سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :54

 

سورن لڌو سجهه پاڻهه پيهي آئيا

منهنجي ننڍائپ جو محسن

سائين پير حسام الدين راشدي

 

هن فاني ۽ بيوفا ديس ۾ جيڪو به پير پائي ٿو، آخر ان کي هتان اڏامڻو آهي. ڀٽائي صاحب جي ٻول مطابق:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،

هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجهؤن هڏين لئه هاري.

اصلي ماڳ ڪو ٻيو آهي، جتان انسان هتي مسافر ٿي آيو آهي. هن ڄاڻ ۽ احساس هوندي به ڪي پيارا پرين اهڙا به هوندا آهن، جن جو ڦوڙائو ۽ فراق هميشه ستائيندو ۽ ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو آهي، منهنجو سدا بهار ساٿي پير صاحب به اهڙن ئي انسانن مان آهي، جو کيس اسان کان اسري شهر خموشان ۾ پهچندي ذري گهٽ سال ٿيڻ وارو آهي، پر اڃان تائين اسان کي اهو ويساهه ئي نه ٿو اچي ته ڪو پير صاحب اسان کان گهڻو پري هليو ويو آهي.

پير صاحب جو نالو وٺندي پنجاهه سال اڳ واري دوستي ۽ رفاقت جو نقشو اکين آڏو تري اچي ٿو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ٻنهي جو هڪ ئي وطن هو. سنڌ جو  عظيم دانشور، اديب ۽ عالم سائين تراب علي راشدي، علي خان قمبر وارو جنهن جا ٻئي راشدي ڀائر عقيدتمند ۽ صحبتي رهيا، اهو منهنجو به مربي ۽ بزرگ هو. سندن مجلس ۾ ڪيترا سال رهڻ ٿيو. مرحوم حسام الدين شاهه سان منهنجي پهريون ڏيک ويک اتي ٿي ۽ پوءِ اهو تعلق ايترو وڌندو ويو جو پڇاڙي تائين رهندو آيو.

مون آزاديءَ جي تحريڪ ۽ جنگ ۾ شروع کان ساٿ ڏنو. سترهن سالن جي عمر ۾ ضلعي ڪانگريس جو وائيس پريزيڊنٽ هوس. پير صاحب به شروع کان وطن جي آزادي جو مبلغ ۽ حمايتي رهيو. اسان ٻنهي کي اهو سبق سيد تراب علي شاهه صاحب کان مليل هو، جيڪو مولانا امروٽي صاحب ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي وڏن ساٿيارن مان هو.

دوره حديث، طب ۽ مشرقي علوم جي تعليم لاءِ جڏهن منهنجو دهلي ۽ دارالعلوم ديوبند وڃڻ ٿيو ته سنڌ مان راشدي خاندان جو هڪ معزز فرد سيد عبدالقادر راشدي ولد سيد تراب علي شاهه دارالعلوم ديوبند ۾ منهنجي ملاقات لاءِ آيو ۽ پوءِ ٻئي دهليءَ ۾ طب پڙهڻ لاءِ گڏ رهياسون. طبيه ڪاليج جي قريب قرول باغ ۾ الياس منزل ۾ هڪ مڪان ڪرائي تي وٺي ان ۾ رهائش اختيار ڪئي وئي. سيد عبدالقادر راشدي هڪ پاسي طب پڙهندو هو ته ٻئي پاسي عربي علوم جي تعليم مون کان پرائيندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ صاحبزادو راشدي صاحب واپس سنڌ هليو ويو ۽ آئون دهليءَ ۾ رهيس. هٽلر جي روس تي ڪاهه واري سال به مان دهليءَ ۾ هوس. هندستان ۾ تعليم جي تڪميل کان پوءِ جڏهن آئون واپس وطن وريس ته پهريون بزرگ دوست ۽ مهربان جيڪو مون سان ڳوٺ ملڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ آيو، سو مرحوم پير حسام الدين راشدي هو. ان وقت پير صاحب ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو ملازم هو ۽ سوسائٽيءَ پاران زميندارن کي مليل قرضن جي وصولي ڪندو هو. سياري جي رات هئي، رات جو منهنجي عزيز رئيس فيروز خان جي اوطاق ۾ بنڊ ٻاريا ويا ۽ باهه جي چوڌاري ويهي گهڻي دير تائين علمي ۽ ادبي ڪچهري ڪئي وئي.

