ادب ۽ تنقيد
سنڌي حرفن جي صورتخطي
سنڌي زبان پنهنجي قدامت ۽ حروف تهجيءَ جي وسعت جي خيال کان اها
زبان آهي، جنهن سان دنيا جون ڪي ٿوريون ٻوليون
ڪَرَ ساهي سگهن ٿيون، پر افسوس جو ان جو بنهه
آڳاٽو تحريري ادب اسان سنڀالي نه سگهيا آهيون، نه
ته ان جي مختلف دورن ۾ ترقي ۽ اوسر جو فيصلو ڪرڻ
آسان ٿي پوي ها. اسلام جي ظهور کان اڳ سنڌي ٻوليءَ
جي ساخت ۽ ادب بابت اسان وٽ ڪابه ثابتي نه آهي، پر
ان جي ويجهڙائيءَ ۾ هن ٻوليءَ جو ثبوت ملي ٿو،
جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪن ٿورن
حرفن جي اچارڻ واري تبديليءَ کان سواءِ سنڌي
ٻوليءَ جي سٽا ساڳي رهي جا اڳ هئي. هن بابت سڀ کان
قديم حوالو حديث جي ڪتاب مسند امام احمد بن حنبل ۾
ملي ٿو ته نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم واپار جي
خيال کان نبوت کان اڳ بحرين جي مشهر عالمي واپاري
ميلي ۾ واپار لاءِ ويندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ ان ميلي
۾ بيٺا هئا ته پنهنجي ساٿين کي ڪن ماڻهن ڏانهن
اشارو ڪندي فرمايائون ته اهي سنڌي واپاري آهن ۽
سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. اهڙو اشارو پاڻ سڳورن
چيني ماڻهن ڏانهن به فرمايو. هن واپاري ميلي بابت
تاريخن ۾ اچي ٿو ته اهو ايڏو واپاري ميلو لڳندو هو
جو ان ۾ سنڌ، هند ۽ چين جا واپاري به وڻج واپار
لاءِ سفر جا ڪشالا ڪڍي پهچي ويندا هئا. حضور اڪرم
صلي الله عليہ وسلم جي انهيءَ فرمان مان اهو پتو
پوي ٿو ته جيئن پاڻ سنڌين جي صورت، بيهڪ ۽ پوشاڪ
کان واقف هئا، تيئن سنڌي زبان بابت به کين ڪجهه
ڄاڻ ضرور هئي. هن لاءِ حديث جي سڀ کان قديم ڪتاب
موطا امام مالڪ جي هڪ روايت مان به تائيد ملي ٿي
ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي گهرو خدمتگارن ۾
هڪ سنڌي خادمه به هئي، جنهن هڪ ام المومنين کي
بيمار هجڻ جي صورت ۾ سنڌي سُتي به ڏسي هئي. عربيءَ
جي مشهور جاگرافي نويس بزرگ بن شهريار سندس جڳ
مشهور ڪتاب عجائب الهند جي بنهه ابتدائي صفحن ۾
اها روايت آندي آهي ته منصوره سنڌ جي هڪ عالم ٽين
صدي هجريءَ جي وچ ڌاري هڪ راجا لاءِ قرآن حڪيم جو
سنڌي زبان ۾ ترجمو لکيو هو. اها روايت به سنڌي
ٻوليءَ جي اهميت کي شاندار بنائي ٿي.
سنڌي زبان جڏهن عربيءَ وانگر سڄي کان کٻي پاسي ڏانهن لکڻ ۾ آئي
ته افسوس جو ان جي مخصوص اکرن جي ڪا هڪ صحيح صورت
مقرر نه ڪئي وئي، جنهن کي جيئن ٿي وڻيو، ان ائين
ٿي ڪيو. اهوئي اصلي ڪارڻ آهي جو اسان وٽ هن قديم
زبان جي نثري تحرير ٽن صدين کان مٿي نه ملي سگهي
آهي. جس هجي ميون ابوالحسن سنڌيءَ کي، جنهن يارهين
صديءَ جي آخر ڌاري سنڌي حرفن جي لکڻ لاءِ ڪا صورت
بنائي ۽ مقدمة الصلواة نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو.
