12- افضل الخطبات
مرتبہ و مؤلفہ: ابوالمشتاق الحاج رئيس مرزا محمد افضل بيگ
الخطيب ابن حضرت علامہ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
صاحب رح.
هديہ: مجلد ٻه رپيا پنجاهه پئسا
ملڻ جو هنڌ: حڪيم محمد عبدالحق و حڪيم نورالحق خان- گهنٽه گهر
سکر مغربي پاڪستان
زير نظر ڪتاب افضل الخطبات جي مفيد ۽ معياري هجڻ لاءِ الحاج
رئيس مرزا افضل بيگ جهڙي بزرگ ۽ اديب ابن جڳ مشهور
اديب مرزا قليچ بيگ صاحب جو نالو ئي سندَ آهي.
هيءُ ڪتاب جيئن نالي مان ئي ظاهر آهي ته سال جي
مهينن جي جمله جمعن جي خطبن، خطبه عيدين ۽ خطبه
نڪاح وغيره جو مجموعو آهي. هن مجموعي جي وڏي خوبي
اها آهي جو شروع ۾ مسنون طريقي موجب عربي خطبا ڏنا
ويا آهن، جن ۾ مختلف عنوانن تي قرآن ۽ حديث مان
عمدو انتخاب پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عام ماڻهو
عربي ٻوليءَ کان نا آشنا آهن. ان ڪري عربيءَ سان
گڏ ان جو اردو نظم ۾ خلاصو ڏنو ويو آهي ۽ ان طرح
خطبن جي افاديت ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي. اردو اهڙي
آسان ۽ سولي استعمال ڪئي وئي آهي جو سڀ ڪو ان کي
سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.
ڪتاب شروع ٿيڻ کان اڳ مولوي عبيدالله صاحب ولي اللـٰهي سابق صدر
مدرس مظهر العلوم خطيب جامع مسجد مظهر العلوم
محله کڏهه ڪراچيءَ وارن طرفان هڪ طويل تقريظ ڏني
وئي آهي، جنهن ۾ هن مجموعي جي خوبين جي چڱي اپٽار
ڪئي وئي آهي. مولوي صاحب موصوف لکي ٿو ته هنن خطبن
۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. هڪ ته عربي عبارت قرآن
مجيد ۽ احاديث نبويءَ کان ورتي وئي آهي ۽ مسلمانن
جي معاشري جي اصلاح لاءِ جن جن شين جي ضرورت هئي
تن مان هر هڪ ڳالهه لاءِ قرآن حديث کي آندو ويو
آهي. عربي دان قرآن مجيد ۽ نبوي حديث مان حظ وٺي
سگهندا ۽ عربي نه ڄاڻندڙ لاءِ دلڪش ۽ موهيندڙ
اشعارن ذريعي قرآن مجيد جي آيتن ۽ حديثن جو ترجمو
ڪيو ويو آهي ۽ هن جو هر خطيب وٽ هجڻ نهايت ضروري
آهي.
آخر ۾ اسا جي مرزا صاحب کي اها التجا آهي ته سندن خاندان سنڌي
ٻولي ۽ ادب جو وڏو محسن رهيو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي
جو اهي اشعار سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ڪيا وڃن ته
ويچارا ٻهراڙيءَ جا سنڌي اٻوجهه ماڻهو به سولائيءَ
سان سمجهي ڪجهه نصيحت پرائين ۽ انهن تي عمل ڪن.
13- احسن الاشعار
مؤلف: حافظ محمد احسن چنه (دادو)
ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق حڪيم نورالحق تاجران ڪتب، چوڪ گهنٽه
گهر سکر (سنڌ)
قيمت: 75 پئسا
حافظ محسن احسن صاحب سنڌ جي انهن ڪهنه مشق شاعرن مان آهي، جن جو
شعر ٻوليءَ ۾ سند طور آڻي سگهجي ٿو. هن مجموعي جو
تعارف خود مؤلف جي لفظن ۾ پڙهندا. حافظ صاحب لکن
ٿا: 7 فيبروري 1965ع تي جناب الحاج زوار ابو
المشتاق حضرت مرزا محمد افضل بيگ صاحب جن سان رفيق
سفر ٿي، حج لاءِ روانا ٿياسين. ساڍا ٽي مهينا هن
صدوري سفر باظفر ۾ لڳا، جي پنهنجي زندگيءَ جا سڦلا
۽ سجايا ڏينهن شمار ڪريان ٿو
مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ طبع از خود موزون ٿي ۽ جوش عقيدت مان
جيڪي جذباتي طبع زاد شعر وارد ٿيندا رهيا، سي
قلمبند ڪندو ويس، جي اڄ هن ڪتاب جي صورت ۾ پڌرا
ڪريان ٿو ته جيئن پڙهندڙن کي به ان ڀلي پار وڃي
چائنٺ چمڻ جي ڪشش پيدا ٿئي.
ڪتاب جو انتساب اديب ابن اديب الحاج مرزا افضل بيگ صاحب جي اسم
گرامي ڏانهن ڪيو ويو آهي. ان ۾ مؤلف لکي ٿو ته:
”هيءَ ڪتاب پنهنجي مخلص مهربان الحاج مولانا حضرت
محمد افضل بيگ صاحب مرزا جي نام نامي اسم گرامي
ڏانهن منسوب ڪريان ٿو، جنهن جي ذات گرامي اهليانِ
سنڌ لاءِ باعث فخر و ناز آهي ۽ جنهن جي موجودگي
اهل سنت والجماعت جي صاحبن لاءِ تسڪين خاطر آهي.“
الحاج مرزا افضل بيگ صاحب جن به شروع ۾ هڪ نوٽ ”ڪجهه اکر“ جي
نالي سان لکيو آهي ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي مشهور
اديب مرحوم رئيس ضياءُ الدين بلبل طرفان ٻن صفحن ۾
تعارف لکيو ويو آهي، جنهن ۾ لکن ٿا:
”هيءُ ڪتاب روح پرور نعتيه ڪلام ۽ مناجات تي مشتمل جوش عقيدت
مان سرڪار مدينه جي حاضري ۾ عرب ارض مقدس ۾ منظور
ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف موقعن، منظرن ۽ دؤرن جو
هوبهو عڪس جهٽيو ويو آهي ۽ واردات قلبي کي به
قلمبند ڪيو ويو آهي وغيره.“
اسان جي خيال ۾ شعرن جو هيءُ مجموعو نهايت مفيد آهي. هر عاشق
رسول هن مان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو.
14- موتي
مؤلف: جمال الدين هوت خان خاصخيلي ايم- اي
قيمت: 50 پئسا
ملڻ جو هنڌ: (1) آر- ايم فتح ائنڊ برادرس- هيرآباد حيدرآباد (2)
پاڪ بڪ ڊپو نوابشاهه.
