سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :69

 

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي عليہ الرحمة:

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري مخدوم عبدالرحيم نصرپور ڏانهن پنهنجي استاد مخدوم عبدالله ويٺل نصرپور جي ملاقات لاءِ روانا ٿيا، جڏهن شهر کان ٻاهر پهتا ته اتي ٿورو بيهي رهيا. ايتري ۾ ڇا ٿا ڏسن ته ڪاٺيون وڪڻندڙ ماڻهو ڪاٺيون کنيون پيا شهر ڏانهن اچن. مخدوم صاحب کانئن سڀ ڪاٺيون خريد ڪري ڀريون ٺاهي پاڻ ۽ پنهنجي مريدن کان کڻائي مخدوم عبدالله صاحب جي دروازي تي اچي ڦٽو ڪيائون ۽ مسجد ۾ وڃي مخدوم عبدالله سان ملاقات ڪيائون. ڳالهيون ڪندي مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم کان پڇا ڪئي ته اسان ٻڌو آهي ته تون علم وارن جي ڪجهه گلا ٿو ڪرين. تڏهن گرهوڙي صاحب فرمايو ته ڪتو جڏهن ڇتو ٿيندو آهي ته پنهنجي گهر وارن کي ڏاڙهيندو آهي. وري مخدوم عبدالله فرمائڻ لڳو ته اسان ٻڌو آهي ته تون ٻيون ڳالهيون به حد ۽ اندازي کان ٻاهر ڪندو آهين. گرهوڙي صاحب چيو ته جڏهن ڏاند ڏٻرو ٿيندو آهي ته ان جي پڇ جو ڪجهه ٽڪرو ان جي ڏٻر کان ٻاهر نڪري ايندو آهي، جنهن کي ڪانو اچي ٺونگا هڻندا آهن.

خليفو محمود ڪانون کان مراد ۽ مطلب نالائق ماڻهو وٺي ٿو، جن کي شريعت ۽ طريقت جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ نڪي سندن اخلاق انسانن وارا آهن، پر اهي ڍورن وانگر آهن، جن جي حق ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي: ”انهن کي اهڙيون دليون آهن، جن سان نه ٿا سمجهن ۽ اهڙيون اکيون آهن، جن سان نٿا ڏسن ۽ اهڙا ڪن آهن، جن سان نٿا ٻڌن ۽ اهي چوپاين وانگر آهن.“

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري مخدوم گرهوڙي پنهنجي حالت ۽ موج مستيءَ واري زماني ۾ ميرپورخاص آيا ۽ اتي پنهنجي مريدن کي فرمايائون ته اسان کي لاهور وڃڻ جو خيال پيدا ٿيو آهي، پر سواريءَ جي سگهه نه آهي، مون کي کٽ تي لاهور کڻي هلو. ان ڏينهن ٻهراڙيءَ جو هڪ فقير شهر ۾ ڪپهه پنڃائڻ آيو، سو گرهوڙي صاحب جو ٻڌي اهو به ڪو زيارت لاءِ آيو، مخدوم صاحب پنهنجي لاهور وڃڻ جو احوال ٻڌائيندي فرمائڻ لڳو ته تون به اسان سان گڏ هل. اهو ٻڌي ان فقير پنهنجي ڪپهه اتي کڻي ڦٽي ڪئي ۽ کٽ کي ڪلهو ڏيئي اسريا. جڏهن شهر کان ٻاهر پهتا ته گهڻا مريد ته گرهوڙي صاحب سان هٿ ملايو موڪلائيندا رهيا ۽ ڪي همراهه گڏ هليا ۽ جڏهن ڪجهه  اڳڀرو ويا ته مخدوم گرهوڙي صاحب فرمائڻ لڳو ته لاهور وڃڻ جو خيال اسان لاهي ڇڏيو.

گرهوڙي صاحب جو ان مان اصل مطلب پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي آزمائڻ هو ته جيئن بامحبت ۽ بي محبت پڌرا ٿي وڃن، سچ ۽ ڪوڙ جي پرک ٿئي ۽ رسمي ۽ حقيقي مريد جو پتو پئي.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ وقت گرهوڙي صاحب کي اچي اهو خيال پيدا ٿيو ته مير فتح خان کي ڪيتريون نه ڏاچيون آهن (اسان کي ڪونه آهن) انهيءَ خيال کي ٽارڻ جو پهه پچائيندي مريدن کي فرمائڻ لڳا ته اڄ اچو ته مير فتح خان جي ڏاچين جو وڳ ڏسي اچون. نيٺ اسري هليا ۽ اچي ڏاچين جي وڳ وٽ پهتا. جتن ۽ اوٺين کي گهرائي کانئن پڇڻ لڳا ته ڏاچيون ڪيتريون آهن؟ ۽ انهن جا گورڙا يا گورڙيون ڪيتريون آهن؟ ۽ ڏاچين جي گاهه پٺي ۽ ٻين ڳالهين بابت ائين پڇا ڪرڻ لڳا، جيئن مالڪ پنهنجي مال جي پڇا ڳاڇا ڪندو آهي. خبرچار ڪندو آهي. خبر چار وٺي پنهنجي ڪلهي تي جيڪا لونگي پئي هين، سا کڻي جت جي مٿي تي رکي بخشش ڪري پوئتي موٽيا ۽ پنهنجي نفس سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته فتح خان کي پنهنجي وڳ ڏاچين مان به اها ئي هڙ حاصل ٿيندي آهي جو وقت تي اچي خبر چار لهي ويندو آهي ۽ جتن کي ڪجهه بخشش ڪري ويندو آهي. باقي ڏاچين مان ته فائدو جت وٺندا آهن. چڱو اهو نفعو توکي به ملي ويو.

هن واقعي مان اهو سبق پرائي سگهجي ٿو ته خدا وارا انسان ڪهڙي نه حڪمت عملي سان پنهنجي نفس جي خيالن ۽ خطرن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪهڙيءَ ريت نفس جي ڪن مهٽ ڪندا هئا.