هن ملاقات کان پوءِ پنهنجي مشغولي عربي درسگاهن ۾ پڙهائڻ هو، پر ان سان گڏ وطن جي آزاديءَ واري تحريڪ سان وابستگي به هئي. جمعيت العلماءَ هند جو سرگرم ڪارڪن به هيس. جڏهن به سنڌ ۾ ڪي چونڊون ٿينديون هيون ته مرحوم راشدي صاحب سان گڏجي قوم پرست اميدوارن جي ورڪ ڪندا هئاسين. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جڏهن ملڪ گير چونڊون ٿيون ته نواب نبي بخش ڀٽي کي قاضي فضل الله جي خلاف بيهاريو ويو. نواب صاحب لاءِ صدر جمعيت العلماءَ سنڌ مولانا محمد صادق کڏهه ڪراچي کان صوبائي ڪائونسل لاءِ جمعيت العلماءَ جي ٽڪيٽ به آئون وٺي آيوس هوس. ان دور ۾ آئون صوبائي جمعيت العلماءَ جو ميمبر به هوس. اهو مقابلو ميرو خان ۽ رتو ديرو تعلقن ۾ هو. منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ به ميرو خان تعلقو هو. تعلقي ميرو خان لاءِ چيف ورڪر مرحوم پير حسام الدين راشدي هو. شام جو جڏهن ورڪ ڪري واپس ميرو خان شهر ۾ پهچندا هئاسون ته رات جو وڏي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. پير صاحب به ان ۾ وڏو بهرو وٺندو هو. خان صاحب عبدالحق سنڌيءَ جو تمام سٺو شاعر هو، سندس ديوان به سنڌي غزلن ۽ ڪافين جو ڇپيل هو، اهو به ان ادبي ميڙ ۾ بهرو وٺندو هو. جناب اظهر گيلاني به ورڪ ۾ هوندو هو، اهو به ترنم سان پنهنجا شعر پڙهندو هو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيندا هئا. 15-20 سال ساندهه اهي ادبي ڪچهريون هلنديون رهيون ۽ پير صاحب سان ادبي رهاڻ جو وڏو موقعو نصيب ٿيو. هن چونڊ ۾ نواب نبي بخش خان وڏي اڪثريت سان پنهنجي حريف کي شڪست ڏني. ٻين سڀني جاين تي قوم پرستن کي گهڻو ڪري شڪست آئي.

1937ع ۾ سکر مان ”ستاره سنڌ“ اخبار نڪرندي هئي. سائين علي محمد راشدي شاهه ان جو ايڊيٽر هو. اخبار ڇا هئي، سنڌي صحافت ۽ ادب جي سونهن هئي. ان ۾ سائين حسام الدين راشديءَ جا مضمون به ڇپبا هئا، پر اهو دور پير صاحب جو ابتدائي دور هو. اردو جو سنڌ ۾ رواج ڪونه هو. پير صاحب لاهور جي اردو اخبار زميندار ۽ ٻين اردو رسالن کان گهڻو مستفيد نظر ايندا هئا. اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو کيس شوق جاڳيو، وطن ۽ قوم سان محبت ته کين اڳ ئي هئي، هن تاريخي رجحان کين سوني تي سهاڳ جو ڪم ڏنو، ان دور ۾ ”ستاره سنڌ جو“ بهار نمجر نڪتو جو پنهنجو مٽ پاڻ هو، سنڌي صحافت ۾ اهو هڪ نئون انقلاب هو، جو پير علي محمد شاهه صاحب جي زور قلم سان نمودار ٿيو. مولانا چشتي مرحوم جو هڪ مقالو ان ۾ ڇپيو هو، جنهن تي وڏي راشدي صاحب هي عنوان ڏنو هو: ”مولانا عبدالڪريم چشتي جو اشهب قلم ميدان حسن و عشق ۾“ افسوس جو اهي بي بها ادبي تحفو 1946ع واري ٻوڏ ۾ ٻين ڪيترن اخباري فائلن سان درياهه شاهه جي نذر ٿي ويو، جو اسان جو ڳوٺ سيلاب جي زد ۾ اچي ويو. منهنجي غير حاضريءَ ۾ رڳو ڪتابن کي بچايو ويو. ٻيو سمورو اخباري مواد ضايع ٿي ويو.

