لطف علي شاهه خطاط
(وفات: 1239هه کان پوءِ)
سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي ڪتابن جو جيڪو ذخيرو هلندو آيو آهي، ان ۾ هتي
جي خطاطن ۽ ڪاتبن جو وڏو حصو رهيو آهي. لطف علي
شاهه به تيرهين صدي جي خطاطن مان آهي، هن بزرگ سيد
جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، باقي هن جي هٿ جو لکيل
هڪ بياض ”مدحون ۽ ڪافيون“ نظر مان گذريو، جنهن ۾
ڪتابت جو سال1229هه ڄاڻايل آهي.
فيض محمد خطاط
(وفات: 1209هه کان پوءِ)
فيض محمد خطاط ميان عبدالحڪيم سيوهاڻي جو فرزند آهي. علمي مذاق
مان وڏو عالم ٿو نظر اچي. هن جي هٿ جو لکيل هڪ
ڪتاب تصريح حاشيه تلويح ڏسڻ ۾ آيو. تلويح علامہ
تفتازاني جي مشهور تاليف آهي، جو توضيح جي شرح آهي
۽ تصريح فاضل عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ جي فرزند
عبدالله لبيب جي تلويح تي نادر حاشيه آهي، جنهن ۾
گهڻو ڪري پنهنجي والد علامہ عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ
جي تقريرن کي گڏ ڪيو اٿس ۽ ڪي وڌيڪ تحقيقون لکيون
اٿس، تلويح جي مڙني حواشي کان هن کي فوقيت آهي، هن
جي ڪتابت جو سال 1209هه آهي.
شرف الدين خطاطب
(وفات: 1209هه کان پوءِ)
شرف الدين خطاط به سيوهڻ جو رهاڪو آهي ۽ مٿئين خطاط فيض محمد جو
ڀاءُ آهي. تصريح جي ڪتابت ٻنهي گڏجي ڪئي آهي، هن
جو به وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
محمد شفيع
(وفات: 1202هه کان پوءِ)
محمد شفيع ابن حافظ معز الدين سيوهاڻي به چڱو خطاط ۽ ڪاتب ٿي
گذريو آهي. هن جي هٿ جو لکيل ڪتاب سڪندر نامه بحري
نظامي نظر مان گذريو. جنهن جي ڪتابت جو سال 1202هه
آهي.
محمد وارث سيوهاڻي
(وفات: 1229هه کان پوءِ)
هي خطاط به سيوهڻ جو رهاڪو آهي. سندس والد جو نالو حافظ نصرالله
سيوهاڻي آهي. هن جي هٿ جو لکيل هڪ ڪتاب شرح بوستان
عبدالواسع ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو سن ڪتابت 1229هه
آهي. هن ساڳي ڪاتب جو ٻيو لکيل ڪتاب به نظر مان
گذريو، جو شرح زليخا تاليف عبدالواسع هانسوي جنهن
کي هن سن1229هه ۾ لکي پورو ڪيو.
غلام حسين سيوهاڻي
(وفات: 1208هه کان پوءِ)
غلام حسين بن حافظ محمد صالح سيوهاڻي به هن خطي جو چڱو خطاط ٿو
نظر اچي. اسان کي هن بزرگ ڪاتب جو وڌيڪ احوال
معلوم نه ٿي سگهيو آهي. باقي سندس هٿ جو لکيل ڪتاب
”روضة الاحباب عطاءُ الله“ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي هن
سن1208هه ۾ لکي پورو ڪيو.
اهي مٿيان سمورا ڪتاب مولوي عبدالوهاب چاچڙ گهوٽڪيءَ واري جي
ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهن.
سيد عبدالخالق جيلاني
(وفات: 1205هه)
سيد عبدالخالق جيلاني، گهوٽڪيءَ جي مشهور جيلاني پير ۽ بزرگ سيد
موسيٰ شاهه جو پوٽو ۽ سيد محمد جو پٽ آهي، سيد
عبدالخالق لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪرامت جو صاحب،
ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو جامع ۽ عالم فاضل انسان
هو. گهڻن ماڻهن هن بزرگ کان فيض پرايو، هن جي وفات
سن1205هه ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.
فقير گل محمد هن سونهاري سيد جي وفات تي قطعه
تاريخ لکيو آهي، جو هي آهي:
عبد خالق پير عالي منزلت |
- |
در کمالات و فضائل بي سخن |
نيز در اعمال نيکو هم خصال |
- |
داد نيکو داد اورا ذوالمنن |
در هزار و دو صد و سه سال دو |
- |
سوئ جنت رفت زين دير محن |
يا الاهي گل محمد را به بخش |
- |
از طفيل چار يار و پنجتن |
سيد نور محمد شاهه جيلاني
(وفات: 1285هه)
سيد نور محمد شاهه جيلاني ابن سيد مير محمد شاهه ابن سيد
عبدالخالق جيلاني گهوٽڪي وارو، هڪ برڪت ڀريو ۽
تواضع پسند انسان هو، هن جي برڪت ۽ فيض مان به
گهڻن فيض پرايو، هن جي وفات جمع رات 29 شعبان
سن1285هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به خانقاهه ۾ آهي.
سيد محبوب شاهه جيلاني
(وفات (1267هه - 1851ع)
سيد محبوب شاهه، سيد عبدالخالق جو پٽ ۽ پير موسيٰ شاهه جيلاني
گهوٽڪيءَ وارن جو پڙپوٽو آهي. هي شاهه سڳورو سيرت
۽ صورت جو درويش هو، چڱي خلق ۽ ڪرم جو مالڪ هو.
سن1267هه ۾ وفات ڪيائين. پويان ٻه پٽ ڇڏيائين: (1)
سيد عبداللطيف، جنهن شادي کان اڳ وفات ڪئي. (2)
سيد رسول بخش شاهه جنهن 5 رجب سن1289هه ۾ وفات
ڪئي.
سيد محمد بخش شاهه جيلاني
(ولادت: 1229هه - 1814ع - وفات: 1286هه - 1869ع)
سيد محمد بخش ابن سيد دوست محمد ثاني سيد الهه اوڀايو ابن سيد
دوست محمد ابن سيد موسيٰ شاهه جيلاني. هي سيد صاحب
ڳالهائڻ جو ڏاڍو فصيح، عقل جو اڪابر ۽ وڏو عبادت
گذار انسان هو. سن1286هه ۾ وفات ڪيائين.