ڪتابي سائيز جي 43 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سچ پچ موتين جو
مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪي مکيه عربي دعائون، صلواتون،
اسماءُ الله تعاليٰ ۽ انهن جو سنڌي ترجمو پيغمبر
عليہ السلام جا نالا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو
آهي. آخر ۾ بايزيد بسطامي جو مناقبه سنڌي قديم نظم
۾ چيل محمد جو ڏنو ويو آهي. ڏٺو ويو آهي ته گهڻا
نيڪ ماڻهو فراغت جي اوقاتن ۾ ورد ۽ وظيفا پڙهندا
رهندا آهن. اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ته اهڙا ڪتاب گهڻا
هئا، پر سنڌي ۾ اهڙن ڪتابن جي اڻاٺ هئي.
مسٽر جمال الدين مومن جس لهڻي، جنهن هن پاسي توجهه ڪري اورادن
جو هيءُ مجموعو ڇپايو، عربي دعائن کي زيرون، زبرون
اچن ها ته چڱو هو، ائين عوام پڙهي نه سگهندو. ٻيو
ته ختمن بخشڻ جي واٽ جي ڪا ضرورت نه هئي. اهڙو
ثواب ته خود بخود پهچي وڃي ٿو. هن جي ڇپائي ڏاڍي
سهڻي آهي.
15- مسڪين جهان خان کوسو
تصنيف: محمد بخش بلوچ مجنون بي- اي (آنرس) ايل ايل- بي
قيمت: ٻه روپيا
ملڻ جو هنڌ: ادبيات تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۽ سنڌ جا مشهور بڪ سيلرس
ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ ڏسڻ ۾ ته هڪ سؤ صفحن جو ڪتابي سائيز
تي هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪنهن نواب، وڏيري،
رئيس، سنڌ جي ڪنهن سياسي ليڊر وغيره جو احوال نه
لکيو ويو آهي، پر هن ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي
سوانح کي اهڙي سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ سهيڙيو ويو آهي،
جو ڪوبه سنڌي سڄڻ هڪ ڀيرو هيءُ ڪتاب هٿ ۾ کڻندو ته
ان کي پڙهي پڄائڻ کان اڳ نه ڇڏيندو.
ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ”مجنون“ صاحب جو هي لکيو آهي ته ”مسڪين خود
مڃيندو ته مون سندس سوانح حيات لکڻ ۾ نه ته ڪا
ڪنجوسي ڪئي آهي ۽ نه مبالغي کان ڪم ورتو آهي.
مسڪين جيڪي ڪجهه آهي، برو يا ڀلو، عوام اڳيان اصلي
روپ ۾ آڻي بيهاريم.“
اسان جي راءِ ۾ فاضل مصنف ڪوبه وڌاءُ نه ڪيو آهي. اهو سندس
تحرير ۽ قلم جو ئي نتيجو آهي، جو مسڪين جي لفظن ۾
اها ته تصوير ڪڍي اٿس جو پڙهندڙ کي اهو پيو محسوس
ٿئي ته ڄڻ هو مسڪين کي پنهنجي اکين سان پسي ۽ ان
جي قومي خدمتن کي ڏسي رهيو آهي.
عربي ادب ۾ ان مقامن لکڻ جو هڪ فن آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرضي شخصيت
کي آڏو رکي ان جا ڪارناما اهڙي ته ادبي رنگ ۾ لکيا
ويا آهن جو انهن جي پڙهڻ مان هڪ پاسي ادبي چاشني ۽
مزو ملندو آهي ته ٻئي پاسي انهن واقعن جي فرضي هجڻ
ڏانهن ڪو وهم و گمان به نه ويندو آهي. هن فن ۾
همداني ۽ حريريءَ جو اعليٰ مرتبو ليکيو ويندو آهي.
گهڻو اڳ سنڌ جي هڪ نوجوان برک اديب ۽ عالم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب ”لعلڻ خان لغاري“ تي سنڌيءَ
۾ هڪ ٻه مجلسون يا مقامه لکيا هئا، سي ان سلسلي کي
پورو ڪن ها ته سنڌي ساهتيه ۾ ان جي منفرد اهميت
هجي ها. اسان جي نوجوان اديب جناب محمد بخش مجنون
صاحب جس لهڻي، جنهن هڪ بي نظير زنده شخصيت مسڪين
جهان خان کوسي جي سوانحي خاڪي کي دلچسپ ۽ سولي،
سلوڻي سنڌيءَ ۾ لکي سنڌي ساهتيه ۾ وڏو اضافو ڪيو
آهي. هن جو هيرو حريري وانگر ڪا فرضي شخصيت نه آهي
۽ نڪي اهڙو انسان آهي، جو اندر ۾ هڪ ۽ ٻاهر ۾ ٻيو
هجي. مسڪين اندر ۽ ٻاهر ٻنهي ۾ هڪ جهڙو آهي. هو
پنهنجي ذاتي نفعي کان ڪوهين پري رهي، هارين، نارين
۽ بيواهن جي مدد ۽ واهر ۾ پيو وقت گهاريندو آهي.
انسان ذات جي محبت جو مظاهرو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو
ٿي سگهي ٿو جو مسڪين جهان خان کي گيڏيو (لڪڻ) هٿ ۾
وتي هلندو عام ڀلي جي ڪمن ۾؟
اسان جي ناقص راءِ ۾ مرحوم الهه بچائي سمي جي ”سير ڪوهستان“
ڪتاب کان پوءِ هي ٻيو سنڌي ڪتاب آهي، جنهن جي سٽا
لا جواب ۽ ٻولي اهڙي ته ٻاجهاري رکي وئي آهي، جو
سهل ممتنع پيو معلوم ٿئي. ڪتاب جي سرورق تي مسڪين
جهان خان کوسي جي تصوير پڻ ڏني وئي آهي جا سندس
ذوق جي عڪاسي ڪري رهي آهي ۽ گيڏيو به گڏ ڏيکاريو
ويو آهي. ڪتاب جو تعارف ٻن صفحن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ لکيو آهي، جنهن ۾ مصنف جو احوال ڏيندي
آخر ۾ لکن ٿا: ”نه صرف سندس حسن انتخاب لاءِ کيس
جس، پر سندس بيان لاءِ کيس آفرين. فن سوانح
نگاريءَ ۾ سندس هي ننڍڙو ڪتاب يادگار رهندو.“
16- رهبر هوميوپيٿي
تاليف: (1) ڊاڪٽر عثمان علي انصاري ايم- اي رجسٽرڊ ميڊيڪل
پريڪٽيشنر (2) ڊاڪٽر محمد بچل ڇڄڙو، رجسٽرڊ ميڊيڪل
پريڪٽشنر
قيمت: چار روپيا
ملڻ جو هنڌ: هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر عثمان علي انصاري، پوسٽ آفيس قنبر
(ضلع لاڙڪاڻو)
سنڌي ٻوليءَ ۾ طبي ڪتابن جي تمام گهٽتائي آهي. وري به طب يوناني
تي ڪجهه ڪتاب ملن ٿا، باقي هومپيوپيٿي علاج تي ته
سنڌيءَ ۾ ڪوبه مفيد ڪتاب نظر نه ٿي آيو، مٿيان ٻئي
نوجوان ڊاڪٽر جس لهن، جو هوميوپيٿي علاج تي ڪرائون
سائز تي 394 صفحن جو ڪتاب لکيوآهي. هن ڪتاب جي
شروع ۾ حيدرآباد جو ناميارو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر محمد
اسماعيل ”نامي“ تعارف ڪرائيندي آخر ۾ لکي ٿو:
”آءٌ هن عظيم ڪارنامي تي مسٽر انصاري کي هديه تبرڪ پيش ڪريان ٿو
۽ اميد ٿو ڪريان ته هو صاحب سنڌي زبان ۾ مزيد
هوميوپٿيڪ لٽريچر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو.“
ڪتاب جو مصنف، پنهنجي تاليف لاءِ هن طرح رقمطراز آهي:
”اسان هن ڪتاب کي سليس، جامع ۽ مفيد بنائڻ جي هر طرح ڪوشش ڪئي
آهي ڪتاب مختصر آهي، مگر منجهس ايترو مواد موجود
آهي جو معمولي پڙهيا لکيا به پڙهي، سولائي سان
پنهنجي گهر ٻار ۽ عيال جو علاج پاڻ ڪري سگهن ٿا.
