن جو چوڻ آهي ته اهي شعائون جلد زمين تي
پهچي وڃن ٿيون. ان جي ابتڙ جيڪي ان جو مادي جسم
مڃين ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته انهن ڪرڻن کي زمين تي
اچڻ لاءِ ڪجهه زمانو گهرجي. بيرونيءَ جي راءِ آهي
ته فضا ۾ جيڪا گرمي آهي، اها رڳو سج جي گرميءَ جو
نتيجو نه آهي، پر زمين جي روزانه چڪرن کان جيڪي
بلند فضائي درجا آهن، انهن جي جسمن سان ٽڪرجڻ سان
حرارت پيدا ٿئي ٿي. ان خيال کان هيئت دان ڪره نار
سڏين ٿا. ان کان علاوه زمين ۾ به حرارت موجود آهي،
جو ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪرندي رهي ٿي. هي نظريو ٻنهي
جي حرارتن جي ملڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ هي قياس جي
ويجهو آهي.
بيروني هندستان ۾ اچي هتان جي زبان سکي ۽ هندن جي علوم جو
مطالعو ڪيو ته جيئن ان جي خيالات ۽ فلسفي ۾ مهارت
پيدا ڪري، توڻي کڻي هو پڪو مسلمان هو، تاهم ان جي
دينداري ان جي مذهبي تحقيق ۽ تدقيق ۾ ان جي آڏو
اچي نه سگهي ۽ ان انهن سڀني شين جو مطالعو علمي
رنگ ۾ ڪيو. ان بي شمار ڪتاب ڏٺا، ڪيترن عالمن سان
مليو ۽ انهن جي خيالات جي چڱي طرح تحقيق ڪئي. ان
نه ڇڙو هندن جي نظرين جو مقابلو ڪيو، پر ٻين مذهب
جي ماڻهن مسلمانن، عيسائين ۽ هن حد تائين جو
يونانين جي مذهب جو به مقابلو ڪيو. ان فيثاغورس جي
نظرين ۽ هندن جي مذهبي عقيدن جو خاص طور تي مطالعو
ڪيو. ان جي تحريرن کان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو هتان
جي ماڻهن جي ذهني رجحانات، فهم، ادراڪ سمجهه کان
پوري طرح واقف آهي. هو انهن کي علم هندسه (اقليدس)
جو ماهر ڄاڻي ٿو ۽ نظري علمن ۽ علمي بحثن ۾ انهن
جي بلندئ تخيل جو داد ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته هندو
علم رياضيءَ ۾ ڪمال مهارت رکن ٿا ۽ ان جي ذريعي
سان اڳئين زماني جو صحيح اندازو ڪري سگهن ٿا. هن
طرح جو برهما جي زمانه دراز تائين حساب بخوبي ڪن
ٿا. انهن فلاسفن جا نظريا گهڻا آهن، جنهن جو بنياد
ڇڙو تخيلات تي آهي. هو صرف نحو جو ماهر ۽ شاعر به
هو، پر اهو ان جي قوت نظم جي بيجا استعمال کي
خوبيءَ جي نظر سان نٿو ڏسي.
هو لکي ٿو هندن جا گهڻا ڪتاب اشلوڪ ۾ آهن. بيروني چوي ٿو ته
آئون خود اڄ ڪلهه ان ۾ مصروف آهيان، ڇوته آئون ان
جي لاءِ اقليدس ۽ مجسطي جو ترجمو ڪري رهيو آهيان ۽
انهن جي درخواست تي اصطرلاب جي بناوٽ تي هڪ ڪتاب
لکي رهيو آهيان، جنهن جو مقصد فقط ان علم کي رواج
ڏيڻ آهي. هندن کي جڏهن ڪو نئون ڪتاب ملي ٿو ته ان
جي ترجمي جي درپئي ٿي وڃن ٿا ۽ ان کي نظم به ڪن
ٿا. پر انهن جي اندازِ بيان ۾ نظم ڪرڻ وقت گهڻو
ڪري تصنع (بناوٽ) اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تصنيف ۾ اها
شيءِ گم هجي ته مصنفن جي خدمتن کي نظرِ حقارت سان
ڏٺو وڃي ٿو. سادي نثر ۽ سليس عبارت انهن وٽ چڱي نه
آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته آئون صحيح چئي رهيو آهيان.
بيروني جي طرزِ بيان نهايت عقلي آهي، توڻي هو پاڻ شاعر هو، تاهم
هو سڀ ڪنهن علم جي جائز حد تائين استعمال کي چڱي
طرح سمجهندو هو. ان جي باوجود هن هندن جي فنِ شعر
جو بيان ڪندي هڪ عنوان جي هيٺ 72 بحرن جا نالا
شمار ڪيا آهن.