مرحوم پير صاحب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ستت ئي الوداع چئي وڃي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيا. هونءَ به انهن ڏينهن ۾ گهڻو وقت ڪراچي ۾ رهندا هئا، پوءِ ته اصل پاڻ ڪراچيءَ جا ٿي ويا. سندن ادبي ۽ علمي مشغوليون وڌنديون ويون، ان لاءِ ڪراچي جهڙو وڏو شهر ئي انهن لاءِ موزون هو. مان به 1948ع ڌاري مولانا محمد صادق صاحب کڏهه وارن ۽ مولانا وفائي جي اصرار تي ڪراچي پهتس ۽ مدرسه مظهر العلوم کڏهه ڪراچيءَ ۾ شيخ الحديث ٿي رهيس. ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد صادق صاحب ۽ مولانا وفائيءَ سان ته علمي ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون، پر سنڌ جي عظيم قائد ۽ مفڪر شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب سان به گهڻو اڳ جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ نيازمندي هئي.

منهنجا استاد امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ صاحب جا وڏا مداح هوندا هئا، ان ڪري ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجو اهو دستور هوندو هو ته شام جو روزانو برهمو مندر ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب سان ملاقات لاءِ اتي ويندو هوس ۽ اتي چڱي علمي، ادبي ۽ سياسي محفل لڳندي هئي. منهنجي استاد جو ساٿي ڪرنل ڊاڪٽر شيخ نور محمد، جيڪو اڳ افغانستان جي شاهي خاندان جو معالج ۽ ڊاڪٽر رهندو آيو، اهو به اتي شيخ صاحب وٽ رهندو آيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪابل ڇڏي اچي ڪراچي ۾ رهيو هو. ان مجلس ۾ مولانا دين محمد وفائي ۽ مرحوم پير صاحب راشدي به شريڪ ٿيندا هئا. ڏاڍي ادبي، تاريخي ۽ علمي مجلس هوندي هئي.

هڪ ڀيري شيخ صاحب جي مجلس مان اٿندي، مولانا وفائي، پير حسام الدين شاه راشدي ۽ هيءُ احقر راقم بندر روڊ تي پهتاسون ۽ اتي يونين بوڪ ڊپو تي ويهي ڪتاب ڏٺاسين. مولانا وفائي صاحب کان پير صاحب ڪو ڪتاب گهريو. مولانا وفائي فرمايو ته اڄ رات آئون سکر ٿو وڃان. اتان واپس اچي اوهان کي ڪتاب ڏيندس. پير صاحب چيو ته مولانا زندگيءَ تي ڪو ڀروسو نه آهي، ڪتاب ڏئي وڃو ها ته چڱو. مولانا وفائي چيو ته اسان کي سنڌ لاءِ گهڻو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻو آهي، اڃان نه مرنداسين، ڪم پورو ڪري پوءِ مرنداسون. مولانا وفائي اتان موڪلائي روانو ٿي ويو. صبحاڻي تي خبر آئي ته مولانا وفائي سکر پهچندي ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها آهي دنيا جي بي وفائي! پير صاحب، مولانا وفائي تي هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ان ملاقات جو خاص طرح بيان ڪيو ويو آهي.

ڪراچيءَ ۾ رهڻ وارن پندرهن سورهن سالن ۾ مرحوم راشدي صاحب سان گهڻو اُٿڻ ويهڻ هو. بيت الضياءُ جمشيد روڊ، جيڪو پير صاحب جو اڳوڻو دولت خانو هو، اتي به اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. کيس ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ٿيندي هئي ته آئون هٿ ڪري ڏيندو هوس. پير صاحب مهمان نواز ته هڪ هئا، ٻاهريان ڪي اديب مهمان هوندا هئا يا شهر جي ڪن اديبن جي دعوت ڪندا هئا ته مون کي ضرور شريڪ فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري ڊاڪٽر ڪرنل خواجه عبدالرشيد پير صاحب وٽ آيو. مان به اڳ ئي ويٺو هوس. ڪرنل کان لنڊن جي هڪ دوست تصوف جي ڪن ڪتابن بابت معلومات گهري هئي. ڊاڪٽر ڪرنل پير صاحب کان اها معلومات وٺڻ لاءِ سندس دعوت کائڻ آيو هو. پير صاحب ڪرنل صاحب کي مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو تصوف تي مولانا کان وڌيڪ ڪوبه معلومات نه ڏيندو. ڪرنل مون ڏانهن نهارڻ لڳو، مون کيس ساري معلومات پيش ڪئي، وڌيڪ تعارف تي معلوم ٿيو ته ڪرنل عبدالرشيد مون وانگر امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جو شاگرد هو ۽ انهن جي حڪم سان فوج ۾ ملازمت اختيار ڪئي هيائين. هن تعارف کان پوءِ هو مون کي جناح اسپتال وٺي ويو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريري ڏيکاريائين، جا علمي ۽ ادبي ڪتابن سان مالا مال هئي. اهو سڀ پير صاحب جي علم دوستي جو نتيجو هو.

