امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي سوانح حيات ۽ سندن انقلابي پيغام
(هي مضمون 22 آگسٽ 1951ع تي مولانا سنڌي جي ستين ورسي تي سنڌ
مسلم ڪاليج هال ۾ پڙهيو ويو هو)
حضرت مولانا هندستان پهچڻ بعد سڀ کان وڏو ڪم هي ڪيو جو پنهنجي
فڪر کان تمام جلد علمي طبقي کي واقف ڪيائون.
پنهنجي فڪر جي متعلق پاڻ به ڪجهه لکيائون ۽ مولانا
کي مڃيندڙن به سندس ڳالهين کي گهڻي حد تائين قلم
بند ڪري ورتو. حضرت شاهه ولي الله جي سياسي تحريڪ
اڄ تائين ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آئي هئي، سا اهڙي
ته عالمانه انداز سان ماڻهن جي اڳيان رکيائون، جو
هنن سندس تحريڪ کي يڪدم سمجهي ورتو. حضرت مولانا
ايندڙ انقلاب لاءِ پيشنگويون ڪري ويا آهن، جي
واقعات ۽ دليلن تي قائم آهن، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي
ته ايندڙ حالتن جو مولانا صحيح اندازو لڳائي ويو
آهي.
پيدائش: اڄ 22 آگست دنياءِ اسلام جي جنهن مايه ناز مفڪر مولانا
عبيدالله سنڌي جي ستين ورسي ڪراچي ۽ اندرون سنڌ
ملهائي وڃي ٿي، تنهن جي پيدائش 1289هجري مطابق
1882ع ضلع سيالڪوٽ جي چيانوالي ڳوٺ جي هڪ سک
گهراڻي ۾ ٿي. مولانا جي پيدائش کان اڳ سندس والد
فوت ٿي چڪو هو ۽ اڃا ٻن سالن جي ڄمار جا مس ٿيا جو
سندن ڏاڏو به گذاري ويو، جنهن ڪري پرورش جو سمورو
بار مولانا جي ماءُ تي پيو، جا کيس ضلع ڊيره غازي
خان ۾ پيڪن وٽ وٺي آئي، اهڙي طرح هن نيڪ سيرت ٻار
جو ٻالپڻو ئي ڏکن سورن سان شروع ٿيو.
ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سور سين،
تاڻين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.
ابتدائي تعليم
1295هجري مطابق 1878ع ۾ جڏهن مولانا جي ٻالجتيءَ جا ڇهه ورهيه
پورا ٿيا، تڏهن کيس ڄام پور جي هڪ اسڪول ۾ پڙهڻ
لاءِ ويهاريو ويو، مولانا جي علمي ذوق، شوق ۽ ذهني
ڪمال جي حد چئجي جو اسڪولن جي رٿيل نصاب کي اڻپورو
ڄاڻي هيٺين علمن جهڙوڪ رياضي، حساب، آلجبرا،
اقليدس ۽ تاريخ ۾ خاص طرح وڌيڪ اڀياس ڪرڻ لڳا. ان
سان گڏ هڪ سال جي عرصي ۾ عربي ادب جا ابتدائي ڪتاب
به پڙهي ورتائون.
قبول اسلام
هندستان جي هڪ برهمڻ سن1301هجري ۾ اسلام قبول ڪيو هو، جنهن جو
نالو شيخ عبيدالله رکيو ويو هو. ان نو مسلم جو
اسلام جي حقانيت تي هڪ لکيل ڪتاب ”تحفة الهند“
نالي مولانا کي ملي ويو. ان جي پڙهڻ سان کيس اسلام
لاءِ دل ۾ محبت پيدا ٿي. انهيءَ وچ ۾ ڪتاب تقوية
الايمان مصنف مولانا اسماعيل شهيد ۽ شيخ محمد بن
بارڪ الله لاهوريءَ جو ڪتاب ”احوال الاخرت“ به
مطالع ڪيائون. ان کان پوءِ دل جو دل ۾ اسلام
اختيار ڪري، خدا جو ذڪر ڪندا رهيا ۽ ”تحفة الهند“
جي مصنف جي نالي تي پنهنجو نالو عبيدالله منتخب
ڪيائون.