سيد محمد عابد ثاني جيلاني
(ولادت: 1154هه - 1741ع وفات: 1214هه - 1799ع)
سيد محمد عابد ثاني، حضرت پير موسيٰ شاهه گهوٽڪيءَ وارن جو ننڍو
پٽ آهي. هن جي ولادت 1154هه ۾ ٿي، پنهنجي ڳوٺ ۾
تعليم پرايائين ۽ پنهنجي ئي بزرگن کان فيض
ورتائين. هو هڪ وڏو فاضل ۽ اڪمل عالم ٿي گذريو
آهي. ڪلام الله جو حافظ به هو، جمعي جي ڏينهن
خطابت جا فرائض به بجا آڻيندو هو. شريعت جو صاحب
هو ۽ طريقت جي رموز کان به واقف هو. ظاهري ۽ باطني
ڪمالات جو مالڪ هو، ولايت، ڪرامت، سخاوت ۽ شجاعت ۾
شهرت رکندڙ هو. عقل ۽ سمجهه ۾ بي نظير هو. ڏينهن
آچر 20 جمادي الثان سن1214هه ۾ وفات ڪيائين. فقير
گل محمد هي قطعه سندن تاريخ وفات تي چيو آهي:
خلف خورد صاحبان نخست |
- |
آنکه بود (او) بنام عابد شاهه |
دل پاڪش درون سينه صاف |
- |
ذاکر و يادگار شام و پگاه |
لقب و خلق نيک زين عباد |
- |
داشت آن دوست حق بلا اشباهه |
زيست اندر خلائق دنيا |
- |
اهل و فصل و کمال نعمت ماه |
عقل سقراط و دانش بقراط |
- |
درجه ادراک و فهم آن دلخواه |
کرد هشت و چهار الف دو صد |
- |
نقل زين دير محنت جانکاه |
گل محمد بيمن آل نبي صه |
- |
هستي اميدوار فضل الـٰہ |
هن جو مقبرو گهوٽڪي جي وڏي خانقاهه ۾ آهي، پويان ٻه پٽ ڇڏيائين:
(1) سيد فيض الله شاهه وڏو. (2) سيد موسيٰ شاهه
ثاني.
سيد فيض الله شاهه جيلاني
(ولادت: 1184هه - 1770ع وفات: 1246هه 1831ع)
سيد فيض الله شاهه، پير سيد موسيٰ شاهه جو پوٽو ۽ سيد محمد عابد
ثاني جو پٽ آهي. سيد فيض الله وڏو ڪامل انسان هو،
سهڻي سيرت ۽ صورت جو مالڪ هو. وڏي شان شوڪت وارو
هو. ڪلام الله شريف جو حافظ هو. جمعي جو خطيب ۽
امام هو. سندس طبيعت شاهانه هوندي هئي، سندس ولادت
آچر ڏينهن 27 رمضان سن1184هه ۾ ٿي 11 رمضان
سن1246هه ۾ وفات ڪيائين. تاريخ وفات تي هي قطعه
چيل گل محمد فقير جو بحر رمل مسدس ۾ پيش ڪجي ٿو:
ابن عابد شاهه فيض الله شاهه |
- |
آنکه اهل حشمت و اجلال بود |
با تجمل زيست در دنيا ولي |
- |
در ولايت اهل حال و قال بود |
يک هزار دو صد و شش هم چهل |
- |
رحلت آن پير در اين سال بود |
سندن مقبرو وڏي خانقاه ۾ آهي، هن پنهنجي پويان ٽي پٽ ڇڏيا.
سيد ڪرم الله جيلاني
(وفات: 1260هه - 1844ع)
سيد ڪرم الله جيلاني، سيد فيض الله شاهه جيلاني گهوٽڪي وارن جو
فرزند آهي. پنهنجي والد جو جانشين وڏي پرهيزگاري ۽
زهد جو مالڪ هو. عالم، فاضل پڻ هو. قرآن شريف جو
حافظ ۽ جمعي جي نماز جو خطيب هو. پنهنجي والد جي
وفات کان پوءِ عابد شاهه سڏجڻ لڳو. هن جي وفات 11
رمضان سن1260هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه
۾ آهي، پويان رڳو هڪ نياڻي ڇڏيائين، جيڪا سيد محمد
عابد شاهه سوئم جي نڪاح هيٺ آئي.
سيد موسيٰ شاهه ثاني
(ولادت: 1211هه - 1796ع وفات: 1281هه - 1865ع)
سيد موسيٰ شاهه ثاني ابن سيد محمد عابد شاهه گهوٽڪي وارو وڏو
برڪت ڀريو بزرگ، ڪاني ڪرامت جو مالڪ ۽ صورت ۽ سيرت
۾ ڏاڍو سهڻو هو. جمعي جو خطيب ۽ امام به پاڻ هو.
هن بزرگ سندس ڀائيٽي ڪرم الله شاهه جي وفات کان
پوءِ دستار ٻڌي، ان جو جانشين ٿيو. هن جي ولادت
سن1211هه ۾ ٿي ۽ اربع ڏينهن تاريخ 17 رمضان 1281هه
۾ وفات ڪيائين. هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي.
سيد محمد مبارڪ جيلاني
(ولادت: 1176هه - وفات 1214هه)
سيد محمد مبارڪ شاه، حضرت جمال محمد شاهه گهوٽڪي وارن جو وڏو
فرزند ۽ سندن جانشين آهي. عظمت، ڪرامت، دٻدٻي ۽
وڏي شان جو صاحب هو. علم تفسير، فقهه، حديث ۽ وعظ
۾ مشهور عالم هو. سندن دور ۾ لو گهوٽڪي جي ٻين
ساداتن، چڪ ۽ غوثپور جي ساداتن کي سرڪار مير نصير
کان بروهي وٽان ملڪ ڪڇي ۾ انعام طور جاگيرون مليون
هيون، ٻيو ته انهيءَ سال ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو
شڪست کائي سره ڏانهن هليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت
ٽالپرن جي قبضي ۾ آئي ۽ انهيءَ سال مدد خان افغان
گهڻو لشڪر وٺي آوارن وانگر سنڌ تي اچي ڪڙڪيو. مير
ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا، خراساني ماڻهو سنڌ کي ڦري
۽ لٽي خراسان موٽي ويا. هن واقعي کي ”مدد خان جي
ڀڳي“ سڏيندا آهن.