خصوصاً استاد صاحبن لاءِ هي ڪتاب فرصت جي لمحات ۾
ساٿي ۽ مفيد ثابت ٿيندو.“
هن ڪتاب بابت هوميوپيٿي علاج جي ڄاڻن مان پير بديع الدين شاه
صاحب راشديءَ جي راءِ وڏي وزندار آهي. پير صاحب جن
لکن ٿا:
”اڄ ڪتاب ’رهبر هوميوپيٿي‘ منهنجي نظر مان گذريو آهي. آئون ان
کي هن ڪميءَ لاءِ گهڻي قدر پورائو سمجهان ٿو.
منجهس پنج باب آهن: (1) فلسفه هوميوپيٿي (2) دوا
سازي (3) ميٽريا ميڊيڪا (4) بايو ڪيمڪ سائنس ۽ (5)
علاج الامراض.
هن ڪتاب کي اسان به مختلف جاين کان پڙهيو آهي. اها حقيقت آهي ته
ڪتاب سولي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ڪري هن مان
سڀ ڪو پڙهيل ماڻهو فائدو وٺي سگهندو، پر افسوس جو
جهڙو ڪتاب آهي، اهڙو ان جي ڇپائي ۽ صحت تي زور نه
ڏنو ويو آهي. اميد ته ٻئي ايڊيشن ۾ ان جي ضرور
تلافي ڪئي ويندي.“
17- سوانح اصغر:
مرتب: سيد خادم حسين شاهه
قيمت: هڪ روپيو
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو سنڌ.
”سوانح اصغر“ ڏسڻ ۾ ته 62 صفحن جو ننڍو ڪتاب آهي پر مضمون ۽
معلومات جي خيال کان وڏي قيمتي علمي وٿ آهي. هن ۾
فاضل مصنف، جن پاڻ کي مرتب جو نالو ڏيئي ڪسر
نفسيءَ کان ڪم ورتو آهي. نه رڳو اصغر سائين جو
احوال آندو آهي، پر سنڌ جي هن سونهاري خاندان جو
سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ چڱو تعارف ڪرايو آهي، جنهن
لاءِ مصنف گهڻي جس لهڻي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ تذڪره ۽ سوانحي ڪتابن جي وڏي اڻاٺ آهي. هتي جي
ڪيترن وڏن بزرگن عالمن ۽ اديبن جو احوال عام طرح
ڳولا سان به نه ملندو. ٻئي پاسي اوهان کي ٻين ملڪن
يا علائقن جي ڳوٺ، ڳوٺ جي تاريخ ۽ تذڪرو ملندو، ان
ڪري ضرورت آهي ته ٻين درگاهن ۽ بزرگن جي احوالن کي
به هن ڪتاب وانگر سهيڙيو وڃي. هي تمام وڏو ڪم آهي،
جنهن کي رڳو ڪو هڪڙو اهڙو ادارو يا اڪيڊمي پورو نه
ٿي ڪري سگهي. ضرورت آهي ته هر ضلع ۾ اهڙيون سنڌي
اڪيڊميون کوليون وڃن، جيڪي اهو ڪم هٿ ۾ کڻن.
لاڙڪاڻي جي سنڌي ادبي اڪيڊميءَ چڱو پاڻ موکيو آهي،
جو ”سوانح اصغر“ جهڙو ڪتاب ڇپايو آهي. هن کان اڳ
اڪيڊمي طرفان ٻيا به عمدا ادبي ۽ تاريخي ڪتاب ڇپيا
آهن.
18- تاريخ بنو اميہ
مصنف: سيد حبيب الله شاهه
قيمت: ٻه روپيا
ڇپائيندڙ: آر - ايم فتح ائنڊ بردارس، حيدرآباد
ڪتاب جو موضوع ان جي نالي مان پڌرو آهي ۽ ڪتاب جو مؤلف هڪ
نوجوان اديب آهي، جنهن نئين مان تصنيف، تاليف ۾
پير پاتو آهي. سندس سنڌيءَ ۾ لکڻي ان جي روشن
مستقبل جا اهڃاڻ ٻڌائي ٿي، جنهن لاءِ مصنف جس
لهڻي.
ڪتاب ۾ ڪن جاين تي ڪن بزرگن جا نالا رکا آندا ويا آهن، جي هڪ
مشرقي مؤلف لاءِ زيبا نه آهن. ڪتاب جي صحت جو به
ڪو خاص خيال نه رکيو ويو آهي. اميد ته ان جي ٻئي
ڇاپي ۾ تلافي ڪئي ويندي.
ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌ جي هڪ صالح اديب مسٽر جمال الدين ”مؤمن“ جي
طرفان تقريظ آيل آهي، جنهن ۾ مصنف جي محنت کي هن
طرح بيان ڪيو ويو آهي ته: ”مواد گڏ ڪرڻ ۾ شاهه
صاحب نهايت جانفشاني، بردباري ۽ مستقل مزاجيءَ کان
ڪم ورتو آهي. ضخيم مواد کي ايترو ته مختصر ڪيو ويو
آهي، ڄڻڪ درياه کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو آهي.“
مؤمن صاحب سان اسين به انهيءَ راءِ ۾ شامل آهيون. هي ڪتاب
اسلامي تاريخ جي طالب علمن لاءِ چڱو ڪارآمد ٿيندو.
19- شاهه ولي الله اڪيڊميءَ جو احوال
شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ جي ميٽنگ
جناب سيد قطب علي شاهه حسيني چيف ايڊمنسٽريٽر
اوقاف سنڌ جي صدارت هيٺ 29-3-1971 تي شاهه ولي
الله اڪيڊمي جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان اهم
فيصلا ڪيا ويا:
1- بورڊ جي تازي وڇڙيل ميمبر مرحوم مخدوم امير محمد صاحب
جي وفات تي تعزيت جو ٺهراءُ پاس ڪري، مرحوم جي روح
کي مغفرت جي دعا ۽ سندس پوين لاءِ اظهار همدردي
ڪيو ويو.
