سدائين حمد ڪر صاحب کي ساري
وساري ڪيم وه ڪہ ويل واري
اٿي، ويٺي، ستي تہ جي ثنا ۾،
حياتي وڃ سڄي گوهر گذاري
”اولي الالباب“ اهڙن کي اتائين
”اني لہ“ حرف کي ترتون نهاري
مڪائي رحمة للعالمين کي
ٻدم جنہ جي پيا عاصي پناري
اچڻ جنہ جي ڪري ظلمات ٿي نور
منجهل موڙهل ڪيا، سونهان سچاري
سندو تنہ آل ۽ اصحاب اڪمل
محبت تن سندي جيءَ کي جياري
ڪيو نازل مٿس قرآن قادر
اها جنہ جي وڌو عالم اجاري
لکين مشرڪ مڃي ٿي محب موٽيا
ڪفر ۽ شرڪ ڪيائون ڪاٽي ڪناري
اڳوڻا علم ٿيا منسوخ مڙئي
حڪم احڪام ڪيائين تجديد تاري
سوين تفسير ٿيا عربي تنهين جا
پروڙڻ تن سندو اوکي اشاري
سواءِ علماءَ جي ٻيو ڪونه سمجهي
حقيقي حڪم جي چت سان چتاري
ٿئي آخر صدي تيرهن جي صادر
اهي علماءَ ويا سنڌ مان سڌاري
مدرسا محو ٿيا، اسڪول آباد
پگهارن جي وڌا موڳا منجهاري
جڏهن چؤ طرف ٿيو هي حال هي هاءِ
تڏهن ٿي سعي ڪير ساجد ستاري
سچي سيد سخي سجاد صاحب
ڪيو اي حڪم دليون ”دستار واري“
اسم ”حزب الله“ غالب ڪافرن تي
مدد مولا جي سان مردود ماري
تنہ ڪئي تڪليف هن اضعف تي اهڙي
ته ڪر تصنيف ڪا سنڌي سڌاري
صدا ٻولي ۾ ٿئي تفسير سارو
عدوّن جا وجهي جو ڏيل ڏاري
پڙهڻ پاڙهڻ سڀ سوکو ٿئي سڀ
محبن جون دليون ڏئي ٺاهه ٺاري
اسان کي پڻ اميد آهي اهائي
ته ان جي عشق ۾ ماري جياري
وسيلي ان سڳوري جي اسان کي
چڙهائي چاڙهه، سڀ اوکا اڪاري
۽ پڙهندڙ مان ڪن دل سان دعائون
قبولي سي سڀئي ستار ساري
لکين احسان، آگي جا اسان تي
عطا عظميٰ ڪيائين ناقص نهاري
وسيلو واهر آهي اسان جو
پٺي ان جي لڳاسون لام لاري
اسم تفسير جو سڻجو صديقي
رکيو هن رهگذر واري وچاري
الاهي سهو ۽ جيڪا خطا ٿي
عفو ڪج سڀئي صاحب سنڀاري
تمت تفسير ڪئي تاريخ ويهن
محرم ماهه ۾ بيشڪ ڀلاري
صدي ٻارهين نوي ٻي پڻ نهارج
اهو سن سال ڏس نر تان نهاري 1390هه
لاڏاڻو لوڪ مان ٿئي ساڻ ڪلمي
سمر توحيد جو تاري تراري
مئي جيئري مڪي يا مديني ۾
ادب اخلاص سان واحد وهاري
قبولج سڀ دعا عاصي جي آگاه
اجابت آسرو تنہ جو اساري
هن سنڌي ترجمي ۽ تفسير جي تصنيف آڳاٽي آهي، باقي ڇپائي سو دير
سان ٿي آهي. اسان جي آڏو هن جو ليٿو وارو ڇاپو
آهي، جو 1327هه ۽ 1330هه ۾ ٽن ضخيم حصن ۾ ڇپيو. هر
ڀاڱو ۽ جلد ڏهن ڏهن پارن تي مشتمل آهي. اسان جي
نظر مان هن ڇاپي جو پهريون جلد نه گذريو آهي، باقي
پويان ٻه جلد هرهڪ ٻيو ۽ ٽيون هن طرح صفحن ۾
ورهايل آهن: جلد ٻيون صفحا 864، طباعت جو سال
1327هه. جلد ٽيون صفحا 811، طباعت جو سال 1330هه.
هن تفسير جو ڪاتب بختيار پور ضلعي دادو جو مشهور محقق عالم
مولانا محمد عمر آهي، جنهن پنهنجي طرفان به هڪ نوٽ
لکيو آهي، جو هي آهي:
”هي ٽين حصو ڪتاب مستطاب ’تفسير ڪوثر شاهه مردان‘ جو تاريخ
پندرهين مهيني شعبان المعظم 1330هه (تيرهن سو
ٽيهه) جي هٿان خاڪسار ذره بيمقدار شڪستہ قلم ناقص
رقم المفتاق المفتقر اليٰ رحمة الاڪبر ابو ابراهيم
محمد عمر سنڌي بختيارپوري.“
مولانا محمد عمر بختيار پوري جا ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي معتقد
هئا، جن ڏانهن گهڻو ڪري هر سال ويندو هو. اسان به
ساڻس ملاقات ڪئي هئي. هو هڪ آزاد خيال محقق هو ۽
سندس خط موتين جي مالها معلوم ٿيندو هو.