پير صاحب تي ان دور ۾ به دل جو عارضو ٿيو هو، جو پاڻ فلپائن به هليا ويا هئا. ڪجهه سال ائين پري رهياسين، واپسيءَ کان پوءِ وري اهي مجلسون شروع ٿي ويون. هڪ ڀيري فرمايائون ته مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جو ڪتاب ”المتانة في مرمة الخزانة“ فقہ حنفي جو وڏو سرمايو آهي. ان جو قديم قلمي نسخو سن1128هه جو موٽ وٽ موجود آهي، اوهان ان تي تحقيق ڪريو ته اوهان کي ڏيان. مون خوشيءَ سان هائو ڪئي، پاڻ اهو قيمتي نسخو مون کي عنايت ڪيائون. ٻه نسخا ٻيا مون دارالهديٰ ٺيڙهي ۽ پير جهنڊي مان به حاصل ڪيا، پر پير صاحب واري نسخي کي بنياد قرار ڏيڻو پيو، ڇوته اهو قديمي ۽ صحيح نسخو هو. 118 صفحن جي ڪتاب تي مون عربي مقدمو لکيو ۽ حاشيي تي سنڌي عالمن جون تحقيقون لکيون. پير صاحب منهنجي هن ڪم کان ڏاڍو خوش ٿيو. پاڻ جيتوڻيڪ عربي نه ڄاڻندا هئا، پر کين تحقيق جو اهڙو تجربو هو، جو ڏسڻ سان ئي تحقيق جو انداز ڄاڻي ويندا هئا.

سن1963ع جي اخير ڌاري ڪراچي جي سنڌ مسلم ڪاليج کي ڇڏي حيدرآباد ۾ نئين قائم ڪيل علمي اداري شاهه ولي الله اڪيڊميءَ ۾ ريسرچ پروفيسر جي پوسٽ قبول ڪيم. اڪيڊميءَ ۾ پهچڻ کان اڳ حج جي فريضي جي ادائگيءَ لاءِ ويس ۽ اتان مشرق وسطيٰ جو دورو ڪيم. بيت المقدس، جيڪو ان وقت اڃان يهودين جي قبضي ۾ نه آيو هو، اتي ويس. پورو هفتو اتي رهي، زيارتون ڪيم ۽ قدس جي خالدي لائبريري ۾ ويهي ڪتاب ڏٺم. منهنجو وڏو خيال ۽ توجهه سنڌي عالمن جي تاليفات ڏانهن هو. اتان اردن آيس ۽ اتي به مختلف ڪتاب خانا ڏٺم. اتان شام پهچي، دمشق ۾ دنيا جي عظيم ڪتاب خاني ظاهريه جي زيارت ڪيم ۽ نوٽ ورتم. اتان بيروت، لبنان به ويس. واپسي تي عراق جي علمي مرڪزن بغداد، ڪربلا، نجف، ڪوفه، رحله ۽ ٻين مرڪزن جي زيارت ڪيم ۽ ڪتب خانا ڏٺم. ڪراچي پهچڻ کان پوءِ پير صاحب بيمار هوندي به منهنجي سنڌ مدرسه واري اقامت گاهه ۾ ملڻ لاءِ آيا. دل جي تازه تڪليف ڪري، مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي نه سگهيا، باقي هيٺ ويهي علمي حال احوال ڪياسون. مون کين مشرق وسطيٰ ۾ سنڌي عالمن جي علمي جواهر پارن کان واقف ڪيو، جنهن تي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مون کي پنهنجي بيت الضياءَ واري دولت ڪده تي دعوت به ڪيائون. هن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته پير صاحب کي ڪتابن ۽ علمي احوالن مان اهو مزو ايندو هو، جيڪو ٻئي ڪنهن شيءِ مان نه اچي.