تن تسبيح، من مڻيو، دل طنبورو جن،
تندون جي طلب جون وحدت سروڄن،
وحده لا شريک لہ اهو راڳ رڳن،
سي سعائي سهن، ننڊ عبادت ان جي
(شاهه)
گهر کان ڀڄي نڪرڻ
مولانا پنهنجي مٽن مائٽن جي خوف کان اسلام جو اظهار نه ڪري
سگهندا هئا کين ڀڄڻ جو ڪو طريقو به نه ٿي سجهيو،
ان ڪري يونس عليہ السلام جي هيءَ دعا: ”لا الـٰہ
الا انت سبحانک اني کنت من الظالمين“پڙهڻ شروع
ڪيائون. ڌڻيءَ در دعا اگهي، کين ڪي مسلمان ساٿي
ملي ويا، جن جي ساٿ سنگت ۾ الله تي آسرو رکي،
مهراڻ جي موجن جو مشاهدو ڪندي اچي سنڌ پهتا.
گهڙيا سي چڙهيا سي ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پؤ ٽپو ڏيئي.
(شاهه)
هن نوجوان جا ڪي ڀاڳ چئجن جو سنڌ ۾ پهچڻ سان ئي سيد العارفين
حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي کيس خدمت ۽
زيارت حاصل ٿي ۽ ڪلمه توحيد جي ٻيهر تلقين وٺي،
حضرت حافظ صاحب جي هٿ تي طريقي قادري ۾ بيعت ڪري،
سنڌ کي هميشه لاءِ وطن بنايائون ۽ پاڻ کي سنڌي لکڻ
لڳا. حضرت حافظ صاحب هڪ مجلس ۾ ظاهر ڪيو ته
عبيدالله اسلام جي خاطر پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي.
هاڻ آئون ان جو پيءُ آهيان.
مولانا جو مرشد حضرت حافظ صاحب طريقه قادريه جي جيلاني شاخ ۽
طريقه نقشبنديه ادميه احسنيه کي گڏيندڙ راشدي
طريقه جو هڪ وڏو بزرگ ۽ شيخ ڪامل هو. صدر شهيد سيد
احمد صاحب بريلوي ۽ امير شاهه اسماعيل جڏهن سکن
سان لڙائي جي خيال کان سنڌ مان ٿيندا، سرحد ڏانهن
وڃي رهيا هئا. تڏهن حضرت حافظ صاحب جي انهن سان
ملاقات ٿي ۽ فيض صحبت کان مستفيد ٿيا هئا. مولانا
سنڌيءَ جو ولي الاهي خاندان سان پهريون تعلق حضرت
حافظ صاحب جي ذريعي ئي ٿيو، جنهن جي تڪميل
دارالعلوم ديوبند ۾ ٿي.
سيويو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبه جي تاثير سي، تري ويا طوفان،
ڏيئيءَ توڪل تڪيو آڙ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان وچ ۾ گڏين واهرو.
(شاهه)
دارالعلوم ديوبند ڏانهن روانگي
مولانا سنڌي کي باطني علم پرائڻ لاءِ جهڙي طرح حضرت حافظ جهڙو
وقت جو جنيد ملي ويو، اهڙيءَ طرح دارالعلوم ديوبند
۾ ظاهري علم پرائڻ لاءِ دنياءِ اسلام جو وڏو عالم
مولانا شيخ الهند استاد مليو. مولانا، دارالعلوم
جي اٺن سالن واري ڪورس کي ساڍن ٽن سالن ۾ پورو ڪري
ورتو. دارالعلوم ۾ هڪ بزرگ ممتحن سيد احمد دهلوي
مولانا جي امتحان جي جوابن کي ڏسي هيءَ پيشنگوئي
ڪئي ته هن نوجوان کي جيڪڏهن ڪتابن جي ڪا لئبريري
ملي وئي ته ثاني شاهه عبدالعزيز ٿيندو.
سنڌ ڏانهن واپسي
مولانا سنڌي دارالعلوم جي اعليٰ نصاب کي پورو ڪري، سنڌ وريا.