نقل آهي ته ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جو جڏهن پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو تڏهن ڪي ٽالپر فقير، سنڌ جي حاڪم ڪلهوڙن تي فتح پائڻ لاءِ مخدوم گرهوڙي وٽ دعا پنڻ آيا ۽ اچي آزيون نيزاريون ڪيائون. نيٺ مخدوم صاحب انهن کان ڪي وعدا ورتا ۽ ان کان پوءِ گڏجي دعا لاءِ جنگ ۾ آيا. سندن هٿ ۾ هڪ درو يا سوٽو هو. تڏهن بلوچن مان ڪنهن ماڻهوءَ مخدوم صاحب کي چيو ته قبلا! اوهان ڪيڏا نه جوان مرد ۽ همٿ وارا آهيو. اوهان جي هٿن ۾ ته ترار هجي. تڏهن مخدوم صاحب ان کان پڇيو ته تنهنجي هٿن ۾ جيڪا ترار آهي، سا ڪيتري تيز آهي؟ تڏهن ان وراڻيو ته هن ترار سان جنهن تي به حملو ڪريان، ان کي ٻه اڌ ڪري وجهان. اهو ٻڌي مخدوم صاحب فرمايو ته منهنجي هٿن ۾ جيڪو درو آهي، سو جي هزارن ماڻهن کي هڻان ته انهن کي هڪ ڪري وجهان. (هن جواب جو مطلب ۽ تت هيٺئين فارسي بيت مان پروڙيندا)

بسيار ديده ام که يکي را دو کرد تيغ

شمشير عشق بين که دوتن را يک کند

نقل آهي ته ڪن عالمن سان سوال جواب ڪرڻ جي خيال کان سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جي گهر تي مخدوم گرهوڙي خدا آباد ۾ آيو، اهو رمضان شريف جو مهينو هو. جيئن گرهوڙي صاحب مجلس ۾ ويٺو ته اڳ ۾ ٿانو کڻي پاڻي پيئڻ لڳو، ان تي عالمن ۽ ملن مولوين ۾ ڏاڍو شور مچي ويو، جنهن تي مخدوم گرهڙي فرمايو ته پريشان ڇو  ٿا ٿيو؟ مان ته مسافر آهيان. مسافر کي روزي نه رکڻ جي اجازت آهي. جڏهن مناظري جو وقت ٿيو، تڏهن مقرر ڪيل مجلس ۾ پهتا. اها جاءِ ڏاڍي ڪشادي هئي، عالم ۽ ملا سڳورا چئني پاسن کان کٽن تي ويٺا هئا ۽ سندن آڏو گلم پٿريا پيا هئا. مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو گلمن کٽولن کي ڇڏي، اڱڻ ۾ مٽي تي ويهي رهيا. عالمن کيس چوڻ ڪيو ته مخدوم اندر اچي ويهو، تڏهن مخدوم صاحب فرمايو ته توهان کي ئي مون سان مقابلو ڪرڻو آهي. اچو ته هتي (علمي) ويڙهه ڪريون. اهو ٻڌي اندر ۾ سڙي ويا، اتي ويهي فقهي مسئلن جا انبار ۽ اڳين ۽ پوين عالمن جو بيان پڙهڻ لڳا. اڳيان به لدني علم جو ماهر ويٺو هو، سو هر هڪ عالم جي سوال جو جواب قرآن ۽ سنت مان اهڙيءَ طرح شافي ۽ ڪافي ڏيندو رهيو، جو سڀ لاجواب رهي ماٺ ٿي ويا. ايتري ۾ انهن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو پٽ مخدوم ميان عبداللطيف (ذب ذبابات الدراسات جو مصنف) فرمائڻ لڳو ته اسان جي والد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هن طرح لکيو آهي الخ. اهو ٻڌي مجذوب گرهوڙي کي اهڙو جوش آيو جو ٺڪر جي مس ڪپڙي، جيڪا اتي پئي هئي، سا کڻندي ان بزرگ جي مٿي تي وهائي ڏنائون، جنهن ڪري مٿي ۾ ڪجهه ڦاٽ ٿي پيو ۽ رت وهڻ لڳو ۽ گرهوڙي چوڻ لڳو ته مون کي سڌ نه آهي ته تنهنجي پيءُ ڪهڙو لکيو آهي؟ (مطلب ته حديث ۽ قرآن مان دليل پيش ڪيو وڃي) جڏهن حاڪم آڏو اهو واقعو پيش ٿيو، موسن شاهه جو پٽ سيد ميان جمال، جيڪو هن مناظري ۾ مصنف يا جج ٿي ويٺو هو، تنهن کان حاڪم حقيقت معلوم ڪئي، سيد موصوف چوڻ لڳو ته مخدوم جي هر هڪ ڳالهه قرآن مان آهي. ان سان ڪنهن کي به سوال جواب ڪرڻ جي طاقت نه آهي.

(مجذوبن جون ڳالهيون ئي نراليون هونديون آهن) هڪ ڀيري مخدوم گرهوڙي نماز جي امامت ڪرڻ لاءِ اٿيا. تڪبير کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جا هي لفظ زبان مبارڪ تي اچاري پوءِ نماز شروع ڪيائون:

مارئي نه ڄائي ته مارو پئا نه مامري الله اڪبر

ڳالهه ٿا ڪن ته گرهوڙي صاحب ننڍپڻ ۾ دائري ديهه شادي ۾ قرآن مجيد جي تعليم وٺندو هو. سندس چاچو آيو، کيس واپس ڳوٺ وٺي ويو. گرهوڙي صاحب ٻيهر ڳوٺان ڀڄي وري اتي ئي پنهنجي پڙهڻ کي لڳي ويو. سندس چاچو وري به کيس ورائڻ لاءِ پهچي ويو ۽ اها خبر مخدوم ولهاريءَ وٽ ويئي جو هو اتي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندو هو. گرهوڙيءَ جي سنگتي ٻارن کي جڏهن ان ڳالهه جي ڪن کڙڪ پيئي ته مخدوم گرهوڙيءَ کي کڻي ان جي ڪوٺيءَ ۾ لڪايائون ۽ اچي استاد کي چيائون ته مخدوم هتي ڪونه آهي. استاد جڏهن ٻارن تي ڳولا لاءِ زور رکيو، تڏهن اچي گرهوڙي صاحب کي چيائون ته هاڻ ڇا صلاح آهي؟ گرهوڙي صاحب فرمايو ته ڊڄو نه! مون سان گڏجي استاد جي خدمت ۾ هلو. نيٺ گرهوڙي اڳ ۾ ٿي کلندو خوش ٿيندو ۽ سندس سنگتي پويان مولود پڙهندا اچي استاد جي خدمت ۾ حاضر ٿيا.