مولانا محمد عمر بختيار پوري هن تفسير جي تقريظ سنڌي نظم ۾ لکي
آهي. شعر جيتوڻيڪ ڪچو ڦڪو آهي، پر ان مان ڇپائي جي
سال تي روشني پوي ٿي ۽ اهو به ته ڪنهن جي خرچ سان
ڇپيو ۽ ڪڏهن ڇپيو؟ ان ڪري اختصار کان ڪم وٺي ڪي
خاص بيت نقل ڪيون ٿا، شعر جي شروع ۾ حضرت شاهه
مردان شاهه پاڳاري جي تعريف ڪندي آخر ۾ لکي ٿو:
تنهن تي ان تفسير کي سرور ڇپايو سيگهه مان
اعانت ساڻ الله جي جور رهنما و راهبر
خرچ پنهنجي خاص سان، نيت ڪري خيرات جي
اجر ڪارڻ آخرت جي، جو سفر عقبيٰ جو سمر
پهرو حصو پورو ٿيو، ترتان ڇپي تفسير جو
معرفت سان ان مولوي جي، جو بزرگ ڀلو هو باوقر
عالم و فاضل ڀلارو حافظ حدود الله جو
عاقل عبداللطيف جو، مرحوم مؤلف جو پر
موليٰ مرهي تن مٿين کي، هي دنيا جي دار کان
موڙي مهارون موٽيا، راهي ٿيا راهِ حشر
پوءِ ٻيا باقي ٻه ڀاڱا تفسير جا تيار ٿيا
اذن سان الله جي ڇپجي ٿيا پڌر
تن جي ڇپجڻ ۾ ڪيو حاجي احمد حريري اهتمام
حسبہ الله تعاليٰ، اجر اخريٰ جي نظر
صفا سيرت، خوب خصلت، نيڪ نيت، نيڪ نام
ڪم ڪري الله ڪارڻ، محنت سنديس مشڪور تر
ساعي، مؤلف، مهتمم کي آگو ڪري جنت عطا
غرفات ۾، جنات عدن حلوا اساور سيم و زر
پر محبن جي محابي، احسان آگو من ڪري
مسڪين محمد عمر سان جو عاجز آهي عاصي اپر
تاريخ طبع تفسير جي، تيرهن سو سن ٽيهه ٻيا
حضرت سندي هجرت ڪنان، لنگهي ٿيا ها در گذر
ماهه رمضان جو مهينو تاريخ اسعد تيرهين
عالم ۾ اُڀري پيو، هي سج هدايت جو پڌر
الله تعاليٰ عمر بخشي خضر جي خاوند خدام
اڀيڪ ڏي آسمان جيڏي راحم روز حشر
پير پاڳاري ڀلاري کي ۽ بخشي باري ڪڻس
توفيق ترقي دين جي ٻيڻو ڏئيس آگو اجر
اولاد ان جو صالح ڪري توفيق ڏئي تن کي خدا
هن ترجمي ۽ تفسير جي متن ۽ قرآن پاڪ جي تصحيح حافظ گل محمد
حيدرآبادي ڪئي. جيئن آخر ۾ لکيل آهي: صحيح کننده
حافظ گل محمد حيدرآباد سنڌ، باهتمام منشي احمد
الدين لاهوريه، مالڪ دبدبه حيدريہ مشين پريس.
هي ترجمو ۽ تفسير تازو بهترين ٽائيپ ۾ جناب محمد عثمان صاحب
ڏيپلائيءَ جي ڪوشش ۽ تصحيح سان پنجن جلدن ۾ ڇپيو
آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب اصلي ليٿو ڇاپي جي ٻولي
۽ صورت خطي کي سڌاري جديد صورت خطيءَ ۾ آندو آهي ۽
اڳوڻي قسم جي طرز تحرير مثلا: ”پوءِ آيو وٽ انهيءَ
جي“ کي درست ڪري، موجوده محاوري ”پوءِ انهيءَ وٽ
آيو“ ڪيو آهي ۽ ٻه هزار صفحا محنت ڪري پنهنجي هٿ
سان لکيا اٿس، جنهن ڪري سندس افاديت وڌي ويل آهي.
(15) تفسير مفتاح رشد الله
راشدي خاندان جي پير جهنڊي واري شاخ کان، اهو ڪهڙو ديندار ۽ علم
وارو انسان هوندو، جيڪو غير واقف هجي. روضي ڌڻي
پير محمد راشد رحه، جيڪو رشد ۽ هدايت جو سنڌ ۾ سبق
ڏنو ۽ مسلمانن کي حقيقي توحيد سان روشناس ڪرائي،
شرڪ ۽ بدعت کان بچايو ۽ سندن فيض جي ڪرڻن سوئي،
ڀرچونڊي، امروٽ ۽ دينپور ۾ پهچي هزارن گمراهن کي
دڳ لاتو، اهو سبق جيڪڏهن اڄ تائين ڪنهن جاري رکيو
ته اهي آهن جهنڊائي بزرگ، جن مسلمانن جي ازلي
دشمن، ترڪي خلافت کي تاراج ڪندڙ سامراجين کي وطن
عزيز کان لوڌي ڪڍڻ واري تحريڪ ۾ پڻ زوردار حصو
ورتو. سنڌ ۾ ان تحريڪ جو روح روان حضرت مولانا
محدث پير رشد الله جهنڊي وارو هو، جنهن کي خلافت
ڌڻيءَ جي لقب سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. هن بزرگ جي
علم ۽ رشد جي جيتري به تعريف ڪجي، سا ٿوري آهي.
