منهنجي علمي ڊائري
ڪجهه سال ٿيا ته سنڌ جي مختلف درگاهن ۽ خاندانن جي علمي ڪتب
خانن جي زيارت نصيب ٿي هئي، انهن لائبريرين تي
گهڻو اڳ سنڌي زبان جي مشهور علمي، ادبي، ماهنامي
نئي زندگيءَ ۾ مسلسل مضمون به لکيا هيم، جن کي
علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو هو، هن
سلسلي جي هڪ وڌيڪ معلومات اها هئي جو ڪن تاريخي
ڪتابن ۽ تذڪرن تي سرسري نگاهه وجهندي جيڪڏهن ڪي
علمي، ادبي ۽ تاريخي حقيقتون ساڻيهه سنڌ بابت
ملنديون رهيون ته انهن کي به پنهنجي ڊائري ۾ محفوظ
ڪندو ويس ۽ ڪڏهن ته ائين به ٿيو جو اهڙي معلومات
ڪنهن قلمي بياض، يا ڪتابن جي ٻاهرين پنن يا ڦاٽل
پنن تي نظر ٿي آئي ته اها به نوٽ ڪندو رهيس، هتي
آئون انهن ٽڙيل پکڙيل جواهر پارن کي هن لاءِ پيش
ڪري رهيو آهيان ته اڳتي هلي سنڌ تي تحقيق ڪرڻ گهري
ته ان کي هن مان چڱي مدد ملي پوندي، هن معلومات جو
گهڻو ڀاڱو پير جهنڊي جي علمي ڪتب خاني، سيوهڻ،
هالا ۽ مٽيارين جي ڪن ڪتابن تان هٿ آيل آهي.
مخدوم امين محمد ولد نوح عليہ الرحمة
ولادت 5 ربيع الاول 952ع وفات 7 شوال المڪرم 1015هه ڄمار جي مدت
63 سال، سجادگيءَ جي مدت 16 سال، 8 مهينا، 46 سال
پنهنجي والد بزرگوار جي خدمت ۾ صاحبزادگگيءَ ۾
گذاريائون. عبدالرحيم خان خانان وٽس دعا لاءِ آيو
۽ دربار اڪبريءَ جو پروانو هوس.
مخدوم ابو محمد ولد مخدوم امين محمد
ولادت 9 محرم الحرام 980ع وفات 8 ذوالقعد 1050هه سندس ڄمار 70
سال 9 مهينا ۽ 29 ڏينهن هئي. 35 سال 3 مهينا سجاده
نشين رهيو. سندس وڌيڪ ذڪر ڪتاب دليل الذاکرين ۾
پڙهڻ گهرجي.
مخدوم مير محمد اول ولد مخدوم مٺن
ولادت 10 ماه محرم الحرام 1095ع وفات 19 ذوالحج 1149هه مدت ڄمار
51 سال، 11 مهينا هڪ ڏينهن. 32 سال، هڪ مهينو ۽ 23
ڏينهن سجاده نشين رهيو.
مخدوم محمد زمان ثاني ولد مخدوم مير محمد اول
ولادت 5 ربيع الثاني سن1119هه وفات 4 ربيع الثاني 1184هه، ڪل
ڄمار 55 سال لڌائين، 34 سال 3 مهينا 17 ڏينهن
سجاده نشين رهيو.
مخدوم محمد زمان نالي مير فتح علي خان جو پروانو
ذوالعز والاحترام مخدوم صاحب مهربان الطاف نشان، مظهر ودايت و
ڪرامت مخدوم محمد زمان جيو دامت برڪاتہ.
بعد از نياز فراوان معروض خدمت بابرڪت ميدارد، وڪيل آن صاحب
پيغامات زباني در حضور بعرض رسانيده به آن موجب
بسمت آنمخدوم ڪرام نگارش يافت که معاملات ايشان
باکسي از برادران و گلايان بوده باشند، انفصال آن
باختيار آن مخدوم صاحب ست، نوعي که پسند آيد از
روئي امر واجبي و حساب حسابي از هر کدام بگيرند که
اظهار آنها در حضور بهيچ وجه منظور نيست، ازين
معنيٰ خاطر جمع دارند، کارداران و بلوچان و
خدمتگاران و کسان سرکار بموجب نوشته صدر تعميل
آورده باشند. 2 شوال المکرم 1202.