سندن مربي ۽ مرشد حضرت حافظ ٿورو اڳ وصال فرمائي
ويا هئا، ان ڪري حضرت صاحب جي خليفه مولانا تاج
محمد امروٽي وٽ کين رهڻو پيو ۽ حضرت امروٽي صاحب
مولانا کي هڪ مدرسو کولي ڏنو ۽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو
گڏ ڪيو. ڇهه ست سال اتي علمي ڪم ڪندا رهيا، ان وچ
۾ بزرگن مولانا کي سکر مان شادي به ڪرائي. شاديءَ
کان پوءِ مولانا پنهنجي ٻڍي ماتا کي به گهرائي
ورتو، جا پنهنجي سک مذهب تي رهي ڌرمي پوڄا پاٽ
ڪندي هئي. مولانا کي اولاد به ٿيو، ليڪن نرينه
اولاد فوت ٿي ويو. مولانا سنڌي ڪن سببن جي ڪري
امروٽ ڇڏي ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد ۾ راشدي
خاندان جي پيرن جي خدمت ۾ پهتا. پير صاحبن وٽ
مختلف علوم، فنون جي ڪتابن جو هڪ وڏو خانداني
ذخيرو هو. مولانا اتي به هڪ علمي ادارو دارالرشاد
جي نالي سان کوليو. سارو ڪتب خانو مولانا جي حوالي
ڪيو ويو. مولانا فرمائيندا هئا ته مون کي انهن
ڪتابن کان بيحد علمي فائدو پهتو.
دارالعلوم ديوبند ڏانهن ٻيهر روانگي
ان وچ ۾ حضرت شيخ الهند مولانا سنڌي کي ديوبند گهرائي ورتو ۽
کيس انقلابي پرزن جي گڏ ڪرڻ جو ارشاد فرمايو. جنهن
ڪري مولانا هڪ جماعت جمعية الانصار نالي قائم ڪري،
ڪم کي لڳي ويا. پر مولانا لاءِ جهڙي طرح سک سماج
جو دائرو تنگ هو، اهڙي طرح مسلمانن جي خود ساخته
سماج ۾ (جنهن کي اهي اسلام سڏي رهيا هئا) به ڪا
گنجائش نه رهي هئي. عالمن جي ڪنهن ڀاڱي مولانا
بابت مختلف فتوائون صادر ڪيون. ليڪن مولانا سنڌي
اسلامي تعليم جي روح ۽ حڪمت کي سمجهي ورتو هو،
جنهن ڪري انهن فتوائن جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو ۽
ويتر کين يقين ٿيو ته حقيقي اسلام اهو نه آهي،
جنهن جا ٺيڪيدار هي ماڻهو آهن.
اِن پر نه ايمان جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.
(شاهه)
ديوبند کان دهلي ڏانهن
مولانا کي ديوبند ڇڏي دهلي وڃڻو پيو ۽ اتي نظارت المعارف نالي
هڪ ادارو ان مقصد لاءِ قائم ڪيائون ته جيئن
مسلمانن جي بناوتي اسلام سماج جي خلاف قرآن مقدس
جي ڏسيل اصولن تي اسلام جو بنياد رکيو وڃي. ان
اداري ۾ قرآن ۽ حجة الله البالغة جي انقلابي رنگ ۾
تعليم شروع ڪئي، جنهن جو انگريزي نوجوانن تي ڪافي
اثر ٿيو ۽ دهلي ۾ رهي هندستان جي سربرآورده ليڊرن،
ڊاڪٽر انصاري، حڪيم اجمل خان، مولانا محمد علي ۽
مولانا آزاد سان سندس تعلق پيدا ٿيو ۽ سندس ڪوشش
سان مٿيان بزرگ، شيخ الهند جي انقلابي فڪر جا
سرگرم معاون بنجي ويا.
سنڌ ڏانهن واپسي ۽ ڪابل ڏانهن روانگي
نظارت المعارف اداره کي گهڻو وقت هلائي نه سگهيا، ڇوته مولانا
سنڌيءَ کي 1914ع واري لڙائي ۽ ٻين اهم ضرورتن
ڏانهن متوجهه ٿيڻو پيو. ان وقت مسلمانن جون سڀ
اميدون ترڪي حڪومت سان وابسته هيون. انگريزن ترڪن
خلاف لڙائي ڇيڙي ڇڏي. هندستان جي مسلمان ليڊرن ترڪ
ڀائرن جي مدد ڪرڻ ٿي گهري، ان پُر آشوب زماني ۾
مولانا سنڌيءَ کي پنهنجي استاد طرفان هي حڪم مليو
ته ”ڪابل“ هليا وڃو! مولانا سنڌي استاد جي حڪم کان
منهن نه موڙيو ۽ پنهنجي ٻڍي ماءُ کي (جنهن جو
سهارو فقط پاڻ ئي هئا) هتي سنڌ ۾ ڇڏي اسريا ۽ ڏاڍن
ڏولاون ۽ ڏاکڙن سان سن1915ع ۾ ڪابل پهتا.