2- سنڌ جي ديني ناياب قلمي نسخن ۽ جهونن ڪتابن جي مئڪرو
فلمس وٺڻ لاءِ مئڪرو فلم مشين ۽ ٻئي ضروري گهربل
سامان جي خريداريءَ لاءِ منظوري ڏني ويئي.
3- ماهنامه رساله سنڌي ”الرحيم“ ۽ ماهانه رساله اردو
”الولي“ جي ٻيهر اشاعت بحال ڪئي وئي. انهن جو
پهريون پرچو اجازت ملڻ کان پوءِ جلد پڌرو ٿيندو.
4- اصولي طرح فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي نئين ڪئمپس
ڄام شورو ۾ مليل ايراضيءَ ۾ اڪيڊميءَ لاءِ عمارت
ٺهرائي وڃي ۽ عارضي طور سيد محمد شاه جي وقف زمين
تي اوقاف کاتي طرفان رٿيل عمارت ۾ اڪيڊمي جي آفيس
۽ لئبريري وغيره لاءِ بندوبست ڪيو وڃي.
5- شاهه ولي الله صاحب جي فلسفه ۽ خيالن متعلق گهٽ قيمت
وارا جدا جدا باب عام ماڻهن ۽ شاگردن جي واقفيت
لاءِ ڇپايا وڃن.
6- شاهه ولي الله صاحب جي تعليم، فلسفي وغيره بابت مهيني ۾
هڪ ڀيرو عام ليڪچر ڏيارڻ جو انتظام ڪيو ويندو.
7- انعامي مقابلن وارا مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ديني
۽ ادبي موضوعن تي لکائڻ لاءِ 1500 روپيا منظور ڪيا
ويا. مٿين هر هڪ ٻوليءَ جي مضمون لاءِ 3 انعام،
پهريون نمبر انعام 250 روپيا، ٻيو نمبر انعام 150
روپيا ۽ ٽيون نمبر انعام 100 روپيا هوندا.
8- مئٽرڪ جي شاگردن کي شاهه ولي الله صاحب جي تعليمات مان
واقف ڪرڻ لاءِ ته جيئن هو، ان تعليمات کي عوام
تائين پڻ پهچائين، ماهانه 10 روپيه اسڪالر شپ هر
هڪ شاگرد حساب سان جمله 1500 روپيا منظور ڪيا ويا
آهن.
شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ جي هڪ ٻي
ميٽنگ جناب سيد قطب علي شاهه حسيني، چيف
ائنڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ جي صدارت هيٺ 21-6-1971ع
تي شاهه ولي الله اڪيڊميءَ جي آفيس ۾ منعقد ٿي،
جنهن ۾ بورڊ جي گذريل ميٽنگ جي ڪارروائي بحال ڪرڻ
کان علاوه سنڌ جي ديني ناياب قلمي نسخن ۽ جهونن
ڪتابن جي فوٽو وٺڻ لاءِ، هڪ ڪئميرا، فلم ۽
پراجيڪٽر جي خريداريءَ لاءِ في الحال ٻه هزار
روپيه سينٽرل اوقاف فنڊ مان منظور ڪيا ويا.
معاصر ماهنامه ثقافت لاهور شاه ولي الله اڪيڊمي جي ڇپايل ڪتاب
تاويل الاحاديث ۽ ڪچڪول نامه تي تبصرو فرمايو آهي،
ان جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
”هيءُ ڪتاب حجة الاسلام شاه ولي الله محدث دهلويءَ جي معرڪه آرا
ڪتابن مان آهي. شاهه ولي الله اڪيڊمي جي پروفيسر
غلام مصطفيٰ قاسمي جي تحقيق ۽ مقدمي سان گڏ ان کي
شايع ڪيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو عربي زبان کي ڄاڻن
ٿا ۽ شاهه صاحب جي انداز تحرير کان مانوس آهن،
انهن لاءِ هي وڏو قيمتي تحفو آهي.“
ڪتاب وڻندڙ ٽائيپ ۾ ڇاپيو ويو آهي. ڪاغذ به سٺو آهي. ٿولهه 112
صفحا، قيمت رڳو ٽي روپيا.
حضرت مخدوم ابوالحسن ڏاهري نقشبنديءَ جو هيءُ ناياب ۽ نادر ڪتاب
جيڪو معنيٰ ۽ مطلب جي خيال کان بينظير آهي، شاهه
ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب جي حاشيي ۽ تحقيق سان شايع ڪيو آهي. هن
۾ ڪوبه شڪ۽ شبهو نه آهي ته قاسمي صاحب وڏي محنت ۽
ديده ريزيءَ سان جيئن تاويل الاحاديث ۾ پنهنجو فرض
ادا ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ به انهن پنهنجي
تحقيق، وسيع مطالعه ۽ علمي ذوق جو هڪ دلڪش نمونو
پيش ڪيو آهي.
ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. ڇپائي ٽائيپ ۾ ٿي آهي، جا نهايت
خوبصورت آهي. ٿولهه 52 صفحا، قيمت هڪ رپيو.
20- علمي دنيا
سوويت روس:
از: بڪ علوم جي اڪيڊميءَ هيٺ مشرقي علوم جي درسگاهه جي
لائبريريءَ ۾ قلمي ڪتابن جو هڪ وڏو نادر ذخيرو
آهي، جيڪو هن وقت سويت روس ۾ ضخيم مجموعو سمجهيو
وڃي ٿو. هن ۾ ڪيترا هٿ جا لکيل علمي ڪتاب، ڏهه
صديون اڳ جا ٻڌايا وڃن ٿا.
هن درسگاهه ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تحقيق ڪم ۽ انهن جو ترجمو ٿيو
آهي. اسان کي انهن مان، جن اهم ڪتابن جو احوال
معلوم ٿيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:
1- ”القانون في طب“:اهو ڪتاب مفڪر عظيم حڪيم بو علي سينا جو
لافاني شاهڪار آهي. هن ڪتاب جو روسي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪيو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته جيڪا هن ڪتاب تي
تحقيق ۽ تدقيق ٿي آهي، ان تحقيق سان اهو پهريون
ترجمو شمار ڪيو وڃي ٿو.
يارهين عيسوي صديءَ ۾ يعني پورا ست سؤ سال اڳ هن ڪتاب جو لاطيني
زبان ۾ ترجمو ٿيو هو.
2- ”آثار الباقياة من القرون الخالية“: تاليف ابو ريحان بيروني.
هن اداري طرفان ابو ريحان بيرونيءَ جي تصنيفات جي
اعليٰ ڇپائي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. هنن مان
پنج جلد ڇاپي هيٺ آهن. يورپي ٻولين ۾ بيرونيءَ جي
تاليفات جو اهو پهريون ڇاپو آهي. بيرونيءَ جي ڪتاب
”ال آثار الباقياة من القرون الخالية“ جو پهريون
جلد ڇپجي شايع ٿي چڪو آهي.