بيروني هندن جي ياترا ۽ مقدس تيرٿن جي زيارتن جو ذڪر هن طرح ڪيو
آهي:
اسان پهريون بيان ڪيو آهي ته هندن وٽ گنگا وانگر ٻيا به متبرڪ
درياءَ آهن. جتي ڪوبه مقدس مقام هجي ته هو اتي
تالاب بنائيندا آهن، جنهن ۾ غسل ڪيو ويندو آهي. ان
فن ۾ انهن کي ڪمال حاصل آهي. اسان جا مسلمان انهن
تالابن کي ڏسي گهڻو تعجب ٿا ڪن. انهن تالابن جي
مقابلي ۾ ڪابه عمارت تعمير ڪرڻ انهن لاءِ بيحد
مشڪل آهي. هندو انهن عمارتن جي تعمير ۾ وڏا وڏا
پٿر استعمال ڪندا آهن ۽ انهن کي لوهه جي ميخن سان
هڪ ٻئي سان ڳنڍيندا آهن. هڪ پٿر ٻئي تي اهڙيءَ طرح
رکندا آهن، جو ڏاڪڻ جي شڪر اختيار ڪندو آهي. هي
ڏاڪڻيون تالاب جي چئني پاسن کان هونديون آهن ۽
ماڻهن جي قدن کان گهڻو بلند هونديون آهن. انهن
ڏاڪڻن جي بناوٽ اهڙي هوندي آهي، جو ماڻهو تالاب جي
چوڌاري چڪر لڳائي سگهندا آهن. ان جي وچ ۾ اهڙا ٻيا
رستا به بڻيل هوندا آهن، جنهن جي ذريعي ماڻهو
آسانيءَ سان هيٺ مٿي وڃي سگهندا آهن. انهن جي
بناوٽ به ڪجهه اهڙي هوندي آهي جو اچڻ وڃڻ وارن جي
ڪيڏي به گهڻائي هجي، پر انهن جو باهمي ٽڪر نه
ٿيندو آهي ۽ رستو ڪڏهن به بند نه ٿيندو آهي. جڏهن
ته اهي ڏاڪڻيون تعداد ۾ گهڻيون هونديون آهن، تنهن
ڪري هلندڙن کي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏانهن وڃڻ ۾
آساني ٿيندي آهي. ان انتظام سان گهڻي گوڙ سبب جيڪي
پريشاني ٿيندي آهي، سا بند ٿي وڃي ٿي.
بيروني هندستان ۾ جاگرافي نويس جي لحاظ سان هندن جي عرض بلاد
دريافت ڪرڻ جو طريقو ۽ ان جي درمياني فاصلن جي
نظريي جي تحقيق به ڪئي هئي. هو هن ڳالهه جو شاڪي
(شڪايت ڪندڙ) آهي ته هندن جي معلومات ان باري ۾
گهڻي گهٽ آهي.
خوش قسمتيءَ سان مون کي انهن جي غلطين جي درست ڪرڻ جو ڍنگ اچي
ويو آهي. هندن جو مختلف جاين جي فاصلي کي معلوم
ڪرڻ جو هي رستو آهي جو هڪ ڏانَ جي ولر جو اندازو
لڳائين ٿا، جو ان جي راءِ ۾ 2000 يا ٽن هزارن
تائين ٿئي ٿو. حالانڪ هي تمام گهڻو آهي. هڪ جاءِ
کان ٻي جاءِ تائين ويندڙ قافله جو اندازو انهن لڏو
ڏاندن جي رفتار موافق ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن مسافت کي
طي ڪرڻ ۾ جيڪو وقت خرچ ٿئي ٿو، اهوئي فاصله جي قدر
جو معيار يا ڪسوٽي آهي. (ڪتاب الهند)
هتي بيروني ڪن سفرن جو ذڪر ڪيو آهي. ان وچ ۾ ڪيترن دلچسپ
تفصيلات جو ذڪر ڪري ٿو. هڪ سيلاني تبت ۽ نيپال جي
رستي جو ذڪر ان سان ڪري ٿو. هي شخص ان سان ڀوٽيشر
جي جاءِ تي مليو هو. هو چوي ٿو:
هتي هڪ تيز وهڪري سان نالو (واهه) وهي ٿو، جنهن جي مٿان لنگهڻ
لاءِ مختلف جاين تي پليون بڻيل آهن، انهن پلين جي
بناوٽ اهڙي طرح آهي جو بانس کي ٻنهي طرفن کان ٿنڀن
سان ٻڌو ويو آهي ۽ انهن بانسن تي تختا وڇايا ويا
آهن، جنهن کي رسي سان مضبوط ڳنڍ ڏني وئي آهي.
ماڻهو ڳورو بار کڻي انهن تي لنگهي وڃن ٿا. هيٺان
طوفان موجود آهن، جنهن کان وڏا وڏا جبل به ڪنبيو
وڃن. پل کان پار بار گهوڙن تي کنيون وڃي ٿو. ان
علائقي جي ٻولي، رسمون، ريتون سڀ بدلجي وڃن ٿيون.
هتان بلند چوٽي جو فاصل رڳو 20 فرسنگ رهجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن ان پهاڙ تي بيهي ڪري هندستان جي ملڪ تي نظر
ڪجي ته هڪ ڪارو ميدان نظر اچي ٿو، جنهن تي ڪره جي
ميري چادر پيل آهي. چوٽيءَ کان هيٺيان واريون
ٽڪريون ننڍيون ننڍيون واديون معلوم ٿي ٿيون ۽ تبت
جي زمين سرخ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تبت طرف ڍلان جو فاصلو
رڳو اڌ فرسنگ آهي.“
هي آهي بيروني جي وڏي ڪتاب جو خلاصو، جنهن جو دل کي ڇڪيندڙ
اندازِ بيان انسان جي خيال تي براه راست اثر انداز
ٿئي ٿو. |