انهيءَ دور ۾ رني ڪوٽ جي هڪ عالم علم ورثي جي
مشهور ڪتاب سراجيءَ جو سنڌيءَ نظم ۾ ترجمو لکيو.
اهو ڪتاب احقر راقم وٽ موجود آهي. ميون ابوالحسن
ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ سن1128هه ڌاري وفات ڪري
ويو. سندس ڪتاب اها مقبوليت حاصل ڪئي جو مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي عربيءَ ۾ هڪ رسالو لکي جواب ڏنو ۽
مقدمة الصلواة سنڌيءَ جو عربيءَ ۾ ترجمو به ڪيو.
هڪ ٻئي تي اهو علمي رد ڪد هلندو رهيو، پر افسوس جو
مخدوم محمد قائم جلدي وفات ڪري ويو، ان جي وفات
کان پوءِ به مخدوم محمد هاشم ان جي رد ۾ رسالو
لکيو. مخدوم محمد قائم ميون ابوالحسن سنڌيءَ جو
مريد ۽ معتقد هو. اهي رسالا به احقر راقم وٽ موجود
آهن، جيڪي پير جهنڊي جي علمي ڪتاب خاني مان نقل
ڪيا ويا هئا.
هن کان پوءِ عالمن سنڌي تحرير ۾ انهيءَ رسم الخط کي اختيار ڪيو
۽ سنڌي جو ديني ادب وجود ۾ آيو، جو هزارن صفحن جي
ڪتابن واري صورت ۾ موجود آهي، جنهن مان گهڻا ڪتاب
بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرا ٿيا. ان لاءِ سنڌي ڪاتبن جي
گهرج محسوس ڪئي وئي ۽ ڪيترا سنڌي زبان جا ڪاتب
پيدا ٿيا، جن وڃي بمبئي وسائي، انهن مان احمد سمون
ڪاتب وڏي شهرت رکي ٿو. اڳ سنڌ ۾ مسجدون ۽ ديني
مدرسن ۾ جيڪي قرآن هوندا هئا، سي گهڻو ڪري بمبئي
جا ڇپيل هوندا هئا ۽ احمد ۽ محمد سمي جا لکيل
هوندا هئا. انهن جو خط ايڏو ته صاف ۽ سٺو هو جو ان
سان برصغير جي ڪنهن ٻئي ڪاتب جو مقابلو نه ٿي
سگهندو هو. افسوس جو اسان جي بيقدري ڪري اهو فن به
اسان کان ڇڏائجي ويو.
انگريزن جي دور ۾ سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي وئي،
ٽائيپ ۾ ڪتاب ڇپجڻ لڳا ۽ ليٿو جو اڳ وارو رواج
گهٽجڻ لڳو. هن جو هڪ پاسي اهو وڏو فائدو پهتو جو
سنڌي نثر توڙي نظم ۾ هزارين ڪتاب لکجي پڌرا ٿيا،
ٻئي پاسي اسان جي وڏن عالمن جو ديني ادب، جيڪو
هزارن صفحن تي مشتمل هو ۽ ان ۾ عربي حوالن ڪري
اعراب ڏنل هئي، ٽائيپ ۾ اعراب نه هجڻ ڪري اهو هتي
ڇپجڻ کان رهجي ويو. بمبئيءَ سان به سنڌ جي جدائيءَ
کان پوءِ رابطو ڪٽجي ويو ۽ سنڌي ڪتابن جي اشاعت
وارو سلسلو رڪجي ويو.