مخدوم محمد زمان زابع (چوٿون)
ولادت 19 رجب 1223هه وفات 19 صفر 1269هه امين محمد ثالث (ٽيون)
ولد مخدوم محمد زمان رابع (چوٿون) ولادت 14 رمضان
1256هه وفات 26 رمضان 1303هه.
مخدوم عبدالحي نوشهرائي
هي ڪامل بزرگن مان آهي، ڪڏي زهد، تقويٰ وارو متشرع گوشه نشين
بزرگ هو، ذڪر خدا جي فيض جو صاحب هو، سندس مريدن
ذڪر مان گهڻو نفعو پرايو آهي. هيءُ بزرگ نقشبندي
طريقي جو هو.
سيد محمد راشد عليہ الرحمة
اهو سيد سڳورو علم، فيض ۽ برڪت جو صاحب آهي. سندس مريد تمام
گهڻا آهن، پنهنجي مريدن کي تهليل: لا الـٰہ
الاالله پڙهڻ جي اجازت ڏيندو هو، سندس مريدن کي
ڪلمي جي ذڪر ڪري فيض حاصل آهي، سندس هزارين مريد
آهن. اٽڪل ستن اٺن سالن کان مريدن جو ارشاد شروع
ڪيائون. انهن مريدن مان ڪو هڪ به جيڪو ڪشف، ڪرامت
جو مالڪ هجي ۽ واصل بالله ٿيو هجي سو اڃان تائين
ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي، باقي انهن کي ذڪر الاهي کان فيض
۽ فائدو پهتو آهي. سندن مريدن مان خليفي نالي سان
ڪي ٻڌجن ٿا، پر انهن جي ڪابه ڪاني، ڪرامت ۽ ڪشف
اصل ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته پير صاحب
سورت ياسين جو عامل هو. جيڪو سورت ياسين جو عامل
هوندو آهي، ان وٽ رجوعات گهڻي ٿيندي آهي. پاڻ
گهڻيون زالون نڪاح ۾ آندائون، جڏهن ته شريعت ۾ مرد
کي چئن زالن کان وڌيڪ جائز نه آهي، ان ڪري صاحب
شريعت جا فقيهه عالم انهيءَ فعل کي غير شرعي سڏين
ٿا، هوڏانهن پاڻ به عالم هو، سندس مقبرو روهڙي ضلع
۾ آهي ۽ سندس طريقو قادري هو. (دليل الايمان ۽
ارشاد الطالبين تان ورتل)
نوٽ: بزرگن ۽ اهل الله هر دور ۾ گهڻو ڪري ظاهري عالمن جو اختلاف
رهيو آهي ۽ ائين به ٿيو آهي ته هڪڙي طريقي جا ڪي
مريد ٻئي طريقي وارن کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻندا آهن،
اهوئي سبب آهي جو مٿين ڪتابن ۾ پير صاحب روضي ڌڻي
رح جي باري ۾ مؤلفن مخالفت کان متاثر ٿي اها راءِ
پيش ڪئي آهي.
تاريخ وفات ميان غلام شاهه ڪلهوڙ: محراب اين دلت دنيا نگون شده
1155هه
تاريخ وفات شاهه عبداللطيف ڀٽائي: رضوان حق 1166هه.
تاريخ قتل کتابيان کهڙه: داور دين قتل شده هائ هائ 1128هه.
تاريخ وفات مخدوم لعل شهباز قلندر: رحلت 648هه؟
شيخ ابو علي سنڌي
شيخ الاسلام (عبدالله انصاري هروي) چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو
بيمار ٿيندو هو يا ان کي ڪو سور هوندو هو ته شيخ
علي ”الحمد“ پڙهي ان تي دم ڪندو هو ته اوڏي مهل
ٺيڪ ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري هڪ ڏاهو ۽ لکيل پڙهيل
ماڻهو وٽن آيو، جنهن کي ڏندن ۾ ڏاڍو سور هو، شيخ
(ابو علي سنڌي) ”الحمد“ پڙهي کيس دم ڪيو ته چڱو
ڀلو ٿي ويو. ان پڙهيل ماڻهو شيخ کي چيو ته تون
”الحمد“ صحيح نٿو پڙهين! اچ ته توکي سڌو پڙهڻ
سيکاريان. درويش کيس چيو ته اڳ ۾ پنهنجي دل کي سڌو
ڪر!