حضرت مبارڪ شاهه جي ولادت با سعادت سن1176هه ۾ ٿي ۽ ڏينهن ڇنڇر
تاريخ 3 ذوالحج ۾ مسند خلافت تي ويٺا ۽ تاريخ 2
رمضان سن1214هه ۾ وفات ڪيائون. سندس مدح ۽ تاريخ
وفات ۾ فقير گل محمد هي قطعه بحر صريع مسدس محذوف
وزن مفتعلن فاعلن ۾ چيو آهي:
شاهه مبارک پسر شه جمال |
- |
سيد عالي نسب و قدر شان |
از طرب و عيش تجمل نماند |
- |
هيچ تمنا بدلش درميان |
(پرز) ڪمالات خفي و جلي |
- |
رفت به اقبال و جلال از جهان |
چار ده دو صد هم يک هزار |
- |
رحلت آن شان درين سال دان |
سيد محمد صالح ثاني جيلاني
(ولادت: 1190هه - 1763ع وفات: 1249هه 1843ع)
مخدوم سيد محمد صالح شاهه ثاني جيلاني، مبارڪ شاهه جيلاني
گهوٽڪيءَ وارن جو پهريون نمبر پٽ ۽ سجاده نشين
آهي. هن جي ولادت ڏينهن جمع مهينو جمادي الاوليٰ
سن1190هه ۾ ٿي. هي سيد سڳورو گهوٽڪيءَ جي موسيٰ
شاهي خاندان مان پنجون بزرگ آهي، جيڪو سيادت،
شرافت ۽ نجابت جو مالڪ هو. علم، عمل، زهد ۽ تقويٰ
جو سرچشمو، علم حديث۽ فقهه جو وڏو عالم هو ۽ وعظ و
نصيحت جو پڻ مالڪ هو. ولايت، ڪرامت، عقل، ظاهري
حسن، سخاوت ۽ شجاعت ۾ معروف هو. روايت آهي ته ان
دور جي ولين مان ڪنهن کي به ساڻس طريقت ۾ مقابلي
ڪرڻ جي مجال نه هئي. سندس خلافت جي دور ۾ سن1249هه
۾ کرڙي واري جنگ واقع ٿي، جو ٽالپرن ۽ سمندر خان
افغان شجاع الملڪ بادشاهه جي وزير سکر ۾ باهمي
جنگ ۽ لڙائي ڪئي، نيٺ ميرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي
ويو. ڪي وري انهن مان دريا ۾ ٻڏي ويا. ڪي وري دريا
مان لنگهي روهڙي پهتا.
مولوي منٺار کان ڪتاب ”صيح السبطين“ وارو نقل پيش ٿو ڪري ته
جڏهن انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا ته ان
وقت سيد صالح محمد شاهه جي زبان مان نڪري ويو ته
خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نه ڏيکاريندو. پوءِ
انگريز اڃا سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نه ٿيا هئا جو
حضرت سيد صالح محمد شاه 10 محرم سن1249هه ۾ وفات
ڪئي. تاريخ وفات تاليف فقير گل محمد بحر رمل، مثمن
مقصود مسدس:
پير صالح شاهه ثاني گو بزرگي با کمال
در بزرگان زمان خويش بود بوده بي نظير
عالم علم حديث و واعظ اعليٰ اثر
هم طلبگاران حق را رهبر روشن ضمير
پير پيران وار پيشاني نوراني چه داشت
زان سبب شد راجع آن پير مخلق کثير
يک هزار و دو صد پنجاه و شش و سه هم دگر
شد درين سن فوت ان فرزند پير دستگير
سيد محمد مبارڪ شاهه ثاني
(ولادت: 1207هه - 1792ع وفات: 1274هه- 1858ع)
گهوٽڪي جي خاندان موسيٰ شاهي جو ڇهون بزرگ ۽ حضرت صالح محمد
شاهه جو فرزند ۽ سجاده نشين سيد مبارڪ شاهه ثاني
آهي. هي سيد سڳورو حسن و جمال ۽ بزرگي ۽ ڪمال جو
صاحب هو. سهڻن اخلاقن وارو ۽ مستجاب الدعوات بزرگ
هو. حديث جو عالم ۽ وڏو واعظ هو. سندن دور خلافت ۾
سن1872ع ۾ گهوٽڪي جي ساداتن جي باغن جا پروانا
جيڪي بند ٿي ويا هئا، سي وري کين انگريز سرڪار
وٽان مليا. هن جي ولادت 24 صفر 1207هه ٿي، تاريخ
13 محرم سن1259هه مسند تي ويٺا ۽ ڏينهن اڱاري
تاريخ 7 شعبان 1274هه ۾ وفات ڪري ويا، خليفه گل
محمد هي قطعه تاريخ وفات بحر هزج مسدس محدوف ۾ چيو
آهي:
مبارک شاهه ثاني بود کامل |
- |
بحسن صورت و نيکو شمائل |
تکلم کرد چون آن شه بمردم |
- |
بخوش خوئي د لش مي گشت مائل |
عجب مقبول درگاهه خدا بود |
- |
دعائ او برائ حل مشکل |
هزار و دو صد و هفتاد هم چار |
- |
درين سال است وصل آن مکمل |
هن سيد سڳوري جو مقبرو به گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.
سيد محمد صالح اصغر جيلاني
(ولادت: 1244هه وفات 1277هه)
مخدوم سيد محمد صالح اصغر، گهوٽڪيءَ جي خاندان موسيٰ شاهه جو
ستون بزرگ، حضرت مبارڪ شاهه ثاني جو پٽ آهي. هن جي
ولادت تاريخ 6 صفر 1244هه ۾ ٿي ۽ ڏينهن جمع 3
شغبان 1273هه ۾ سجاده تي ويٺو. هي سيد سڳورو علم،
حلم، عقل ۽ دانش جو مالڪ، سخاوت، شجاعت، فضل۽ ڪمال
وارو عالم ۽ واعظ هو. سندس خلافت واري دور ۾
سن1276هه ۾ مسٽر علي بخش مختيارڪار جي ڪوشش سان
جامع مسجد گهوٽڪيءَ جي مرمت ٿي. جنهن جو فرش
اندريون ۽ ٻاهريون چوني سان بنايو ويو ۽ نقاشيءَ
جو ڪم به ڪيو ويو. ڏينهن آچر 11 جمادي الاوليٰ
سن1277هه ۾ وفات ڪيائين. فقير گل محمد هن پير صاحب
جي مدح ۽ تاريخ وفات تي هي قطعه بحر خفيف، مسدس،
محذوف ۾ چيو آهي:
پير صالح محمد اصغر |
- |
بود مرد و سخي محمل |
هر که آمد و صحبت او |
- |
نشدي تنگدل مگر خوشدل |
هفت و هفتاد يکهزار و دو صد |
- |
اينست سال وصال آن کامل |
سيد مبارڪ اصغر جيلاني
(وفات: 1279هه - 1862ع)
سيد مبارڪ اصغر جيلاني، سيد صالح محمد ثاني جو فرزند آهي. ڇهن
واسطن سان هن جو نسب حضرت موسيٰ شاهه گهوٽڪي وارن
سان ملي ٿو. هي بزرگ شرعي علوم ۽ واعظ جو جامع هو.