اسان جا اڳوڻا ديني عالم انفرادي طور سنڌي زبان جي اشاعت لاءِ
چڱي خدمت ڪندا رهيا. تازو مون کي هڪ ننڍو رسالو هٿ
آيو آهي، جيڪو ٻه سؤ سال اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. ان ۾
قديم سنڌي رسم الخط ۾ مخصوص سنڌي حرفن جي لکڻ جي
تعليم ڏني وئي آهي. اهو رسالو ڊيمي سائيز جي چئن
صفحن تي مشتمل آهي. منڍ ۾ سنڌي الف- ب جو ڪجهه
نمونو ڏنو ويو آهي، جيئن ان کي هن مضمون جي شروع ۾
آندو ويو آهي.
رسالي ۾ ڪتب آيل سنڌي اکرن جي صورت هن طرح آهي: ڻ کي ن، ڙ کي ر،
پڙهو کي پرهو، ٽ کي ت، ٻ کي ب ڪري آندو ويو آهي.
هاڻي هت اسان هاڻوڪي رسم الخط کي خيال ۾ رکيو آهي
ته جيئن سڀ ڪنهن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي.
بــسم الله الرحمٰن الرحيم
ساراهجي سو ڌڻي جو خاوند ملڪ خدا
جہ جهان اپائيو ڪري ڪامل قدرتا
صدقي ۾ حضرت رسول جي جہ جوڙيا جهانا
پڙهو صلواة رسول ڪريم تي دائم درودا
هاڻي حروف سنڌي جا ساريان (ساريم) سنڌي واءِ
اتي صورت بي (ب) جي اکر لکجن ٽي
جا ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان پروڙج پي
پاڻي، پيالو، پيئندو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا تان ڀڀر سنڌي ڀي
ڀرون، ڀالو، ڀرڪو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو تان ٻير سنڌي ٻي
ٻير، ٻانهي، ٻيرالي منجهه اچي
۽ مٿي صورت ٻي جي اکر لکجن ٿي
۽ جان ٽٻڪا مٿس چار ٿيا تان پروڙج سا ٿي
ٿاءُ، ٿهر، ٿهريو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا هيڪڙو هيٺ
ٻه مٿي تان ٽا پروڙج ٽي
ٽڪر، ٽڪاءُ، ٽور ۾ انهيءَ منجهه (الپر) اچي
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي تي ٿيو تان پروڙج سا ٺي
ٺپن، ٺوپي، انهيءَ منجهه اچي
۽ پڻ سورت جيم جي سا چئي ڀتين لکجي
۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا ڇوها پرڙوج ڇي
ڇنون، ڇپر، ڇار، انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان چئج ڇٽائي چي
چون، چاچو، چوندو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٻه ٿيا تان ڄاڻي سمجهه ڃي
ڃاؤ، ڃمندو، ڃاپڻ انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو ته آهي اها ڄي
ڄنگهه، ڄانگهي، ڄوڪڻ انهيءَ منجهه اچي
۽ پڻ صورت دال جي چئين ڀتين آهي
جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا تان ڏسي سڻج ڏي
ڏ تي ڏناءِ ڏيندو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا مٿس ٻه ٿيا ته ڌرن سمجهه ڌي
ڌاءِ، ڌئارڻ، ڌوئڻ انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪو هيٺس هيڪ ٿيو ته آهي اها ڊي
ڊيل، ڊنڍ، ڊورا انهيءَ منجهه اچي
چوٿين طرح دال جي اها دال ۽ ري لکجي
ڊرو ڪڻ (ڊڪڻ) ڊرورڻ، ڊورائڻ انهيءَ منجهه اچي
۽ پڻ صورت ڪاف جي جي چئين ڀتين آهي
اول کي جهو کي کائڻ کارائڻ انهيءَ منجهه اچي
ٻيو گهي جهڙو گهه، گهڻو گهوڙو انهيءَ منجهه اچي
ٽيون ڳي جهڙو ڳهڻ، ڳوهڻ، ڳيهون انهيءَ منجهه اچي
چوٿون ڱي جهڙو منڱڻ، ٿنڱڻ، مڱڻو انهيءَ منجهه اچي
۽ پڻ هيڪڙو اکر سنڌي جو اها تي ۽ ري لکجي
جهڙو ترپڻ، ترهڻ، تررڻ انهيءَ منجهه اچي
جيڪو هي حرف سنڌي جا صحيا سڃاڻي
سو ٿيندو ماهر سنڌي ۾ سين فضل سٻاجهي
پڙهو صلواة ۽ سلام سرور تي جو سرور سونهارو
لنگهائيندو لڪيون مرسل موچارو
ويندا سي ايمان سين ڪلمو جن چيو
لا الـٰہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم
(مهراڻ: 2-3 - 1983ع)
سنڌي ادب ۾ اسلام جون علامتون
سنڌ جي سرزمين ”باب الاسلام“ آهي. هتي هر دور ۾ وڏا محقق، عالم،
اديب، عارف ۽ صوفي شاعر پيدا ٿيا، جن پنهنجين
تخليقن سان سنڌيءَ جهڙي سٻاجهڙي، سهڻي ۽ سلوڻي
زبان کي مالا مال ڪيو.