حديث طحاوي شريف جي رجال تي سندس عالمانه تصنيف کي
وقت جي وڏن عالمن ۽ محدثن وڏي اهميت ڏني ۽ ديوبند
هندستان مان اهو ڪتاب ڇپجي شايع ٿيو. پير صاحب رحه
پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ عربي مدرسي جو پڻ بنياد رکيو،
جنهن جي نظام ۽ تعليم جون واڳون مولانا عبيدالله
سنڌي رحه جي حوالي ڪيون ويون. هن مدرسي جيڪا علمي
خدمت ڪئي، ان جو اندازو اوهان هن مان لڳائي سگهندا
ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪي وڏا عالم ڳڻيا وڃن ٿا، تن جي
اڪثريت اها آهي، جيڪي انهيءَ مدرسي جا فيض يافته
آهن.
پير صاحب هڪ وڏو ڪتاب خانو به ڪٺو ڪيو، جيڪو حيدرآباد دکن، خدا
بخش لائبريري (پاٽنا) سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ
لڳو. انهن سڀني ڪارنامن سان گڏ پير صاحب رحه جو هڪ
وڏو علمي ڪارنامو قرآن پاڪ جي خدمت به آهي، جو پاڻ
سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جو تفسير قاضي فتح محمد
کان لکرايائون، جنهن جو نالو آهي تفسير ”مفتاح رشد
الله“ هي تفسير ٻه ڀيرا اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي. هڪ
ڀيرو بمبئيءَ ۾ ڇپيو، جو نهايت عمدو ڇاپو هو ۽ ٻيو
ڇاپو پاڪستان بنجڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، جو ٽن
جلدن ۾ آهي. هن تفسير جي آخر ۾ مؤلف طرفان هڪ نوٽ
لکيو ويو آهي، جنهن مان تاليف جي سال جو پتو پوي
ٿو، اهو نوٽ هي آهي:
”هزارين حمد الله سائين جل شانہ جا، جنهن پنهنجي توفيق ۽
مهربانيءَ سان هن پهرين سيپاري جو تفسير اڄ جمعي
جي ڏينهن جمعي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ جمادي الاول
مهيني جي 15 تاريخ سال 1306هه ۾ پورو ڪرايو ۽ وري
به توفيق همراهه ڪري ڏيندو، جنهن سان اڳتي تفسير
شروع ڪندس.“
هن نوٽ مان واضح آهي ته تفسير جي تاليف جو ڪم، مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي مدرسي کان گهڻو اڳ شروع ڪيو ويو آهي.
ڇوته مولانا صاحب 1308هه ۾ دارالعلوم ديوبند مان
فارغ ٿي سنڌ ۾ پهتا ۽ ست سال ساندهه امروٽ ضلعي
سکر ۾ پڙهايائون. ان کان پوءِ جهنڊي ۾ قيام ڪيائون
۽ دارالرشاد مدرسو اوج تي پهتو.
(16) تنوير الايمان في تفسير القرآن سنڌي ترجمو ۽ تفسير مولانا
محمد عثمان بن حافظ محمد نورنگ زادو
هن تفسير ۽ ترجمي جي جيتري تعريف ڪجي، سا ٿوري آهي. سنڌ ۾ جهالت
۽ بي علمي ڪري بڇڙين بدعتن ۽ شرڪ جي رسمن جو جيڪو
رواج هو، انهن جي پاڙ پٽڻ ۾ هن تفسير وڏو ڪم ڏنو.
مولانا محمد عثمان نورنگ زادو پنهنجي وقت جو هڪ
وڏو عالم ۽ پرهيزگار انسان هو. کورواهه تعلقي گوني
جو رهاڪو هو، پر ڪراچي ۾ سالن جا سال ”سنڌ مدرسة
الاسلام“ جو معلم الفقہ ٿي رهيو. هي ترجمو ۽ تفسير
ان عرصي ۾ لکيائين.