استاد جوش ۾ اچي گرهوڙيءَ کان پڇڻ لڳو ته هيءُ ماڻهو تنهنجو ڇا ٿئي؟ گرهوڙي جواب ڏنو ته چاچو ٿئي. تڏهن استاد کيس فرمايو ته توتي هن ماڻهوءَ جو حق آهي، تون هن جو چيو مڃ ۽ هن سان گڏ وڃ. تڏهن گرهوڙي چيو ته حضرتا! اوهان اهل حقيقت ٿي ڪري به ائين ٿا فرمايو ته هن شخص جو مون تي حق آهي!! اصل ۾ ته منهنجو هن (چاچي) تي حق آهي ته اهو ڪوشش وٺي مون کي تعليم ڏياري. هيءُ ته الٽو مون کي هتان وٺي ٻڪرين ۽ رڍن جي چارائڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو. استاد کي انهيءَ جواب تي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ مخدوم گرهوڙي کي ڀاڪر پائي کيس پنهنجي هڪ اجرڪ به عنايت ڪيائين ۽ گرهوڙي جو چاچو واپس هليو ويو.

مخدوم جان محمد:

چرنگائي بزرگن مان هڪ بزرگ کان ٻڌڻ ۾ آيو ته مخدوم جان محمد جو اسان سان وڏو لاڳاپو هو ۽ اسان جي اوطاق ۾ پڻ گهڻو سندن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اسان جو اولاد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مخدوم جي خدمت کي غنيمت ڄاڻندا هئا ۽ سندن ڪانڊريرن جي هڪ جدا اوطاق به هئي، جنهن ۾ بيٺڪ ڪندا هئا. سندن اهو دستور هوندو هو ته جيڪو کين ڪو نذرانو پيش ڪندو هو ته ان کان پڇا ڪندا هئا ته اهو ڪنهن موڪليو آهي، ڪنهن ڏنو آهي؟ جي کين ڪو چوندو هو ته فلاڻي ماڻهو ڏنو آهي ته بنهه قبول نه ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته مان ان کي نه ٿو سڃاڻان ۽ جي ڪو کين چوندو ته خدا ڏنو آهي ته ان کي قبول ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته اهو ته اسان کي اڳ به ڏيندو رهيو آهي. هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته مير بهرام خان ڪپهه جو هڪ ڪڙتو ۽ پشم جو ڪمبل مخدوم صاحب لاءِ شيخ محمد جي هٿ موڪلي ڏنو ۽ اسان ڏانهن لکي موڪليو ته هنن شين جي رسيد مخدوم عبدالله جي دستخط سان اسان ڏانهن موڪليو، جڏهن ته رسيد جو وٺڻ ناممڪن هو ۽ مخدوم صاحب نهايت بيپرواهه انسان هو، نيٺ مير موصوف جي راضپي جو خيال رکي پنهنجو سمورو اولاد ننڍا، وڏا گڏجي مخدوم صاحب کي التجا ڪئي سون. مخدوم صاحب فرمايو ته بهرام ڪير آهي؟ مان کيس نٿو سڃاڻان، اسان کي جيڪي ملي ٿو سو خدا پاڪ طرفان آهي.

جيترو به اسان عرض پئي ڪيو ته انڪار ٿيندو رهيو، نيٺ جڏهن اسان جي عاجزي حد کان وڌي ويئي، تڏهن رحم کائيندي فرمائڻ لڳا ته چڱو ڪاغذ جو ٽڪرو ۽ مس قلم کڻي اچو. ڪاغذ جي ٽڪري تي رڳو اهي اکر لکيائون: هڪ ڪڙتو ڪپهه وارو ۽ هڪ اوني ڪمبل خدا جي حڪم سان شيخ محمد جي هٿان پهتو ۽ اها رسيد شيخ محمد جي حوالي ڪئي وئي.

حافظ نمره فقير مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ هندو هو، جنهن هڪ ماڻهو هٿ ڪجهه موريون مخدوم جان محمد لاءِ نذراني طور موڪليو، ان اچي اهي موريون پيش ڪيون. مخدوم صاحب پڇيو ته اهي ڪنهن ڏنيون آهن؟ ان ماڻهوءَ هندوءَ جو نالو ورتو. مخدوم صاحب فرمايو ته اهي وڃي ان کي واپس ڪر مان کيس نه ٿو سڃاڻان. جڏهن اهي موريون هندوءَ کي واپس ڪيون ويون، تڏهن سربستو احوال معلوم ڪري هندو چوڻ لڳو ته توکي هيئن چوڻ کپندو هو ته خدا ڏنيون آهن. نيٺ واپس موريون کڻي ويو ۽ ائين ئي وڃي چيائين. مخدوم صاحب مشڪيو ۽ فرمايائون ته اهو خدا ته اسان کي اڳ به ڏيندو آهي.

حافظ نمره خبر ڪئي ته ڪنهن ماڻهوءَ مخدوم عبدالله کان مخدوم خواجه محمد زمان صاحب لواريءَ وارن بابت پڇيو، تڏهن چوڻ لڳو ته هو ڄاموٽ (سردار) آهي ۽ اها دستار جيڪا سندن سر تي آهي، سا پهرئين جاني (جان محمد) جي سر تي ٿي رکيائون، پر جانيءَ گهڻي عاجزيءَ سان ان بار کان پاڻ کي آزاد ڪري ورتو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ماڻهوءَ کي مخدوم جان محمد رح آڏو اهو دل تي وهم ويٺو ته خبر نه آهي ته مخدوم صاحب ڪهڙي ذات آهن؟ ان خيال کي به مڪاشفي سان مخدوم صاحب تاڙي ورتو. فرمائڻ لڳو ته ”جاني“ ڪير آهي؟ ان جي ماءُ مغلن جي ٻانهي هئي ۽ پيءُ مهاڻو. جاني مهاڻي جو پٽ آهي. ساڳي ريت پنهنجي سڪونت بابت به فرمايائون ته ٺٽي ۾ رهائش هئي ۽ ٺٽي جي نواب جو نوڪر هو ۽ بادشاهي خطوط لکڻ جو شغل هو.

نقل آهي ته مخدوم جان محمد آڏو جيڪڏهن ڪو دوزخ بابت پڇندو هو ته پاڻ فرمائيندا هئا ته دوزخ ڪجهه به نه آهي، رڳو کنڀ ٿيندو جنهن کي ڌوٻي ڪپڙن جي مر ۽ مٽي وڃائڻ لاءِ باهه ڏيندا آهن.

اصل ۾ هن جملي چوڻ جو ڪارڻ اهو هو جو مخدوم صاحب تي رحمت واري تجليءَ وارو غلبو هو ۽ اها جمالي تجلي آهي جنهن ۾ جلال کي ڪجهه به دخل نه آهي ۽ جيڪو جلال کي نه ٿو ڏسي، سو ڪڏهن به زبان تي دوزخ جو نالو نه وٺندو آهي.

