سنڌ ۾ حديث جا امام ۽ ممتاز عالم
مقالي جو اختصار
منهنجو مقالو حديث جي انهن امامن ۽ راوين جي بيان تي مشتمل آهي،
جيڪي پهرين صدي کان وٺي اٺين صدي هجريءَ تائين
اسان جي سنڌ علائقي ۾ هئا، مون انهن جي احوال سان
گڏ، حديث جي اشاعت ۽ تحصيل جي سلسلي ۾ سندن ڪيل
ڪوششن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
حديث جي فن جي حصول لاءِ انهن جيڪي سفر ڪيا، تن جو پڻ بيان ڪيو
اٿم، البت مون لاءِ اها ڳالهه ناممڪن آهي جو انهن
جي علمي حياتي مفصل نموني سان بيان ڪريان، اها
ڳالهه گهڻو وقت ٿي گهري ۽ انهن لاءِ دفترن جي
ضرورت آهي، تنهن ڪري اختصار جو طريقو اختيار ڪيو
اٿم.
ممتاز عالمن کان اها ڳالهه مخفي نه آهي ته پهرين صدي ۾ حديثن کي
ڪتابي شڪل ڪانه ڏني وئي هئي، اهو زمانو قرآن پاڪ
جو هو. ٻيءَ صديءَ ۾ حديث جي جمع ڪرڻ جي ابتدا ٿي.
ان سلسلي ۾ امام ”المرامهرمزيءَ“ جو قول آهي ته سڀ
کان پهرين حديث جي علم ۾ جنهن تصنيف ڪئي، اهو صاحب
امام ”الربيع بن صبيح البصري السندي“ هو. اهو بزرگ
اسان جي هن علائقي ۾ غازيءَ جي صورت ۾ آيو ۽ سنڌ ۾
رهي پيو، وفات به هتي ئي ڪيائين. اهو سال هڪ سو سٺ
(160هه) هجري هو.
امام ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي تبع تابعين ۽ وڏن حديثن
جي امامن مان هو. هن بزرگ ابو امامة سهل بن حنيف
کي ڏٺو هو ۽ محمد بن ڪعب القرظي کان حديث ٻڌي هئي.
ان کان سواءِ نافع، حضرت عبدالله بن عمر جي غلام،
سيد المقبري ۽ ٻين کان پڻ سماع ڪيو هئائين. هن
بزرگ کان سندس ٻن پٽن، هر هڪ محمد السندي ۽ حسين
السندي، يزيد بن هارون ۽ محمد بن عمر الواقدي ۽
ٻين روايت ڪئي آهي.
امام ابو معشر مغازي (جنگين) جي فن حديث جو وڏو ڄاڻو هو. ابو
حاتم الرازيءَ انهيءَ بزرگ لاءِ فرمايو ته اهو ”سچ
جو هڪ محل آهي.“ مون پنهنجي مقالي ۾ هن جون حديث ۾
ٻه روايتون به آنديون آهن، جيڪي خطيب بغداديءَ جي
تاريخ ۾ سنَدَن سميت مذڪور آهن.
منهنجي مقالي ۾ امام دائود بن محمد، امام ابي معشر جي زندگيءَ
جي واقعات مان ڪي قدر ذڪر آهي. ان کان سواءِ امام
ابي العباس احمد بن عبدالله الدلملي السندي جي
زندگي به بيان ڪيل آهي، هي اهو صاحب آهي، جيڪو
پنهنجي وطن کان سفر ڪري نيشاپور ڏانهن ويو هو، پاڻ
حديث ۾ امام هو. ان کان حاڪم ”مستدرڪ“ واريءَ،
حديث جو سماع ڪيو آهي. هي پاڻ به نيشاپور فارس جو
هڪ محدث آهي. انهيءَ صاحب محدث سنڌيءَ محمد بن
ابراهيم الدلملي السنديءَ کان به سماع ڪيو آهي ۽
بيروت ۾ ابوعبدالرحمٰن مڪحول ۽ ٻين کان پڻ سماع
ڪيو اٿس. سندس وفات 343 هجريءَ ۾ ٿي. کين ”حيره“
جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جيئن صاحب ”صاحب
الانساب“ ان جو ذڪر ڪيو آهي.