عاشق زهر پيا، وه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
لڳين لنو لطيف چئي فنا ڪيا فراق،
توڻي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي.
(شاهه)
قيام ڪابل جي سياسي ڪارگذارين جو سمورو بيان سندن ”ذاتي ڊائري“
۾ موجود آهي.
نظريہ ۾ تبديلي
مولانا سنڌي جو وطن کان نڪرڻ هڪ عالمگير اخوت اسلامي جي جذبه
پٽاندڙ هو، ان وقت مولانا ۽ سندن رفيقن جو خيال
ڪنهن به صورت ۾ خلافت عثمانيه کي بچائڻ جو هو.
ليڪن جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ ڏٺائون ته سڀ ڪنهن ملڪ
لاءِ پنهنجون ڪي خاص ضرورتون آهن ۽ اتي جا ماڻهو
انهن قومي ضرورتن کي اڳتي رکڻ لاءِ مجبور آهن، سڀ
ماڻهو وطن، زمين ۽ مخصوص روايات سان وابسته آهن.
تڏهن مولانا قوم جي مستقل وجود جي نظريه کي مڃي
ورتو ۽ کين اڳئين نظريه ۾ تبديلي ڪرڻي پئي.
ڪابل کان ماسڪو
سن1922ع ۾ مولانا سنڌي افغانستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ روس روانا
ٿي ويا. ان وقت لينن زنده هو. زار جو روس ختم ٿي
چڪو هو ۽ ان جي جاءِ تي اشتراڪي روس بنجي رهيو هو.
مولانا برابر هڪ سال ماسڪو ۾ رهيا ۽ ڪيترن اشتراڪي
ليڊرن سان مليا جليا ۽ کين اشتراڪيت جي اصولن جي
مطالعي جو موقعو مليو. مولانا روسي انقلابي
پروگرام جي ڪنهن ڀاڱي کي کليل اکرن ۾ ساراهيو ۽
انقلابي آدمين جي عزم، اراده ۽ بي پناه قوت کي
تسليم ڪيو، ليڪن ان هوندي به اسلام ۽ دين جي محبت
۾ ڪابه ڪمي نه آئي ۽ روسي انقلاب جي سڀني بلندين
کان اسلام کين وڌيڪ بلند نظر آيو.
جيها جي تيها، مون مارو مڃئا،
مون جيڏيون ملير ۾ چونڊون موڪ ميهام
مهجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
(شاهه)
ليڪن ياد رهي ته مولانا جنهن اسلام کي روسي انقلاب کان بلند ڏسي
رهيا هئا. هي اهو هٿرادو اسلام نه هو، جنهن کي
افغانستان ۽ هندستان ۾ ڏسي چڪا هئا. ان ڪري ئي
مولانا جي دماغ ۾ هٿرادو ”اسلامي سماج“ يا خود
مختيار مسلمان بادشاهن ۽ ڊڪٽيٽرن جي اسلامي حڪومت
لاءِ جاءِ نه رهي هئي.
ماسڪو کان ترڪي ڏانهن
ماسڪو جي سير و سياحت کان فارغ ٿي، مولانا سنڌي ترڪي ويا. ان
وقت مصطفيٰ ڪمال ترڪي کي ڪمالي ترڪي بنائي رهيو
هو. مولانا ساڍا ٽي سال اتي رهي، ترڪي انقلاب جو
پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪندا رهيا ۽ مصطفيٰ ڪمال
سان به ملندا ۽ مشورا ڏيندا رهيا.
ترڪي کان حجاز ڏانهن
ترڪي جي انقلاب جو مطالعو ڪري حجاز ڏانهن رخ رکيائون. حجاز
ايندي اٽلي ۽ سوئيزر لينڊ جي سياحت به ڪيائون.
مڪه ۾ ٻارهن سالن جي اقامت واري عرصي ۾ سياسي سرگرمين کان بلڪل
پاسيرا ٿي، پنهنجي خيالن ۽ تجربن تي ولي الاهي
فلسفي جي روءِ سان نظر ثاني ڪرڻ لڳا. مولانا ان
عرصي ۾ هندستان جي حالات کان بي خبر نه هئا.
