نواب غيبي خان چانڊيي جي گهرو فساد بابات واقعاتي بيت
سنڌ ۾ چانڊيا قوم وڏي طاقت ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ قوم آهي. هن
بلوچ قوم جو سردار ديره غيبي تعلقي قنبر ۾ رهندو
آيو آهي ۽ سندس قوم ساري سنڌ ۾ پکڙيل آهي. خاص طرح
لاڙڪاڻي جو اتر ۽ اولهه وارو ڀاڱو چانڊيا قوم جو
مرڪز رهيو آهي، ڇوته سندن جاگير به ضلعي لاڙڪاڻي ۾
آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جي آڳاٽي پرڳڻن واري
تقسيم، جنهن جو مدار رهندڙ قومن جي گهڻائي تي هو،
هن پرڳڻي کي چانڊڪا (چانڊيه قوم جو وطن ڪري) سڏيو
ويندو هو ۽ قائد عوام به انهيءَ مناسبت ڪري
لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج جو نالو چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج رکيو.
هن بهادر قوم کي اها جاگير سنڌ جي حفاظت ۽ بچاءَ جي سلسلي ۾
بهادري ڏيکاريندي سنڌ جي سونهري دؤر سمن کان وٺي
مليل آهي، جنهن لاءِ ٽامي جي پتر تي جاگير جي سند
لکيل اڃان تائين ثابتيءَ لاءِ موجود آهي، جنهن تي
سنڌ جي سورمي دولهه دريا خان جي صحيح ٿيل آهي.
انگريزن به انهيءَ سَندَ کي برقرار رکيو. باقي ان
۾ اها ترميم آندي وئي جو اڳ انهيءَ جاگير جي سَندَ
۾ ”مع برادران“ ڀائرن سميت لکيل هو. ان لفظ کي
هٽائي خالص شخصي جاگير بنايو نه ته اڳ اشتراڪي
بنياد تي پڳدار ۽ ساري قوم جي وچ تي هوندي هئي.
هن قوم جا جدا جدا پڳدار ٿيندا آيا. 1885ع ڌاري هن جاگير جو
مالڪ ۽ءچانڊيه قوم جو تمندار محمد خان هو. ان جي
دؤر ۾ هڪ زال ذات جي چرچ تي گهرو فساد ٿيو ۽ ڪن
ڪونڌرن جي قتل کان پوءِ پڳ وڏيري علي نواز عرف علڻ
خان چانڊيي تي آئي، جيڪو پڳدار ٿيڻ کان پوءِ وڏيرو
غيبي خان جي نالي سان مشهور ٿيو. اڳتي هلي انگريز
حڪومت طرفان کيس نوابيءَ جو به لقب مليو. اهو نواب
صاحب وڏي مرتبي جو مالڪ هو. سخي به هڪ هو، ساري
غيبي ديري جا ماڻهو سندس ورءُ کائيندا هئا. هو
جيتوڻيڪ بنهه پڙهيل نه هو، پر تڏهن به روزانو
باقاعدي اخبارون ٻڌندو هو ۽ کيس ملڪ ۽ سياست جي
وڏي ڄاڻ هئي. اسان ذاتي طرح نواب غيبي خان سان ملي
گفتگو ڪري کيس عظيم انسان ڏٺو ۽ ڪيترا ڀيرا اسان
جي ڳوٺ ڀنڀو خان ۾ آيا هئا ۽ منهنجو مامو به سندس
ميزبان رهيو هو. خدا پاڪ جون مٿس رحمتون هجن. هن
بزرگ پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ سندس ننڍي پوٽي محمد
سلطان خان کي پڳ پهرائي ۽ هن وقت اهو قومي سردار
آهي. باقي سندس جاگير زرعي سڌارن ڪري ضبط ڪئي وئي.
ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو ان کي قوم جي غريب ۽ نادار
ماڻهن ۾ ورهايو وڃي ها.