صدق ۽ دل جي صفائي ۾ يگانو هو. هن تي سجادگي ختم
ٿي. والد جي وفات کان پوءِ جيڪي به ڏاڏنگ ۾ قريب
هئس، تن سڀني جا اختلاف ختم ڪري کين هڪ ڪري
ڇڏيائين. گهڻن ماڻهن کانئس فيض پرايو. سن1279هه ۾
وفات ڪيائين. قطعه تاريخ چيل فقير گل محمد
آن مبارک شهيکه خورد ترين |
- |
بود از صاحبان اهل کمال |
بعد والد باقربائي خويش |
- |
کرد صلح و موافقت في الحال |
نهه هفتاد و يک هزار دوصد |
- |
اندرين سال يافت است وصال |
يا رب! آموز گل محمد را |
- |
بهر آن صاحبان فرخ فال |
|
|
(صحيح السبطين) |
آخوند محمد بچل ”انور“
(وفات: 1202هه - 1761ع)
آخوند محمد بچل مٽياري جو ويٺل آهي. فارسي شعر ۽ نثر جو بينظير
عالم هو. ٽالپر حاڪمن مان مير نصير خان بن مير علي
مراد خان جو استاد به رهي چڪو آهي ۽ اڳتي هلي
محڪمه انشاءِ جو مير منشي به بڻيو. ميرن جي حڪومت
جي خاتمي کان پوءِ جڏهن سندس ولي نعمت مير صاحب کي
ڪلڪتي ۾ قيد رکي ويو ته آخوند صاحب اتي رهجي ويو.
آخوند محمد بچل جو شعر ۾ تخلص ”انور“ آهي ۽ ماده تاريخ جو وڏو
ماهر آهي. سن1277هه تائين هن جيڪي تاريخون لکيون
آهن، انهن جو مجموعو هڪ بياض جي شڪل ۾ محترم پير
حسام الدين صاحب جي علمي لائبريريءَ ۾ موجود آهي.
آخوند صاحب جو ديوان جو اڃان ڇاپي ۾ نه آيو آهي،
سو به پير صاحب جي علمي لائبريري ۾ موجود آهي.
آخوند صاحب رڳو ظاهري علم نه پرايو هو، پر باطني
فيض جو پڻ طالب ٿي رهيو آهي. شاه فضل الله نقشبندي
جي فرزند شاهه عبدالقيوم کان سلوڪ ۾ بيعت ورتي
هئائين ۽ مرشد جي وفات تي هي تاريخ چئي اٿس:
تعاليٰ الله عجب مرشد مکمل
مريدان را زهي موليٰ و مخدوم
چو ”انور“ جست سالش گفت هاتف
”نصيب او الاهي فضل قيوم“
آخوند صاحب سن1278هه ۾ وفات ڪئي.
هن شاعر جي مزيد حالات لاءِ ٽماهي مهراڻ 1955ع شماره 4 ۾ محترم
پير حسام الدين صاحب راشديءَ جو مقالو پڙهڻ گهرجي.
ملا صاحب ڏنو شڪارپوري
(وفات: 1250هه 1834ع)
ملا صاحب ڏنو تخلص ”صاحب“ سنڌي جي زنده دل ماڻهن جي سهڻي شهر
شڪارپور جو رهاڪو هو. ملا صاحب تيرهين صديءَ ۾
پنهنجي وقت جو بينظير شاعر هو. ملا صاحبڏنو نه رڳو
فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، پر عربي جو پڻ وڏو
عالم هو. الحاج فقير الله صاحب علوي شڪارپوريءَ جو
وڏو معتقد هو. سندس مشغلو درس تدريس هوندو هو. وقت
جي حاڪمن وٽ به کيس گهڻي عزت حاصل هوندي هئي.
سندس تصنيفات مان هڪ”ديوان“ چيو وڃي ٿو. جيڪو زماني جي دستبرد
کان بچي نه سگهيو. سندس ڪجهه شعر شڪارپور جي قديم
ڪتابن مان هينئر به ملي سگهي ٿو. ملا صاحب ڏنو
سنڌي زبان جو به وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. مگر افسوس
جو اڄ هڪ سنڌي مداح کان سواءِ ٻيو ڪوبه يادگار نه
ٿو ڏسجي. ملا صاحب ڏنو پوئين وقت جي قاضين جي مسجد
جو پيش امام رهيو. سندس وفات سن1250هه ڌاري ٿي.
(تذڪره لطفي ج2)
ملا اويس شڪارپوري
ملا اويس تيرهين صديءَ ۾ شڪارپور جي اهل الله بزرگن مان ٿي
گذريو آهي. وڏن ماڻهن ۽ حاڪمن کان پري گذاريندو
هو، وقت جا حاڪم سندس دروازي تي وڃي به، محروم
موٽندا هئا. سندس ساري عمر پڙهڻ، پڙهائڻ ۾ گذري.