اخبارون ۽ رسالا کين باقاعده ملندا هئا ۽ هر سال
حج جي موقعي تي هندستانين سان به سندن ملاقاتون
ٿينديون هيون.
هيڄ، نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون.
وهو وچ رهن، سهسين سڌن واريون.
(شاهه)
وطن ڏانهن واپسي
1937ع ۾ صوبن جي خودمختاري وارو دور آيو ۽ مولانا سنڌي جي واپسي
لاءِ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻين جماعتن جي ليڊرن
سچائي ۽ همدرديءَ سان ڪوشش ڪئي. مولانا جڏهن محسوس
ڪيو ته سندس افڪار وطني ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا،
تنهن ڪري ڪن پابندين ۽ شرطن کي برداشت ڪندي وطن
ورڻ جي خواهش ڏيکاري. مولانا تان بندش لاٿي وئي ۽
مارچ 1939ع ۾ حجاز کان ڪراچي پهتا ۽ هتي اچڻ سان
ملڪي ماڻهن کي اگهور ننڊ مان بيدار ڪندي کين هن
طرح هڪ انقلابي تحريڪ سان تعارف ڪرائيندي مخاطب
ڪيو:
وڍيل ٿو وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هي هنجون هڏن لئه هاري.
(شاهه)
مون کي هن آخري عمر ۾ گهر ۽ وطن جي اڪير هتي ڇڪي نه آندو آهي.
آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ موت جا ڏينهن ڳڻي رهيو
آهيان. مون کي جيڪڏهن آرام جي آرزو هجي ها ته حرم
جو پاڙيسري ٿي، پاڪ زمين جي مٽيءَ ۾ پورجڻ پسند
ڪيان ها، ليڪن هن ڪمزوري هوندي به آئون اوهان وٽ
هن ڪري آيو آهيان ته اوهان کي پيغام ڏيان:
”اوهان جي بزرگن مون کي ٻاهر موڪليو، ٻاهر رهي مون اسلام ۽
مسلمانن جي پڄنديءَ آهر گهڻي خدمت ڪئي. حياتيءَ جا
سڄا سارا 24 سال مون ٻاهر گذاريا. مون انهن ملڪن
جي شين کي تماشائي ٿي نه ڏٺو، پر وڏين تحريڪن ۾
بهرو وٺندو رهيس. انهن ۾ ڪڏهن ته مون کي ڪاميابي
نصيب ٿي ۽ ڪڏهن جان کي جلائيندڙ شڪستن جو منهن به
ڏسڻو پيو. مون کي مسلمان بادشاهن جي صلاحن ۽ مشورن
۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو به مليو ۽ اهڙن سپهه سالارن
جو ساٿي ٿي رهيس، جن وڏين لڙاين ۽ جنگين کي سر ڪيو
هو. مون انهن ملڪن جي تاريخ ۽ حالات جو مطالعو
ڪيو. منهنجي ڳالهين کي گهڙي جو اثر ۽ وقتي جوش نه
سمجهو. منهنجين ڳالهين پويان تجربن ۽ اکين ڏٺل
احوال جو هڪ وڏو داستان آهن. منهنجين اکين آڏو
وڏيون وڏيون سلطنتون برباد ٿيون. اهي ماڻهو، جيڪي
علم، حڪمت، عزت ۽ دولت جي نشي ۾ چور ۽ جسماني
راحتن ۾ مست هئا، انقلاب جي هڪ لت سان ذلت جي کڏ ۾
ڪريل نظر آيا. مون پراڻي تمدن جي بنيادن کي ڀرندي
ڏٺو ۽ اهو نظام فڪر، جنهن جا مڃيندڙ ان کي اٽل
سمجهي ٿوري تبديلي به برداشت نه ڪندا هئا، انهن
نظامن جي جهنڊي جهولائيندڙن کي وطن کان دور دربدر
ڌڪا کائيندي ڏٺو. انساني نسلن کي فنا ٿيندي، شهرن
کي ويران، تمدن کي مٽجندي، مذهبن ۽ مذهبي ماڻهن کي
بي درديءَ سان ڪسندي ڏٺو.. انهن انقلابن کي هڪ ٻئي
پويان ڏسندو رهيس ۽ سوچ ويچار پڻ ڪندو رهيس.“
مولانا فرمايو ته دنيا کي وڪوڙي ويندڙ انقلاب جي طغياني ۽ سيلاب
کي اکين سان ڏسي آيو آهيان، انهيءَ سيلاب گهڻن
ملڪن کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ باقي رهيل ملڪ به گهڻي تائين
بچي نه سگهندا. هي انقلاب وقت جي تاريخي گهرجن جو
قدرتي نتيجو آهي، انقلاب جي اها ٻوڏ پوئتي هٽندڙ
نه آهي، چين جي ڀت هجي يا سڪندر جي سد، ڄڻ ته دنيا
۾ ٻيو نوح وارو طوفان اچي رهيو آهي، ڪڪر ڇائنجي
ويا آهن ۽ مينهن وسڻ وارو آهي.