مون جڏهن ڪراچي ڇڏي ۽ حيدرآباد اچي رهيس، ته هتي به پير صاحب پنهنجي ڪرم فرمائين کان نه وساريو. راقم جي غريب خاني تي ايندا هئا، غريباڻي دعوت کي وڏي محبت ۽ چاهه سان واپرائيندا هئا. ان ۾ پير صاحب جي حلقي جي دوستن کي به گهرايو ويندو هو ۽ علمي ادبي محفلون ٿينديون هيون. پير صاحب ان دور ۾ حيدرآباد جي رٽز هوٽل ۾ اچي رهندا هئا، لان جي باغيچي ۾ محفل ڪندا هئا، سندن دوستن مان منهنجي حاضري ته ضروري هوندي هئي. ماني به گڏ کائبي هئي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ساڻ ڪري علامه آءِ آءِ قاضي صاحب وٽ هلندا هئا ۽ اتي قاضي صاحب مرحوم جي گفتگو ۽ اخلاص مان حظ حاصل ڪيو ويندو هو. اڳتي هلي اورينٽ هوٽل ۾ رهڻ لڳا، اتي به اهي ئي محفلون رهيون. پڇاڙي ۾ فاران هوٽل کي پسند ڪيائون ۽ فاران هوٽل ۾ دعوت سان گڏ علمي ۽ ادبي محفلون رهنديون هيون. پاڻ جڏهن به منهنجا ننڍائپ جا ساٿي ۽ دوست هئا، ان ڪري هڪ ٻئي ۾ ڏاڍي بي تڪلفي هوندي هئي. کل ڀوڳ به ڪري وٺندا هئا ۽ موٽ ۾ ان کي سهي به ويندا هئا. اها سندن مهرباني هئي.

ملتان جي غوث بهاءُ الدين زڪريا جي خانقاهه جو سجاده نشين مخدوم سجاد حسين قريشي، پير صاحب جو وڏو دوست آهي. پير صاحب کي هر سال عرس جي موقعي تي نيشنل سينٽر ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. پير صاحب اڪثر راقم کي به پاڻ سان وٺيون ويندو هو ۽ مان به اتي تقرير ڪندو هوس. ان طرح ست اٺ سال متواتر ملتان گڏ ويندا هئاسين ۽ اتي جيڪي مخدوم صاحب سان علمي ۽ ادبي مجلسون ٿينديون هيون، تن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. مخدوم صاحب پنهنجو مخصوص بنگلو اسان جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. پير صاحب پوئين دور ۾ جڏهن بيمار رهڻ لڳا ته ملتان وڃي نه سگهيا، پر سندن صلاح سان آئون هر سال اڃان به ملتان ويندو آهيان.

هڪ ڀيري مون ساڻن نواب نور احمد خان لغاري جي دعوتن  علمي مجلسن جو ذڪر ڪيو، پير صاحب فرمايو ته پاڻ ويٺا دعوتون کائو ۽ مجلسون ڪريو، پر اسان کي شريڪ نه ٿا ڪريو. اها ڳالهه مون نواب صاحب کي ٻڌائي. نواب صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن پير صاحب اسان جي اوطاق تي پير گهمائيندو ته ان کان مٿي اسان کي ڇا کپي. پوءِ ته پير صاحب سان نواب صاحب مرحوم جو اهو لاڳاپو ٿي ويو، جو پير صاحب کي نواب صاحب ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ نه ڏيندو هو ۽ هميشه نواب صاحب جي باغ يا حيدرآباد واري بنگلي ۾ علمي محفلون ٿينديون هيون.

هي آهن ٿورين يادگيريون، جن کي هتي قلمبند ڪيو ويو آهي. پير صاحب مرحوم ڪرم فرمائي هميشه مون ڏانهن خط لکندا رهندا هئا. ٻئي پاسي هن معاملي ۾ آئون ڏاڍو سست رهيو آهيان، جو جواب ڏيڻ ۾ ڍر ٿيندي آهي. تڏهن به راشدي صاحب پنهنجا ڀال ڀلائيندو رهيو. اهي سمورا خط محفوظ رکان ها ته اڄ منهنجي لاءِ اهو وڏو محبت ۽ دوستيءَ جو سرمايو هو، پر خطن کي سنڀالي رکڻ واري عادت کان به عاري رهيو آهيان. 10-12 خط پير صاحب جا الائي ڪيئن ڪن ڪتابن ۾ رهجي ويا، جن مان ڪجهه هت ڏيان ٿو، جن مان اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي سان بي تڪلفيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

ٻيو ته مرحوم پير صاحب سان منهنجي آخري ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ وفات کان اڳ پوئين ڀيري علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيا هئا. هن ملاقات ۾ مون سان گڏ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب به هو. پير صاحب ڏاڍا نحيف هئا. موڪلاڻيءَ مهل دعا لاءِ فرمايائون. مون کين جواب ۾ عرض ڪيو ته پير صاحب! اسان جون اوهان لاءِ هر وقت دعائون ٿينديون رهنديون آهن. خدا پاڪ اوهان جي عمر دراز ڪندو. الله پاڪ مرحوم کي بخشي ۽ پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي.