ان مقالي ۾ حافظ، محدث، خلف بن سالم سنڌيءَ جي زندگيءَ به لکي
اٿم، جنهن صاحب يحييٰ بن سعيد القطان (وفات
سن198هه) ۽ عبدالرحمٰن بن المهدي (وفات سن190هه) ۽
محمد بن جعفر غنڊر (وفات 193هه) وغيرهم کان حديث
جو سماع ڪيو هو.
ان جي شاگردن مان محمد بن ادريس المنظلي پڻ هو، جيڪو امام بخاري
جي شيخن مان هو. اهڙيءَ طرح امام ابو حاتم الرازي
۽ محدث الشام، يعقوب بن شيبہ (وفات 262هه جي شيخن
مان پڻ هو.
امام ابو دائود، صاحب السنن السجستانيءَ جو چوڻ آهي ته مون ”خلف
بن سالم سندي کان اهي پنج حديثون ٻڌيون، جيڪي احمد
بن حنبل کان ٻڌيون هيم.“
امام نسائي، صاحب السنن، امام خلف بن سالم سنڌي کان هڪ راويءَ
جي واسطي سان روايت ڪئي آهي. امام احمد بن حنبل جو
چوڻ آهي ته خلف بن سالم نهايت سچو آهي، جنهن ۾
ڪوبه شڪ نه آهي.
امام يعقوب بن شيبہ چوي ٿو ته: ”خلف بن سالم ثقہ (معتبر) آهي،
جنهن تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو حُميدي کان به
زياده اعتماد جو مستحق آهي (جيڪو بخاري جو شيخ پڻ
آهي)“
مون پنهنجي مقالي ۾ امام حافظ عبد بن حميد بن نصر الڪسي السندي،
صاحب المسند، جي حياتيءَ تي به لکيو آهي. هي اهو
صاحب آهي، جنهن کان مسلم بن حجاج، جامع ”صحيح مسلم
54 حديثون روايتون ڪيون آهن ۽ ابو عيسيٰ الترمذي،
صاحب السنن به روايت ڪئي آهي. سال 200 هجريءَ ۾
طلب علم لاءِ پنهنجي ملڪ مان نڪتو ۽ سال 249
هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
هاڻي آئون سڀني سنڌي محدثن جا فقط نالا ٿو ٻڌايان ته جيئن توهان
کي اسان جي ملڪ سنڌ جي عظلمت جو پتو پوي: احمد بن
السندي، سنڌي بن شاهڪ، ابوبڪر محمد سنڌي ۽ ان جو
پٽ محمد، ابو نصر الفتح، احمد بن محمد المنصوري
السندي، امام ابو جعفر المنصوري (سن350هه)
عبدالعزيز بن عبدالله المنصوري (سن434هه) ابو فضل
محمد بن عبدالعزيز (سن324هه) ابوالفوارس السندي
مسند ديار مصر ابن حامد الديلمي، محدث قاضي ابو
حنيفہ السندي البڪري (هن صاحب سان ابن بطوطہ مشهور
سياح به ملاقات ڪئي هئي، جنهن پنهنجي سفرنامي ۾ ان
جو ذڪر ڪيو آهي)، امام سعود بن شيبہ السندي (هن جو
ڪتاب آهي تعليم ۾ انهيءَ جو ”طبقات حنفيہ“ پڻ آهي.
هن صاحب امام الحرمين الجوينيءَ تي رد به ڪيو آهي،
اهڙي طرح ان جي شاگرد غزاليءَ به ان تي رد ڪيو
آهي. جو نهايت بليغ آهي، اهو سندس مٿي ذڪر ڪيل
ڪتاب ۾ آهي).
(اصل عربيءَ ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي پڙهيل مقالي جو
اختصار). |