ترجمه قرآن مجيد از بهاءَ الدين دلق پوش
هي ترجمو سال 1013ع ۾ فقير بهاءَ الدين گودڙيه جي هٿان لکيو
ويو. هن ترجمي جو ڪارڻ حضرت سيد سادات طالب وصول
رب العالمين ميان سيد ابوبڪر متعلوي هئا، اهو
فارسي عبارت جو ترجمو آهي. آخر ۾ هن طرح عربي
عبارت لکي وئي آهي:
تم ترجمة القرآن يوم الخميس السابع من شهر صفر ختم الله تعاليٰ
و ختم کتابة الترجمة بالخير والظفر في تاريخ الف و
ثلث عشر 1013ع بيدالفقير الحقير بهاءَ الدين
المحرر حروف الترجمة بفضل الله الملک المنان.
مطلب ته قرآن جو ترجمو خميس ڏينهن، صفر جي ستين تاريخ پورو ٿيو.
الله تعاليٰ ترجمي ۽ ان جي ڪتاب کي خير خوبي سان
1013ع ۾ پورو ڪيو. اها تحرير فقير حقير بهاءَ
الدين محرر جي هٿان الله جي فضل سان ٿي.
شيخ پٺه:
اهو ڪامل ولي ۽ تصوف جو صاحب هو. اصل ۾ اهو جبل (جٿي هاڻي هن
بزرگ جي قبر آهي) ان وقت ويران هوندو هو، اتي ڪنهن
به ماڻهوءَ جو گذر نه ٿيندو هو. پير پٺو ان جبل جي
غار جي هڪ ڪنڊ ۾ رهندو هو ۽ ڏينهن رات زهد، مجاهدي
۽ الله جي ذڪر ۾ لڳو رهندو هو، کاڌي پيتي کان به
پري رهي وڻن جي پنن ۽ گاهه تي گذارو ڪري روزو
کوليندو هو. ماڻهن جي آباديءَ ڏانهن منهن ئي نه
ڪندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم بهاءَ الدين (غوث ملتاني)
۽ مخدوم شهباز (قلندر) سير و سفر ڪندي ان جبل کان
لنگهيا ۽ ٿوري دير لاءِ ٿڪ ڀڳائون، دل جي صفائي
ڪشف سان معلوم ڪيائون ته هتي ڪو ولي رهي ٿو. نيٺ
بحر ولايت جي دريائن ٻنهينءَ بزرگن اتان اٿي ڳولا
شروع ڪئي، نيٺ هڪ صاحبدل کي غار جي ڪنڊ ۾ وڃي
لڌائون، پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن واجهايائون. ان شيخ
(پٺه) دل ۾ اهو خيال ڪيو ته ٻنهينءَ اوليائن مان
حق تعاليٰ جي درگاهه ۾ ڪنهن جو درجو بلند آهي،
پوءِ ڪشف سان معلوم ڪيائين ته مخدوم بهاءَ الدين
مخدوم شهباز کان وڏو درجو رکي ٿو، ان ڪري مخدوم
بهاءَ الدين (ملتاني) کان تلقين وٺي ان جو مريد
ٿيو ۽ اهي ولايت جي تاريخ جا ٻئي برج اتان موٽي
پنهنجي جاءِ تي آيا ۽ اهو شيخ (پٺه) انهيءَ جبل ۾
ذڪر ۽ زهد ۾ مشغول رهيو. هو ڪامل ولي ۽ مجاهدي جو
مالڪ هو، سندس قبر شريف انهيءَ جبل ۾ مشهور آهي.
(ارشاد الطالبين)
تاريخ وفات مغفور مرحوم شيخ حبيب الله السندي النوشهرائي.
مدينة الرسول ۾ ڏينهن جمعه 16 ذي القعد 1238هه ۾ وفات ڪري ويو.
وفات سيد حاجي غلام محمد شاهه گدا
4 ذوالقعد ڏينهن اربع 1322هه مطابق 11 جنوري 1901ع.