هو هڪ وڏو شاعر هو. دنيا سان سندس لاڳاپا گهٽ هئا،
اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪلام به گوشه گمنامي ۾
رهجي ويو. هن وقت سندس يادگار رڳو ”مسدس“ آهي، جا
حضرت غوث اعظم سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي شان ۾
چيل آهي. اها مسدس ”بياض خادم“ ۾ ڏنل آهي. جنهن جو
ڪجهه انتخاب تذڪره لفطي ۾ ڏنو ويو آهي. (هن اهل دل
بزرگ جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر جڏهن
ته هو ملا صاحبڏني جو همعصر چيو وڃي ٿو، ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته ان کان ڪجهه سال اڳ يا پوءِ وفات
ڪئي هوندائين.) (تذڪره لطفي ج2)
محمد عارف ”صنعت“ شڪارپوري
(وفات: 1266هه - 1850ع)
محمد عارف نالو”صنعت“ تخلص، شڪارپور جو صاحب ديوان شاعر آهي. هو
ميرن جي صاحبيءَ ۾ ”خيمه دوزي“ جو معزز پيشو ڪندو
هو ۽ ان وقت جي رواج موجب، مير صاحبن کان کيس خاص
عطيات ۽ لوازمات ملندا رهيا. صنعت مرحوم جو ڌنڌو
جيتوڻيڪ خيمه دوزي هو، مگر کيس علم و ادب سان گهڻو
پيار هو، پارسي ۽ عربي زبانن تي پورو عبور حاصل
هوس. شعر سان ننڍي هوندي ئي سڃاڻپ ٿيس ۽ ان وقت جي
مشهور استاد ملا صاحب ڏني جي شاگردي ۾ داخل ٿيو.
جنهن جي فيض جو اعتراف هئن ٿو ڪري:
گر نيست صاف صحبت آئينه دار صاحب
صنعت مثال طوطي شکر زبان نه بودي
”صنعت“ جو تخلص به سندس استاد جو تجويز ڪيل هو، جنهن مان سندس
ڌنڌي ڏانهن به اشارو هو. ملا صاحب ڏني جي فيضِ
تربيت ۽ پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءَ جي سبب صنعتِ شعر ۾
ايڏي ترقي ڪئي، جو سندس استاد کيس هيئن واکاڻيو:
بہ شعرِ ”صنعت“ صاحب اگر تو دم بزني
بخلق ياد دهي معجزه مسيحا را
”صنعت“ ميرن جي صاحبيءَ کان پوءِ به جيئرو رهيو ۽ ڌنڌي جي بي
قدري سبب پويون وقت گوشه نشيني ۾ گذاريائين. سندس
سنڌي شعر ۾ ”ڪريما“ شيخ سعدي جو سنڌي ترجمو موجود
آهي. صنعت پنهنجي شهر شڪارپور جي تعريف هيئن ٿو
فرمائي:
خوانند هست جنت اڪبر شڪارپور
واز هشت در بهشت نکو تر شکارپور
احرام طرف کعبه کوئي بتان شوخ
بستند حاجيان حرم در شکارپور
از قند شهد خنده شيرين لبان مصر
بردند کاروان ز شکر شکارپور
صنعت برنگ بلبل خوش خوان يوصف يار
آمد بخوش اداي سخنور شکارپور
شڪارپور جي هن مشهور شاعر جي وفات 1266ه جي صفر مهيني ۾ ٿي،
سندس شعر جو پهريون جامع ”محمد امين“ سندس فرزند
هو. مگر افسوس جو هو عين جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو. ان
کان پوءِ مرحوم محمد امين جي ڪيل ڪم کي سندس ٻي
فرزند مرحوم عبدالخالق هٿ ۾ کڻي تڪميل تي پهچايو.
(تذڪره لطفي ج2)
مير فخر الدين علوي شڪارپوري
(وفات: 1270هه - 1854ع)
مير فخر الدين علوي، شڪارپور جي مشهور اهل الله، نقشبندي طريقت
جي مرشد، ظاهري علم جي علامه فقيہ ۽ محدث الحاج
فقير الله جو پوٽو ۽ ان جي وڏي پٽ مولانا مير حفظ
الله جو فرزند آهي. شريعت ۽ طريقت ۾ تفوق ته کيس
ورثي ۾ مليل هو. هو هڪ وڏو جيد عالم ۽ اديب هو.
اڳوڻن عالمن ۾ طب ۽ حڪمت جو شغل گهڻو رهندو هو. ان
خيال کان مير فخر الدين علوي به هڪ وڏو تجربيڪار
طبيب هو. ماڻهن لاءِ مرجع هوندو هو، وقت جا حاڪم
به کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ”تذڪره لطفي“ جو فاضل
مؤلف جو خود شڪارپور جو آهي، لکي ٿو ته مير رستم
خان مير فخر الدين علوي کي وڏي عزت ڏيندو هو، سنڌ
فتح ٿيڻ کان پوءِ ”سر چارلس نيپئر“ به سندس دنيائي
عزت اها ئي قائم رکي. ڪجهه وقت مير علي مراد خان
جو وزير به ٿي رهيو. کيس ڪتابن سان ته خاص محبت
هوندي هئي. علوي ”ڪتب خانو“ گهڻو ڪري سندس محنتن
جو ڦل آهي. پاڻ 1854ع ڌاري وفات فرمايائين. پير
صاحب اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو.
پير نظام الدين سرهندي
(وفات: 1251هه - 1835ع)
پير نظام الدين سرهندي ابن پير محي الدين سرهندي، حضرت مجدد الف
ثاني جي اولاد مان هو. مير محي الدين ڪجهه وقت
بخارا، هرات، ڪابل ۽ پشاور جو سير ڪري سن1790ع
ڌاري اچي حيدرآباد سنڌ ۾ رهيو ۽ سن1828ع ڌاري وفات
ڪيائين.
پير نظام الدين ۽ سندس ڀاءُ فدائي محي الدين پوءِ اچي شڪارپور ۾
رهيا. ”تيمور شاهه ابدالي“ افغانستان جو مشهور
تاجدار سندس معتقدن مان هو. مير صاحبن، پير نظام
الدين صاحب کي ڪيتريون ئي جاگيرون ڏنيون ۽ ميرن جي
نوابن مان ”ايوب شاهه“ سندس بيحد معتقد هو. ”ميجر
گولـڊ اسمٿ“ جاگيرات جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته پير
صاحب وڏي اثر وارو ۽ شهرت جو مالڪ آهي.
”پير نظام الدين صاحب“ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي، ڪڏهن ڪڏهن شعر به
چوندو هو، جو نهايت سوز و گداز وارو با اثر آهي.
پاڻ شڪارپور ۾ 1835ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس تربت
اڄ به لکي دروازي تي عام و خاص جي زيارت گاهه آهي.