مان ڏسان ٿو ته اوهين ان طوفان کان بي خبر آهيو، اوهان جي عالمن
جون اکيون اڳين لکيل ڪتابن جي سٽن ۾ ڦاٿل آهن، اهي
ماحول کي بالڪل نه ٿا ڏسن. مطلب ته اوهان جا عالم
مري چڪا آهن. اوهان جا سياستدان وڏيون وڏيون رٿو
رٿن ٿا، مگر انهن جو خاص فائدو ڪن ٿورن ماڻهن کان
سواءِ عوام کي نه ٿو پهچي. اهي ليڊر قوم، وطن،
مذهب، ڪلچر پڪاريندا رهن ٿا، مگر حقيقت ۾ انهن جو
ڪوبه مذهب يا ڪلچر نه آهي ۽ جي آهي ته ڪنهن خاص
فرقي لاءِ. قوم جو وچولو طبقو به رومزه جي کاڌ
خوراڪ ۽ رسمي مذهب کان سواءِ ٻئي ڪنهن به پاسي ڪن
ڪونه ٿو ڏئي، باقي رهيو عوام (مزدور، هاري، ناري)
جو قوم جو وڏو ڀاڱو ۽ قومي جسم جا هٿ پير آهن،
انهن کي اوهان العوام کالانعام چئي صدين کان ڍورن
جي درجي تي پهچايو آهي. اٿو! سجاڳ ٿيو! اوهان جو
موسم بهار ڪڏهن جو گذري چڪو آهي. اوهان اڃان خوش
اعتقادي جي ڦندي ۾ ڦاٿا پيا آهيو. زندگي جون قهري
قوتون پوري طاقت سان انسانيت جي پيٽ مان ٻرندڙ جبل
وانگر ڦاٽي نڪتيون آهن. انسانيت جو وڏو ڀاڱو هاري
۽ مزدور ڪمائين ٿا ۽ انهن جي ڪمائي کي هڪ ننڍي
ٽولي پنهنجو حق ڄاڻي هضم ڪري رهي آهي. ان جو نتيجو
هي نڪتو آهي جو ڪمائيندڙ جماعت ڪريل ۽ خوار رهي ٿي
۽ کائو ٽولي دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ انساني اخلاق
جون سڀ حدون لتاڙي وئي آهي، غضب ته هي آهي جو هن
وقت جيڪي به علم، ڪلچر، مذهب جا سانچا ٺاهيا ويا
آهن، ان ۾ به خوشحال ٽوليءَ جو خيال رکيو ويو آهي.
هن وقت مشينون مزدورن جي هٿن ۾ اچي ويون آهن
مزدور منظم ٿي رهيا آهن، اڳتي هلي هاري به ساڻن
شامل ٿي ويندا.
مولانا فرمايو”جيڪڏهن اوهين ان انقلاب جي خطرات ۽ لاديني فلسفي
کان بچڻ گهرو ٿا ته ڪنهن اهڙي حڪيم جي ديني فلسفي
کي پسند ڪيو، جو خدا کي مڃيندي خدا جي مظلوم مخلوق
کي، خوشحال بڻائي سگهي. مولانا پنهنجي وطن وارن کي
ٻڌايو ته مان انقلاب جي اهڙي ديني فلسفي جو
پهچائيندڙ بنجي آيو آهيان، منهنجي انقلاب جو پيغام
اوهان کي لاديني انقلاب جي نقصان کان بچائي وٺندو.