تفسير جي مقدمي ۾ مترجم ۽ مؤلف جي طرح رقم طراز آهي:
”ڪثير العصيان محمد عثمان بن قدوة الحافظ مرحوم حافظ محمد نورنگ
زادو عرض ٿو ڪري ته سڀ ڪنهن ڪلام جي عزت، عظمت،
وڏائي ۽ انهن جي چوندڙ جي قدر آهر سڀني کي معلوم
آهي ته ڪلام الله پاڪ سڀني ڪلامن جو سردار ۽
بادشاهه آهي، ڇوته ان جو متڪلم پاڻ الله تعاليٰ جل
جلالہ آهي.“ اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”مون کي اها پڪ
آهي ته مون جهڙي ناقص، ڪم فهم ۽ ڪم علم جي ڪهڙي
جاءِ جو انهيءَ ڪلام پاڪ جو تفسير ڪريان. پر معلوم
هجي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ خصوصا سنڌ ۾ جناب معليٰ
القاب، فياض زمان، هادي گمرهان پير سائين حاجي سيد
رشدالله صاحب العلم (جهنڊي وارو) جهڙو نڪو ڪو آهي
علام علم شريعت جو ۽ نڪو آهي غواص بحرِ حقيقت
جو.... اشعار:
مؤمنن جي لاءِ آهي رحمتِ حق هر زمان
وارثِ دين نبي، آهي ڀلارو بيگمان
علم ۾ علام جهڙس ڪونه ڏسندين ڪو ٻئو
فيضِ حق جو بحر جاري آه تنهن وٽ بيڪران
شل سدا الله، تنهنجي نور سان روشن ڪري
سنڌ ساري، بلڪ سارو ملڪ ۽ سارو جهان
وارثِ علم رسول الله، رشد الله آه
آيت الله آهه، نورالله، هادي گمرهان
اڳتي هلي لکي ٿو ته ”هن تفسير جو پهريون پارو تيار ڪري حضرت
مرشد کي ڏيکاريم ۽ عرض ڪيم ته هن کي اصلاح به ڏيو
۽ هن جو نالو به رکو ۽ دعا به ڪريو. پوءِ پاڻ وڏي
مهربانيءَ سان هن سڄي تفسير کي جاچي ڏٺائون ۽ ڪجهه
اصلاح به ڪيائون ۽ سندس نالو تنوير الايمان في
تفسير القرآن رکيائون.“
فاضل مترجم ۽ مؤلف هن ترجمي ۽ تفسير لکڻ مهل هيٺيان تفسير
پنهنجي آڏو رکيا: (1) تفسير بيضاوي (2) تفسير ڪبير
(3) خازن (4) معالم (5) جمل (6) مدارڪ (7) تفسير
ابن عباس (8) جلالين (9) تفسير عزيزي (10) حسيني
(11) بحر مواج (12) تفسير رؤفي (13) خلاصة
التفاسير (14) تفسير ثنائي.
هن تفسير جو پهريون پارو، ليٿو ۾ وڏي سائيز تي مولوي عبداللطيف
بن مولوي محمد صديق تاجر ڪتب جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ
پنهنجي مطبع حسني بمبئي مان 14 رجب سن1328هه ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو. هن پاري جو ڪاتب عبدالحڪيم ٻڌايو
ويو آهي.
ٻيا پارا حاجي احمد، ريشم فروش (پاٽولي) فقير جو پڙ، حيدرآباد
سنڌ پنهنجي خرچ سان ڇپايا. ان کان پوءِ به اهو
تفسير وڏي سائز تي، ٽيهن پارن ۾ ڇپجي هڪدم ختم ٿي
ويو ۽ اڃا به پيو ڇپجي.
(17) ڪلام الله مترجم مرتضائي مع تفسير ضياءَ الايمان سنڌي
تفسير الايمان سنڌي جي مقبوليت کي ڏسي ان جي طرز ۽ سائيز تي
اثنا عشري شيعن طرفان اهو ترجمو ۽ تفسير سندن
عقيدن موافق تيار ٿيو. هن جو سائيز به تنوير
الايمان وانگر وڏو رکيو ويو. هن ترجمي ۽ تفسير جا
جيتوڻيڪ پنهنجي نظر مان رڳو پهريان ٻه پارا گذريا
آهن، پر جناب عبدالرسول صاحب مالڪ عباسي ڪتب خاني
جهونا مارڪيٽ، خبر ڪئي ته ”اهو سڄو تفسير ڇپيو هو،
جو محبان علي (عليہ السلام) ۾ هٿون هٿ وڪامي ويو.“
هن سنڌي تفسير جو هن طرح تعارف ڪرايو ويو آهي: ”الحمد لله ته هي
ترجمو ڪلام الله شريف جو بامحاوره سنڌي ۾، جنهن جي
محبانِ اهلِ بيت کي مدت کان آرزو هئي، فوائد
تفسيري مطابق، مذهب اهل بيت جي مولوي ميان محمد
خان مرتضائي تيار ڪيو، باهتمام در محمد جمالي،
ڪاتب نعماني در مطبع جارج اسٽيم لاهور طبع شد.“
(18) تفسير احمدي سنڌي تاليف احمد بن ڪرم الله مخدوم نورنگ پوٽو
هڪ هڪ ننڍڙو تفسير آهي، جو فقط ٽيهين پاري عم جو ترجمو ۽ تفسير
آهي ۽ ڊيمي سائيز جي 164 صفحن تي ڦهليل آهي. مترجم
شروع ۾ حمد ۽ صلوات کان پوءِ لکي ٿو ته ”مون
اٻوجهه، اڻ ڄاڻ گنهگار جي دل ۾ هڪ ڏينهن اهو خيال
اچي پيو ته جهان بي امان کي بقا نه آهي ۽ حياتي تي
ڪو ڀروسو نه آهي، تنهن ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي،
جنهن سان دارين جو فائدو حاصل ٿئي، اڳتي هڪ دوست
مشورو لکي موڪليو ته ڪو اهڙو ڪتاب رواجي سولي
سنڌيءَ ۾ ٺاهي تيار ڪر جو سنڌي خواندن، ٿوري
پڙهندڙن کي فائدو ڏيندڙ هجي، پر اهو ڪتاب تفسير
شريف ڪلام الله جي پوئين پاري جو هجي. الحمدلله جو
الله تعاليٰ جي فضل ۽ معاونت سان پورو ڪيم ۽
”تفسير احمدي“ نالو رکيم.