وفات مخدوم عبدالڪريم مهاجر مڪي
مخدوم عبدالڪريم ابن مخدوم محمد عثمان مٽياروي هتان 1261هه ۾
هجرت ڪري مڪي مڪرمہ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي 1265هه ۾
وفات ڪيائين، هيٺيان بيت سندن ماده تاريخ بابت چيل
آهن:
سيدي قبلتي و مولائي |
- |
خرج من بيتہ الي الله |
بعد ما نال مقصدا اقصيٰ |
- |
ادرکہ داعيا الي الله |
قيل في موته بيدءَ خروج |
- |
قدوقع اجره علي الله
1265هه |
وفات خواجہ صفي الله مجددي
6 ذي قعده 1212.
وفات قاضي ابوالمعالي نوشهرائي
هن بزرگ 1068هه ۾ وفات ڪئي. اهڙي طرح شيخ محمد عابد سنڌي طوالع
الانوار ۾ فرمايو آهي.
وفات قاضي فتح محمد صاحب نظاماڻي
ربيع الاول 1339هه سومر رات.
وفات پير سيد ابو تراب رشد الله صاحب العلم الرابع
22 رمضان المبارڪ 1340هه.
تاريخ وفات مفتي محمد رفيع
دخل الجنة ناجيا 1182هه.
وه چه انسان فاضل و فائق |
- |
بود اندر لطاف و لائق |
عالم و عامل و ديانت دار |
- |
دائما باکتابيان مشفق |
در علوم چهارده دان بود |
- |
لطف طبعش بهر کسي لاحق |
علم فقہ و فرائض و تفسير |
|
از حديث و معاني و منطق |
هم کلام و اصول قراءَة صرف |
|
نيزه بعد مناظر و ....... |
قضيهءَ فوت شان زهوشم برد |
|
خون جگر ها نمود همچو شفق |
بر نماز جنازه اش مردم |
|
بود الف چهار از تحقق |
در شب اول جمادي الثاني |
|
کرد مولاي ما رحيل بحق |
گفت هاتف ز سال تاريخش |
|
بود زان مرشدم هدايت حق
1282هه |
(1) احمد شاهه شڪارپور ۾ 20 محرم ڏينهن جمعه 1167هه ۾ آيو.
تيمور شاهه افغان 19 شوال 1207هه ۾ وفات ڪئي.
قاضي هدايت الله صاحب متعلوي جي تصنيفات:
(1) هدايت الانشاءِ (2) مناقب السادات (3) ڪواڪب السادات شرح
مناقب السادات 6 حصا (4) ترجمہ ڪنز الدقائق فقہ
(5) شرح سراجي فقہ (6) شرح قصيده برده ناتمام (7)
شرح الفيہ ابن مالک سنڌي (8) مناقب جلالي (9)
اعمالنامہ يزيد (10) مناقب غوثيہ (11) نصرة
العاشقين (12) ميلاد جو ڪتاب.
آخوند اميد علي سها هالائي
آخوند اميد علي تخلص سها پٽ حاجي عبدالله سانوڻي هالائي خواجہ
عبدالقيوم مجددي نقشبندي جو مريد هو، نهايت عمدو
شاعر هو، ماده تاريخ ۽ م عما ۾ وڏي ڪمال وارو هو.
سندس ڪلام جو ڪجهه نمونو هي آهي:
خداوندا دلم را زندگي ده
بکار نيکوئي فرخندگي ده
زبانم را بذکر خويش بکشائي
بکامم شکر شکرانه بفرسائي
شب نو ميديم را صبح گردان
بفيروزي چو خورشيد درخشان
گل پڙمرده با خزاني
بخنداني زي ستم جاوداني الخ
آخوند اميد علي سها جو هڪ ٻي غزل ج و هن پنهنجي محبوبہ جي نالي بابت چيو
آهي:
1- بگوش هر که رسد همچون من ملامت عشق
زند به تعبيئه نام حسن نوبت عشق
2- حقيقتي ست نهان در حقيقت صورت
خوشا حقيقت حسن است در حقيقت عشق
3- لبش چه لب که لب کوثر و لب حيوان ست
مگر ببوسه شدم خضر در طريقت عشق
4- يقين که مفتي عشاق مي دهد فتويٰ
بخون من بستم کيش از شريعت عشق
5- مرا بجادوئ ڇشمانش رخنه درکار است
بيک نگاه دلم را ربود غيرت عشق
6- تبارک الله که دلبري پري پيکر
نهاد در دل ويراندام وديعت عشق
7- نوشت از سر هربيت نام موزونش
سها بشيفتگي نامه و شيفت عشق
آخوند اميد علي سها اڱاري ڏينهن 15 ربيع الاول 1298هه ۾ هن فاني دنيا مان
رحلت فرمائي ويو.