برصغير ۾ وادئ سنڌ اهو سعادتمند خطو آهي، جنهن کي سڀ کان پهرين
اسلام جهڙي اعليٰ مذهب سان روشناس ٿيڻ ڪري ”باب
الاسلام“ جو لقب عطا ٿيو. پهرين صدي هجري جي آخر ۾
جڏهن عرب مسلمان فاتح هتي پهتا ته اهي پاڻ سان گڏ
عربي ٻولي (جيڪا قرآن مقدس جي ٻولي پڻ آهي) کنيو
آيا ۽ برصغير جي سڀني ٻولين مان هن علائقي جي
سٻاجهڙي، سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ جو عربي ٻوليءَ
کان اڳ ۾ تعارف ٿيو ۽ سنڌي ٻولي عربي زبان کان اثر
وٺي هڪ نئين روپ ۾ نمودار ٿي. هتي ٿوري ئي وقت ۾
وڏا وڏا محقق، عالم، اديب، عارف ۽ صوفي شاعر پيدا
ٿيا، جن سنڌي ادب ۽ ساهت کي شعائر الله، اسلام جي
علامتن، اصطلاحن ۽ اصولن جي ذڪر سان ڀرپور ڪري
سنڌي ادب کي نئون جامون پهرايو.
قديم دور جو ادب گهڻو ڪري ڏوهيڙن جي شڪل ۾ ملي ٿو. هن سلسلي ۾
شاه عبدالڪريم بلڙي وارو، قاضي قاضن، ميون شاه
عنايت، شاه لطف الله قادري، شاعرن جو شهنشاهه حضرت
شاه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لواريءَ
وارو، سچل سرمست درازي ۽ ٺٽي جي مخدومن جا ڏوهيڙا
۽ ڪلام اسلامي علامتن ۽ قرآني آيتن سان ڀرپور آهن.
شاه ڪريم (وفات 1032هه) خدا پاڪ جي سهڻن نالن مان اسم ذات
”الله“ کي پنهنجي ڪلام ۾ آڻي اسلام جي مکيه علامت،
عقيدي ۽ شعار توحيد کي هن طرح بيان ٿو ڪري:
تون چؤ الله هيڪڙو، وائي، ٻي مَ سک
سچو اکر مَنَ ۾ سوئي لکئو لکُ
عربي ٻوليءَ ۾ لا جو اکر نفي يا انڪار لاءِ ايندو آهي ۽ صوفين
سڳورن جي مذهبي ۽ اسلامي اصطلاح ۾ ان مان باطل
معبودن کي رد ڪرڻ ۽ انهن جي انڪار ڏانهن اشارو
آهي، جيئن ڪلمه توحيد لا الـٰہ الاالله ۾ آيو آهي.