تفسير جي ماده تاريخ بابت ان دؤر جي ڪن بزرگ عالمن سنڌي نظم ۾
لکيو آهي، ان جو ذڪر دلچسپي کان خالي نه آهي. انهن
بزرگن مان هڪ آهي: مخدوم مولوي نور محمد صاحب
نورنگ زاده سابق پيش امام ميمڻ گاڏي کاتو رام باغ،
سندس تقريظ هيءَ آهي:
مؤمنو ان کي بشارت ٿو ڏيان
واهه وريو آ اوهان جو خوش نصيب
احمدي تفسير جز عم جي
ٿي مرتب آهي سنڌيءَ ۾ عجيب
مولوي احمد جزاءُ الله خيرا
جو اسان جو ”ابن اخ“ آهي قريب
تنهن محقق ڪيو محقق هي ڪتاب
جهد سان آخر مؤلف ٿيو مصيب
”جاهدوا فينا“ سندو نعم البدل
ڏي انهيءَ کي شال الله المجيب
”نور“ کي تاريخ هاتف هي چئي
احمدي تفسير فرقاني نجيب
مولانا محمد عثمان نورنگ زاده معلم الفقہ ”سنڌ مدرسة“ پڻ تقريظ
لکي آهي، جنهن جا ڪجهه خاص بيت نقل ڪجن ٿا:
خوش مبارڪ خوش بشارت، خوش خبر
مؤمنن کي ٿو ڏيان سهڻي سليم
ٿيو اٿوَ تفسير سنڌيءَ ۾ ادا
جزو آخر عم فرقان عليم
منهنجي مخلص، منهنجي مشفق منهنجي ڀاءُ
مولوي احمد لہ اجر ڪريم
تنهن کي ڪيو تاليف ڏاڍي جهد سان
رب قبل جهده، جهد عظيم
اڳتي هلي آخر ۾ هن طرح تاريخ ڪڍي ٿو:
قم واکتب انت تاريخ عجيب
احمدي تفسير قرآن قديم
1319هه
مصنف پاڻ به ماده تاريخ ۾ ٻه بيت لکيا آهن، جي هي آهن:
بعد تفسير ڪلام پاڪ رب
سال هجري ۾ ڪيم دل کان طلب
غيب کان آواز هي اَندم ٻڌم
”احمدا“ لک خوب خاصي با ادب
(1319هه)
(19) تفسير ۽ ترجمه ربع عَمَّ، تصنيف مولوي عبدالرحيم (رحه)
منگسي
هي ننڍڙو تفسير ننڍڙي سائز جي 146 صفحن تي مشتمل ليٿو تي ڇپيل
آهي، جو مولوي عبدالرحيم مرحوم معلم فقہ سنڌ مدرسة
الاسلام جي زور قلم جو نتيجو آهي، آخر ۾ مولانا
عبدالڪريم درس، حافظ غلام رسول قادري، حڪيم
عبدالخالق وغيره جون، تفسير بابت تقريظون درج ٿيل
آهن، جيئن ته تفسير جو سرورق غائب آهي، ان ڪري
ڇپائي جي سال جو ڪو پتو نه ٿو پوي.
(20، 21، 22، 23) درس قرآن شريف چار ڀاڱا، مترجم محمد حسن ڀٽو
هن تفسير جي چئن ڀاڱن ۾ نئين طرز تي عام ماڻهن جي افاده لاءِ
جدا جدا سبق لکيا ويا آهن، جي ڪل هڪ سو سبق آهن ۽
انهن ۾ قرآن مجيد جي پهرين پاري (الم) جو اڌ اچي
وڃي ٿو. اهو سلسلو اصل ۾ سيرت ڪميٽي پٽي ضلع لاهور
وارن اردو ۾ ڪيو هو، جنهن کي فقير محمد حسن ڀُٽي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، عام مسلمانن ۾ خدا ڪارڻ مفت
تقسيم ڪيو. اهو سلسلو افسوس جو اتي رڪجي ويو، نه
ته ڏاڍو سولو ۽ عام فهم تفسير تيار ٿي وڃي ها. هن
تفسير جي مقبوليت جو اندازو اوهان هن مان لڳائي
سگهو ٿا ته سن1954ع ۾ هندستان مان هڪ سنڌي هندو
دوست، دهلي جي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي معرفت، خاص
خط لکي اهو تفسير اسان کان گهرائي ورتو هو ۽ ان ۾
قرآني مطلب کي جنهن سولائيءَ سان بيان ڪيو ويو
آهي، تنهن جي بيحد تعريف لکي هئائين.