قطعه وفات آخوند اميد علي سها از آخوند احمد هالائي
1- فرقت ياران جهان عذاب داغ دهد بردلي
نيست کسي را گزار خواه نبي و ولي
2- عابد و ساجد نام، جاهد عقبي مدام
خاص باخلاص حق اسم اميد علي
3- بس دل او نقش بست، شاه قيوم از الست
بود زخيل کرام شيخ مجدد ولي
4- پيک اجل چون رسيد، گوش دل او شنيد
فادخلوا جنات عدن شارب جام علي
1298
5- ماه ربيع الاول پانزدهم يوم ثلاث
بود هزار دو صد و نود وهشت
1298
6- سال وصالش بگوش، گفت باحمد سروش
عابد و حافظ ولي واي اميد علي
وهو دخل بجنہ بالسلام
1298
آخوند اميد علي علم ۽ عمليات جو وڏو ماهر هو، قصيده برده جو شرح
۽ ترجمو نظم ۽ نثر ۾ ڪيو اٿس.
هر هڪ شعر جو هڪ شعر ۾ منظوم ترجمو ۽ وري هر هڪ مصرع جو جدا جدا
شعر ۾ ترجمو ڪيل آهي، مثال طور قصيده برده جو
هيٺيون عربي شعر ۽ ان جو ترجمو ملاحظه ڪندا:
فما لعينيک ان قلت اکففاهمتا
وما لقلبک ان قلت استفق يهم
ترجمو هڪ شعر ۾:
چيست پس چشمانت را گربند گر گوئي بمان،
در همي گوئي دل را هموش کن گرد ديهم (پريشان).
آخوند احمد سانوڻي هالائي
عالم، فاضل، حافظ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قادريہ طريقي ۾ حضرت پير
سيد علي گوهر شاهه راشدي جو مريد هو ۽ هڪ وڏو نيڪ
بخت انسان هو. هن جا پنهنجي همعصرن مان آخوند علي
سها سانوڻي، ميان احمد ڀٽائي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن
سان شعر گوئي تي تبادلہ خيالات ٿيندا رهيا. هيءُ
بزرگ عربي، فارسي شعر جو نهايت پخته گو شاعر آهي ۽
سنڌي زبان ۾ هن جون چند سٽون نظم جو نظر مان
گذريون آهن.
آخوند احمد تاريخ گوئي ۾ پنهنجي دور ۾ هڪ ئي فرد نظر اچي ٿو، هن
تمام وڌي ڄمار لڌي ۽ اٽڪل هڪ سؤ سال کان به وڌيڪ
ڄمار لڌائين ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيترا به بزرگ سندس
همعصرن مان گذرندا رهيا آهن، تن جي مرڻ جا مرثيا ۽
تاريخون لکيون اٿس، ايستائين جو سندس دوست آخوند
اميد علي سها جو مرثيو به کيس ئي لکڻو پيو.
حيدرآباد جي پوئين حاڪم گهراڻي جي ٽالپرن جو استاد به هيءُ
آخوند صاحب رهيو آهي. مير نور محمد ۽ مير حسن علي
وعيره سندس شاگرد آهن. مير شهداد خان (وفات
1274هه) جي مرڻ جي تاريخ لکي اٿس ۽ ڪن صاحبزادن جي
ڄمڻ جا مبارڪ ناما به نظم ڪيا اٿس.