نائين ۽ ڏهين صديءَ جو سنڌي باڪمال شاعر ۽ عارف
قاضي قاضن ان علامت کي هن طرح ڪتب آڻي رهيو آهي:
”لا“ لاهيندي ڪَنِ کي ”لا“ موراهين ناهِ،
”بِلا“ ري پريان ڪِٿِ نه، ڏسي ڪي ٻيو.
جبار به الله جو نالو آهي، جنهن ۾ خوف جو پهلو غالب آهي. ماڻهن
کي خوف ياد ڏياري، اهو اسم ٻين پاسن کان منهن
موڙائي هڪ الله ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ياد ڏياري ٿو.
ان وقت خوف جي حالت ۾ پيغمبر اسلام جنهن کي اسلام
جي زبان ۾ شفيع يا امت جو آڌار چئجي ٿو، ان کي
سارڻ به ٿيندو آهي. ميون شاهه عنايت الله (وفات
1020هه) پنهنجي ڪلام ۾ سامونڊين جي سفر کي آڏو رکي
هن طرح مٿيون اسلامي علامتون اچاري رهيو آهي:
جڏهن جر ڏُونہ جهازُ جُنبئا ڪري ياد جبارُ،
اکيون وڌائيون الله ڏي ٻيو وساري پارُ،
سنڀاريائون سيد چئي، امت جو آڌارُ،
تيلانہ بصري لٿو بارُ ستڙَ سامونڊين جو.
اسلام برابري، انساني برادري ۽ مساوات جو مذهب آهي. ان ۾ هتي جي
قديم قومن ۽ ڌرمن وانگر ذات پات جو ڀيد ۽ فرق نه
آهي. قرآن صاف ٻڌائي ٿو ته اوهان مان خدا کي سڀ
کان وڌيڪ پسند ۽ پيارو اهو آهي، جيڪو اوهان مان
وڌيڪ پرهيزگار ۽ خدا کان خائف آهي. شاهه لطف الله
قادري (وفات اٽڪل 1100هه) مٿئين اسلامي ڳُڻَ ۽
علامت کي قرآن پاڪ جي آيت سان گڏ هن طرح آڻي رهيو
آهي:
پُوتائيءَ پري ڪِئا ٿِئا زادا زوايا ضاءِ،
سندي تنين ڳالهڙي، هتي هُت نه ڪاءِ،
ان اڪرمکم عندالله اتقاکم پيهي پروڙئاءِ،
هي جي ڪينَ ٿئا، سي هڏهين ناه ڪين.
ٻيو بيت آهي:
نه عقل، نه علم ڪين، نڪا ذات نه تات،
عالم سڀ عنايت جو جنہ ڏئي تنہ ڏات،
الا من اتي الله بقلب سليم پروڙيو پرڀات،
لئي پانهجي لات، سڀڪو ٿيندو پڌرو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (وفات 1165هه) پنهنجي ڪلام ۾ اسلام
جي علامتن ۽ قرآن پاڪ جي آيتن کي آڻڻ ۾ سڀ کان
سبقت ڪري ويو. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي بيتن کي
قرآن پاڪ جون آيتون سڏي ٿو. قرآن پاڪ ۾ خدا تعاليٰ
طرفان ارواحن کان عهد وٺڻ جو بيان آهي ۽ ارواحن
اهڙو اقرار ۽ عهد هائو چئي ڪيو. شاهه صاحب اسلام
جي هن علامت ۽ عقيدي کي مارئيءَ جي پنهنجي وطن سان
محبت جي پردي ۾ هن طرح بيان ڪري رهيو آهي:
الست بربکم جڏهن ڪن پيوم،
قالوا بليٰ قلب سين تڏه تت چيوم،
تهين وير ڪيوم وچن ويڙيچن سين.
دنيا جي پيدائش کي اسلام ۾ ڪن فيڪون جي لفظن سان ٻڌايو ويو آهي،
ان ڪري انهن اکرن مان علامتي طور ايڏانهن ئي اشارو
هوندو آهي. شاهه صاحب ان علامت کي ڪيئن نه مارئيءَ
جي واتان اچارائي رهيو آهي:
جڏه ڪن فيڪون من تڏاهڪون مارئين،
تون ڪينءَ وجهين تن کي سومرا شڪون،
هيرن هڪيون جاڙ چئي کي پاتيون.