هن لائبريريءَ جي قلمي ڪتابن مان صرف مشرقي علوم جي مخطوطات ۽
قلمي ڪتابن جو ڪيٽالاگ يا فهرست پنجن جلدن ۾ تيار
ڪئي وئي آهي، جن مان هر هڪ جلد ۾ اٺن سون ڪتابن جو
احوال آيل آهي. هن مان اهو پتو پوندو ته تاشقند جي
درسگاهه ۾ ڪيڏو وڏو علمي ذخيرو موجود آهي ۽ انهن
نادرڪتابن مان ڪيئن فائدو پرائي سگهجي ٿو.
ايران:
ايران ۾ ڪيترن ئي علمي ڪتابن جو ترجمو ٿيندو رهيو آهي. تازو
لبناني عالم عفيف طياره جي ڪتاب ”روح الدين
الاسلامي“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو (فرهنگ عقايد و
قوانين اسلامي) جي نالي سان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب
جو مترجم احمد الطيبي شوستري آهي. اهو ساڳيو ڪتاب
ٽي سال اڳ ترڪي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيو هو.
تهران يونيورسٽيءَ طرفان پروفيسر سيد محمد ڪاظم امام جي تصحيح ۽
تعليم سان هيٺيان علمي ڪتاب اشاعت هيٺ آيا آهن:
1- ”مقدمة الادب“ تاليف ابو القاسم محمود بن عمر الزمخشري
الخوارزمي.
2- ”حقائق الحدائق“ تاليف شرف الدين حسن بن محمد تبريزي.
هيءُ ڪتاب فارسي ادب جي علم بديع ۽ شعر جي صنعتن
تي لکيل آهي.
3- ”دقائق الشعر“ تاليف علي بن محمد، مشهور تاج الحلاوي.
هيءُ ڪتاب اٺين صديءَ جي فارسي ادب تي علم بديع ۽
شعر جي صنعتن بابت لکيل آهي.
4- ”المقالات والفرق“ پروفيسر ڊاڪٽر محمود جواد مشڪور جي
تحقيق ۽ مقدمي سان شايع ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب هجري
ٽين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ چوٿين صديءَ جي شروع جو
چيو وڃي ٿو. هن جو مؤلف سن301هه ۾ فوت ٿيو آهي.
اسلامي فرقن مان شيعن جي ڄاڻ بابت خاص طرح اهو سڀ
کان آڳاٽو ڪتاب آهي، جيڪو 360 صفحن تي ڦهليل آهي.
مصر، عراق:
1- ”رسوم دارالخلافة“: هيءُ ڪتاب تازو عراق مان شايع ٿيو آهي،
جو نهايت نفيس ۽ قيمتي ڪتاب آهي. تاليف هلال ابن
المحسن الصابي (وفات سن448هه) مطابق (1056م) هن
ڪتاب جو مصنف سن359هه ۾ بغداد ۾ ڄائو. سن303هه ۾
اسلام قبول ڪيائين. هو مؤرخ اديبن مان هڪ وڏو اديب
هو. بادشاهن ۽ خليفن جي آداب جي کيس وڏي ڄاڻ هئي.
هن جي عبارت ۾ ڏاڍي رواني هئي ۽ آسان عبارت لکڻ جو
ماهر هو. سندس عبارت ۾ ڪوبه تصنع اجائي ڊيگهه نه
هوندي آهي.
هن ڪتاب ۾ مؤلف، بغدادي، عباسي حڪومت جي تختگاهه وغيره جو عمدو
بحث ڪيو آهي. هن کان اڳ ڪنهن به مورخ اهو ڪارنامو
سرانجام نه ڏنو آهي.
ان ڪتاب جو مخطوطو ويهه سال اڳ جامعہ ازهر جي ڪتب خاني مان هٿ
آيو، جيڪو نهايت عمدو نسخو آهي، جنهن جهڙو ڪوبه
ٻيو نسخو نه آهي.
هن جي ڪتابت سن455هه ۾ ٿي، يعني مصنف جي وفات کان ست سال پوءِ
جو نسخو آهي ۽ مصنف جي نسخي سان ان جي ڀيٽا ڪيل
آهي. هن ڪتاب ۾ دارالخلافہ بغداد جي تاريخي
اجتماعن، اتي جي پوشاڪ جي قسمن، فرش، کاڌي پيتي جي
شين، خوشبوئن، عمدن پٿرن، هٿيارن وغيره جو تفصيل
سان بيان آيل آهي ۽ ڪيترا اهي الفاظ جيڪي ٻاهرين
ٻولين جا عربي ٻوليءَ ۾ اچي ويا هئا، انهن جي
اپٽار ۽ شهري ٻوليءَ جو بيان آهي.
2- ”سر الحروف المفردة في القرآن“: عبدالرزاق نوفل جو اهو
شاهڪار آهي، جنهن جو موضوع نالي مان ئي پڌرو ٿئي
ٿو. عبدالرزاق نوفل لکي ٿو ته قرآن مجيد ۾ اهڙي به
رقم آهي، جنهن جو راز اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو
آهي.
3- ”التبيان في علم البيان المطلع علي اعجاز القرآن“: ابن
الزملکاني (وفات سن951هه) هيءُ ڪتاب ٻن ڊاڪٽرن هڪ
ڊاڪٽر احمد مطلوب ۽ ڊاڪٽر خديجة الحديثيءَ جي گڏيل
تحقيق سان شايع ٿيو آهي، جيڪو پنهنجي موضوع ۾ بي
نظير ڪتاب آهي.
4- ”القانون الدستوري“: هيءُ ڪتاب نه رڳو قانون جي شاگردن لاءِ
مفيد آهي، ليڪن دستوري ڄاڻ لاءِ هن جو پڙهڻ سڀ
ڪنهن سياستدان لاءِ ضروري آهي.
5- ”مشڪواة الانوار و فضائح الباطنيہ“: هي ٻئي ڪتاب امام
غزاليءَ جي تصنيف آهن، جن کي وزارت قومي و ارشاد
تازو شايع ڪيو آهي.
هندستان:
عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي شعبہ اسلاميات طرفان هيٺيان ڪتاب ڇپجي
شايع ٿيا آهن:
1- ”معرفة المذاهب“ تصحيح پروفيسر عبدالعليم.
2- ”فضائل من اسمہ احمد و محمد“ تاليف حافظ ابو عبدالله
حسين بن بکر بغدادي (وفات سن388هه) تحقيق مختار
الدين احمد صاحب.
3- ”المختار من شعر ابن الدفينة“ هن جي تحقيق ۽ فهارس به
مختار الدين احمد صاحب طرفان ڪئي ويئي آهي.
پاڪستان:
سنڌي ادبي بورڊ:
پاڪستان جي علمي ادارن مان سنڌي ادبي بورڊ ئي هڪ اهو عظيم ادارو
آهي، جنهن ٿوري ئي عرصي ۾ نه رڳو برصغير هند و
پاڪستان ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ شهرت حاصل ڪئي آهي.