هي واقعاتي بيت اسان کي پنهنجي عزيز ڀاءُ مولوي عبدالحي صاحب
کان مليا آهن، جو منصوره ڪاليج ۾ اسلاميات جو
ليڪچرار آهي ۽ قنبر تعلقي جي عظيم علمي خاندان جو
فرد آهي. اها شايد ڪنهن کي گهٽ خبر هجي ته سنڌ ۾
دارالعلوم ديوبند جو پهريون شاگرد جيڪو سنئون سڌو
مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جو شاگرد هو، اهو
مولوي عبدالحي صاحب جو ڏاڏو بزرگوار مولانا
ڪريمداد صاحب چانڊيو هو،جنهن وڏي عمر لڌي ۽ سندن
شاگرد ۽ شاگردن جا شاگرد ساري سنڌ ۾ پکڙيل آهن.
مولانا ڪريمداد صاحب ڊگهه تعلقي قنبر ۾ پنهنجي
مدرسي لاءِ هڪ معلم جي طلب لاءِ جڏهن دارالعلوم
ديوبند ويا هئا ته ديوبند مدرسي جا سڀ استاد سندن
زيارت لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا ته مولانا قاسم
نانوتويءَ جو شاگرد، سنڌي عالم آيو آهي وغيره. اها
خبر اسان کي مولانا نواب الدين صاحب چانڊيي ڪرڻ
فرمائي، جنهن پاڻ مولانا ڪريمداد صاحب کان اهو
احوال ٻڌو هو.
اسان هنن بيتن لاءِ مولوي عبدالحي جا شڪر گذار آهيون ۽ جيترا به
بيت مليا آهن، اهي سنڌ جي ادب لاءِ اضافي جو ڪارڻ
ڄاڻي ڇاپي رهيا آهيون. ڪنهن صاحب کي ان سلسلي جا
وڌيڪ بيت ملن ته مهرباني ڪري اسان ڏانهن موڪلي ڏي.
وڏيري غيبيءَ جو تعارف: نالو علي نواز عرف علڻ. هن کي 1885ع
ڌاري ٻه ٻيا به ڀائر واڌل خان ۽ محمد خان هئا. ان
وقت پڳ محمد خان تي هئي، ڇوته سڀ کان وڏو محمد خان
هو.
سڀني ڀائرن جو رهڻ هڪ اميراڻي ڪوٽ اندر هو. محمد خان کي وڏو پٽ
ولي محمد خان هو.
وڏيري واڌل خان جي زال مائي ساهل (شاهل) جنهن تي پوءِ فسادن
ڪرائڻ ڪري طعني طور مائي ٻاگهي به پيو، ان پنهنجي
مڙس واڌل خان کي دانهن ڏني ته سندس ڀائيٽيو وڏيرو
محمد خان جو وڏو پٽ نالي ولي محمد هٿئين پيو آهي.
(اهو الزام رڳو زائفاڻي تڪرار تي هنيو ويو، جنهن
بابت ڪابه اڳ يا پوءِ ثابتي ڪانه ٿي ملي.)
هن بد الزام ٻڌڻ بعد ساري وڏيره خاندان ۾ اوچتو فساد ۽ دشمني جي
باهه ڀڙڪي. وڏيري واڌل خان کي هن الزام ٻڌڻ بعد
پنهنجي طبع قابو ۾ رکڻ ڏکي لڳي. بروقت دو نالي
بندوق کڻي ڪوٽ جي در تي ويهي رهيو ۽ ارادو هوس ته
ٻاهر نڪري وڃي پنهنجي ڀائيٽي ولي محمد خان کي
ماري.
اها خبر نوڪرن وڃي ان وقت جي پڳدار وڏيري محمد خان کي ٻڌائي ته
ڪوٽ ۾ فساد مچي ويو آهي. وڏيرو واڌل خان سخت جوش ۾
آهي، ان ڪري ڪو بلو ڪريو.
اها خبر ٻڌي وڏيري محمد خان نوڪر ڊوڙايو ته وڃي سڄي خبر لهي اچ.
اڃا نوڪر واپس ئي ڪونه وريو ته وڏيرو محمد خان
پنهنجي پٽ وڏيري ولي محمد خان سميت پاڻ پنهنجي
ڀاءَ سان ڳالهائڻ ۽ ان الزام جي حقيقت معلوم ڪرڻ
لاءِ گهر ڏي جلد جلد آيو.