رضا ۽ قدر کي رب جي ڪئي تي صبر لاءِ آڻبو آهي. ان لاءِ شاه صاحب
قسمت جو لفظ آڻي هڪ پاسي ان عقيدي جو اظهار ڪري
رهيو آهي ته ٻئي پاسي خدا جي ويجهڙائي ۽ قرب کي
قرآن مجيد جي هڪ آيت جي روشني ۾ هن طرح بيان ڪري
رهيو آهي:
قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد وطن آن ويندياس،
مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين؟
قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته الله وٽ دين رڳو اسلام آهي. اهو به ظاهر
آهي ته اسلام پڪو دين ۽ سڌو رستو آهي، جيڪو اڳين
انبيائن کان وٺي آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن
ٻڌايو. اسلام جي لفظي معنيٰ آهي مڃتا، ۽ اها
ايستائين نه ٿيندي جيستائين رب جي رضا تي راضي نه
رهبو. سڄي رضا فنا سان حاصل ٿيندي آهي. هن ساري
اسلامي مسئلي کي حضرت خواجه محمد زمان صاحب
لواريءَ وارو (وفات 1188هه) هن طرح ذڪر ڪري رهيو
آهي:
جي محبت منجهه مئا سي مور نه مرن ڪڏهين،
من قتلتہ فانا ديتہ وڏي مئل وئا،
ان الدين عندالله الاسلام، وڃي موت وهاءِ،
موتا اڳي ماءِ اڳاهون اسلام ٿيو.
اسلام اهو سبق ڏئي ٿو ته دنيوي رسمن کي ڇڏي هڪ خدا ڏانهن منهن
ڪجي ۽ ان سان لنئو لڳائجي. خدا وارن وٽ مسلمان هجڻ
لاءِ اها وڏي علامت ۽ اهڃاڻ آهي. هن مقصد کي خواجه
صاحب هيئن بيان ڪري ٿو:
ڇڏ جاڳوٽا جوڳين، دونهيون ڪيم دکاءِ،
واذڪر ربک في نفسک اندر آگ جلاءِ،
جن سڄڻ جي ساڃاءِ تن ڪينا ميٺو ڪين ڪي.
مسجد اقصيٰ اسلام ۾ معراج لاءِ علامت ۽ اشارو آهي. هن علامت کي
خواجه محمد زمان رحه ڪهڙي نه سٺي پيرائي ۾ آڻي
رهيو آهي:
ڇڏي ويڙ وجود جي اسر اقصيٰ ڏانہ،
سرحد اتي شاه محمد مڙئو رب کي،
مر ته پسين پرينءَ کي ڇڏ دنيا جو دار،
لن تروا ربکم حتي تموتوا جيري مڙي نه جا،
عالمن جي سردار ملڪ لنگهيو معراج سين.
ڀٽائي صاحب کان پوءِ سچل سرمست (وفات: 1242هه) هڪ اهڙو شاعر
پيدا ٿيو، جنهن عطار ۽ حلاج جي فلسفي وحدت الوجود
کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي بيان ڪيو ۽ تصوف ۽ اسلامي
علامتن سان پنهنجي ڪلام کي ڀري ڇڏيو. هن سلسلي ۾
سرمست جي وحدت نامي مان ڪي بيت ڏجن ٿا:
من عرف رب ڪل لسانہ ٻڌي ڇڏيو زبان انهن،
نشي تن کي ناهه ڪيو مورئون ”مان“ نه چون،
”قل ڪل من عندالله“ اهو ڪيائون ڪن،
والقدر خيره و شره من الله تعاليٰ سڀ اوڏاهون ڄاڻن.