(24) ترجمة القرآن مع تفسير الفرقان (سنڌي تفسير) تصنيف مولانا
محمد مدني
مولانا محمد مدني صاحب اهو درويش صفت عالم آهي، جو ڪيترن سالن
کان سنڌي مسلمانن جي ديني ۽ ادبي خدمت ڪندو رهيو،
سندس سموري تعليم مديني منوره ۽ مڪي مڪرمه ۾ ٿي ۽
فراغت کان پوءِ سالن جا سال مسجد الحرام ۾ مدرس ٿي
رهيو. قرآن پاڪ سان سندس شوق ۽ محبت 13 ورهين جي
ڄمار کان شروع ٿي، جيڪا آخر تائين قائم رهي. عربي
ٻوليءَ سان گڏ، موصوف کي جيڪڏهن ٻي ٻوليءَ سان
پيار هيو ته اها سنڌي آهي. اهو مٿيون تفسير مولانا
مدنيءَ جي پهرين تصنيف آهي، جو 1931ع ۾ لکي ليٿوءَ
۾ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. اهو تفسير ٻيهر سڌاري لکي
شايع ڪيائون، جو هٿو هٿ وڪامي ويو. مولانا موصوف
جو اهو ڪمال چئجي، جو انهن پنهنجي تفسير ۾ شاهه
ولي الله محدث دهلويءَ جي فلسفي ۽ حڪمت جي گهڻن
مشڪل مسئلن کي آسان سنڌيءَ ۾ ادا ڪري ڇڏيو آهي.
(25) ترجمہ و تفسير سنڌي پارو 26، تصنيف مولانا محمد مدني صاحب
هي ترجمو ۽ تفسير 26 پاري جو، رايل سائز جي 105 صفحن تي ڦهليل
آهي، جيڪو شام آفسٽر ليٿو ورڪس لميٽيڊ ڪراچيءَ ۾
ڇپيو. مولانا محمد صاحب جي ٽيهين پاري جي تفسير
کان پوءِ هيءَ ٻي تصنيف آهي، جنهن بابت پاڻ لکن
ٿا: هن موجوده تفسير ۾ مون اهو طريقو اختيار ڪيو
آهي ته نقلي دليلن کي عقلي رنگ ۾ پيش ڪيو وڃي ته
قرآن جي سمجهڻ ۾ ڪنهن کي به مشڪل نه رهي ۽ اسان جي
نئين روشني وارن ڀائرن لاءِ دلچسپي جو سبب ٿئي. هن
غلام، الله جي فضل ۽ ڪرم سان سڄي قرآن شريف جي
تفسير جو مسودو مڪه معظمه (زادها الله شرفا و
تعظيما) ۾ رهي ان طريقي تي تيار ڪيو.
(26-27) ترجمه و تفسير سنڌي پارو 27 ۽ 28 تصنيف مولانا محمد
مدني
هنن ٻن پارن جو تفسير به الڳ الڳ ڇپايل آهي. 28 پاري جو تفسير
رايل سائيز جي 133 صفحن تي ڦهليل آهي، هي تفسير به
شاهه ولي الله جي فلسفي جي موافق لکيو ويو آهي ۽
نقلي دليلن کي عقلي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي. ڇاپي جو سال 1358هه آهي.
(28) تفسير معلم القرآن، سنڌي تصنيف قاضي عبدالرزاق مرحوم
مولانا قاضي عبدالرزاق مرحوم انهن جهونن اديبن مان هو، جن جو
لاڙو سنڌي مسلمانن جي مذهبي ۽ ادبي خدمت ڏانهن
رهيو، قاضي صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾
پڙهيو ۽ اتي ئي عربي جو استاد ٿي رهيو، اسلامي
تعليم ڏانهن سندس لاڙو هن طرح ٿيو، جو حضرت استاد
مولانا عبيدالله سنڌي رح هجرت کان اڳ واري دور ۾
پير جهنڊي ڳوٺ کان ڪراچي آيل هو. مولانا صاحب
خالقڏني هال ۾ ليڪچر فرمايو، جنهن قاضي صاحب جي دل
تي اهو اثر ڪيو، جو سنڌ مدرسة الاسلام کي ڇڏي، پير
جهنڊي ڳوٺ جهڙي ٻهراڙي ۾ رهڻ لڳو، اتي هڪ پاسي
عربي پڙهندڙ شاگردن کي انگريزي پڙهائيندو هو ته
ٻئي پاسي پاڻ عربيءَ جي تعليم پرائيندو هو، قاضي
صاحب ذهين ته هڪ ئي هو، ٿوري عرصي ۾ عربي تعليم
حاصل ڪري ورتائين. سنڌ مدرسہ مان قاضي صاحب وٽان
سوين شاگرد پڙهي نڪتا ۽ ان وچ ۾ قاضي صاحب روزاني
”الوحيد“ اخبار ۾ به ڪم ڪندو رهيو ۽ جڏهن ته
مولانا محمد عثمان نورنگزاده جهڙو مفسر سندس استاد
هو ۽ ٻئي پاسي وري پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله
جهڙي مفڪر اسلام ۽ مفسر جي خدمت کين نصيب ٿي، تنهن
ڪري قرآن پاڪ سان سندس ڏاڍي محبت رهندي آئي. مٿيون
ننڍڙو تفسير، جو فقط عم پاري جي ربع جو تفسير آهي،
انهيءَ ئي جذبي هيٺ لکيائين ۽ ٽائپ ۾ 104 ڪتابي
سائيز جي صفحن تي ڇپجي شايع ٿيو.