اگر درد هديک صلائي کرم

عزازيل گويد نصيبي برم

ميان مکڻ مجذوب قدس سره:

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن ميان مکڻ مجذوب، مخدوم ميان اسماعيل ويٺل ڪوڏيءَ جي خدمت ۾ آيو. ماڻهن کانئس پڇيو ته اوهان کي مجذوب سڏيو ٿو وڃي، پر ظاهري طرح ته ڪوبه مجذوبي جو اثر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. تڏهن ميان مکڻ، مخدوم اسماعيل کي چوڻ لڳو ته سائين! هنن ماڻهن کي سڌ نه آهي ته هن کان اڳ مان بنهه مجذوب هوس. هڪ ڏينهن ٿيو ڇا جو شهر کان ٻاهر ٻروچن جون گهوڙيون ٿي گاهه چريون، مان به پنهنجي (چريائي واري) حالت ۾ هيس، سو اچي ٿو گهوڙين کي ڀڄايان ۽ سڄو ڏينهن گهوڙيون ڀڄائيندو رهيس. انهيءَ مان هڪ گهوڙي انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ڪري وڃي کوهه ۾ ڪري ۽ اتي ئي مري وئي. بلوچن به ڇا ڪيو جو مون کي پڪڙي ٻڌي اچي بيٺا هاج لاهڻ، ايترو ته بيدرديءَ سان ماريائون ۽ ڪٽيائون جو بدن تان کل به لهي وئي. ان مار جي ايذاءَ ڪري خدا پاڪ کان دعا گهريم ته يا خدا مون کي اهڙي مجذوبي کان پناهه ڏي. اها دعا اگهي وئي ۽ هيءَ حالت پيدا ٿي.

خليفو محمود نظاماڻي پنهنجي والد کان نقل ڪري ٿو ته ميان مکڻ مجذوب جو اهو قاعدو هوندو هو ته جڏهن ميرپور شهر ۾ ايندو هو ته سندس پٺيان بي انداز ڇوڪرا ڪڍ لڳندا هئا ۽ دڪانن تي ڪتل، ڀڳڙا ۽ ٻيون شيون رکيل هونديون هيون. جڏهن ڪنهن دڪاندار جي نظر ٻئي پاسي ٿيندي هئي ته ميان مکڻ ٻئي هٿ شين جا ڀري ڀري بازار ۾ ڦٽو ڪرڻ لڳندو هو ۽ ٻار شين جي چونڊڻ ۾ لڳي ويندا هئا ۽ پاڻ اڳتي وڌندو ويندو هو. سڄي بازار ۾ ان جي اها ڪار هوندي هئي ۽ وري جڏهن بازار مان نڪرندو هو ته جيڪو گهر سندس آڏو ايندو هو ته ڪونئرو گهري وضو ڪندو هو  نفل پڙهندو هو. اهوئي سندس دستور هوندو هو.

مخدوم ميان سچيڏنہ رح:

ميان محمد اڪرم قصو ڪيو ته چاچڪن جي ديهه جوٿ ۾ هڪ شڪاري (ٻاليشاهي) مري ويو. قاضي محمد مطيع ان تي نماز جنازه پڙهڻ کان انڪار ڪندي فرمايوته هن تي نماز جنازه پڙهڻ جائز نه آهي. اها خبر وڃي مخدوم سچيڏني کي پهتي. تڏهن مخدوم صاحب فرمايو ته ٻن ماڻهن تي جنازي نماز جائز ناهي. هڪ محمد اڪرم جون گهڻيون ڪرامتون ٿو ڏيکاري  ٻيو قاضي محمد مطيع جو رشوت وٺندو آهي. هڪ ڏينهن مخدوم سچيڏنہ جي قاضي مطيع سان ان جي ديهه ۾ ملاقات ٿي. قاضي چوڻ لڳو ته سائين! اوهان (اسان بابت) جيڪي ڳالهايو آهي، ان تي اوهان شرعي تعزير جا مستحق آهيو. مخدوم صاحب فرمايو ته جيڪو حڪم هجي ته آئون حاضر آهيان. نيٺ مخدوم سچيڏنہ کي گرم ۽ تتي اس ۾ اڌ پهر کن بيهاريو ويو. ان جي خبر مخدوم جي مائٽن کي به پهتي جي ڀڄندا آيا. ڇا ڏسن ته مخدوم اچي رهيو آهي. جڏهن پڇيائون ته ڇا خبر آهي؟ تڌهن فرمائڻ لڳو ته قاضي مطيع اسان تي شريعت جي حد ۽ تعزير جاري ڪري احسان ڪيو آهي جو اسان کي آخرت جي عذاب کان ڇڏائي ڇڏيو. (ان طرح مخدوم سچيڏنہ فساد ٽاري ڇڏيو)

 

لطائف لطيفي جي قلمي نسخي تان

 

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيري مريدي جو سلسلو

حضرت اولياءِ صاحب (شاه ڀٽائي)  جي فيض پرائڻ وارو پيري مريديءَ جو سلسلو جنهن جي اوڙڪ رسالت مآب تي ٿئي ٿي. هن طرح آهي ته ائمه اطهار جيڪي دنيا جي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ آهن، جي سنت پٽاندڙ، حضرت برڪت ڀريو، رحمت جو درياءَ، ڪرامت جو ڪڪر، فرض وارو جناب سيد عبداللطيف شاهه تارڪ ڀٽائي صاحب قدس الله سره جن پنهنجي پيءُ شاه حبيب الله سره کان (سلوڪ جي) تلقين ورتي، پر حقيقت حال هن طرح آهي ته پاڻ ڀلارا اويسي (طريقت جا) هئا ۽ روحانيت ۾ خاتم المرسلين صلي الله عليہ وسلم محبوب رب العالمين کان ان طرح فيض پرايو هئائون، جيئن شيخ اويس قرني رضي الله عنہ رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم کان فيض پرايو هو ۽ حضور پرنور ۾ حاضر نه ٿيو هو ۽ ظاهري طرح اولياءَ صاحب کان ڪو پڇندو هو ته فرمائيندا هئا ته لطيف جو مرشد والد شريف آهي.