مخدوم محمد امين (ٽيون) هالائي عرف پکن ڌڻي (وفات 1331هه)
پنهنجي هن بيت ۾ اسلام جي ڪيترين ئي علامتن کي
چاري رهيو آهي:
”الف“ الله عليم تون راحم رب رحمان،
الف ”الست بربکم“ فرض ٿيو فرمان،
”قالوا بليٰ“ ڪل ٿيو جزءِ تي جرمان،
”جزاءُهم عند ربهم“ اهوئي احسان،
محمد لڌو مان عالم تي ”امين“ ٿي.
”نور“ اسلام ۾ گهڻو ڪري الله جو نور استعمال ٿيندو آهي. قرآن
شريف جي آيت ”الله نور السموات والارض“ ۾ الله کي
زمين ۽ آسمان جو نور سڏيو ويو آهي. سيد حسن بخش
شاه ڊٺڙائي (وفات 1318هه) خدا جي قرب ۽ نور کي
پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح بيان ڪري رهيو آهي:
ڏورين ڇو ٿو ڏور هو ورنهه اٿئي ويجهڙو،
سڄڻ ساه پساه ۾ دلبر نه دور،
ووڙي ڏس وجود ۾ نرمل سندو نور،
”حسن بخش“ حضور مري جيءُ ته ملندين.
معراج لفظ اسلام ۾ پيغمبر عليہ السلام جي آسمانن واري سفر ۽
الله جي ديدار لاءِ ايندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح طور
سينا جبل مان به الله جي ديدار ڏانهن اشارو ايندو
آهي. سيد نواب شاهه سڪايل روهڙي وارو (وفات 1900هه
ڌاري) درويشن جي مراقبي کي معراج سڏي رهيو آهي.
مونا طور سينا مولائن جو معراج،
ڪاپڙين اندر ۾ ڪيو آديسين علاج،
سڪايل تَن تاج پاتو آهي پريت جو.
اوڻيهين صديءَ جو هڪ شاعر محمد اڪرم پٺاڻ شڪارپوري خدا جي قرب ۽
ارواحن جي قول ۽ اقرار کي قرآن پاڪ جي لفظن سان هن
طرح ٻڌائي رهيو آهي:
”وفي انفسکم“ تو وٽ تنهنجو هوت هميشه هو،
آندءِ عار ڪهڙي امڪان سان....
”قالوا بليٰ“ ڪالهه قريبن قول ڪڏهن تو ڪيو،
پئين پور ڪهڙي پيمان سان.....
سنڌي ادب ۾ اسلام جو اثر هتي جي نه رڳو مسلمان شاعرن ۾ هو، پر
هندو فقيرن ۽ شاعرن ۾ به هو. ڏسو نصير سائين جو
نوازيل ”موهن، عاقل لڳ لاڙڪاڻي جو ويٺل (وفات
1905ع) جو ڪلام:
مرشد معنيٰ سان ڏسيو اسم ڪو اڪسير،
احدئون احمد آئو سو مڃ محمد مير.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
جي تون ڪلمي ڪوڏيو ته ”لا“ جي تيغ لڳاءِ،
ما سوا محبوب ريءَ ساري جان جلاءِ،
باقي ڪين بچاءِ ”موهن“ حقيقت ريءَ.
حضرت امام حسين جو نالو شڪر ۽ رضا جو مسجمو آهي. هن کي شاه نصير
الدين نقشبندي نوشهري وارو (وفات 1318هه) هڪ مرثيه
۾ هيئن ادا ڪري رهيو آهي:
ارض سما و ڪرسي و عرش برين مٿي،
ٿيو غلغلو شهادت شاڪر حسين جو.
رعدُ ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ بارش لاءِ ايندو آهي. قرآن مجيد ۾ هڪ سورت
جو نالو به رعد آهي. ساڳيو ئي شاعر شاه نصير الدين
فرمائي ٿو:
موتي لڌيون ملڪ جون، سانگ سنڀارون،
رعد جي رڙين کان ٿيون طرحين تنوارون،
پرور جي پارون ساري سنڌ نهال ٿي. |