شعر ۾ سندس تخلص ڪٿي نظامي آهي، ڪٿي نظام. (تذڪره
لطفي ج2)
مخدوم محمد صالح لکوي
مخدوم محمد صالح ”لکيءَ“ شڪارپور جي ڀرسان مهرن جو آباد ڪيل هڪ
ننڍڙو ڳوٺ وزير آباد نالي آهي. جنهن مان تمام
ناليرا خدا وارا ٿي گذريا آهن، جن مان پير محمد
لکوي ۽ سلطان ابراهيم صاحب مشهور آهن. مخدوم محمد
صالح به ان ڳوٺ جو ويٺل هو. هي نقشبندي طريقي جو
بزرگ هو ۽ سندس مرشد پير غلام محي الدين صاحب
سرهندي هو. هي بزرگ حڪيم محمد شجاع ۽ حضرت نظام
الدين جو همعصر هو. شعر ۾ سندس تخلص ”صالح“ هو.
صالح (هجري تيرهين صديءَ ۾) پنهنجي دور جو وڏو
عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات مان ٻن جو
پتو پوي ٿو، جيڪي هي آهن: گلشن معجزات ۽ ديوان
نعتيه. گلشن معجزات ۾ آنحصرت صلي الله عليہ وسلم
جي معجزن جو بيان آهي، جو گهٽ وڌ 200 صفحن تي
پکڙيل آهي. هنن ٻن تصنيفن کان سواءِ هن صاحب جو
ٻيو متفرقه ڪلام به آهي.
سندس شعر پاڪيزه ۽ نهايت وڻندڙ آهي ”وزيرآباد“ جهڙي ڳوٺڙي مان
اهڙي بلند پايه شاعر جو پيدا ٿيڻ واقعي حيران ڪندڙ
ڳالهه آهي. سلطان محمد ابراهيم صاحب جي مجاورن کان
معلوم ٿيو ته مخدوم محمد صالح نهايت متقي ۽ خدا
پرست هو. سندس وفات به وزير آباد ۾ ٿي ۽ اتي ئي
مدفون آهي. (تذڪره لطفي ج2)
سيد شجاع لکوي
”سيد محمد شجاع“ سيد محمد وفا لکوي جي خاندان مان (هجري تيرهين
صدي جو) وڏو نامي گرامي حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
علم حڪمت ۾ سندس پري پري شهرت هئي. ايتري قدر جو
وقت جا تاجدار به سندس سلامي هئا. سيد شجاع فارسي
زبان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شعر نهايت
لذيذ ۽ بلند پايه جو آهي. مخدوم محمد صالح وزير
آبادي سندس همعصر هو ۽ هنن ٻن بلند پايه شاعرن ۾
هميشه (شعر جي) ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سيد نور
علي شاهه به سندس خاندان مان نامور طبيب ۽ شاعر ٿي
گذريو آهي. (تذڪره لطفي ج2)
خليفه احمد خان نظاماڻي
خليفه احمد خان نظاماڻي، تيرهين صدي هجريءَ جي نقشبندي طريقت جي
اهل الله ۽ اهل دل بزرگن مان ٿي گذريو آهي. طريقت
۾ سنڌ جي عظيم محدث ۽ فقيهه مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي پوٽي مخدوم محمد ابراهيم صاحب مڏئي وارن
جو مريد ۽ خليفو هو. مخدوم صاحب جو هڪ ٻيو خليفو
محمد امين ڇترائي هو، جيڪو ظاهري علم جو پڻ وڏو
ڄاڻو ۽ علامه هو، تنهن پڻ مخدوم ابراهيم کان فيض
پرايو، پر ان جي تڪميل خليفه احمد خان نظاماڻي کان
ڪيائين ۽ ان جو هيٺيون بيت خليفه احمد خان نظاماڻي
جي حق ۾ زبان زد خلائق آهي:
گر نظام کار خواهي رو نظاماني ببين
مصلحت گفتم ”امين“ گر بشنوي گفتار ما
سنڌ جي هڪ وڏي فقيهه محدث عالم مولانا محمد صادق کڏهه ڪراچي
وارن هڪ ڀيري پنهنجي خانداني حالات بيان ڪندي
فرمايو ته اسين خليفه محمد امين جو اولاد آهيون،
جنهن خليفه احمد خان نظاماني بابت هي بيت فرمايو
آهي، پوءِ اهو مٿيون بيت پڙهيائون. اهو تفصيلي
احوال منهنجي هڪ مضمون ۾، جيڪو نامور الوحيد ۾
مولانا محمد صادق کڏهه وارن جي وفات کان پوءِ
مولانا جي سوانح حيات تي ڇپيو هو، ان ۾ ڏسڻ گهرجي.
خليفه احمد خان نظاماڻي شعر پڻ فرمائيندو هو. تڪملہ مقالات جو
فاضل مصنف ”احمد“ (خليفه نظاماڻي) جي تحت ۾ ”ڪرامت
جي کاڻ“ ”ولايت جو مخزن“ جهڙن لقبن سان کيس ياد
ڪري ٿو، وڌيڪ لکي ٿو ته خليفه صاحب جهڙن بزرگن جو
بيان ته اولياءَ الله جي سوانح ۾ سونهين ٿو، پر
جڏهن ته حضرت موصوف ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندا هئا،
ان ڪري هن تذڪري ۾ به سندس نالو درج ڪرڻ مناسب
معلوم ٿئي ٿو.
مخدوم خليل، هي نقل به آندو آهي ته جڏهن خليفه صاحب جي سخنگوئي
جي شهر جي شاعرن ۾ هوءِ هواءِ ٿي وئي، هوڏانهن کين
شعر چوندي ڪو گهڻو وقت نه گذريو هو، شهر جي شاعرن
پنهنجو هڪ رشيد شاگرد چند ساٿين سان ساڻ ڪري،
مخدوم صاحب جي خدمت موڪليو. ان رشيد شاگرد مخدوم
صاحب جي خدمت ۾ پهچي کين عرض ڪيو ته اسان کي ٻڌڻ ۾
آيو آهي ته اوهان جي فقيرن مان ڪو فقير شاعر ٻڌڻ ۾
اچي ٿو، اسين ان بزرگ سان ملڻ گهرون ٿا، جي ملاقات
ٿي سگهي ته عين عنايت، مخدوم صاحب کين خليفه احمد
خان نظاماڻي جو نالو ٻڌايو. پوءِ ته اچي پاڻ ۾
علمي، ادبي رهاڻيون ڪرڻ لڳا. هڪ ٻئي کي پنهنجا
پنهنجا اشغار ٻڌايائون ۽ گهڻو خوش ٿيا ۽ آخر ۾
خليفه صاحب ٻڌايو ته هي فرد به هن حقير جو چيل
آهي:
شب فراق ترا گريبان کنم تمثيل
زتار زلف تو گيرم کي بس مياه دراز
اهو بيت ٻڌي رشيد شاگرد عبرت مان چوڻ لڳو ته جي ٻهراڙي وارا
اهڙو شعر چون ٿا ته پوءِ شهر وارن تي تعجب ٿو اچي!