هالن ۾ آخوند اميد علي جو هڪ شاگرد ”بهادر“ نالي سندس منظور
هوندو هو. هڪ ڀيري آخوند اميد علي ”بهادر“ جي وصف
۽ واکاڻ ۾ هيٺيون نظم لکي آخوند کي موڪليو:
بهادر چه دريست پاکيزه |
- |
بنا شيد چنين گوهر اندر صف |
نه جز جوهري قدر اورا شناخت |
- |
بهائي گهر را بدان باخزف |
جواب آخوند احمد
بهادر نه دره است پاکيزه |
- |
زخر مهر ارزان برابر خزف |
چو شعراءَ تابع غوا گفت حق |
- |
تو داناؤ هستي مفرما قذف |
انهيءَ سلسلي ۾ تمام گهڻا سوال، جواب نظم ۾ هليا اٿن، جي طوالت
ڪري نه لکيا ويا. عربي شعر جو نمونو اجهو هن ريت
آهي:
فيامن هو احرق قلبنا بنار هجرک |
- |
فيجمع بيننا رب الخلائق |
اهو هڪ ڊگهو خط آهي، جو ميان احمد ڀٽائي ڏانهن لکيل آهي، ان جي
آخر ۾ لکي ٿو ته (فارسي)
شوقم زياده گشت بسوئ وصال تو
ليکن بدست خويش ندارد زمام کلام را
چون اختيار کردم اينک زمام را
احمد صبور باش که ناگه صبا رسيد
از بوءِ گل معطر سازم مشام را.
سيد خان محمد شاهه سنائي مسجد جوڙائي، جنهن جي تعمير لاءِ آخوند
صاهب ڪيئي تاريخون لکيون آهن، جن مان سنڌي ۾ لکي
ٿو:
سيد خان محمد جوڙائي مسجد گهڻي هيج منجهاءَ
شروع مهيني رجب ۾، پوري شب قدرا
تاريخ ان جي سال جي چئي ان پر هاتفا
مسجد سڳوري گهر خدا ڀلي جو آه
1290
آخوند صاحب عابد، زاهد ۽ عالم سان گڏ عامل به هو، هن جا وظيفا ۽
عمليات ڏاڍا مجرب هئا. سال 1317هه ۾ وفات ڪيائين.
تاريخ وفات پير محمد ياسين شاه:
از آخوند احمد سانوڻي هالائي:
آ ازين درد لم چہ خواست
واي تسکين دل من از چہ کاست
روز و شب چون شمع مي سوزد دلم
يا الاهي منبع اين غم الم
چن زسوز دل نمودم بس صدي
شد از و مکشوف جمله ماجري
ماجرائي نيست گويا حشر شد
جمله عالم سر زنان چون نشر شد
واي آن قطب زمان غوث الزمان
عزم کرد زين جهان بر لا مکان
چون زسوز دل نمود بس جريٰ
شد از و مکشوف جمله ماجريٰ
ماجرائي نيست گويا حشر شد
جمله عالم سرزنان چون نشر شد
واي آن قطب زمان غوث الزمان
عزم کرده زين جهان بر لا مکان
چون ز کثرت خلوت وجدت گزيد
ميل از تعداد عالم بر کشيد
رفقت ملا العليٰ منظور ساخت
اوج کاخ لامکان معمور ساخت
از وفاتش جان عالم سوخته
خاصه احمد در غش آميخته
خون ز چشمش مي چکد دائم چو آب
گل زخون من همي ريزد گلاب
قلب قرآن نام آن سالار بود
از مسميٰ خود مپرس اسرار بود
قلب قرآڻ را محمد پيش شد
اسم کامل آن کرامت کيش شد
نور مطلق را مقيد سرزده
سرحق روپوش درتن آمده
دين مرسل زو تجدد يافته
نفس شيطان را زره انداخته
ماند عالم دردمند از بهر او
گفت جان هي داغ دلها هجر او
سال مولودش مرادند ايش تفت
شيخ او صد پير مهدي زاد گفت
1212هه
از سنين عمر چون کردم صدا
اين ندا آمد که او ماه هدي 62
دل به آه و ناله بعد البعد منہ
گفت آه بالله رضي الله عنہ
1254هه
تاريخ وفات مرحوم مغفور مير صاحب مير محمد حسين علي خان
واقع تاريخ 25 ماه ربيع الاول 1295هه
غزل
بسا گردشِ آسمان ذ:تي است
پي آزار مردم به بيرحمتي است
شب و روز غم شمع جان سوخته
ندانم که اين دود بي آفتي است
ايا شاه عالي نسب ذوالکرم
که حاتم زهتمائي بي همتي است
بمدحش زبان کي رسد چون سها
که خورشيد اوجِ فلک رفعتي است
زداغِ و داعش همه خاص و عام
دلِ سوخته چشم تر کربتي است