جيئن ئي وڏيري محمد خان اڳ ۾ واڌل ڏٺو ته ڳالهائڻ ۽ صفائي پيش
ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڀاءُ محمد خان کي بندوق هڻي
ماريو ۽ اتي ئي ٻي بندوق پنهنجي ڀائيٽي ولي محمد
خان کي هڻي ٻنهي کي ماري وڌو.
انهن خونن جي الزام ۾ واڌل خان گرفتار ٿيو، جنهن کي نيٺ ڦاسيءَ
جي سزا ملي ۽ اهڙي قاتل کي وڏيرن جي قبرستان ۾ نه
بلڪ شاه گودڙ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
واڌل جي زال، غيبي ديره ويران ڪرائي نواب مارائي، پوءِ لڏي وڃي
وارهه تعلقه جي ڏکڻ واري حصي ۾ کهاوڙ جي به ڏکڻ ۾
پنهنجي موروثي زمين تي وڃي ويٺي ۽ اتي پنهنجي نالي
سان ڳوٺ ٻڌرايو، جو اڄ تائين ”مائي ساهل جو ڳوٺ“
سڏبو آهي.
هن قصي بابت ان وقت جي چانڊين مرثيو ٺاهيو هو، جنهن کي اڻ پورو
هٿ ڏيان ٿو:
1- کڻي دو نالي دست ڪيا ۽ - ڪمر پٽو في الحال ٻڌا ۽
پڳ لاهي سر هيٺ ڪيا ۽ - واڌل پهريا جنگي هٿيار - هي هي مرزاڻي
سردار
2- ٻانها لهي آءُ سڌ سماءُ - ڪوڙ ڏنو آ ٻانهيءَ ڊاءُ
ڇا تي بتليو واڌل ڀاءُ - لهي اچي ڏي خبر چار - هي هي مرزاڻي
سردار
3- آءٌ به وڃان ڀاءُ واڌل گهر - کانئس پڇان ڪا خبر ڪر
ڪين زهر جهليو واڌل پر - هو ترت تياري ۾ سو تيار - هي هي مرزاڻي
سردار
4- ولڻ تي ڪيائين ڦير(1)
سڌو - ٻانهي ڪنهن ڀي اڳ نه وتو
مرزاڻي ڪم ڪيو گندو - ٻيئي ماريا ۽ پڳدار - هي هي مرزاڻي سردار
5- محمد خان چيو ننڍڙا ڀاءُ - ڪاوڙ خوب خوشيءَ مان کاءُ
ٻي ڀي هڻجان مون کي ڀاءُ - ولڻ کي ڏي معافي يار - هي هي مرزاڻي
سردار
6- پيارو(2)
بيٺو هو جاري کئون - ٻانهين ورتس ڏاڙهيءَ کئون
چڳ پٽيائونس ڪياڙي کنئون - چڳ پٽي ڪيائونس ڌارو ڌار - هي هي
مرزاڻي سردار
7- پياري پيارو ڪيو سر کي - بيهي ماريائين نر کي
ٿڪ لعنت حيضي ڦر کي - پيئي ٿس نيمڪ جي مار - هي هي مرزاڻي سردار
8- جانو گائينچو هو ذات ذليل - خدو(3)
کي هجي پڻ ٿڪ سبيل(4)
کائيندو هو کنڊون کير - ٽڪيو ٽڪر ۾ ٿيو گم گار - هي هي مرزاڻي
سردار
9- بنگلي مور ٽلي ايندو - دل کي ڏهاڙي دلاسا ڏيندو
اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو ...................... - هي هي مرزاڻي
سردار
10- واڌل ڪين سڃاتئه پنهنجو ڪعبو - بيشڪ ماريئه پنهنجو بابو
سچ سمجهئين زنانو چاٻو - هاڻي قيدي ٿي ڏي اطهار - هي هي مرزاڻي
سردار
11- گهوڙي ڇوٽ ڇڏيائين ڇوڙي - ڌڪا ٿاٻا آيس توڙي
ويس پٽڪو ڪنڌ وڪوڙي - تنهن تان بيبيو(1)
هو بيڪار - هي هي مرزاڻي سردار
12- ذڪر شهيدن جو ڪريان - من محمد تي ڌريان
قدمن جي شل خاڪ ٿيان - ڍڪج ڍڪ ڍڪڻهار - هي هي مرزاڻي سردار
|