تڪملي وارو ٻيو هڪ واقعو هن طرح ٿو لکي:
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري مخدوم ابراهيم رحه جمعي جي ڏينهن دريا
تي غسل ڪرڻ ويا، اتي غسل ڪري چادر وڇائي ان تي
ويهي رهيا ۽ فقراءَ غسل ڪندا فارغ ٿيندا هڪ هڪ ٿي
اچي مجلس ۾ ويٺا. مخدوم صاحب اهڙي ته جذب جي حالت
۾ هئا جو سندن فيض اهل مجلس کي سيراب ڪري رهيو هو،
جي ڪو مسجد مان نماز لاءِ سڏڻ ٿي آيو ته اهو به هن
روحاني شڪاري جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ٿي پيو. هوڏانهن
نماز جو وقت وڃي رهيو هو، ايتري ۾ خليفه احمد خان
نظاماڻي هوش ۾ اچي ويو ۽ هي بيت پڙهڻ لڳو:
آج تيري نين ني مسجد ۾
هوش لوٽا هي هر نمازي کا
ان وقت پاڻ هوش ۾ آيا ۽ ٻين بي خودن کي به هوشيار ڪيائون ۽
فرمايائون ته نماز جو وقت مڪروهه نه ٿئي، ان ڪري
چڱو آهي ته هتي ٿا نمازپڙهون. خليفه صاحب جي وفات
جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي.
مولانا محمد امين ڇتراڻي
(وفات: 1240هه کان پوءِ)
مولانا محمد امين ڇتراڻي، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏائي وارن
جي خليفن مان وڏي شهرت جو مالڪ آهي. هو نه رڳو
باطني فيض ۽ ڪسب ڪمالات جو مالڪ هو، پر ظاهري علم
۾ به بينظير عالم هو. سنڌ جي عظيم محدث مخدوم محدم
هاشم ٺٽوي جي پوٽي محمد ابراهيم ٺتوي کان ظاهري ۽
باطني فيض پرايائين ۽ مخدوم صاحب جي مجاز وڏي
خليفي احمد خان نظاماڻيءَ جي صحبتن مان به ريٽجي
نڪتو. هن جي مخدوم صاحب سان عقيدت ۽ احترام جو
اندازو انهن خطن مان ڪري سگهجي ٿو ته جيڪي هن
مخدوم صاحب ڏانهن لکيا آهن، مخدوم ابراهيم ۽ ان جي
والد مخدوم عبداللطيف ٺٽوي جي مناقب ۽ حالات ۾
”مناقب مخدومين“ مستقل تصنيف لکي عقيدت جو اظهار
ڪيو اٿس. اهو ڪتاب ٽنڊو سائينداد جي مجددي خاندان
جي علمي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. تڪمله مقالات جي
مصنف، مولانا محمد امين کي پنهنجي دور جو وڏو
ديندار بزرگ ۽ ظاهري ۽ باطني علوم جو يگانو سڏيو
آهي ۽ اهو به لکيو اٿس ته مولانا محمد امين، شعر ۾
”امين“ تخلص رکندو هو ۽ مخدوم ابراهيم صاحب ڏانهن
خطن سان گڏ شوق مان ڪي غزل به لکي موڪليندو هو،
انهن مان هڪ جو هي مقطع لکيو اٿس:
روز و شب داشت ”امين“ سعي قدمبوسي تو
مگر اين ست که با حکم ازل جنگ نکرد
خليفه احمد خان نظاماڻي ڏانهن ائين ئي عقيدت مان خط ۽ غزل لکندا
هئا. جن مان هڪ جو مقطع اهو آهي، جيڪو خليفه صاحب
جي سوانح هيٺ لکي آيا آهيون.
مخدوم عبدالله ٺٽوي
مخدوم عبدالله ابن مخدوم عبداللطيف ثاني ابن مخدوم محمد ابراهيم
ٺٽوي، ٺٽي جي مشهور علمي خاندان هاشميہ جو چشم و
چراغ ٿي گذريو آهي. تعليم پنهنجي والد کان پرايائين. اهڙيءَ طرح باطني فيض ۾ به
ڪامل هو، هو هڪ وڏو ۽ متقي پرهيزگار هو. مير خليل
ٺٽوي تڪمله مقالات ۾ لکي ٿو ته مخدوم صاحب جي
تقرير وڏي متانت سان لبريز هوندي هئي. قاضي ميان
عبدالرحيم صاحب کان نقل آهي ۽ ان کان روبرو به ٻڌو
ويو ته ٺٽي شهر وارن جي تقرير جي بلاغت ۽ متانت
هاڻي رڳو مخدوم عبدالله جي وجود مسعود سان وابسته
آهي. مخدوم عبدالله مير خليل جو مامو پڻ ٿئي. هو
لکي ٿو ته مخدوم صاحب نثر نهايت عجب لکندو هو ۽
نظم ۾ به کين وڏي مهارت هئي. شعر ۾ سندن تخلص
”امير“ هو، هيٺيون فارسي شعر ان جو چيل آندو
اٿائين:
جان مي قالب در من عالم رسيدن مشکل است
طائر روح سنبک روحان پريدن مشکل است
مخدوم عبدالله شاهه صاحب جي وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي
آهي. اندازو اهو آهي ته تيرهين صديءَ جي آخر ڌاري
سندس وفات ٿي هوندي، ڇوته سندس ڏاڏو 1225هه ۾
گذاري ويو، گهڻو ڪري ٽي پيڙهيون هڪ صدي ۾ گذاري
وينديون آهن. والله اعلم.
مخدوم عبداللطيف ثاني ٺٽوي
مخدوم عبداللطيف ثاني، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو فرزند
ارجمند ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پڙپوٽو آهي.
تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيائين. فن
تحرير جو يگانو هو. مير خليل، مؤلف تڪمله مقالات
جو هي بزرگ نانو هو، مير خليل پنهنجي والد کان
روايت ٿو ڪري ته مون انهن کان ٻڌوته مخدوم
عبداللطيف ۽ ان جو فرزند ميان عبدالغفور صاحب،
فقهي تحريرون لکندا هئا. هڪڙو بزرگ مسجد جي حجري ۾
ته ٻيو مسجد جي صحن ۾ ويهندو هو، هڪ تحرير لکندو
هو ته ٻيو ان جو جواب ڏيندو هو ۽ آئون جو ننڍي عمر
وارو هوس، انهن تحريرن کي کڻي ٻنهي ڏي پهچائيندو
هوس.
وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم عبداللطيف ثاني ”قيوم جهان“ (خواجه صفي
الله) کان سلوڪ ۽ تلقين ورتي ۽ خلافت پنهنجي والد
(مخدوم محمد ابراهيم صاحب) کان حاصل ڪئي، نقشبندي
حضرات جو وڏو معتقد هو، مخدوم صاحب مڏئي وارن کيس
آخري عمر ۾ فرمايو ته جي تون گهرين ٿو ته ”آئون ۽
خدا هجان ٻيو ڪجهه نه هجي ته خليفه نظاماڻي سان
صحبت ڪر! ۽ جيڪڏهن پاڻ ڏانهن خلق جي رجوعات گهرين
ٿو ته وسين واري خليفي سان ساٿ سنگر ڪر! ۽ جي
اگهاڙي ترار ٿيڻ گهرين ٿو جو جيڪا به بد دعا ڪرين
يا پٽ پاراٽو ڏين سو پورو ٿي وڃي ته کٿي اوڙهيندڙ
خليفي وٽ وڃي ويهه!“
مير خليل هڪ ٻيو قصو ٿو ڪري ته ٺٽي جو هڪ وڏو ماڻهو، جيڪو مخدوم
عبداللطيف صاحب جي والد بزرگوار جو مريد به هو (ان
هوندي به) مخدوم عبداللطيف صاحب تي شريعت جي خلاف
هڪ ڪوڙي تهمت هنئي، ان ڪري مخدوم صاحب کي ڏاڍو ڏک
ٿيو، ان جي حق ۾ بد دعا ڪيائون ۽ پوءِ اچي ان کي
رت جا اسهال شروع ٿيا، کيس سڌ پئجي وئي ته مخدوم
صاحب جي پاراتي جو اثر آهي، سو کين گهڻو ئي عرض
ڪيائين، پر پاڻ راضي نه ٿيا. نيٺ حضرت معفه وارن
سرهندي ڏانهن سفارش جو سائل ٿيو. انهن مخدوم صاحب
کي سفارش ڪئي ته مخدوم صاحب کي شفا جو پيالو لکي
ڏيو. مخدوم صاحب فرمايو ته اوهان جي چوڻ تي پيالو
لکان ٿو، پر جيڪي منهنجي دل ۾ ايندو اهو لکندس،
بزرگن قبول فرمايو. مخدوم صاحب هي لکيو ته: ”اي
پالڻهار! تون منتقم (بدلو وٺندڙ) آهين. تنهنجو هڪ
نالو منتقم به آهي، هن ماڻهو مون کي ڏاڍي تڪليف
ڏني آهي، تون ان کان منهنجو انتقام وٺ.“ جڏهن اهو
لکي فارغ ٿيا ته حضرت جن پيالي کي ڏسي رکيو ۽
فرمايائون ته مخدوم ڪڏهن به راضي نه ٿيندو۽ پاڻ به
مخدوم جي ڪري ماٺ ٿي ويا. نيٺ ان ماڻهوءَ جي حالت
خراب ٿي وئي، پاڻ کي کٽ تي کڻائي اچي مخدوم صاحب
جي دروازي تي رکيائين ۽ مخدوم صاحب کي گهرايو ويو،
پاڻ ان کي ڏسي هي فرمائڻ لڳا:
هئين جا جيبن سا ميخ مدامي نه لهي
اهو چئي موٽي ويا ۽ کين ايڏو ڏک هو جو اتي پل به نه ويٺا. نيٺ
مريض جا مائٽ نا اميد ٿي ان کي موٽائي کڻي ويا ۽
اهو انهيءَ مرض ۾ مري ويو. مخدوم صاحب جي وفات جي
تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. عجب آهي جو مير خليل
جهڙي مورخ کي پنهنجي ناني جي تاريخ وفات معلوم نه
ٿي سگهي آهي.
مخدوم عبدالغفور ٺٽوي
مخدوم عبدالغفور ابن مخدوم عبداللطيف ثاني به ٺٽي جي انهيءَ
علمي خاندان هاشميہ جو يگانو عالم ۽ ڪامل ٿي گذريو
آهي. هن تعليم پنهنجي والد بزرگوار مخدوم
عبداللطيف اتي ابن مخدوم محمد ابراهيم مڏئي وارن
کان حاصل ڪئي، هو عربي جو وڏو نازڪ خيال شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس عربي شعر ”القصيدة الهمزية“ فصاحت
۽ بلاغت سان لبريز آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
هي ظبية سکنت مراجع مهجتي
فتلوحت للمقلمة العبراءَ
روحي الفداءِ لروضة قدسية
مشحونة بنطافة وصفاءَ
اهڙي طرح عربيءَ ۾ مولود به چيا اٿس. هڪ عربي مولود ۾ چوي ٿو:
صلوا عليہ وسلموا تسليما
حتي تنالو جنة و نعيما
يا سيدي حاز السعادة و العلا
والجود و الاحسان والتکريما
ميان گل محمد ناطق مڪراني، جيڪو فارسيءَ جو وڏو شاعر هو ۽ غالب
جو معاصر هو، تنهن مخدوم عبدالغفور بابت هڪ غزل
چيو آهي، جنهن جا ڪجهه مصراع هتي ڏجن ٿا:
اي که پرخنده دمي همچو مسيحاداري
سوئ اين مرده تنم بهر خدا رو آري
گرچه ما غرق بفرقيم درين ورطه غم
سر زنم گر بکند دست تو برخورداري
چغد ويرانه تعليم تو گويا شده است
وه اگر طوطي من بود برين هشياري
مخدوم عبدالغفور تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ مڏئي (ڪڇ) ۾ وفات
ڪري ويو. سندس صحيح تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي
آهي. |