سندن ظاهري سلسلو هن طرح آيل آهي: جناب سيد پير عبداللطيف شاه ڀٽائي پنهنجي والد شريف جناب سيد حبيب شاه کان هٿ ورتو ۽ ان پنهنجي والد سيد عبدالقدوس شاه کان ۽ ان پنهنجي والد سيد جمال شاه کان ۽ ان عرفان جي صاحب، متقين جي اڳواڻ، رسول صلي الله عليہ وسلم جي امت جي چراغ، سالڪن جي اڳواڻ، الله وٽ مقبول پيل، زماني جي قطب، مرشدن جي مرشد، سيادت ۽ بزرگيءَ جي مرڪز سيد پير عبدالڪريم شاه قدس الله سره کان هٿ ورتو، اهي به اويسي هئا، پر ظاهر ۾ ذڪر جي تلقين سلطان ابراهيم بهاريءَ کان لڌي اٿن. اهو به اويسي مرتبي تي پهتل هو، پر ظاهري طرح ڌڻيءَ جي درگاه جي مقبول (بندي) احمد کان بيعت لڌي. ان منهنجي ۽ مشائخن جي مرشد شاه علي هاشميءَ کان ۽ ان منهنجي ۽ مشائخن جي مرشد شاه شرف الدين احمد کان ۽ ان منهنجي مرشد شاه شهاب الدين قاسم کان ۽ ان منهنجي مرشد افضل المشائخ بدر الدين يحييٰ کان ۽ ان منهنجي مرشد افضل المشائخ شاه نور الدين حسين کان ۽ ان منهنجي مرشد اڪمل المشائخ شاه شمس الدين محمد کان ۽ ان منهنجي مرشد سيف الدوله يحيٰ کان ۽ ان منهنجي مرشد ظهير الدين احمد کان ۽ ان منهنجي مرشد شيخ المشائخ شاه شهاب الدين احمد کان ۽ ان منهنجي مرشد شاه عماد الدين ابو صالح نصر کان ۽ ان منهنجي مرشد افضل المشائخ شاه عبدالرزاق کان ۽ ان منهنجي مرشد حضرت پير دستگير ابو محمد سيد عبدالقادر حسن حسيني قدس الله سره پيرن جي پير، عظيم الشان، زماني جي نهايت پڌري شخصيت جيڪي اصل ۾ جيلان جا هئا ۽ سندن مقبرو بغداد ۾ آهي ۽ ان منهنجي مرشد ابو سعيد بن علي مبارڪ مخزوميءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد ابوالحسن علي بن محمد يوسف قرشيءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد ابوالفرح طرطوسيءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز يمنيءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد ابوبڪر شبليءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد سيد الطائفہ جنيد بغداديءَ کان ۽ ان خواجه ابوالحسن سري سقطيءَ کان ۽ ان منهنجي مرشد خواجه معروف ڪرخيءَ کان ۽ ان امام المسلمين حضرت امام علي رضا، خراسان جي سلطان کان ۽ ان امام المتقين حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان ۽ ان امام العالمين حضرت امام جعفر صادق کان ۽ ان امام الواصلين حضرت امام محمد باقر کان ۽ ان سيد الساجدين امام زين العابدين کان ۽ ان بهادرن جي امام، عاشقن جي سردار حضرت امام حسين، ڪربلا جي شهيد رضي الله تعاليٰ عنہ کان ۽ ان اسد الله الغالب، مظهر العجائب والغرائب سيدنا علي بن ابي طالب حيدر ڪرار، جنگ ۾ نه ڀڄندڙ، وصي حضرت سيد الابرار کان ۽ ان مخلوق جي ڀلي، ڏينهن قيامت ۾ شفاعت ڪندڙ رسول مقبول حضرت مصطفيٰ صلي الله  عليہ وآلہ واصحابہ اجمعين کان هٿ ورتو ۽ فيض پرايو.

نظم جو ترجمو:

(1)     سج ۽ چنڊ جي اڀاريندڙ جي نالي سان،

چڱيءَ واٽ ڏيکاريندڙ جي نالي سان (شروع ٿو ڪريان)

(2)    بادشاهن کي بادشاهي، ان کان (مليل) آهي،

ساري حشمت ۽ اڪڙ ان کان آهي.

(3)    هن شان ۽ شوڪت هوندي به سڀ ٻانها آهن،

ٻانهن جي هن زور هوندي سڀ پوڄاري آهن.

(4)    سڀ پاڪ درگاه جا خاص خادم آهن،

جو هميشه آسري ۽ ڊپ ۾ رهن ٿا.

(5)     قبض ۽ بسط ۾ ائين گذاري رهيا آهن،

جو بدن ڪري پري آهن پر ساهه سان حاضر آهن.

(6)    ڪڏهن ترقي ۾ آهن ته ڪڏهن تنزل ۾،

هر حالت ۾ حق سان شامل آهن.

(7)    وحدت کان ڪڏهن به پري نه آهن،

عشق ۾ اڃا به وڌيڪ جان جا طالب آهن.

(8)    انهن جي دوستي به عجب نموني جي آهي،

جو حق کان سواءِ سندس ڪابه گهر نه آهي.

(9)    گهڻائي ۾ سارو فيض پالوٽ ڪن،

سڀني طالبن کي وحدت ڏانهن وٺي وڃن.

(10)   انهن مان هڪ شاه عبداللطيف آهي،

جيڪو هدايت واري واٽ جو شريف رهنما هو.

(11)   اهوئي منهنجو مرشد سيد پارسا آهي،

جيڪو مخلوق لاءِ قبلو ڏيکاريندڙ هو.

(12)   ان جو بدن توحيد سان سينگاريل هو،

دل الله جي عشق سان سنواريل.

(13)   مڙئي نور جو جلوو پسندڙ هو،

طور سينا جهڙي بلنديءَ تي سندس مڪان هو.

(14)   ان جاءِ کي ڀٽ شريف چوندا آهن،

جو لطيف جي خاص جاءِ آهي.

(15)   اهو هڪ واريءَ جو دڙو آهي،

جنهن تي حق پسند بادشاه جو روضو آهي.

(16)   سون ڇنڊيندڙ گنبذ سان عجيب روضو آهي،

صحن پاڪ ان جو بهشت جي باغ وانگر آهي.

(17)   هڪ خاص مسجد ۽ عجيب مضٻوط آهي،

اها ٽن گنبذن واري وڏي عجيب (مسجد) آهي.

(18)   اها بادشاه بزرگ جي ٺهرايل آهي،

جيڪا معلي جي سامهون تيار ٿي.

(19)   ٻيو ٻاهر کان وڏو صحن آهي،

ان ۾ سبز شاخن وارا وڻ آهن.

(20)   اڱڻ جي چئن پاسن کان خانقاه آهي،

جتي خليفا ۽ شاه جا فقير رهندا آهن.

(21)   اڱڻ ۾ هڪ وڏو اونهون کوه آهي،

زمزم وانگر بيت الله ۾ آهي.