(29) تفير فتح الرحمٰن (سورت فاتحہ جو تفسير) تصنيف قاضي
عبدالرزاق رحه
قاضي صاحب مرحوم جو هي ٻيو تفسير آهي، جو موجوده دؤر جي حالت جي
تقاضا تي نئين رنگ ۾ ڪتابي سائيز جي 230 صفحن تي
ڦهليل سورت فاتحہ (الحمد) جو تفسير آهي، جو نئين
سنڌ پريس ڪراچيءَ مان ڇپجي، مدينہ دارالاشاعت
ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو، اها دارالاشاعت به قاضي
صاحب پاڻ بنائي هئي.
(30) تمدن عرب تفسير سورت سبا مرتب: غلام مصطفيٰ قاسمي
هي رايل سائز تي جديد رنگ ۾ هڪ ننڍڙو تفسير آهي، جو قرآن جي
سورت سبا جو تفسير آهي. هن ۾ مولانا استاد
عبيدالله سنڌي رحه جي ”قرآني افادات“ کي گڏ ڪيو
ويو آهي، پاڪستان کان اڳ ليٿوءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.
(31) الهام الرحمٰن تفسير پاره الم. مفسر مولانا عبيدالله سنڌي،
ترجمہ مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي:
دنيا ۾ جيڪي قرآن مجيد جا وڏا ڄاڻو ۽ عالم ڳڻيا وڃن ٿا، تن مان
اسان جو استاد مولانا عبيدالله سنڌي به هڪ هو.
مرحوم جي سڄي ڄمار قرآن مجيد جي خدمت ڪرڻ، سمجهڻ ۽
سمجهائڻ ۾ گذري. دنيا جي وڏن عالمن کانئس قرآن پاڪ
جو ترجمو ۽ تفسير پڙهيو، جن مان لينن گراڊ روس جو
وڏو عالم علامه موسيٰ جارالله به هڪ هو، جنهن مڪه
مڪرمہ ۾ مولانا سنڌيءَ کان قرآن پڙهيو ۽ عربي ۾
نوٽ لکيا. ڪراچي ۾ مولانا سنڌيءَ جي يادگار ۾ هڪ
ادارو بيت الحڪمت، مولانا محمد صادق کڏه وارن جي
صدارت هيٺ قائم ٿيو، هن اداري جو پهريون ڪم هو اهو
تفسير سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ شايع ڪرڻ، سنڌيءَ لاءِ
مولانا دين محمد وفائي ڪم شروع ڪري ڏنو. مولانا
وفائي مرحوم اڃان اڌ پارو مس ترجمو ڪيو ته اسان
کان موڪلائي وڃي شهر خموشان ۾ پهتو. مولانا وفائي
کان پوءِ اهو ڪم مون هٿ ۾ کنيو. هڪ پارو تفسير جو
تيار ٿي ويو ۽ اداره بيت الحڪمت طرفان ليٿو ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن تفسير جون ٿوري ئي وقت ۾
پنج سؤ کن ڪاپيون وڪامي ويون ته سنڌ جي قومي پريس
”الوحيد“ تي اوچتي اها آفت اچي ڪڙڪي جو سُڪن سان
گڏ ساوا به سڙي ويا، تفسير جون ڪاپيون اتي رکيل
هيون، سي به پريس سان گڏ سيل ٿي ويون ۽ اهو ڪم
اڌورو رهجي ويو. هن تفسير جو ٻيو ڇاپو ماستر
عبدالوارث صاحب سعيد آبادي طرفان ٽائيپ ۾ ڇپيو
آهي.
اسان هاڻي اهو سلسلو وري شروع ڪيو آهي ۽ اڳتي ڪم چالو آهي، جي
صحت ساٿ ڏنو ۽ رب جي توفيق شامل حال رهي ته ستت
سنڌيءَ جي ٻيا پارا به ڇپجي ويندا.
(32) تفسير سورت محمد، مترجم مولوي محمد يوسف ندوي
هي تفسير اصل ۾ شيخ بشير احمد لڌيانوي، مولانا استاد عبيدالله
سنڌيءَ جي تفسيري افادات مان جمع ڪري اردوءَ ۾
ڇپايو هو، جو نهايت اعليٰ مضامين تي مشتمل آهي،
جنهن کي وري مولوي محمد يوسف ندوي تعلقي هالن
واري، ميان عبدالوارث سعيد آباديءَ جي حڪم سان
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ليٿو ۾ ڇپيو. اهو ڇاپو هٿون هٿ
ختم ٿي ويو، هاڻي ٻيهر ڇپجي رهيو آهي.
(33) تفسير معارف القرآن، تصنيف مولوي عبدالخالق ڪنڊياروي
هي هڪ وڏو تفسير آهي، جنهن جا رڳو ٻه پارا ڇپيا ۽ ٻيو ڇپجي نه
سگهيو. هن تفسير جو مصنف ابوالهاشم مولوي
عبدالخالق ڪنڊياروي سنڌي آهي، جو وڏو اديب ٿي
گذريو آهي. هن بزرگ نئين رنگ، ڍنگ ۾ قرآن مجيد جو
تفسير لکڻ شروع ڪيو ۽ پنج پارا پورا ڪيا. پهرين
پاري جو تفسير سال 1944ع ۾ ڇپيو ۽ ٻئي پاري جو
تفسير سال 1948ع ۾ وقف مسجد سوسائٽي رجسٽرڊ
حيدرآباد سنڌ جي اهتمام سان ڇپيو. هن جي سائيز
20x30=8
آهي ۽ 256 صفحن تي بلاڪن ۽ عمدي سنڌي ٽائيپ ۾ شايع
ٿيو. ٻئي پاري جي تفسير جي ديباچي ۾ وقف سوسائٽي
جو پريزيڊنٽ الحاج محمد صديق ميمڻ (رح) هن طرح
تفسير جو تعارف ڪرائي رهيو آهي.