بميم محمد بالفِ امام
محمد حسين علي جنتي است
1254
قصيدده در صفت پير رشيد الدين صاحب راشدي (صاحب العلم)
پير صفت پير مرشد زمان |
- |
يد او يد حق بود بيگمان |
رخش نور تابان چون بدر الدجيٰ |
- |
صباح هدايت جبينش لقا |
اگر ابر گويم زفيض و کرم |
- |
حد اوصاف او را نباشد بهم |
ببين در گهش ملجاؤ خاص و عام |
- |
رحيم است برجان هر مستهام |
شهودِ خدا از لقايش حصول |
- |
يقين مستفاد از عروج و نزول |
هي 25 بيتن تي ڊگهو مدحيه ڪلام آهي، جنهن جا آخري ٻه بيت ملاحظه
ڪندا:
بود احمدي داغدارِ قديم |
- |
به اسلاف و اخلاف بنده صميم |
سگِ داغدارِ نگيرد کسي |
- |
منم داغدارت زعهد بسي |
تاريخ وفات مخدوم ابراهيم متعلوي
بود ابراهيم با قلب سليم |
- |
بر شريعت با حقيقت مستقيم |
چشم جانش بود مکشوف از هود |
- |
بر صواب راه شد دائم مقيم |
در هزار و دو صد و هفتاد چار |
- |
در دو شنبہ گشت او باحق کليم |
در جنانِ خلد با عز تمام |
- |
چون خليل الله در گلشن مقيم |
باسراينک گشتم اين عيان |
- |
در محرم باشهيدان شد نديم |
|
|
1274هه |
احمد هالائي
تاريخ وصال حضرت سلطان الاولياءَ برهان الاصفياءَ فاني في الله
الملقب خليفة الله سيدنا مرشدنا حضرت پير صبغة
الله تاليف کرده فقير حقير گل ممد (تعميہ)
مرشدِ فياضِ عالم شيخنا عالي حضور
صبغة الله حق صباغ وحدت جمله نور
اسم سامي باسمي همچو شير اندر شکر
جسم و جان در وصل معنيٰ فارغ از کثر و قصور
در صفات ذاتِ حق محو از صفات جنس غير
جمله وحدت وحده، جان جهان جمله شعور
آخري بيت ملاحظه ڪندا:
شد رقم سال وصالش بر دلم برنو طريق
اول غيب ووجود وسر مهاي آخر ظهور
1246
(2) تميمه
غوث عالم مرشدِ فياض ماکان کرم
کامل و اکمل مربي مهدي اعليٰ همم
صبغة الله پير ما آن محي دينِ احمدي
محي دلها ماحي عصيان و آثامِ امم
چون به امرِ ارجعي نقل مکان زيد دار کرد
وائ واويلا ز عالم خواست تالوح و قلم
در بيانِ سالِ وصل از اسم پاک آن شفيع
صبغة الله زيب دلها گدفته ام بي بيش و کم
هن کان سواءِ ٻي به ساڳئي شاعر جون حضرت پير صبغة الله جي وفات
بابت تاريخون چيل آهن، جن مان هڪ مختصر ۽ هڪ طويل
آهي، جنهن جي هر مصرع مان ماده تاريخ نڪري ٿي.
تاريخ شهادت پير سيد محمد بقا لڪياري جد اعليٰ خاندان راشديہ
چو سيد محمد بقا شد شهيد
حلاوت ز رهمت الاهي چشيد
بسي بود نافع بهر خاص و عام
کزو زود طالب خدا شد رشيد
خرد سال تاريخ او در دلم
بگفتا بدرجه شحادت رسيد
1198
تاريخ وفات پير محمد راشد
از سيد حڪيم محمد شجاع لکهوي
واه محمد راشد راهِ نما شيخ و شُباب
شد شهيد از سم واصل گشت باحق درشتاب
سال تاريخ و مہ و روز وصال وقت گو
اول شعبان مرد طلوع آفتاب
1234هه
ابو معشر نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي
وفات 170هه، حضرت ابو امامة سهل بن حنيف صحابيءَ کي ڏٺو هئائين،
ان ڪري کيس تابعي چئبو. نافع ۽ ٻين ڪيترن تابعين
کان حديث ٻڌي اٿس، سندس زبان ۾ لڪنت يا ٻاتائي
هئي، ان ڪري انو نعيم جي روايت موافق حدثنا محمد
بن قعب چئي ڪعب ارادو ڪندو هو. هو سعيد بن مسيب،
محمد يحيٰ قرظي، سعيد بن سعيد مقبري، ابوبرده
موسيٰ، هشام بن عروه، موسيٰ بن يسار ۽ ٻين کان
روايت ڪري ٿو.