(22)   جمعي جي رات اتي راڳ ڳائيندا آهن،

لطيفي ڪلام ساز سان چوندا آهن.

(23)   جو اهو عين توحيد خاص آهي،

ان سان خاص طور وجد جو سمان ٿيندو آهي.

(24)   سرود مان ائين سوز پيدا ٿيندو آهي،

جو عاشقن جي دل عود وانگر سڙندي آهي.

(25)   ان رات ۾ پاسي اوسي کان خلق خدا جي،

شوق، ذوق ۽ خوشيءَ سان ايندي آهي.

(26)   صفر مهيني ۾ ميڙو ڪندا آهن،

اتي گهڻي خلق پهچي ويندي آهي.

(27)   اتي وڏو انبوه ٿيندو آهي،

اتي فقيرن جو سماع ٿيندو آهي.

(28)   هن مهيني ۾ بادشاه جي،

دنيا کان قرار واري جاءِ ڏي رحلت ٿي هئي.

(29)   اها جاءِ ٻرندڙ شمع وانگر روشن آهي،

ان جي واکاڻ کان زبان لاله ٿئي ٿي.

(30)   جيڪڏهن جلدي ۾ ڪو وصف لکندي،

ته هزار ڪتابن ۾ به سندن ساراه نه ماپي.

(31)   طاقت کان ٻاهر وڃڻ واجب نه آهي،

طاقت آهر پير رکڻ ڀلو آهي.

(32)   هاڻي مسند جو صاحب جوان آهي،

من بدنن جي دنيا ۾ ساه وانگر آهي.

(33)   جو ان جو نالو شاه لطف علي آهي،

ان جو فيض مخفي ۽ پڌرو جاري آهي.

(34)   خدا پرست اوصاف سان ساراهيل آهي،

جو هي شاه لطف علي ٻيون آهي.

(35)   هاڻي آئون حرم ڏانهن موٽان ٿو،

جو ان کان هر ڪو فيض پرائي ٿو.

(36)   عرض کي ڇڏي جوهر ڏي پهتس،

نفل پڙهيم هاڻي فرض پڙهندس.

(37)   هڪ ڪتاب ٺاهيندس جو مطلب ته،

ان کان فقراءِ وروهه وٺندا.

(38)   اڳين کان جيڪي به اهڙين خبرون،

ان سڀني سالڪن جي رهنما بابت آيون آهن.

(39)   جن کي مون روشن دل فقيرن کان ٻڌو آهي،

سندن پاڪيزه حالات بابت.

(40)   ڳالهيون پاڪيزه ۽ دل کي وڻندڙ،

هن سادي ڪاغذ تي چٽيون اٿم.

(41)   ڳالهين کي نثر ۾ بيان ڪندس،

ان پنهنجي مرشد زماني جي قطب جون.

(42)   هن دنيا ۾ لکي ڇڏيندس،

جو عبدالحسين طرفان يادگار رهن.

داستان جو آغاز

جناب فيض مآب، ڪرامت جو مالڪ، امين، حضرت رسالت مآب جو اولاد، شريعت جي جهنگل جو شينهن، معرفت جي درياءَ جو تارو، حقيقت جي سمنڊ جو اڪيلو موتي، سالڪن جو رهنما، حضرت مرشد زمان، ”تارڪ“ لقب سيدنا و هادينا و مولانا جناب پير عبداللطيف شاه قطب زمان قدس الله سره العزيز جو مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٺاهيل ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ آيو آهي ته حضرت سائين جن دنيا کي هر طرح ڇڏي ڏنو هو، ان ڪري ”تارڪ“ سندن لقب پيو ۽ سندن ولادت 1102هه ۾ ”ڀئي پر“ ۾ ٿي، جو کٽياڻ شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺڙو آهي ۽ سندس مبارڪ ڄم جي جاءِ تي مسجد ٺهي آهي، جيڪا اڃان تائين نصير واه جي ڪپ تي موجود آهي!

اها تحقيقي خبر آهي ته اولياءَ صاحب ٻالپڻي کان ئي الله کي پهتل هئا ۽ ٻاراڻي واري زماني ۾ گهر جي اڱڻ ۾ ڪا بلند جاءِ ۽ مٿڀرو هوندي هئي ته ان تي ويهندا هئا. جڏهن ڪجهه وڏا ٿيا ته سندن راند گهڻو ڪري اها هوندي هئي جو ڳوٺ جي ڇوڪرن کي گڏ ڪري سماع ڪندا هئا يا ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. ڪڏهن سينگ ۽ گز به کڻندا هئا، پر ڪڏهن به ڪنهن ساه واري شيءِ کي ڪا تڪليف نه پهچايائون. سندن تير گهڻو ڪري نشاني کان گسندو نه هو.