 

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي

(ولادت: 1150-1737ع وفات 1224هه-1809ع)

مخدوم عبدالواحد ابن مخدوم دين محمد ابن مخدوم عبدالواحد ڪبير صديقي پاٽائي جي ولادت هجري يارهين صدي جي سال 1150هه ۾ ٿي، سندن والد مخدوم دين محمد، پاٽ کي ڇڏي سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي  ڪلهوڙن جي حڪومت طرفان قضا جي منصب تي فائز هو. مخدوم دين محمد ظاهري علم سان گڏ تصوف سان به گهڻو چاهه رکندو هو. سنڌ جي عارف شاهه ڀٽائي رحه لاءِ چيو ويو آهي ته وقت جا ٻه وڏا عالم سندن گهرا دوست ۽ معتقد هئا. ڏکڻ ۾ مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ اُتر ۾ مخدوم دين محمد سيوهاڻي- شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جڏهن به سيوهڻ ويندا هئا، مخدوم دين محمد سيوهاڻي وٽ رهندا هئا ۽ وري جڏهن ٺٽي ويندا هئا ته مخدوم محمد معين ٺٽوي جا مهمان ٿيندا هئا، هن حد تائين جو مخدوم محمد معين جي وفات کان پوءِ ٺٽي وڃڻ ئي ڇڏي ڏنائون.

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو ڏاڏو مخدوم عبدالواحد ڪبير پڻ پنهنجي وقت جو وڏو جيد عالم هو ۽ سلطان اورنگزيب جي ايام سلطنت ۾ سيوهڻ جو مفتي هو. هن خاندان جو نسبي سلسلو شيخ شهاب الدين سهروردي سان ملي ٿو ۽ پيغمبر عليہ السلام جي يار غار حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جو اولاد آهن.

ديني تعليم مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، پنهنجي والد کان ورتي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ اهو ڪمال حاصل ڪيائين، جو پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي سڀني فقيهن ۾ وڏي پايه جا عالم ۽ فقيهه ليکيا ويندا هئا، اهوئي سبب آهي جو کين نعمان ثاني جي مبارڪ لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. مخدوم صاحب کي سندن خويش و اقارب، مخدوم مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي جي احترام ڪري، قاضي محمد احسان پڻ سڏيندا هئا.

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليہ الرحمة کان پوءِ سنڌ ۾ فن تحرير ۽ فقهه ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جي وفات وقت، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا، ان وقت سندن عمر پنجويهه سال هئي. مخدوم سيوهاڻي تدريس سان گڏ تصنيف جو شغل به جاري رکندا آيا. پاڻ نه رڳو عالم باعمل هئا، پر تقوي جا صاحب، عارف ڪامل ۽ ڪشف و ڪرامت وارا بزرگ هئا. خواجه صفي الله نقشبنديءَ کان کين فيض مليو ۽ نقشبندي خرقي جي خلافت هٿ آين. روايت آهي ته جڏهن خواجه صفي الله، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ کي خلافت عطا ڪئي، تڏهن فرمايائون ته اسان کي وڏي خوشي ٿي آهي جو آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو اهو فرمان ته مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي فيض پهچاءِ! پورو ٿيو.

مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي، جنهن جي ولادت سيوهڻ ۾ سن1193هه ۾ ٿي ۽ وفات 1258هه ۾ مديني شريف ۾ ڪيائين ۽ کيس وڏو متبحر فقيهه، عالم ۽ عظيم محدث ڳڻيو وڃي ٿو، اهو پڻ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي دور جو هڪ طالب علم هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي شاگردن مان مولانا محمد افضل جو نالو سر فهرست ڳڻيو وڃي ٿو ۽ رشيد شاگرد آهي، جيڪو مخدوم صاحب جي فتوائن ۽ تحريرن کي گڏ ڪندو رهندو هو، جيڪو ”بياض واحدي“ جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن ”بياض واحديءَ“ جا سنڌ ۾ گهڻائي قلمي نسخا موجود آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ به هڪ خطي نسخو موجود آهي. حيدرآباد جي ڀر ۾ مدرسہ مدينة العلوم ڀينڊي ۾ پڻ هن ڪتاب جو قلمي نسخو موجود آهي، جنهن جي شروع ۾ مولانا محمد افضل جو مقدمو پڻ ڏسڻ ۾ آيو. ڳڙهي ياسين ۾ مفتي مولانا محمد ابراهيم جي ڪتب خاني ۾ پڻ بياض واحدي جو عمدو قلمي نسخو موجود آهي ۽ ان جو ڪجهه ابتدائي حصو انهن ڇپايو به آهي.