تاريخ بناءِ گنبذ روضي ڌڻي پير محمد راشد
از سيد نور علي شاهه حڪيم لکوي
محمد راشدِ در مرقد نيک
بحق موصول شد اين مرشد نيک
زهي عارف باسرار الاهي
قوي بوده بشرحِ احمد نيک
بروضه هر که با اخلاص آيد
شود حل مشکلات و مقصد نيک
زسجاده نشينِ صبغة الله
شده گنبذ مرتب و موجد نيک
عيان سالِ بناءَ نور علي گفت
همين گنبذ جوار مسجد نيک
آخوند دين محمد سانوڻي هالائي:
ولد آخوند خير محمد، سانوڻي آخوندن ۾ فارسي ۽ سنڌي جو بلڪل
پويون شاعر ٿي گذريو آهي. هي سموري ڄمار مثنوي
مولانا رومي ۽ شاه جي رسالي جي خدمت ڪندو رهيو.
مثنويءَ جي ڇهن دفترن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس،
ان جي مقابلي ۾ ڀٽائي صاحب جو بيت به پيش ڪندو ويو
آهي. جامع المعنيٰ نالي هڪ فارسي نظم ۾ رسالو لکيو
اٿس، جنهن جي ديباچي ۾ لکي ٿو:
چون پراگنده معاني جمع شد باجهد چند - جامع المعنيٰ زهي نامش
پسند آمد بمن قصه سر بوسيده در نظم.
هيءُ جمجمه جو قصو چيو اٿس. ان جي آخر ۾ لکي ٿو:
بر رهِ دينِ محمد مستقيم
استوارم کن مرابا دل سليم
مه جميد الاولين تاريخ هفت
روز اربعه اين کتابم ختم گشت
سال هجري سيزده صدشش عدد
بودتا اين بنده قصه نظم کرد
شيخ علي جي مقبري تي فيروز شاه دهلوي گنبذ تيار ڪرايو، جنهن جي
تاريخ بناءِ هن ريت آهي:
شد بنائي مرقدي عالي بامر شهريار
شاه فيروز آنکه بگرفت زوگيتي قرار
مي سزد گر بند درگاه اين گيتي پناه
بگر کند در سرفرازي بسلطان افتخار
بر سر قبر ولي آن علي، الحق ولي
بود در بغداد اندر وصف پاکان شهسوار
هفتم از ماهِ صفر مبني شد اين مرقد بسال
هفت صد و پنجاه هشت از هجرت احمد شمار
گفت بنيادش ملک اشرف ملک رشد سخي
هست اندر عدل فضل و خلق احسان نامدار
چون که ذاتي او درين شهري سيوستان آمده
تار گشته بقعئه از سر چوبستان بهار
تاريخ وفات شيخ عثمان مروندي لعل شهباز قلندر: ڏينهن خميس وقت
عصر 21 شعبان 688 ولادت 522 عمر 136 سال مدفن
سيوستان.
چو شهبازي مقدس لعل حضرت |
- |
شده طائر برحمت راز جنت |
نموده فکر تاريخي وصالش |
- |
سروش غيبم گفتا برحمت 650 |
(از سير قلندري خضر سيوستاني)
قاضي هدايت الله لکي ٿو ته 19 شعبان 673هه.
مقالات الشعراءَ وارو 673هه لکي ٿو. نسب سادات قلمي رسالي وارو
لکي ٿو: وفات مخدوم عثمان بيست و يکم (21) روز
يکشنبه (آچر) بوقت عصر در سنه خمسين وستمائة 650
علي الاصح- مطلب ته صحيح روايت تي سن وفات 650هه
آهي. قبر ۾ شيخ ٿعلي لاٿو، دفن صبح صادق وقت ڪيو
ويو. |