”الحمد لله معارف القرآن جو پهريون سيپارو سال 1944ع ۾ ڇپجي
ويو. ڪن مجبورين ڪري ٻئي سيپاري جو ڪم ايترا سال
رڪجي ويو، تنهن کان سواءِ مرحوم مغفور مولوي
عبدالخالق صاحب جي ناگهاني وفات سبب تاليف جو ڪم
به ڍرو ٿي ويو. مولوي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ پنج
سيپارا تيار ڪري ويو آهي، جن مان هي ٻيو سيپارو
ڇپايو آهي.“
(34) تفسير سورة يوسف عليہ السلام، تاليف مولانا عبدالله لغاري
مرحوم
مولانا عبدالله صاحب لغاري، سنڌ جو وڏو مفسر عالم هو، جنهن عمر
عزيز جو گهڻو ڀاڱو قرآن پاڪ کي ڄاڻڻ ۾ خرچ ڪيو.
حضرت استاد مولانا عبيدالله سنڌي جي خاص شاگردن ۽
رفيقن مان هو. مڪي مڪرمه پهچي حضرت استاد مولانا
عبيدالله سنڌيءَ کان قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهيائين ۽
سوَن صفحن تي مشتمل نوٽ ورتائين. سورة يوسف جو اهو
تفسير به سندن تاليف آهي، جنهن ۾ نه رڳو پنهنجي
استاد جي فڪر کي آندو اٿن، پر پنهنجي طرفان به
گهڻيون تحقيقون لکيون اٿن، هي تفسير فل اسڪيپ سائز
جي ٽن سؤ صفحن تي مشتمل آهي، جو خطي صورت ۾ مولانا
لغاري جي شاگردن وٽ محفوظ آهي.
(35) تفسير حواميم تصنيف مولانا عبدالله صاحب لغاري
هي به مٿئين تفسير جي رنگ ۽ ڍنگ تي لکيل وڏي تفسير آهي، جنهن ۾
قرآن مجيد جي مشڪل سورتن حواميم جو تفسير پيش ڪيو
ويو آهي. هي تفسير
20x30=4
جي وڏي سائيز تي اٽڪل ٻن سؤ صفحن تي ڦهليل خوشخط،
قلمي صورت ۾ حافظ حڪيم محمد يعقوب صاحب قادري،
ڪراچي واري وٽ موجود آهي. هنن ترجمن ۽ تفسيرن کان
سواءِ اسان کي معلوم آهي ته مولانا حڪيم فتح محمد
مرحوم سيوهاڻي قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير لکڻ جو
ارادو ڪيو ۽ ان لاءِ هڪ تفسيري مقدمو به لکي
ڇپرايائين. پر افسوس جو اڃا تفسير تي ڇپيو ئي ڪونه
اڳ ئي رب ڏانهن راهي ٿيو. اهڙيءَ طرح خيرپور جي
اثنا عشري شيعه حضرات طرفان 1960ع ۾ قرآن مجيد جي
پهرين پاري جو ترجمو ۽ تفسير ٽائيپ ۾ ڇپيو هو،
اڳتي اهو سلسلو جاري رهيو يا نه، ان جي ڪا سڌ نه
آهي.
انهيءَ کان سواءِ چيو وڃي ٿو ته بزرگ مولانا حمادالله هاليجي
وارن به قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ ڪجهه تفسير
لکيو هو، جو اڻ ڇپيل حالت ۾ غير مرتب موجود آهي ۽
ڪن سورتن جو مولانا عبدالله صاحب چانڊيي ويٺل ڳوٺ
ملا، تعلقو ڳڙهي ياسين به چڱو تفسير لکيو آهي، جو
قلمي صورت ۾ موجود آهي، اسان جي نظر مان پڻ گذريو
آهي، پر اڃان اشاعت هيٺ نه آيو آهي، ان ڪري ايتري
حقيقت تي اڪتفا ڪندي هن مقالي جي اوڙڪ آڻيون ٿا.
نوٽ: تازو قرآن مجيد جو هڪ ٻيو مڪمل سنڌي ترجمو ٽائيپ ۾ ڇپيل
نظر مان گذريو، ان جو مترجم خان بهادر گل حسن خان
ٽالپر پينشنر ڊپٽي ڪليڪٽر آهي، تنهن کي ميان محمد
جعفر رحمت الله خواجه ۽ ٻين ميمبرن انجمن جعفريه
سيد پور بٺوري جي پنهنجي خرچ سان فل اسڪيپ سائيز
۾، قرآن جي متن کان سواءِ ڇپايو آهي. سال 1991ع. |