هن اداري طرفان سوين سنڌي، فارسي، عربي، اردو ۽
انگريزي ڪتاب شايع ٿي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.
هن اداري طرفان هيٺيان ڪتاب ويجهڙائي ۾ نڪري نروار ٿيڻا آهن:
عربي ڪتاب:
1- مقدمہ ڪتاب التعليم:
تاليف: امام مسعود بن شيبہ سنڌي
تحقيق: مولانا عبدالرشيد نعماني
2- بذل القوة:
تحقيق: مخدوم امير احمد صاحب
علامه مسعود بن شيبہ سنڌي جنهن کي محقق حنفين طرفان امام مسعود
سنڌي سڏيو ويندو آهي، سو سنڌ جو اهو قديم ۽ محقق
عالم آهي، جنهن امام ابو حنيفہ جي تائيد ۾ ڪتاب
التعليم لکڻ سان غزالي ۽ ٻين ڪيترن عالمن تي رد
لکيو. علامه مسعود سنڌيءَ جو مخالفن ۾ اهو ڌاڪو
آهي جو عسقلان جي نائين صديءَ جي محدث ۽ حافظ
الحديث ابن حجر کان به جڏهن هن جي دليلن جي جواب ۾
ٻيو ڪجهه نه ٿيو، تڏهن علامه مسعود کي ”مجهول
راوي“ يعني اڻ سڃاتل سڏيو ويو. ٻئي پاسي حافظ
عبدالقادر قرشي کيس پنهنجي ڪتاب الجواهر المضية ۾
حنفي محققن ۽ عالمن ۾ شمار ڪيو آهي. مٿيون ڪتاب ته
رڳو اصل ڪتاب جو مقدمو آهي. اصل ڪتاب ڪٿي به نه ٿو
ملي. اهو مقدمو به مصر مان مجلس علمي ڊاڀيل وارن
هٿ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان نسخي تان اهو مقدمو
ڇاپي رهيو آهي جو نهايت وڏو ڪم آهي.
اهڙي طرح ”بذل القوة“ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙي محقق جو حضور
پاڪ جي سوانح سيرت پاڪ تي نهايت عالمانہ ڪتاب
آهي، جنهن ۾ سال، سال جي واقعن کي الڳ بيان ڪيو
ويو آهي.
فارسي ڪتاب
1- منشور الوصيت و دستور الحڪومت از: ميان يار محمد ڪلهوڙو
تحقيق: سيد حسام الدين شاهه راشدي.
2- سوانح غازي بيگ ترخان
تحقيق: سيد حسام الدين شاهه راشدي
3- روضة السلاطين
تحقيق: سيد حسام الدين شاه راشدي
4- ترخان نامه
تحقيق: سيد حسام الدين شاهه راشدي
5- مڪلي نامه
تحقيق: سيد حسام الدين شاهه راشدي
6- بيگلار نامه
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
7- تاريخ طاهري
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مٿيان ڪتاب سڀ تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌ جو اهو وڏو علمي ذخيرو
آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ نئين سر جياري رهيو
آهي.
سنڌي ڪتاب
1- ميرن جي درٻار (رچرڊ برڊن جي انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)
مترجم: مسٽر محمد حنيف صديقي
2- شاهه عنايت جو ڪلام
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
3- خليفي نبي بخش جو رسالو
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
4- سائو پن يا ڪارو پن (آتم ڪهاڻي) مرزا قليچ بيگ جي
5- ڪنڊڙيءَ وارن فقيرن جو ڪلام
مرتب: جناب لطف الله بدوي
اسان کي هنن سنڌي ڪتابن مان شاهه عنايت نصرپوريءَ جي ڪلام جي
ترتيب جي خبر ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. هن وقت تائين شاهه
ڀٽائي رحمة الله عليہ جي رنگ ۾ ڪنهن قديم شاعر جو
ڪو ڪلام ترتيب سان ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. هن جي اشاعت
سان عارف ڀٽائيءَ جي شاعرانه پرواز ۽ ان جي
بلنديءَ تي به ضرور روشني پوندي.
انگريزي
1- انتخاب از: رساله شاهه ڀٽائي
منظوم ترجمو از: بيگم علامه قاضي
مقدمہ از: علامه آءِ آءِ قاضي
تعارف از: اي- ڪي- بروهي
2- تاريخ سنڌ جلد اول از: ائڇ- ٽي ليمبرڪ
شاهه ولي الله اڪيڊمي
شاهه ولي الله اڪيڊميءَ کي قائم ٿئي سوا سال مس ٿيو آهي، هن
مختصر مدت ۾ اڪيڊميءَ طرفان جيڪي علمي ڪتاب شايع
ڪيا ويا آهن، ان مان اڪيڊميءَ جو مستقبل روشن نظر
اچي رهيو آهي.
عربي:
1-
لمحات تاليف شاهه ولي الله محدث دهلوي: هيءُ ڪتاب
فلسفي تصوف جو بنيادي ڪتاب آهي، جيڪو اڄ تائين
شايع نه ٿي سگهيو آهي. هن جو هڪ قلمي نسخو مولانا
عبيدالله سنڌي رح وٽ هو. ان تان نقل ڪيل نسخي کي
هٿ ڪري اڪيڊميءَ جي ريسرچ پروفيسر جي تحقيق ۽
مقدمي سان عربي مصري ٽائيپ ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽
بلند پايي جو علمي ڪتاب آهي.
2-
المسوي شرح مؤطا تاليف شاهه ولي الله رح: امام
مالڪ رح جو ڪتاب مؤطا، حديث جي ڪتابن ۾ بنيادي
ڪتاب آهي، جنهن ۾ چونڊ حديثن سان گڏ اهل مدينه جي
عمل کي پڻ پيش ڪيو ويو آهي. شاه صاحب رح جي ڪيل
شرح، اختصار جي باوجود اجتهادي رنگ ۾ لکيل ۽ وڏي
معلوماتي شيءِ آهي. ڪتاب ضخيم ٻن جلدن ۾ حضرت
مولانا عبيدالله سنڌي رح جي تحقيق سان مڪه مڪرمه ۾
ڇپيو هو، جنهن کي اڪيڊميءَ هٿ ڪري بهترين ولايتي
ڪپڙي جي ٻن جلدن ۾ پيش ڪيو آهي.
اردو:
1-
شاهه ولي الله کي تعليم: تاليف پروفيسر غلام حسين
جلباڻي. هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب رح جي جمله تعليمات
تي مختلف ۽ جامع روشني وڌي وئي آهي. حاشيي تي اصل
عبارتون پڻ آنديون ويون آهن، جن مان هڪ محقق به
چڱو فائدو پرائي سگهندو.