بياض واحدي کان سواءِ مخدوم عبدالواحد صاحب جي ٻي تصنيف به گهڻي آهي، جهڙوڪ حاشيہ اشباهه و نظائر، رش الانوار حاشية الدر المختار.

 نوٽ: الوحيد آزاد نمبر ۾ ”رش الانوار“ کي رد المحتار جو حاشيه سڏيو ويو آهي، جو صحيح نه آهي، رد المحتار جو مصنف علامہ ابن عابدين شامي، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ کان پويون عالم آهي، تڏهن ان جي ڪتاب جو اهو ڪيئن حاشيہ ٿي سگهندو؟

رش الانوار جي هن راقم حقير طرفان گهڻي ڳولا ڪئي وئي، پر ڪٿي به نه مليو. هن سلسلي ۾ منهنجو سيوهڻ پڻ وڃڻ ٿيو ۽ مخدوم صاحب رحه جي پوين عزيزن مان مخدوم حڪيم محمد مراد صديقي صاحب جي علمي لائبريري کي ڏسندي اتي در مختار جو جلد اول قلمي نظر آيو، جنهن تي حلبي ۽ رش الانوار جي تلخيص حاشيہ جي چڙهيل هئي، ان کي غنيمت ڄاڻي مخدوم محمد مراد صاحب کان اهو ڪتاب وٺي آيس ۽ ان وقت آئون ”المتانة في مرمة الخزانة“ تاليف مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ تي ڪم ڪري رهيو هوس، انهن نادر جواهر پارن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ المتانة ۾ مناسب جاين تي حاشيي ۾ انهن کي لکي ڇڏيم.

مخدوم صاحب جي ٻي تصنيف ديوان واحدي ۽ ان کي انشاءَ واحدي به چيو وڃي ٿو، الوحيد آزاد نمبر ۾ هن ڪتاب بابت لکيو ويو آهي ته هيءُ ڪتاب فارسي علم ادب جو هڪ بي نظير ڪتاب آهي، منجهس ادبي ۽ علمي صنعتون عجيب و غريب آهن. ڪيترائي مڪتوب منقوط (نقطن وارا) ۽ غير منقوط (غير نقطن وارا) منقوط التحت (جن جي هيٺان نقطا هجن) ۽ منقوط الفوق (جن کي مٿان نقطا هجن) منجهس ڏسڻ جهڙا آهن. ساڳي آزاد نمبر ۾ اچي ٿو ته ”پاڻ جهڙي طرح نثر ۾ قادر الڪلام هئا، تهڙائي نظم ۾ به. سندن ديوان هينئر ناياب آهي، مگر ڪجهه نمونو نظم جو موجود آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو. خليفي فيض الله بن عبدالحڪيم جي ولادت جي تاريخ هن طرح نظم فرمائي اٿن (هي بزرگ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو پنجون ڏاڏو آهي):

صبح سعادت دميد، باد صبا زد نسيم

روشن شد زآن سبب خانه عبدالحڪيم

زاد زهي ارجمند راحت جان دلپسند

مظهر علم و عمل، مصدر فيض عميم

داد ز تاريخ او هاتف غيبي ندا

مزده ز فيض الـٰہ باد به عبدالحڪيم

محمد افضل سندن حاضري ۾ رهندڙ سندن شاگرد پنهنجي دستخط بياض واحدي جي هڪڙي حاشيہ ۾ لکيو آهي ته هڪ رات حضرت مخدوم صاحب جن ننڊ ۾ اڦرڪندي هڪ سڄو غزل نئين طرح پنهنجي تخلص سان چئي ويو، مگر پاڻ ائين ئي ننڊ ۾ رهيا. انهيءَ غزل جو پهريون شعر (مطلع) هي آهي:

عمر عزيز تو که بنقش و نگار رفت

نيکو نگاه کن که زدستت چه کار رفت

۽ پوين شعر (مقطع) هي آهي:

بر واحدي درين غم رحمي نکرد کس

گوياکه اهل رحم همه زين ديار رفت

حضرت مخدوم صاحب شعر ۾ ”واحدي“ تخلص فرمائيندا هئا. پاڻ بالڪل خوشخط ۽ باريڪ نويس هئا، کين نرينو اولاد ڪونه هو، فقط ٽي نياڻيون هين، جي سڀئي علوم متداولہ فقہ، تفسير ۽ حديث ۾ وڏيون عالمه ۽ فاضله هيون. حڪيم فتح محمد صاحب (سيوهاڻي) جي ڏاڏي صاحبه ماه بيبي سندين سڳي ڏهٽي هئي. پاٽ ۽ سيوهڻ جا مخدوم سندن ڀاءُ ميان محمد حسن صاحب جو اولاد آهن.