پهرين ڳالهه: نقل آهي ته سنڌ جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو عباسي هو. حڪومت هلائڻ کان سواءِ هو پيري، مريديءَ جو سلسلو به رکندو هو. جڏهن لطيفي فيض جو غوغاءُ بلند ٿي سنڌ کان ٻاهر وڌي ويو، تڏهن ”ميان نور محمد عباسي“ ڪاوڙ مان نانگ وانگر ويڙهجي ويو، ڇوته سندس خادم (۽ مريد) لطيفي آواز تي گڏ ٿي رهيا هئا. هوڏانهن ان ڀلي وقت ۾ اولياءِ صاحب (شاه ڀٽائي) جن سلوڪ ۾ عروج ۽ نزول جي منزل تي هئا. مطلب ته جڏهن عروج جي منزل ماڻيندا هئا ته عام خلق ڏانهن نه واجهائيندا هئا ۽ کانئن پاسو ڪندا هئا ۽ جڏهن وري نزول (هيٺ لهڻ) واري ڪيفيت ڏانهن ورندا هئا ته صورت واري جهان ڏانهن سامهون ٿي مرشديءَ جو حق ادا ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن خاص فقيرن جي ٽولي کي ساڻ ڪري پنهنجي برڪت ڀري ڏاڏي بزرگوار، وقت جي قطب، زماني جي مرشد، سالڪن جي رهنما، شرافت جي نشان، الله جي چونڊيل، جهان جي فياض، شاه مردان شير يزدان ولايت جي مرڪز بوتراب رضي الله عنہ جي اولاد حضرت سيد پير عبدالڪريم شاه قدس سره جي زيارت لاءِ ويا جو لاڙ ملڪ جي بلڙي ۾ سندن مزار آهي. ان زماني تائين ڪريمي روشن روضو اڃا نه جڙيو هو، وڻ جي هيٺان رڳو چار قبرون هيون. لطيف سائينءَ کي ڪرامت واري طرز جي خيال ۾ آيو ته اتي هڪ بلند گنبذ جوڙائين پر اها ڳالهه وڏي مرشد سائين سيد عبدالڪريم قدس سره کي پسند نه هئي. ڪوبه ماڻهو اتي جي وڻ جي رڳو ٽاري به وڍيندو هو ته سخت بيماريءَ ۾ ڦاسي پوندو هو. نيٺ حضرت اولياءَ صاحب اسان جي مرشد سيد عبداللطيف شاه (الله سندن ذات کي پاڪ رکي) ڪرامت ۽ اجازت جي زور تي پنهنجي برڪت ڀري هٿ سان ان پراڻي وڻ کي پاڙ کان پٽي زمين تي ڪيرايو ۽ پاڻ ڪاشيءَ جي سامان گڏ ڪرڻ لاءِ ملتان شريف ويا. ڪن جو چوڻ آهي ته پاڻ روضي جي اڏاوت ۾ لڳي ويا. پوءِ رڳو ڪاشيءَ جو ڪم رهجي ويو، جنهن سان رونق ۾ واڌارو ٿيڻو هو، ان لاءِ ملتان ويا. ڪن جو خيال آهي ته اڳ ۾ پاڻ ملتان تڪليف وٺي ويا. ا تان واپس اچي تعمير ڪرايائون. ان وقت سندن ڪپڙا پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ وارا هئا، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”گيڙو“ چوندا آهن. اهو لباس هن ڪري اختيار ڪيو هئائون جو پاڻ سير و سفر گهڻو ڪندا هئا. سناسي فقيرن سان سنگت ۾ گهڻو گهميا هئا. مطلب ته اهي ٻيڙيون جن تي لطيفي سواري هئي، شهر خدا آباد جي سامهون جو ان وقت اهو شهر ميان نور محمد عباسيءَ جو تخت گاه هو، ملتان کان اتي لنگر هنيائون. حاڪم کي لطيف سائين جي اچڻ جي سڌ پئي. ان دربار جي ڪجهه معززن ۽ ڀروسي وارن کي جناب اولياءَ صاحب جي چائنٺ چمڻ لاءِ موڪليو ۽ معجون مفرح مرواريد جي هڪ دٻي به لطيف سائينءَ لاءِ سوکڙي ڪري موڪلي. ان ۾ ڪو زهر وڌو ويو. حضرت اولياءِ صاحب ڪمال مهرباني ۽ وڏي چاه سان حاڪم جي موڪليل ماڻهن کان ان سوکڙي کي وٺي مهاڻن کي ڏني ۽ کين حڪم ڪيائون ته جڏهن ٻيڙي وچ درياءَ ۾ پهچي ته هن دٻليءَ کي کولي درياءَ ۾ ڦٽو ڪن. انهن نمائندن ندورن گهڻو زور ڀريو ته اها شيءِ اڻ لڀ آهي، ان جي کائڻ سان پوڙهو جوان ٿي پوندو. پاڻ انهن جي چوڻ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنائون ۽ مهاڻي پنهنجي حضرت مرشد جي احڪام تي عمل ڪندي دٻليءَکي وچ درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اولياءِ ان کان پوءِ حق پرست جماعت ۽ حاضرين کي حڪم ڪيو ته هاڻي دل کولي گهڻو پاڻي پيئن. ان وقت سڀني حڪم مڃيندڙن درياءَ مان پاڻي پيتو. موت جي مرض کان سواءِ زندگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن بيماريءَ جو ڏک نه ڏٺائون ۽ حضرت جن حاڪم جي معتبر ماڻهن کي جواب فرمايو ته موڪليل سوکڙي پهتي. جيڪڏهن مان هن ٿوري جماعت سان گڏ دوا کاوان ها ته ان مان ٿورن ماڻهن کي نفعو پهچي ها ۽ هاڻي مون سوچيو ته سمنڊ تائين هن دوا جو نفعو الله جي مخلوق کي نصيب ٿئي.