2-
وصيت نامہ شاه ولي الله رح: تحقيق و ترجمه محمد
ايوب صاحب قادري. هن ڪتاب ۾ وصيت نامه فارسيءَ سان
گڏ ان جو اردو ترجمو ۽ قاضي ثناءُ الله صاحب پاني
پتيءَ جا حواشي فارسي ۾ ۽ انهن جو اردو ترجمو
نصيحت نامه اهل الله برادر شاهه ولي الله رح ۽
اردو ترجمو ڏنل آهي، نهايت عمدو ڪتاب آهي.
فارسي:
1-
سطعات تاليف شاهه ولي الله رح: انسان جي نفسي
تڪميل ۽ ترقيءَ لاءِ شاهه صاحب رح سلوڪ جي جيڪا
واٽ مقرر فرمائي آهي، ان جو هن رسالي ۾ مفصل بيان
آهي. هن تي بسيط حواشي پڻ چاڙهيا ويا آهن.
اڪيڊميءَ جي ريسرچ پروفيسر جي تحقيق ۽ مقدمي سان
ٽائيپ ۾ شايع ٿيو آهي.
2-
همعات تاليف شاهه ولي الله رح مقدمہ مولانا
عبيدالله صاحب سنڌي رح: تصوف جي حقيقت ۽ ان جو
فلسفو هن رسالي جو موضوع آهي. هن ۾ شاه صاحب، تصوف
جي ارتقاءِ جي تاريخ تي روشني وڌي آهي.
سنڌي:
1-
ترجمہ حسن العقيده: اصل رسالو فارسيءَ ۾ لکيل هو،
جنهن ۾ شاهه صاحب رح پنهنجي عقيدي جو بيان فرمايو
آهي. هن جو ترجمو پروفيسر جلباڻي ڪيو آهي. هي ننڍو
رسالو هر هڪ مسلمان کي پڙهڻ کپي.
2-
ترجمه وصيت نامہ: وصيت نامه شاهه صاحب جو لکيل آهي
۽ ان جو سنڌي ترجمو قاضي شفيع محمد صاحب پاٽائي
ڪيو آهي. حسن العقيده وانگر هن ننڍي رسالي جو پڙهڻ
به ڏاڍو فائدي وارو آهي.
سوويت روس
سوويت روس جي علمي لائبريرين ۾ عربي ٻوليءَ جي علمي ڪتابن جا
جيڪي مخطوطات يا قديم ڪتاب آهن، اهي مشرق قريب يا
مشرق وسطيٰ جي مخطوطن ۽ انهن جي مطبوعہ ادب کان
گهڻو آهن.
لينن گراڊ لائبريريءَ ۾ رڳو ايشيائي عوام سان لاڳاپو رکندڙ
لائبريريءَ کي جي ڏسبو ته اتي ڏهه هزار نسخا مختلف
مطبوع ڪتابن جا ملندا، جن ۾ ڪيترا ديني تعليم تي
ڪتاب آهن ۽ ان کان سواءِ جاگرافي، فلسفي، قصن،
ڪهاڻين ۽ ٻين فنن ۾ اڪيچار ڪتاب آهن. ڪيترا ڪتاب
ته رڳو انگريزي، فرانسيسي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل
آهن. اهڙيءَ طرح اتي ڪيترن جلدن ۾ ڊڪشنريون موجود
آهن.
عيسوي سترهين صديءَ ۾ عربيءَ جا سڀ کان اول ۽ قديم ڇپايل ڪتاب
جيڪي حلب ۾ ڇپيا هئا، سي پڻ هن لائبريريءَ ۾ موجود
آهن ۽ روم ۾ جيڪي وچولي دور ۾ ڪتاب ڇپيا هئا، سي
به هن لائبريريءَ جو سينگار آهن. جهڙوڪ ”نزعة
المشتاق في اخنراق الافاق“ تاليف ادريسي ۽ ڪتاب
القانون في الطلب تاليف ابن سينا.(1)
هتي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي مطبع بولاق جا
ڇپيل آهن. هن مطبع کي مصر جي خديو محمد علي برپا
ڪيو هو، جتان سوين نادر ڪتاب ڇپيا هئا. هن
لائبريريءَ ۾ ”الجوائب“ نالي اخبار جو مڪمل فائيل
پڻ موجود آهي، جنهن کي عربي اديب احمد فارسي شاياق
استنبول مان شايع ڪندو هو
فاس شهر جا ڇپيل ڪتاب جيڪي ان دؤر ۾ پٿر تي ڇپيا هئا ۽ اهي يورپ
جي لائبريرين ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن مان به عربي
ادب سان لاڳو رکندڙڪتاب مڪمل طور هت موجود آهن.
هن لائبريريءَ ۾ شام ۽ پيرس جي ڪيٿوليڪي يونيورسٽيءَ جا ڇپايل
ڪتاب، جن جو عربي ٻوليءَ سان تعلق آهي، سي سڀ
موجود آهن. اهڙيءَ طرح دنيا جي سڀني مطبعن جا
عربيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب گهڻو ڪري هتي موجود آهن ۽ خاص
طرح سان اهي سڀ ڪتاب جيڪي 1920ع تائين وچ ايشيا ۾
قفقاز ۽ ٻين پاسن ۾ ڇپيا آهن. عربي ادب جي تعليم
تي به هتي سڀ ڪتابن ملي وڃن ٿا.
ڪي عربيءَ جا قلمي ڪتاب، جيڪي صوفين جي تاريخ ۽ سندن افڪار سان
لاڳاپو رکن ٿا ۽ اسماعيلين، بابن ۽ ٻين مکيه فرقن
جا لکيل آهن، سي به هن علمي لائبريريءَ ۾ موجود
آهن. قديم دور جي تاريخ عربيءَ تي ابو حنيفہ
دينوريءَ جو ڪتاب ”الاخبار الطوال“ قلمي موجود
آهي. هتي شام جي قلمي ڪتابن جي ذخيري جا 39 اهي
ڪتاب به آهن، جن مان 12 ڪتاب جرمنيءَ جي مشهور
محقق ڊايئرس کان 1911ع ۾ مليا هئا.
ماسڪو ۾ ايشيا جي عوامي درسگاهه جي لائبريريءَ ۾ پڻ علمي ڪتابن
جو وڏو ذخيرو موجود آهي.
تاشقند جي علوم ازبڪيه جي اڪيڊميءَ ۾ مشرقي مخطوطات جو بي انداز
ذخيرو موجود آهي، جن مان سؤ تي 48 ڪتاب عربيءَ ۾
ملندا جي سڀ قديم آثارن مان آهن.
ماسڪو جي عوامي اتحاد لائبريريءَ ۾ ست هزار ڪتاب عربي لغت جا
آهن، جن مان ابوالفرج اصفهانيءَ جو ڪتاب الاغاني
پڻ آهي.
هن لائبريريءَ ۾ ابوالعلا معري جون اڪثر تصنيفون موجود آهن ۽
الف ليلة و ليلة جا قيمتي ايڊيشن پڻ موجود آهن.
اهڙيءَ طرح ابو علي بن سينا، رازي ۽ بيرونيءَ جون
پڻ تصنيفون موجود آهن.