حضرت مخدوم صاحب جا ٻيا هيٺيان رسالا  ڪتاب هن احقر راقم جي نظر مان گذريا، جيڪي مؤرخ سنڌ پير سيد حسام الدين شاهه راشدي جي علمي ڪتب خاني ۾ موجود آهن ۽ اهڙي طرح پير جهنڊه جي علمي لائبريري ۾ پڻ اهي ۽ ٻيا رسالا ملي سگهندا:

(1) اصدق التصديق بافضلية الصديق. سال تصنيف سن1189هه. هن جو ڪاتب نور محمد سيوهاڻي آهي ۽ هي رسالو حضرت ابوبڪر صديق رضه جي افضليت ۾ لکيو ويو آهي.

(2) الازهار المتناثرة في الاخبار المتواترة. سال تصنيف 1196هه. هن ۾ متواتر حديثن جو بيان آهي.

(3) لطف اللطيف في اعطاه الرغيف. سال تصنيف نه ڏنل آهي.

(4) مرآة الحلية. سال تصنيف اڱارو 25 صفر سن1187هه. پيغمبر عليہ السلام جي حليه مبارڪ جو بيان آهي.

(5) اربعين في فضل المجاهدين. هن ۾ چاليهه حديثون، مجاهدن جي فضيلت ۾ گڏ ڪيل آهن.

(6) تهديد الغافر بتعذيب الکافر.

(7) ارشاد الصوب لمن وقع في بعض الاصحاب. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي صحابين جي حمايت ۾.

(8) کشف الکامن في علم الباطن. سال تصنيف سن1185هه. هن ۾ علم باطن جا ڪي راز کوليا ويا آهن.

(9) تيسير القدير في اضية الفقير.

(10) ايضاح الخافية في سوال العافية. هي رسالو ٻن ورقن جو آهي، هن ۾”در مختار“ ڪتاب جي هڪ عبارت تي رد لکيو ويو آهي.

(11) طريق السداد في وجوب الاعتداد. عورت جي عدت بابت تحقيق.

(12) انوار الفيوضات الباطنية في امتياز اهل الباطل من الباطنية. سال تاليف 1191هه ۾ اهل باطن ۽ باطني فرقي ۾ امتياز کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

(13) ازالة الاشتباءَ في قطع همزة يا الله. سال تصنيف 1179هه. پنجن صفحن جو رسالو آهي، هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يا الله ۾ الف همزو ساقط نه ٿيندو.

(14) القول الجلي في تذکير البغي ”ولم اک بغيا“ بابت تحقيق ٻن صفحن ۾.

(15) جبر التسکين في کسر التنوين. هڪ صفحي جو رسالو آهي.

(16) تسهيل الصعب في ابيات الکعب هڪ صفحي جو رسالو آهي.

(17) بسط المقال في حال الاشکال. هن ۾ مخدوم محمد شجاع جي هڪ خط جو جواب ڏنو ويو آهي ۽ سن1201هه ۾ جواب ڏنو ويو.

(18) غاية الصراحة في تحريم النياحة. هن ۾ ميت تي پار ڪڍڻ کي حرام ثابت ڪيو ويو آهي.

(19) حسن الفهم والتعقل في جمع الکسب والتوکل. تاريخ تصنيف 25 ربيع الاول سن1109هه.

حضرت مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي بياض وارا چوڏهين رمضان سن1224هه ۾ هن فاني دنيا مان جاودان عالم ڏانهن انتقال فرمائي ويا، سندن عمر 74 سال هئي.

الوحيد آزاد نمبر ۾ آهي ته مخدوم صاحب جي همعصرن مان قاضي محمد شڪارپوري سان سندن علمي مباحثا رهيا آهن. حنفي فقہ جي مسائل ۽ استنباط ۾ کيس تمام وڏو ملڪو هو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته هو بزرگ جيڪڏهن ٿورو اڳڀرو هجي ها ته کيس حنفي مذهب جو مجتهد سڏيو وڃي ها. علمي ۽ مذهبي خدمت سان گڏ خاص خاص ماڻهو تصوف ۾ ساڻس بيعت به ڪندا هئا، جن مان خليفه عبدالحڪيم سيوهاڻي سندن خاص مريدن مان هو ۽ ٻيا به سندس گهڻائي مريد هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com