اتان واپس ٿي جهان وارن جي زيارت گاه بلڙيءَ جي مڪان ۾ پهتا ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي روضي جي رهيل عمارت ۾ لڳي ويا. ان بلند گنبذ جي پاسي ۾ عاليشان مسجد جوڙايائون. ڪاريگرن ڇا ڪيو جو دروازي تي اتر پاسي ڪريمي روضي جي سامهون لطيف سائينءَ جي حڪم سان هڪ سر ڀت ۾ کوڙيائون جنهن تي لطيف لکيل هو. ان وقت ڪريمي سجاده جو صاحب سيد عبدالواسع شاه رح هو. جڏهن حضرت اولياءِ صاحب هن عمارت کان بنهه واندو ٿي موٽيا ۽ ”دوندي“ شهر ۾ اچي لٿا، تڏهن بزرگي ۽ شرف جي مرتبي واري سيد محمد صلاح شاه جو فضل ۽ ڪمال سان گڏ وڏي اولياءِ سيد عبدالڪريم شاه قدس سره جي اولاد مان هو. سيد عبدالواسع جي مجلس ۾ ان ٻڌو ته سيد موصوف چئي رهيو هو ته اولياءَ صاحب ڪريمي روزي پاڪ کي روضي رضوان (بهشت) جو ثاني تيار ڪيو آهي، پر ان دروازي جي سامهون پنهنجو نالو لکي ڇڏيو آهي ته جيئن پنهنجي حجت کي مضبوط ڪري ۽ سيد محمد صلاح به اهو ڏٺو ته مٿئين سجاده نشين ات روضي وٽ پهچي ان سر کي ڪڍي اڇلايو. محمد صلاح شاه ان سر کي جنهن تي رڳو ”لطيف“ لکيل هو، مٿي تي کڻي اولياءِ صاحب جي پويان ڀڄي، معلوم جاءِ تي پهچي نوراني مجلس جو شرف هٿ ڪيو. سارو احوال ڀٽائي شاه جي آڏو رکي سر کي سندس نگاهه آڏو رکيو. اوڏي مهل ڀٽائي صاحب پاران محمد صلاح کي حڪم ٿيو ته پنهنجي ٻانهن جي زور سان ڪنهن ننڍي وڻ کي زمين کان پٽي. سيد صاحب اهو حڪم بجا آڻيندي وڻ کي پاڙ کان پٽيو. اتفاق اهڙو ٿيو جو وڻ جون ٽي پاڙون پٽجي آيون ۽ چوٿين پاڙ ڌاڳي وانگر ڇڄي پئي ۽ وڻ ڌرتيءَ تي ڪري ويو. اولياءِ صاحب حق ٻوليندڙ زبان سان هيئن فرمايو ته هن ڪمزور جو نالو ”عبداللطيف“ آهي ۽ ”لطيف“ باري تعاليٰ جل شانہ جي نالن مان هڪ نالو آهي، ان ڪري جيڪڏهن پاڪ ذات کي غيرت آئي ته سيد عبدالواسع جا ملال سان ڀريل احوال به هن وڻ وانگر ٿيندا. مطلب ته ٽي پيڙهيون سيد محمد صلاح شاه جون ڪريمي سجادي جون مالڪ ٿينديون، ڇوته ان ٽي پاڙون پٽيون آهن ۽ اهڙي طرح سيد عبدالواسع شاه هن دنيا جي گهر واري ميدان کي لاولد ڇڏي وڃي آرام واري جاءِ ۾ قرار ورتو. سيد محمد صلاح شاه کي چڱيءَ طرح سڌ هئي ته منهنجيون ٽي پيڙهيون ڪريمي مسند تي ويهنديون ۽ ان کان نه وڌنديون، تنهن ڪري مجبور ٿي پنهنجي پٽ سيد ”حيدر شاه“ کي پنهنجي حياتيءَ ۾ هن وڏي عهدي تي مقرر فرمائي رشدي جي دستار کيس حوالي ڪئي ۽ اهڙي طرح سيد حيدر پنهنجي چڱي ستاري واري پٽ سيد قنبر علي شاه کي پنهنجو ولي عهد بنايو. ان کان پوءِ سندس سڳورو پٽ سيد حيدر شاه سخي برڪت واري سجادي جو مالڪ  ٿيو. جڏهن ته اهو بي اولاد هو. ان کان پوءِ سندس ڀاءُ شرافت  سيادت جي مرتبي وارو سيد محمد صالح ٻيون ڪريمي سجادي تي ويٺو. اهو به لا ولد هو ۽ اولياءِ صاحب (ڀٽائي) جي چوڻ پٽاندڙ سيد محمد صالح جون ٽي پيڙهيون ڪريمي سجادي جون مالڪ ٿيون. وري حال ۾ ڇهن سالن کان جناب ڪرامت مآب، والا خطاب، جهان وارن تي ڪرم فرمائيندڙ، مريدن جي دلين جي جاسوس، خدا پاڪ جو چونڊيل، صاحبڏنو شاه دامت برڪاتہ جو حضرت وڏي مرشد سيد عبدالڪريم جي اولاد جي سلسلي مان آهي، ٻي شاخ مان پهريون سجاده جو مالڪ آهي، جو سندس سعادت وارو وجود حقيقي حفاظت سان محفوظ هجي. اها سر جو لطيفي سر ڪڍي ان جاءِ تي ٻي سر ويهاري هيائون، پيلي رنگ ۾ نئين نموني اڃان تائين پاڪيزي روضي ڪريمي تي سج وانگر پڌري آهي. نظم ۾ احوال ڏجي ٿو: (ترجمو)

تو ٻڌو ته جڏهن الله جي حڪم سان

برابر ٿيو ان وقت سان جنهن بابت شاهه فرمايو هو

ان پير جي پاڙ ڪيئن پٽجي وئي

ان جي جاءِ جڏهن حيدر پسند پيو

جنهن ۾ اهڙو گمان ئي نه هو اهو

ائين ڪنهن گمان کان سواءِ ورثي جو مالڪ ٿيو

شاه حيدر کان پوءِ دستار تي

وري شاه قنبر علي ڪامياب ٿيو

ان کي ٻه عزت ڀريا پٽ هئا

محمد صلاح ۽ ٻيو شاه حيدر

جڏهن سخي حيدر ڪلاه جو صاحب ٿيو

ته فقيرن سان چڱي رسم و راه رکيائين

گهڻيون ئي شاديون ڪيائين

پر ان مان نفعي جي ڪا موڙي نه ورتائين

پنهنجي ڀائرن کان پوءِ گودڙي ڍڪيائين

اڪيچار خلق ڏانهس رجوع ڪيو

گهڻو ئي گهريائين ته نسل پيدا ٿئي

کيس اها سڌ نه هئي ته هو لاولد گذاري ويندو

جڏهن لطيفي حڪم اوڙڪ کي پهتو

ته زماني پنهنجو ٻيو چڪر هلايو

ڪريمي کجيءَ مان هڪ ٻي آلي شاخ

الله جي حڪم سان منهن ڪڍيو

اهوئي ورثي ۽ پڳ جو صاحب ٿيو

اهو گهڻي فيض جو مالڪ ٿيو

اهو بختاور صاحب ڏنو شاه آهي

گهڻي عمر ۽ اڪيچار فيض ماڻيندو

هئي داستان اوڙڪ تي پهتو

ٻين خبرن لاءِ زبان کوليان ٿو

اي عبدالحسين وري ائين چيو

جو دوست توکي شاباس چون

ٻي ڳالهه: خبرن ۾ ائين آيو آهي ته حياتيءَ جي ڏينهن ۾ برڪت ڀريا حضرت اولياءَ صاحب گهڻو وقت سير و سفر ۾ گهاريندا هئا. پوئين ڄمار ۾ مڪان شريف ڀٽ ۾ رهڻ لڳا. ڀٽ شريف جي هيٺان هڪ حجرو ٺاهي اتي هڪ ننڍڙو باغيچو ٺهرائي ڀٽ جي فرش کي ويڪري ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ٻه صاف حجرا خاص تسليم لاءِ، هڪ حجرو والد بزرگوار لاءِ، هڪ مسجد ٽن گنبذن سان سامهون ٺاهيائون ۽ ڀٽ جو پاڪ صحن اڳ کان وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو، جيئن سوين فقراءِ مٽي کڻي ان ثاني عرش جي مڪان جو فرض ٺاهي رهيا هئا. ان کان پوءِ پنهنجي مبارڪ هٿ سان خاص لٺ جي نوڪ سان ان زمين تي جيڪا بهشت وانگر آهي، ليڪو ڪڍي حدون ڪري درگاه جي خليفن ۾ ورهائي ڏني ته سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي حد ۾ پنهنجي سگهه آهر گهر ٺاهي. اهي خاص عمارتون جيڪي اولياءِ صاحب خصوصي طور ٺهرايون هيون، ۽ خليفن جون ڀتيون سي اڃان تائين بيٺيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com