لينن گراڊ جي سالتيڪوف لائبريريءَ ۾ عربيءَ جا ٽن هزارن کان
وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. ماسڪو جي ڌاري ٻولين واري
لائبريريءَ ۾ وطني تاريخ لائبريريءَ ۾ به هزارين
عربيءَ جا ڪتاب موجود آهن. ان کان سواءِ ماسڪو
ليننگراڊ ۽ نازان يونيورسٽين ۾ قلمي ڪتابن جو چڱو
ذخيرو موجود آهي. انهن ڪتابن مان فائدو پرائڻ جو
به چڱو انتظام ٿيل آهي.
دمشق جي عربي تعليم لاءِ فرانسسي درگاه طرفان عربي مخطوطات جي
اهم عام اصول فقهه تي هڪ اهم ڪتاب ڇپايو ويو آهي،
جنهن جو نالو (المعتمد في اصول الفقہ) تاليف
ابوالحسن محمد بن علي بن الطيب الدري المتعزلي
وفات 436-1044 بغداد. هن ڪتاب جي تحقيق پروفيسر
محمد حميدالله ڪئي آهي ۽ کيس پروفيسر محمد بڪر ۽
پروفيسر حسن حنفي علمي مدد ڪئي آهي.
چونڊ معلومات
نادر ڪتابن کي هٿ ڪرڻ ۽ انهن کي پڙهڻ، اها پنهنجي پراڻي مشغولي
رهي آهي. انهن ڪتابن ۾ ٻين علمي تحقيقن نڪتن سان
گڏ سنڌ تي آيل مواد کي خاص طرح دلچسپيءَ سان
پڙهندو آهيان ۽ ان کي الڳ سهيڙي رکندو آهيان. ان
مواد کي ئي ترتيب ڏجي ته وڏو دفتر تيار ٿي پئي.
تازو علم اثبات ۾ عربيءَ جا ڪي نادر ڪتاب پڙهي رهيو هوس، جن ۾
ڪي حيرت جهڙيون ڳالهيون پڻ نظر آيون. مثال طور
حديث جي ڇهه صحيح ڪتابن (جن کي صحاح ستہ به سڏبو
آهي) ۽ ٻين تي سنڌ جي عظيم محدث ابوالحسن ڪبير
سنڌيءَ جا حاشيا چڙهيل آهن، جن مان گهڻا مصر ۾
ڇپيل آهن ۽ ڪي حيدرآباد دکن ۾ ڇپيل آهن. انهن
حاشين جو هر هڪ محدث ثنا خوان رهيو آهي. قطف الثمر
شيخ فلاني جي تاليف کي پڙهندي معلوم ٿيو ته قديم
دؤر ۾ انهن حاشين کي پڙهيو ويندو هو ۽ محدثن وٽ
انهن جي وڏي وقعت هئي. جيئن شيخ صالح فلاني صحاح
ستہ جي انهن حاشين ۽ مسند امام احمد بن حنبل تي
سنڌيءَ جي حواشي کي ان پنهنجي شيخ ۽ استاد علامه
سعيد سفر کان پڙهيو آهي، جنهن وري انهن حواشين کي
خود مصنف ابوالحسن سنڌيءَ کان پڙحيو آهي.
قطف الثمر تاليف شيخ صالح بن نوح الفلاني مغربي وفات (1218) جي
ص41 تي سنن ترمذي جي شرح عاضہ الاحوذي جو ذڪر آهي.
شيخ الفلاني لکي ٿو ته مون هن ڪتاب جو ٻيو جلد
پنهنجي استاد شيخ محمد سعيد سفر مدني وٽ پڙهيو ۽
ان مون کي انهيءَ ڪتاب جي شيخ ابوالحسن ڪبير
سنڌيءَ کان سند عطا ڪئي، جيڪا علامہ سيوطي تي پهچي
ٿي.
شيخ ابراهيم بن حسن ڪوراني، ڪردي، شهرزوري، مدني (ولادت 1025)
وفات (1102) پنهنجي وقت جو وڏو محدث ٿي گذريو
آهي. دنيا جي اڪثر محدثن جون سندون ان تي پهچن
ٿيون. هن بزرگ عالم ثبت الامم لايقاط الهمم نالي
مشهور ڪتاب تاليف ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن استادن ۽
اسنادن جو ذڪر آهي. هن ڪتاب جي 73 صفحي تي هڪ اهڙي
سنڌي مفسر ۽ بزرگ عالم جو ذڪر مليو آهي، جنهن جو
بيان عام تذڪرن ۾ نه آيل آهي. اهو آهي ملا احمد
سنڌي، جنهن تعليم بغداد ۾ پرائي ۽ ان دؤر ۾ ملا وڌ
۾ وڌ علم واري کي چيو ويندو هو
ملا ابراهيم ڪوراني ڪتاب الهمم جو مؤلف لکي ٿو ته مون تفسير
انوار التنزيل و اسرار التاويل تاليف قاضي ناصر
الدين عبدالله بن عمر بن محمد بيضاويءَ کي شروع
کان سورة البقرة جي جز تائين استاد زاهد، محقق ملا
محمد شريف بن ملا يوسف ڪوراني، صديقي، فقيہ کان
پڙهيو. مان ٻڌي رهيو هيس ۽ قراءَت عاقوليہ بغداد
جو امام احمد سنڌي ڪري رهيو هو ۽ اهو 1055هه جو
واقعو آهي. هن مان سنڌين جي علمي شوق ۽ توجهه طلب
جو پتو لڳي ٿو ته اهي علم جي تحصيل ۾ ڪيڏا نه
ڪشالا ڪڍندا هئا، تڏهن ئي انهن علمي دنيا ۾ شهرت ۽
ناموري هٿ ڪئي.
شيخ محمد بن علي شوڪاني، جنهن کي قاضي شوڪاني به چيو ويندو آهي
(وفات 1255هه) يمن جو وڏو محدث ٿي گذريو آهي، جنهن
جون هزارن صفحن جون تفسير ۽ حديث ۾ تاليفون آهن.
هن بزرگ عالم به ثبت ۾ هڪ ڪتاب مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي سنڌيءَ جي ڪتاب جي نالي تي اتحاف الاڪابر
لکيو آهي، ان جي صفحه 5 ۽ 59 جي پڙهڻ سان معلوم
ٿيو ته هن بزرگ جا ٻه مشهور شيخ ۽ استاد آهن، هڪ
سيد علي بن ابراهيم ۽ ٻيو شيخ عبدالقادر بن احمد.
اهي ٻيئي محدث، سنڌ جي محدثن جا شاگرد آهن. صفحي
پنجين مان معلوم ٿيو ته هن جو استاد علامه علي بن
ابراهيم آهي، جنهن شيخ ابوالحسن صغير سنڌيءَ کان
تعليم پرائي ۽ اهو وري مخدوم محمد حيات چاچڙ
سنڌيءَ جو شاگرد آهي. سندس ٻيو استاد شيخ
عبدالقادر بن احمد وري سنئون سڌو مخدوم محمد حيات
سنڌي عادلپوريءَ جو شاگرد آهي.
|