محنت ڪندڙ مزدورن ۽ هارين جي هٿن ۾ طاقت ۽ قوت
ضرور ايندي. توهان جيڪڏهن انهيءَ انقلاب کي ديني
نه بنايو ته پوءِ انقلاب لاديني فلسفي وسيلي
ايندو.“ پنجويهن سالن کان پوءِ مولانا سنڌي انقلاب
جا داعي ۽ سڏيندڙ ٿي واپس وريا، انقلاب جي ديني
فلسفي تي کين پورو ڀروسو ٿي چڪو هو ته هو لاديني
انقلاب کان انسانيت لاءِ زياده فائديمند ۽ جٽاءُ
دار ٿيندو.
لاديني انقلاب جي ڪار گذارين کي مولانا پنهنجي اکين سان ڏسي آيا
هئا، اهو ڏسڻ به مخالفانه نه هو، پر همدردانه هو۽
اتي جي انقلابي ماڻهن سان ملندا رهيا. پر سڀ ڪجهه
ڏسندي به انقلاب جي ان لاديني فلسفي کي سندن دماغ
ناقص ۽ اڻ پورو سمجهيو.
هتي هڪ شڪ جاڳي ٿو ته مولانا جون پنهنجي ملڪ ۾ اقتصادي انقلاب
آڻڻ جون ڪوششون روس جي سير و سياحت ۾ پيدا ٿيل اثر
سبب ته نه هيون؟ ان بابت اسان هيترو عرض ڪريون ٿا
ته مولانا سنڌي روس ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شاهه ولي
الله جي تاريخي خواب ”فک کل نظام (يعني هن وقت جي
سڀ ڪنهن پراڻي نظام کي ٽوڙيو) جو مڃيندڙ بنائي
ڇڏيو هو ۽ پورا انقلابي بنجي چڪا هئا. برابر روس
جي انقلاب مٿن اثر ڪيو، پر اهو ان کان وڌيڪ نه هو
ته ان جي تجربي سان پنهنجي انقلابي فڪر کي وقت جي
حالتن واري سانچي ۾ پلٽيائون ۽ ان کي عمل ۾ آڻن
لاءِ رستا ۽ واٽون جاچيائون.
انقلاب جو هي پيغام سندن انقلابي طبيعت، ماحول، انقلابي تعليم ۽
سالن جي تجربي جي پيدائش هو. مولانا جو هي انقلابي
سڏ روسي انقلاب جو پڙاڏو نه آهي. انقلاب جو هي فڪر
سندن ئي ذهن جو بنايل آهي ۽ انقلاب لاءِ هي بي
آرامي ۽ سندن درد دل جو اثر آهي، جنهن محمد امين
خان کوسي جهڙي جوشيلي نوجوان کي لاديني رفيقن جي
ساٿ سنگت مان ٻاهر ڪڍيو ۽ جناب جي ايم سيد جهڙي
علمي انسان کي وطنيت جو سبق پڙهايو ۽ شيخ
عبدالمجيد جهڙي مفڪر ۽ مولانا وفائي مرحوم کي
اداره بيت الڪمت بنائڻ لاءِ بيتاب بنايو ۽ مولوي
حاجي نذير حسين جلالي کي ”آمنت برب عبيدالله“ جو
ڪلمو پڙهايو ۽ مولوي قاضي عزيز الله جي عملي
سرگرمين کي هارين ۽ مزدورن لاءِوقف بنائي ڇڏيو ۽
سيد علي محمد راشدي کي به سوچڻ لاءِ مجبور ڪري
گرويده بنايو.
مولانا سنڌي جي نظريي مطابق اهو فلسفه شاهه ولي الله دهلوي جو
آهي، جو هڪ عالم، حڪيم، محدث، مجتهد خدا شناس
بزرگ ٿي چڪو آهي. شاهه ولي الله جي فلسفه
اقتصاديات ۽ الاهيات جو حل مولانا سنڌي جي تعليمات
۽ استنبول واري پروگرام ۾ ڏسڻ گهرجي.
وفات
حضرت مولانا سنڌي جي صحت جواب ڏئي چڪي هئي. ان هوندي به ملڪ جي
گوشي گوشي ۾ پهچي، پنهنجو پيغام پهچائي فرض ادا
ڪري 22 آگسٽ سن1944ع تي هميشہ لاءِ اسان کان جدا
ٿي حظيرة القدس ۾ آرامي ٿيا.
مرڻا اڳي جي موا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا،
جيڻا اڳي جي جيا، جڳ جڳ سي جين،
اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي موا.
(شاهه) |